سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هدايت الانشاء

باب: 5

صفحو :10

باب پنجون

 

فصل پهريون

 

متفرقن خطن ۾

گذريل چئن بابن ۾ جيڪي خطن جا نمونا لکڻ کان رهجي ويا آهن، فائدي جي پوري ڪرڻ لاءِ ڪي اِن مان، ڪي ٻيا، هن فصل ۾ ٿا لکجن.

 

خط، استاد جو شاگرد ڏي املا ۽ انشاء جي تعليم بابت

شاگرد پيارو، پوريءَ پروڙ وارو- شال توفيق رفيق هجيس!

بعد سلامن جي، ترقيءَ علم ۽ توفيق عمل جي دعا. مدعا هيءَ ته جي لکڻ ۽ انشاء سکڻ جو شوق اٿئي، ته پوهرين ڪنهن به ڪتاب جي عبارت ٻئي جي زبان کان ٻڌي لکج، اصل سان ڀيٽڻ بعد جا غلطي منجهانئس نڪري، سا سارج ۽ ياد رکج- جاسين تائين، نقل اصل سان برابر اچي ۽ رسم الخط صحيح ٿئي. پوءِ ڪنهن به فارسي عبارت جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ورائي منجهانئس فارسي جملا ڪج، پوءِ اصل سان ڀيٽي، ترڪيب ۽ لفظن جي تفاوت ۽ ان جي موچارائيءَ ۽ نه موچارائيءَ تي نظر رکي، اصلاح جو فرق سمجهج- تان ته توکي مهارت سري، وڃي ساڳي عبادت يا جهڙيس نڪري. پر پهرين ڪا سولي عبارت وٺج، پوءِ پنهنجي استعداد پٽاندڙ وڌائيندو وڃج ۽ ڪوشش هن ۾ ڪج، ته هڪڙيءَ عبارت جون مختلف معنائون ٺهن، يا هڪ معنيٰ ۾ مختلف عبارتون اچن. عبارت جي قسمن مٽائڻ ۽ زبان ڦيرائڻ مان پوري قوت حاصل ٿيندي ۽ تحرير تقرير کان واڌو فائدو ڏيندي- فقط.

 

خط عتابي، برابر ڏي

دوستا! ”اِنّما المؤمِنون“ واريءَ ڀائپيءَ ۾ ”فاصلحوابَين اخَويڪُم“ جي امر سان صلح جو ارشاد ٿيل، ۽ لاتَتخِذُ واسِطَانة مِنّ دُونِڪُمّ“ جي فرمودي سان پاڻ ۾ دلي دوستيءَ جو بنياد پيل آهي؛ پوءِ ان محبت جو واڌو ٿيڻ يا ‘اِمش اَميَالاً وّذر اَخاً فِي اللهِ“ سان آهي، يا ”اَلمڪُوب نصف المُلاقاتِ“ جي رعايت ۽ نگاه سان. افسوس! جو ڪيتريءَ مدت کان، ان کان به ڪم التفاني رٿي اٿوَ- شايد هاڻ طبيعت ٻي ٿي اٿوَ! فقط، والسلام.

 

خط عتابي

دوستا! دنيا ۾ نڪو هزار هزار ورهين ڄمار جو يقين، نڪا سدا هڪ هنڌ رهڻ جي پڪ، جو چئجي نه ڀؤ ڪونهي، ڪڏهين نه ڪڏهين ملاقات ٿي پوندي، عمر ڏينهان ڏينهن گهٽ، ۽ قسمت به ڪڏهن ڪٿ ڪڏهين ڪٿ، قبر جي سفر کان ته موٽڻ ڪونهي پر هونديءَ حياتيءَ ڪنهن سفر مان سلامت ورڻ جي به ڪهڙي سُڌ؟ تڏهن سڀڪا رات، ڏينهن، بلڪ پهر غنيمت آهي- سو جي دوست جي ملاقات ڌاران مفت ويو ته هاءِ افسوس!

