سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پاڪستان ڪلچر

باب: 1

صفحو :3

 

حيوان ۽ انسان ۾ ڪهڙو فرق آهي. انسان ۾ شعور آهي حيوان ۾ شعور ڪونهي. ان شعور  رستي انسان پنهنجن حواسن کان وڌ ۾ وڌ ڪم وٺي ٿو. انسان وٽ ان ڳالهه جو جواب موجود آهي ته هن جي زندگي جو مقصد ڇا آهي. حيوان زندگي گذاري ٿو مگر ڪڏهن به زندگي جي باري ۾ سوچڻ جي ضرورت محسوس نٿو ڪري. خيال انسان  جي عظيم تخليق آهي ۽ مهذب انسان خود خيال جي تخليق آهي. جانور لاءِ صرف ڪن ڳالهين جي اهميت آهي. برسات پوي ٿي ته هن کي اجهو گهرجي، بک جي حالت ۾ هو داڻي پاڻي جي ڳولا ڪري ٿو پر انسان حقيقت سان گڏ صداقت جي اهميت کي ڀي تسليم ڪري ٿو. ڪنهن اهڙي قبيلي جو تصور ڪريو، جيڪو حيوانن وانگر زنده آهي. اهو کائي پيئي ٿو، گرمي ۽ سردي کان پاڻ کي محفوظ رکي ٿو ۽ پنهنجي جنسي جذبن کي تسڪين پهچائي ٿو ۽ ان کانسواءِ زندگي ۾ ان جي لاءِ ڪا معنيٰ نه آهي، جيڪڏهن آهي ته به اها بلڪل ادنيٰ درجي آهي. اهڙي حال ۾ جي ناچ ۽ راڳ هنن جي زندگيءَ ۾ داخل ڪيا وڃن ته ان جو نمايان اثر هي ٿيندو ته اهو عمل هنن جي زندگي جي صفت ۽ نوعيت کي تبديل ڪري ڇڏيندو، هنن جي زندگين ۾ نين خوشين جو اضافو ڪري هنن ۾ نئون عزم، نئين معنيٰ ۽ نيون تخليقي دلچسپيون پيدا ڪري ڇڏيندو. ايڪو، اتحاد ۽ حب الوطني جهڙيون صفتون ان ڪک مان از خود جنم وٺنديون. ان ڪري جڏهن اسان ڪلچر جي تلاش ڪريون ٿا ته ان جي معنيٰ اها آهي ته اسان زندگي ۾ نئين معنيٰ ۽ نئين انداز جي تلاش ڪري رهيا آهيون. انساني معاشري جي سمورين ذهني ۽ مادي ترقين جو دارو مدار زندگي ۾ نئين معنيٰ جي تلاش تي منحصر آهي.

ڪلچر ڪنهن قوم يا معاشري جي اها مشترڪه خصوصيت آهي، جنهن جي ڪري نه صرف اسان سڃاتا وڃون ٿا پر ٻين قومن ۽ معاشرن کان فرق به رکون ٿا. ڪلچر جا قدر مجموعي طور ان تي عمل ڪندڙن کي ذاتي مفاد کان مٿي ڪن ٿا ۽ اهي انهن قدرن، دلچسپين ۽ مقصدن ۾ ايتري قدر محو ٿي وڃن ٿا جو ذاتي فائدن، مال ۽ رتبي جهڙين شين کي خسيس سمجهي حقارت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳن ٿا، صدين کان افريڪا جي جهنگلن ۾ رهندڙ قبيلن  جي زندگي جو بنيادي مقصد اهو رهيو آهي، ته هو قدرت ۽ دشمنن جي مقابلي ۾ پنهنجو بچاءُ ڪهڙي ريت ڪن ۽ ڪهڙي ريت پنهنجو پيٽ پالين، انهن مقصدن لاءِ هنن تير ۽ ڪمان ۽ نيزا ايجاد ڪيا ۽ هنن جڏهن انهن تيرن ۽ ڪمانن کي کيل تماشي طور استعمال ڪيو ته انهن جي زندگي ۾ نين خوشين جو اضافو ٿي ويو. اها ابتدائي معنيٰ ۾ هنن جي تهذيبي سطح هئي. ان سطح تي هنن مشترڪ فڪر، عمل ۽ خوشين کي جنم ڏنو ۽ نون حوصلن سان هڪ ٻي سان رلي ملي ويا. اها ئي اها سطح آهي، جتي معاشري جو شعور وک وک کڻي ڊوڙڻ ۽ اڳتي وڌڻ لڳندو آهي. ان سطح کان هيٺ ڪرڻ جي معنيٰ هيءَ آهي ته معاشرو حيواني طرح زنده آهي.

اسان جي معاشري جو جي ڪو ئي بنيادي مسئلو آهي، ته اهو ئي تهذيبي مسئلو آهي. اسان جي زندگين ۾ جا بيزاري، پستي ۽ کوکلو پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ هر قدر هر قانون ۽ انصاف انڌي جي لٺ ٿي ويو آهي ان جو سبب به اهو آهي. اهو تضاد، عدم تحفظ جو احساس، هار ان ڳالهه جي علامت آهن ته اسان جا مروج قدر اطمينان ڏيڻ جي سگهه کان خالي ٿي ويا آهن. هاڻي اُهي اسان ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکن. ان ڪري تعليم صرف پيٽ پالڻ جو ذريعو آهي. سياسي قدر صرف اقتدار جي ڊوڙ آهن ۽ زندگي جو مقصد صرف اهو آهي ته ناڻي جو هماليه ڪيئن قائم ڪيو وڃي. ايڪو ۽ وحدت صرف ان ڪري پرزا پرزا آهي. قومي ۽ ترقي جو مقدس تصور ان ڪري بي معنيٰ آهي ۽ هر شخص هر سطح تي شخصي فائدن، ڦرمار، تنگ نظري ۽ ڪمينائي تي خوش آهي. هن کي صرف پنهنجو خيال آهي ۽ جيڪڏهن ڪڏهن هو پاڻ کان مٿڀرو ٿو ٿئي ته پنهنجي ذات ۾ گم ٿي ٿو وڃي. هن وٽ قوم ۽ قومي تصور متروڪ لفظن کان وڌيڪ معنيٰ نٿا رکن.

ڪلچر انساني زندگي ۾ جوهر ۽ لطافت جي عنصرن جو اضافو ڪري انسانن ۾ اهڙن قدرن مان اطمينان حاصل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿو، جيڪي بلڪل غير افادي هوندا آهن ۽ اُهي مقصد ۽ منزل کي اصولن ۽ قدرن جي شڪل ڏئي نئين معنيٰ پيدا ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙي وقت جيڪي سوچيو ۽ تخليق ڪيو ويندو آهي ان ۾ سارو معاشرو شريڪ ٿي ويندو آهي، انهيءَ سطح تي معمار تاج محل تخليق ڪندو آهي. ابو الفضل آئين اڪبري لکندو آهي. تان سين موسيقي کي عروج تي پهچائيندو آهي. اخلاقي معيار، زندگي جا معاملا، خير ۽ شر بلند سطح تي پهچي ويندا آهن. معاشري جو تاڃي پيٽو مضبوطي سان هڪ نئين شڪل اختيار ڪندو آهي. مختلف غير سماجي گروه هڪ ٻي ۾ گڏجي وسيع تر معاشري کي جنم ڏيندا آهن ۽ مقامي ڪلچر وسيع تر رشتي ۾ سمائجي قومي سطح تي اڀرندا آهن. انهن جي نظر، سوچ ۽ عمل جي طريقئه ڪار ۾ ساڳيو روح ڪار فرما هوندو آهي. معاشرو فرد جي شخصيت جو حصو ۽ فرد معاشري جي شخصيت جو حصو ٿي ويندا آهن. تهذيبي سطح جي اها وحدت قومي ۽ تخليقي ٿيندي آهي. ان جي ابتڙ سياسي سطح جو اتحاد وقتي ۽ غير تخليقي هوندو آهي. ٻي وڏي لڙائي جي زماني ۾ روس ۽ امريڪا سياسي سطح تي متحد ٿي ويا هئا، انهن جو اتحاد دشمن جي خلاف هو، پر دشمن جي ختم ٿيڻ سان ئي اهو اتحاد هڪ نئين دشمني جو پيش خيمو ثابت ٿيو. صرف سياسي اتحاد معاشرن کي هڪ ٻي جي ويجهو آڻڻ بجاءِ نفرت جو ٻج ڇٽي هڪ ٻي کان پري ڪري ڇڏيندو آهي. هن وقت اسان جي ملڪ جو سڀ کان اهم ۽ بنيادي مسئلو مختلف صوبن جي وچ ۾ تهذيبي اشتراڪ جو مسئلو آهي. اسان اڃا تائين قومي سطح تي ان ايڪي ۽ وحدت جي احساس کان محروم آهيون، جيڪو معاشري ۾ فڪر ۽ عمل ۾ اشتراڪ پيدا ڪري زندگي ۾ نئين معنيٰ پيدا ڪري سگهي. اسان جي ملڪ جا ٻئي حصا صرف ان سطح تي قوم کي متحد رکي سگهن ٿا. ان حقيقي اتحاد کانسواءِ پاڪستان جو آدرشي تصور به ڪائي معنيٰ نٿو رکي.