فراق ڪهڙي بلا آهي جو هڪ ساعت ۾ ورهين جي وصال جو مزو کٽو ڪريو ڏئي:

”سڄڻ ساعت هيڪڙي، ٿئي اکيئون ڌار،

ته ڪر ساڄن سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏهين!“

 

خط، وعدي جي وفا گهرڻ بابت

اوهان فرمايو ٿي ته ’ماه رمضان ۾ توکي ديدار سان خوش ڪبو‘، سو روزيدار وانگر سڀڪو ڏينهن انتظار ۾ آهيان، ۽ سڀڪا رات اضطرار ۾. هاڻي مهينو مٿي آيو، وعدي جي وفا پنهنجو پرنوو نه پسايو- جهان اکين ۾ ڪارو ٿيو ۽ انتظار جي اک کيري، آرام وچان اٿيو ۽ دل ۾ توهم جاءِ ڪئي- خدا ڪارڻ، وصال جي عيد جو اداسي جلد نظر سان شاد ڪندا ۽ بي صبر دل کي بي ويساهيءَ جي غم کان آزاد ڪندا!

 

خط، عاشق شهر ۾ رهندڙ جو معشوق مسافر ڏي

خدا ٿو ڄاڻي- ته انهيءَ ڏينهن کان، جو هن دل پرحسرت جي جگر ۾ جدائيءَ جو ڪنڊو چُڀي، ايڏي روانگي فرمائي اٿوَ- پنهنجي بيقراريءَ ۽ آه زاري جو حال پرملال ڇا لکان؟

”ڏينهن ڪٽيو فرياد ۾، ۽ رات زاريءَ ۾ ڪٽي،

عمر ڪاٽڻ کي ڪٽِي، پر ڇا خواريءَ ۾ ڪٽي!

فراق جي درد ۾ روئي روئي، اکين کان روئي

ويٺس، پنهنجي دل ۾ جگر کان هٿ ڌوئي ويٺس:

”جدا ڪنهين کان ڪنهين جو ڪڏهين حبيب نه هوءِ،

سو درد آهه جو دشمنَ به شل نصيب نه هوءِ!“

ڏسجي ته هن هيڪلائيءَ جي رات جي حجاب ۽ جدائيءَ جي ڏينهن جي پردي کي ’جامع المُتفرقين‘، وصال جي منهن تان ڪڏهين پاسي ڪندو، ۽ تون ۽ آءٌ گڏ، هن جهان جي باغ ۾، ري تامل بلبل وانگر، ڪهڙي وقت چهچٽا ڪندڙ ٿينداسون، ۽ دل وساڻل- جا ڦل وانگر ڪوماڻل آهي- اميد جي شراب سان، کلندڙ گل وانگر، ڪڏهين کُلندي، ۽ عشرت جي عندليب، هستيءَ جي گلشن ۾ تمنا جي ٽاريءَ تي خوشيءَ سان ڪڏهين کِلندي؟

جيڪڏهن، خدانخواستہ تو ۽ مون وچان اهو جدائيءَ جو ويڇو ائين رهندو، ته هنج وسائيندڙ اک ڪڪر وانگي وسِي، دشت مان درياء وهائي، طوفان برپا ڪندي! ۽ اهو يقين، ته جنون جو چمن بندي ڪري، نااُميديءَ ۽ حرمان جا نهال رکندو، ته ڏاڍي بُري حالت رهندي!

”آئي هوا ڪا غيبِ کان، سريو چمن سُرورَ،

غم جي ٿَڏي جي شاخَ هَري منهنجي دل رهِي.“

 

خط منظوم

شهر ۾ رهندڙ جو، سفر تي ويل يار ڏي

صبا، سڄڻن سڻائج وِره ورائي،

ڳنان پُر درد دل، جا ٻهر آئي.

اندر خدمت انهيءَ جيءَ جي جياري،

جلائي جان کان جنهن جي جدائي.

ڀلارو بخش وارو، پي پيارو،

عجب عادت سنديس سهڻي سڀائي.

ٿئي اُن جيئن جڳ ۾ ڪو وفادار،

ڪري اُن مثل ساري ڪو سچائي!

ڪيو ڪلتار نوري نام ان جو،

عطا ٿي آهه اُن سڀڪا ڀلائي.

سُڄن سنسار ۾ صاحب وفا، پر

اپر اخلاص جي اُن وک وڌائي.

سدا تنهن کي رکي سائين سلامت،

ڪري حاصل مرادون تنهن جي لائي!

صبا! ساري سڻائج تنهن سڄڻ کي،

سلامن بعد هيءَ حالت مڙائي:

”اسان ڏي خير آهي- پر ڪِهو خير؟

اچي ڪش ڪين آنّ ري ڪارڪائي!

اوهان جي عافيت دائم گهرون ٿا،

ملڻ جي ٿا مَڱون رب کان سِگهائي!

وڇوڙي جي سهڻ جي ناهه ڪا سَگهه،

جدائيءَ جان جند جهوري جلائي!

سفر ساڄَن سِڌاريو آن، اسان کي

ڏني، تنهن ڏينهن مرڻ کان وڌ ڏيکائي!

سوين سختيون سَريون جيئن، سخت ٿيو ساهه،

اچڻ آنهنجي پٺيءَ، اُن مت نه آئي!

جدائيءَ جي جيئڻ کان تنگ ٿي دل-

ڪبو ڇا عمر کي، جا ٿي اجائي؟

سعادتَ- موڪلائڻ ڏينهن مرڻ آهه،

جيئڻ جالڻ جدا، ڪهڙي چڱائي؟

نکٽ ڪهڙونڱيو ڪي بخت بازي،

سڄڻ سانگيءَ جي سُڌ پڻ ڪانه آئي!“

چئج ساري صبا تن دوستن کي،

ڏکين ڏسڪا ڀري، غم درد کائي:

ته ”اي جيءَ جا جياا، پِي پيارا!

جهِڄائي تنهنجي سِڪندڙ کي جدائي!

نه گهربو هو وسارڻ هينئن هرگز،

تنهين کي، جو جهِڄي ٿو تنهنجي لائي!

سڄڻ! ساري ٿو تنهنجي وصلَ ويرُون،

اوهي ريجهون، رهاڻيون ۽ سچائي:

اوهه ڏينهن راتيون، او پهر او پل،

اوهي ڳجهه ڳالهيون، راحت رسائي.

اوها دلدار دلداري ۽ ياري،

اوها صحبت، محبت ۽ صفائي!

پرين، پرڀي نه تو ري دل جيتوڻي،

وِرونهن دل کي وندر ٿي تنهنجي وائي!

هنئين ۾ هور ڪو آيو وري اڄ،

اندر کي ٿي اُڪنڊ تو دوست لائي.

اچي ٿي اوچتي ڪا يادگيري،

نئين ڪَرَ نِينهن جي ٿي اڄ کڙائي!

اکين جي انتظاري آهه آن ڏي-

اچي ڪا مانَ آنهنجي سُڌ سَڻائي!

سياڻل! تون سچو محبوب مشفق،

مٺلَ! موجود سڀ تو ۾ سچائي-

وسارڻ وڙ نه تنهنجو هوتَ هرگز،

ٿي پر مون هٿان جيڪس ڪَچائي:

ڪَچائي ڪين سارڻ ڪم اوهان جو،

اُها ’مشتاق‘ جي ميٽج مدائي!

جنين جو وڙ، جُڙي تن ساڻ سوئي،

ڀلن پاران هجي خالص ڀلائي!

ڪيم خط ختم، ساڄن! سر سلامن،

قبولج، جا ڪيم توکان گدائي!“

 

جواب منظوم

صبا سُهڻي خبر آڻي سُڻائي،

جا دل پُر درد کان ٿي ٻهر آئي.