زنده ۽ متحرڪ ڪلچر جي سڀ کان وڏي سڃاڻ اها آهي ته اهو هڪ طرف فرد ۾ ۽ ٻي طرف مجموعي طرح ساري معاشري جي هر شعبي ۾ تخليق جي شمع کي روشن رکندو آهي. تخليق جي اها شمع سياست جي ميدان، تجارتي مرڪزن، معاشي نظام، آفيسن جي ڪاروبار، واڍي ۽ لوهر جي هنرمندي، ملڪ جي اخبارن، تعليمي  ادارن، ادبي تخليقن، موسيقي جي روح پرور ڌنن مطلب هر هنڌ روشن ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اهڙي حال ۾ سارو معاشرو هر وقت پنهنجي خيالن ۽ روش جو جائزو وٺڻ لاءِ آماده هوندو  آهي. معاشري جي هر چيز مربوط هوندي آهي. ان شمع جي روشني سڀني ڳالهين ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، پر جڏهن روشني جهڪي ٿيڻ لڳندي آهي ته ان  جو مطلب اهو آهي ته هاڻي شمع کي روشن رکڻ لاءِ وڌيڪ تيل جي ضرورت آهي. ڪنهن ڪلچر جي زندگي ۾ اها ئي اها گهڙي هوندي آهي، جتي مسلسل غفلت مضبوط نظام کي به ڪمزور ڪرڻ شروع ڪندي آهي پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هڪ اهڙي منزل ايندي آهي، جڏهن ڪيترو به تيل وڌو وڃي شمع روشن ٿيڻ بجاءِ جهيڻي ٿيندي ويندي آهي، جيتوڻيڪ تيل ۾ روشني جي قوت تي موجود هوندي آهي، پر شمع ۾ تيل کي روشني پيدا ڪرڻ جي قوت نه رهندي آهي. اهو ئي هڪ معيار اهڙو آهي، جنهن تي اسان کي پنهنجي فڪر ۽ عمل کي پرکيندو رهڻ گهرجي.

ان معيار تي جيڪڏهن پنهنجي معاشري جو جائزو وٺجي ۽ڏسجي ته اسان جو معاشرو هن وقت ڪهڙي منزل مان گذري رهيو آهي ته اسان کي محسوس ٿيندو ته اسان جي زندگي جي مختلف شعبن ۾ تخليق جي روشني جهيڻي ٿيندي پئي وڃي ۽ اسان کي اهڙي تيل جي ضرورت آهي، جيڪو روشني پيدا ڪرڻ جي قوت رکندو هجي.

تحقيق جي اها روشني ان وقت جهيڻي ٿيڻ شروع ٿيندي آهي.  جڏهن معاشرو عقيدن ۽ خيالن کي مرده بي ساه روايتن طور غير مبدل سمجهي قبول ڪندو آهي. وهم ايترا مضبوط ٿي ويندا آهن، جو حقيقت ۽ صداقت جون شڪليون پوشيده ٿي وينديون آهن ۽ نون خيالن جو رستو بند ٿي ويندو آهي. ساري معاشري جو آدرش ان نقطي تي اچي بيهندو آهي ته اهو نئين خيالن کي قبول ڪرڻ کانسواءِ صرف پراڻن ۽ فرسوده خيالن جي پيروي ڪري حياتي جي ڪاروبار کي هلائيندو رهي. ان منزل تي معاشري ۽ فرد ٻنهي ۾ خيال جي اوسر روڪجي ٿي وڃي. ۽ ٻيا سمورا رشتا ڪمزور ٿي ٽٽڻ لڳن ٿا. ”خيال“ هر زنده ڪلچر ۾ تيل مثل آهن، جنهن سان تخليق جي شمع روشن رهي ٿي. جهڙي طرح ٿوري ٿوري وقت کانپوءِ شمع کي روشن رکڻ لاءِ تيل جي ضرورت پوندي آهي. اهڙي طرح معاشري جي هر سطح تي وقت سان گڏ نئين خيال جي ضرورت پوندي آهي. خيال جي اهميت اها آهي ته اهو انسان جي ذهن ۾ هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪندو آهي، جو هن جي ساري زندگي ان جي تابع هوندي آهي. زبان، عادتون، فڪر، عقيدا، معاشرت جو نمونو، رسم رواج، معاشرتي ادارا، مادي ۽ روحاني       قدر سڀ ان جي ڪک مان پيدا ٿيندا آهن ۽ انهن شين جي مجموعي جو نالو ڪلچر آهي. جيستائين ڪلچر جي شمع ۾ خيال جو تيل مسلسل مهيا ڪبو رهبو آهي. ڪلچر زنده ۽ متحرڪ قوت جي حيثيت سان معاشري ۾ تخليق جي روشني قائم رکندو آهي پر جڏهن خيال جو تيل مهيا ٿيڻ بند ٿي ويندو آهي اها روشني جهيڻي ٿيڻ لڳندي آهي. انهيءَ نقطي نظر کان پنهنجي معاشري جو جائزو ته مان ايندڙ صفحن ۾ وٺندس في الحال اوهان کي اهو ڄاڻائڻ ٿو گهران ته خيال جي آمد جو وهڪرو خشڪ ٿي رهيو آهي. وهمن ۽ مرده روايتن جي پيروي جا جذبا ايترا سگهارا ٿي ويا آهن جو انهن هر نئين خيال کي هڪ ڀوت جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ جهڙي طرح ٻار ڪنهن نامعلوم ڀوت جي خوف کان اونده ۾ وڃڻ کان ڊڄندو آهي اهڙي ريت سارو معاشرو نئين خيال کان خوف زده آهي.

هتي مان خيال کي وسيع معنيٰ ۾ استعمال ڪري رهيو آهيان ۽ فلسفي مان منهنجو مطلب خيال جي اها روايت آهي جيڪا ڪنهن معاشري جي ذهني ماحول ۽ ان معاشري جي ماڻهن جي عقيدن، روايتن ۽ تاريخ مان جڙي ان جو مزاج ۽ قدرن جو نظام بڻائيندي آهي. نه صرف بڻائيندي آهي بلڪه معاشري جي فيصلن کي ڀي متاثر ڪندي آهي، ڪنهن معاشري جو ڪلچر هميشه ان ”ذهني ماحول“ کان متاثر ٿيندو آهي ۽ اهو ذهني ماحول ان معاشري جي فڪر ۽ عمل ٻنهي کي متاثر ڪندو آهي، ان جي معنيٰ اها ٿي ته ڪنهن معاشري جو جيڪو ذهني ماحول هوندو ان معاشري جو فلسفو ڀي ان مطابق هوندو. هن ڳالهه لاءِ ٿوري وضاحت جي ضرورت آهي. مثلاً اسان ڏسون ٿا ته مختلف معاشرن جي فلسفين مختلف نتيجا ڪڍيا ۽ صداقت جي حقيقت جا مختلف رخ پيش ڪيا، ڇا ان جو اهو سبب هو ته انهن جا منطقي اصول هڪ ٻئي کان مختلف هئا يا ان جو سبب اهو هو ته هڪ معاشري جا فلسفي ٻي معاشري جي فلسفي کان زياده دانشمند هئا؟ جيڪڏهن انهن ٻنهي ڳالهين جو جواب انڪاري آهي ته ان جي معنيٰ ٿي ته ڪنهن معاشري جو فلسفو بذات خود ان معاشري جي ذهني ماحول کان متاثر ٿي هڪ صورت اختيار ڪري ٿو. جهڙو ذهني ماحول هوندو اهڙو ئي معاشري جو فلسفو هوندو ۽ نتيجن تي پهچڻ ۾ اهو ذهني ماحول ان معاشري جي فلاسافرن جي فيصلن ۽ نتيجن کي متاثر ڪندو. اچو ان ڳالهه کي مختلف قومن جي فلسفي تي پرکي ڏسون جيئن اها ڳالهه بلڪل صاف ٿي وڃي.

انگريزي معاشري ۾ اعتدال پسندي جي روايت ۽ تاريخ موجود آهي. اها اعتدال پسندي ان معاشري جي ذهني ماحول جو درجو رکي ٿي. انهي ذهني ماحول اتي جي فلاسافرن جي فڪر ۽ فيصلي کي متاثر ڪيو ۽ شڪ جي فلسفي کي جنم ڏنو. هو الف ۽ ب ٻنهي کي شڪ جي نظر سان ڏسن ٿا ۽ انهن ٻنهي جي وچ وارو رستو وٺن ٿا. ان سبب انهن وٽ مڪمل ذهني آزادي ملي ٿي، ليڪن انهن وٽ ”انارڪي“ جو ڪٿي ڀي نشان ڪونهي. هو هڪ طرف ذهني آزادي کي وڏو درجو ڏين ٿا ۽ ان سان گڏ قانون جي حڪمن جو به پورو احترام ڪن ٿا. شڪ جي ان فلسفي جي ذريعي هنن ذهني آزادي ۽ قانون جي برتري جي وچ ۾ اعتدال پسندي جو رستو ورتو آهي. اها ئي اعتدال پسندي هنن جو ذهني ماحول آهي ۽ انهن جا مختلف فلسفا مختلف رستن مان سفر ڪري انهي ذهني ماحول کان متاثر ٿي ڪنهن نتيجي تي پهچندا آهن.

فرانسين وٽ شخصي آزادي هر چيز کان وڌيڪ اهميت رکي ٿي، هنن کي هر قسم جي اقتدار کان نفرت آهي. خالص منطق بجاءِ هو جذبن تي پنهنجي فڪر ۽ فلسفي جو بنياد رکن ٿا. اهي جذبا ئي هنن جو ذهني ماحول آهن. ان ڪري هنن وٽ جيترا به فلاسافر ٿي گذريا آهن پوءِ روسو هجي يا برگسان شاعرانو مزاج رکن ٿا. اهو مزاج ئي هنن جي زبان جو مزاج آهي. برگسان جو ”وائٽل فورس“ فلسفي جو ڪتاب هوندي به شاعري سمجهيو ويندو آهي. فرانسي قوم جو سارو فلسفو ۽ فڪر انهي ذهني ماحول کان متاثر 6ٿي ۽ جڙي ٿو.

آمريڪي معاشرو بنيادي طرح تجارتي معاشرو آهي، هنن وٽ پيسو مرڪزي ۽ بنيادي قدر جو درجو رکي ٿو، جيڪي ڪجهه هو سوچيندا يا عمل ڪندا آهن ان جا نتيجا گڏوگڏ پنهنجين اکين سان ڏسڻ گهرندا آهن. اهو هنن جو ذهني ماحول آهي. ان ذهني ماحول هنن جي فلسفي کي متاثر ڪيو آهي ۽ اسان ڏسون ٿا ته وليم جيمز ۽ جون ڊيوي جو فلسفو Pragmatism ان ذهني ماحول جو نتيجو آهي.

انهن مثالن مان منهنجو مطلب هي آهي ته مان هي ڳالهه واضح ڪريان ته ڪوئي فلسفو ان وقت تائين ڪنهن قوم جو حقيقي فلسفو ٿي نه ٿو سگهي جيستائين اهو ان ذهني ماحول کان متاثر ٿي ڪري ڪا صورت اختيار نه ٿو ڪري. اهو فلسفو جيڪو خود ڪنهن معاشري جي ”ذهني ماحول“- تاريخ، روايتن مان پيدا نه ٿيو هجي ڪڏهن ڀي ان معاشري جي تقاضائن کي پورو نٿو ڪري سگهي، اسان وٽ خيال جي سطح تي اهو تضاد موجود آهي. اسان جو ذهني ماحول ۽ معاشرتي ماحول هڪ ٻئي کان مختلف آهن. مثلاً جديد تعليم حاصل ڪيل گروه کي وٺو ان  گروه جو ذهني ماحول اُهو آهي، جيڪو انهن ڪتابن ۾ ملي ٿو، جيڪي هن پڙهيا آهن، ان جو نتيجو اهو آهي ته ذهني ماحول جيڪو هنن جي تعليم جو نتيجو آهي ۽ معاشرتي ماحول جنهن ۾ هو رهن ٿا، ٻنهي ۾ ڪا به مناسبت نه آهي. اسان وٽ خيال کي يا ته فقـﮧ جي اصول جي نقطـﮧ نظر کان اهڙي طرح پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دانشورانه سطح موجود نه آهي يا وري سرخي پائوڊر سان گڏ يورپ مان آندل آهي. انهن ٻنهي کي ڀيٽي ڏسو- هڪ عقيدي کي برقرار رکڻ واري خواهش جو اظهار آهي ۽ ٻيو مغرب جي جديد معاشري مطابق پاڻ کي بنائڻ جي خواهش جو اظهار آهي. انهن ٻنهي خواهشن کي پوري ڪرڻ جو هي سولو نسخو تلاش ڪيو ويو آهي ته مغرب جي هر ترقي ۽ فلسفيانه تاويل جو جواز قرآن جي آيتن مان تلاش ڪري دنيا کي ڏيکاريو وڃي ته اسلام ۾ اهي سڀ شيون پهريان ئي موجود آهن. اهو تضاد اسان جي ذهني ماحول ۾ موجود آهي ۽ ان جو اثر اسان جي ذهنن تي اهو پيو آهي ته هر شيءِ جي شڪل بگڙي وئي آهي ۽ سموري قوم اکين جي انهيءَ بيماري ۾ ڦاٿل آهي، جنهن ۾ هڪ شي ٻه شيون نظر ايندي آهي. ذهني ماحول جي ان تضاد اسان کي ذهني طرح غير ديانتدار بنائي ڇڏيو آهي. اسان محسوس ڪيون ته ڪجهه ٻيو ٿا ۽ يقين ڪنهن ٻي شي تي رکون ٿا- پنهنجي تاريخ ۽ روايتن کان ڀڄڻ جو هڪ سبب اهو به آهي. تضاد جي ان پهلو معاشري ۾ ڪلچر جي وڌڻ ويجهڻ کي روڪي ڇڏيو آهي. اسان وٽ معيار (Norms) به ان ڪري معاشري مان غائب ٿي ويا آهن ۽ جيڪي آهن اُهي ايترا ڪمزور، ايترا بيمار جو انهن ۾ پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۽ معاشري جي ذهن کي متاثر ڪرڻ جي سگهه نه رهي آهي.

هر معاشري ۾ معيار ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪ اهو معيار جيڪو اسان ۽ توهان جي اندرين شخصيت (Inner Self) سان تعلق رکي ٿو ۽ جنهن جي مدد سان اسان سڀ پنهنجي زندگي ۾ پيدا ٿيندڙ وڏن مسئلن جو حل سولائيءَ سان ڳوليون ٿا ۽ زندگي جي هر موڙ تي فيصلو ڪري ان مطابق عمل ڪريون ٿا. مثلاً ڪنهن کي ڌوڪو ڏيڻ خراب ڳالهه آهي. جڏهن هڪ مهذب شخص ڪنهن کي ڌوڪو ڏئي ٿو ته هن جي اندر هڪ اهڙي اڻ تڻ پيدا ٿئي ٿي، جيڪا هن کي بيچين ڪري ئي ڇڏي. هي معاشري جو اهو معيار آهي، جيڪو اُن شخص جي اندرين شخصيت جو جزو آهي. ان جو نالو ”ضمير“ آهي. ان معيار جي ٺاهڻ ۾ معاشري جا عقيدا، روايتون، رسم ۽ رواج ۽ خير ۽ شر جو تصور بنيادي ڪم ڪن ٿا. ان ڪري هڪ معاشري ۾ جيڪو عمل ضمير ۾ ڪنڊو ٿي چڀي ٿو، اهو عمل ٻي معاشري ۾ ڪا به پيڙا نٿو پيدا ڪري. معيار لاءِ ضرروي آهي ته معاشرو ان تي دل سان ايمان رکندو هجي جيڪڏهن اهو ان کي دل سان نٿو مڃي ته ان خلاف عمل ڪرڻ ڪري ان جي اندر ۾ بيچين ڪرڻ واري پيڙا پيدا نه ٿيندي. مرده روايت ۽ بيجان عقيدا ان سطح تي پهچي مرڻينگهه ٿي پوندا آهن. اسان جي پنهنجي معاشري ۾ اهڙا ڪيترائي معيار بيجان ٿي مري رهيا آهن، ان ڪري اسان جي اندرين ۽ شخصيت ۾ (چوڻ ۽ڪرڻ جي اختلاف سبب) هڪ اهڙو تضاد پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو زندگي ۾ هر قدم تي اسان جي اعمالن کي ڀڃي ۽ ٽوڙي ٿو. جڏهن معاشري ۾ معيار باقي نٿا رهن يا بيجان ٿي ٿا وڃن ته سارو معاشرو ”خود حفاظت“ ۾ لڳي ٿو وڃي. حڪومت جهڙي مقدس شي کان وٺي هڪ عام شهري تائين هر ڪو ان جو شڪار ٿي ٿو وڃي. پاڪستان ۾ هن وقت معاشرتي سطح تي جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. دانشورن جي ذهني غير ديانتداري، حڪومت جي آفيسرن جو ظلم ۽ ڏاڍ، اهم سياسي شخصيتن جي بي اصولي، پيسي ذريعي هر ڪم جو پورو ٿيڻ، نا انصافي ۽ عدم مساوات جي پرستش سڀ ان ڳالهه جا جلوا آهن ۽ اهي جلوا مون وانگر توهان به وک وک تي هر ڏينهن ڏسو ٿا. ساري معاشري جي زندگي ان ڪري عذاب ٿي وئي آهي.

ٻيو معيار اهو ”قانون“ هوندو آهي، جيڪو حڪومت بنائيندي آهي. عام طرح صحتمند معاشرن ۾ قانون معاشري جي اندرين شخصيت جي پرورش جو درجو رکن ٿا. معاشري جي اندرين شخصيت ۽ ملڪي قانون ۾ ڪنهن به قسم جو ٽڪر ۽ تضاد نه هوندو آهي ان ڪري اهڙن معاشرن ۾ قانون اخلاق جو نظام بنجي معاشري اندر اخلاقي ولولو پيدا ڪندو آهي. هاڻي پنهنجي ان معيار تي هلندڙ قانون کي ڏسو. اسان جو موجوده قانون هڪ اهڙي قوم بنايو هو، جيڪي اسان جا حاڪم هئا ۽ جن جو اسان جي تاريخ، روايتن ۽ ذهني ماحول سان ڪو به واسطو نه هو. انهن پنهنجي مصلحت ۽ ضرورت مطابق قانون بنايا هئا. اسان کي شدت سان ان ڳالهه جو احساس هو ته اهو قانون اسان جو قانون نه آهي، ان ڪري اسان انفرادي ۽ اجتماعي طور ان ڏانهن بي ڌيان ٿي وياسون. ان بي ڌياني جو اثر اهو ٿيو ته اسان قانون کي ”خوف“ سبب مڃيو ته سهي پر اخلاقي سطح تي ان اسان ۾ ڪو به اخلاقي جوش پيدا نه ڪيو. خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي اسان عدالتن جي ڪٽهڙن ۾ بيهي ڪوڙيون شاهديون ڏيندا رهياسين ۽ ائين ڪندي اسان جي ضمير ۾ نه ڪنهن قسم جو وڍ پيو نه اسان ڪنهن اخلاقي ڏوهه جا ڏوهاري ٿياسين. اسان ڏسون ٿا ته انگريزن جو هي بنايل قانون معاشري، جي عام فرد ۾ نه اهو احترام پيدا ڪري سگهيو، جيڪو ڪنهن ملڪ جي حقيقي قانون کي فرد جي اندر پيدا ڪرڻ گهرجي نه وري ان اخلاقي نظام جي معيار جو درجو حاصل ڪيو. ممڪن آهي هتي چيو وڃي ته ان جو سبب اهو هو ته اسان وٽ عام طبقو تعليم يافته نه آهي پر توهان ان ڳالهه کي تعليم يافته طبقي وٽ ڏسو. موجوده قانون تعليم يافته طبقي ۾ اخلاقي جوش پيدا ڪري ٿو؟ ۽ منهنجو خيال آهي ته ان جو جواب اوهان به انڪار ۾ ڏيندا. مان هن و    قت قانون جي مقبوليت تي بحث نٿو ڪريان. مجموعي طرح ساري معاشري جو (ان ۾ تعليم يافته ۽ غير تعليم يافته ٻئي طبقا شامل آهن) ذهني رويو هي آهي ته قانون ڪنهن قسم جو اخلاقي ولولو پيدا ڪرڻ کان معذور آهي. اسان قانون کي صرف خوف ماتحت تسليم ڪيون ٿا ۽ ان کي تسليم ڪرڻ وقت ان جي معقول ۽ نامعقول هئڻ جو سوال اسان جي ذهني ۾ نٿو اچي. اسان جي تحت الشعور ۾ هي ڳالهه هميشه موجود رهندي آهي  ته هي اهو قانون آهي، جيڪو ڌاري حڪمران قوم بنايو هو، ان کي قبول ڪرڻ اسان جو قومي ۽ مذهبي فرض نه آهي ان ڪري موجوده ملڪي قانون ۽ اسان جي اندرين شخصيت ۾ هڪ تضاد هڪ ڌڪار لڪل آهي، جنهن ڪري چور بازاري ۽ رشوت ٽوڙ قانون ڀي اسان ۾ ڪنهن قسم جو اخلاقي جوش پيدا ڪرڻ کان قاصر آهي. ان تضاد جو نتيجو اهو آهي جو اسان ساري قانون کان بي توجهه ٿي ويا آهيون.

ان تضاد جو دلچسپ پهلو هي آهي ته اسان ڪيترين شين کان نه صرف ان ڪري بي ڌيان ٿي ويا آهيون (جيتوڻيڪ اُهي اسان جي اندرين شخصيت سان مطابقت رکن ٿيون ۽ انهن جي معقول هجڻ ۾ به شڪ نٿو ڪري سگهجي) ته ملڪ ۾ انهن کي قانوني شڪل ۾ مروج ڪيو ويو آهي. ان مان ان ڳالهه جو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اسان قانون کي ان صورت ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون ۽ اسان جي ساري بي ڌياني ۽ اخلاقي سرد مهري ان سبب آهي. ان جو اثر اسان جي اخلاق تي پيو آهي. اسان ڏسون ٿا ته چور بازاري ۽ رشوت جهڙن اخلاقي ڏوهن جي ڪرڻ وقت نه اسان ناراضپي جو اظهار ڪندا آهيون نه ئي ڪنهن قسم جي مذمت يا علامت ئي ڪندا آهيون. اسان جي تحت الشعور ۾ حڪومت اڃا به ان حڪومت جي نمائنده آهي، جنهن کان اسان 1947ع ۾ آزادي حاصل ڪئي هئي ۽ هن حڪومت جو قانون به ان حڪومت جو قانون آهي، جنهن کان اسان کي ڌڪار هئي. ان تضاد حڪمران طبقي کي ملڪ جي عوام کان جدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ حڪومت ۽ قانون جهڙيون مقدس ڳالهيون معاشري اندر عزت ۽ احترام جا جذبا پيدا ڪرڻ کان معذور آهن. نه حڪومت اسان جي ذهني ماحول جو حصو رهي آهي نه ئي قانون. هر فرد ان سطح تي پنهنجي ذهن کي ٻن خانن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. هڪ ماڻهو رشوت وٺي ٿو، ٻيو شخص چور بازاري، ناجائز طريقن، گهٽ تورڻ ۽ ماپڻ ذريعي ڌن ڪٺو ڪري ٿو. اهو ڪم ڪندي ”خبر“ هن جي ذهن ۾ ڪنڊ وٺيو ويٺو ڏسي. حڪومت ۽ قانون هن جي اخلاقي نظام جو حصو نه آهن ۽ جڏهن هو اهو ڪم ڪري ٿو وٺي ته پوءِ ضمير هن کي مشورو ٿو ڏي ته هو حج تي وڃي يا ڪنهن مسجد جي اڏاوت لاءِ چندو ڏي. فرد کي يقين آهي ته اهڙن عملن ڪري ”شر“ رفع ٿي ٿو وڃي ۽ آخرت ڀلي ٿي ٿئي. اخلاقي نظام جي اهڙي ٺاهه ۾ ٻهروپائپ خير کي زندگي جي ڪارگذارين کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي. ”شر“ هڪ اهڙي قوت آهي، جنهن سان دولت، عزت ۽ رتبو حاصل ٿو ٿئي ۽ ”خير“ صرف آخرت سنوارڻ جو هڪ ذريعو آهي، جيڪو مسجد ۾ چندو ڏيڻ ۽ حج ڪرڻ سان حاصل ٿي ٿو وڃي. اهڙو معاشرو جيڪو حڪومت ۽ ملڪي قانون کان ايتري قدر بي توجهه هجي، جتي حڪومت ۽ قانون ذهني ماحول کان ايترو لاتعلق ٿي ويا هجن، جتي حڪومت ۽ معاشري جي وچ ۾ وڏي وٿي هجي، اتي اخلاقي استحڪام جي اميد ڪيئن رکي ٿي سگهجي.

معاشري جي ذهني ماحول کان حڪمران طبقي سان، لا تعلقي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي هستي ڪنهن وڏي ميڙ ۾ صرف ملڪي قانون جي حوالي سان ماڻهن ۾ اخلاق جو احساس پيدا ڪرڻ گهري ته ان کي پڪ سان مايوسي ٿيندي مگر ان جي ابتڙ جيڪڏهن هو معاشري جي ذهني ماحول مطابق معاشري جي پنهنجي تاريخ ۽ روايتن جو سهارو وٺي ته ميڙ ۾ اخلاقي جوش پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ان جي معنيٰ اها ٿي ته ذهني فاصلن جي اها وٿي صرف ان سبب ڪري آهي ته اسان جو حڪمران طبقو ۽ اسان جو قانون ٻئي معاشري جي ذهني ماحول- روايتن ۽ تاريخ کان پري ٿي ويا آهن. اهو ئي اهو ”تضاد“ آهي جنهن جي ڪري معاشري مان ”معيار“ تڪڙا گم ٿيندا ٿا وڃن. معيار کانسواءِ نه     نصب العين ۽ نه آدرش جي ڪا معنيٰ آهي نه تخليق جي شمع کي تيل مهيا ٿي سگهي ٿو. اهڙي حال ۾ انهن ماڻهن جي ذهني فڪر جي سڃائي ڏسو، جيڪي پنهنجي تاريخ، پنهنجي روايتن ۽ پنهنجي ذهني ماحول کي ڇڏي گنڌارا، موهن جو دڙو ۽ هڙپا ۾ پنهنجا تهذيبي رشتا تلاش ڪري رهيا آهن.

هن تمهيد کانپوءِ، ايندڙ باب ۾ ڪلچر جي مفهوم جي وضاحت ڪئي ويندي جيئن ان جي روشني ۾ پاڪستاني ڪلچر جي مسئلن ۽ ڳالهين جو جائزو وٺي سگهجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org