سڻي سڀ حال، ڄاتو مون ته آهي،

امانت جي اڃا عالمِ ۾ وائي!

چوان احسان ٿورا سَوَ صبا جا،

مون کي پِريَن جي جنهن ٻولي ٻڌائي!

هِنيون حيران هو جنهن جي ڏسڻ لاءِ،

ڏنائين تنهن جي صحت جي وَڌائي!

الاهي! امر ڪر موٽي صبا کي،

ته منهنجي پڻ رساڻي سُڌ سَڀائي!

اندر خدمت اُنهيءَ محبوبَ من جي،

سِڪي ساري سدا دل جنهن جي لائي-

مٺيءَ مجلس، چڱيريءَ چال وارو،

محبت تنهنجي صحبت سڀ سَجائي،

ڳهي ان جي ڳُڻن ڪيو سوگهو ساهه،

سدا ان جي وڻي مون وات وائي!

ڳڻي ڳڻيان اُنهيءَ جا ڪيترا ڳڻ،

ڪتابت قرب جِي هيءَ جنهن هَلائي!

سڃاڻِي پاڻ تنهن ساڄن سياڻي،

ڀلي بيحد ڪئي آهي ڀلائي!

خوشي ۽ خرمي ٿي دل کي حاصل،

هئي جا غم وڇوڙي جي وڃائي!

وڇوڙي جي وِرهه جي ويرين کي،

نه ڏيکاري ڪڏهن قادر ڪڙائي!

هجن گڏ دوست پنهنجي دوستن سان،

محبن وچ مَ پوئي ڪٿ جدائي!

سلامن شوق ۽ سِڪ جي پڃاڻا،

خبر ڏج خير جي سُوڌي سَڻائي.

”چون ٿا آهه خط ’نِصفُ المُلاقات‘،

نه ڏٺيم قول ان ۾ ڪا سچائي!

وِره ويتر ٿيو خط جي ڏسڻ سان،

نه اَجائي غمن کان دل کي واندڪائي.

پاڻا اڳين تي اڳڙا سامهان سُور،

اچي ٿيا- ناهه توتي ڪا ڳُجهائي!

اوهان جي پار جو پرزو جو آيو،

برهه جي باهه تنهن آڻي مچائي!

ڏسي جهوريءَ جهڄڻ اَهنجي جو احوال،

نئِين نينهن جي نظاري ڪِي کڙائي!

ڪرين تهمت وسارڻ جي مٿم ڪيئن؟

ڪ ڏاڍا! توکي ڏاڍائي سُهائي؟

وساريان ڪيئن؟ وسارڻ تون نه لائق-

وسارڻ ساهه کي، مَت ٿي اجائي!

ٿيس هت قيدَ قسمت جي ۾ قيدي،

سِڪان پرڏيهه ۾ ساريو ڏِهائي!

نه ڪو مونس، نه ڪو غمخوار منهنجو،

سنگت سورن پَڪي مون سان پچائي!

اندر جو حال ڪرينا ڪنهن سين ظاهر،

نه آهم ربّ ري ڪو حالڀائي!

اُهوئي ’جامع المتفرقين‘ آهه،

ڪري سِڪندن سندي حاجت روائي!

محبن جو ڪندو ميلو سو موليٰ،

وچان ويندي سگهي هيءَ سڀ جدائي!

اچڻ جي اوڏڙي آهيم امّيد،

ڪندو پوري، ڪري ’باري‘ ڀلائي!

وڇوڙي جي خدا شل پاڙ ساڙي،

ته سِڪ منهنجي ٿئي سُرهي سجائي!

مٿي ’آمين‘ ڪيو مون ختم خط کي،

اوهين پڻ وارجو انهيءَ جي وائي!“

 

خط عتابي، محبوب نازنين جو عاشق حزين ڏي

عاشق جان نثار، مونس غمگسار، ابروءَ جي تيغ جو گهايل، جادوئي اک جو نمايل- شال خدا عشق زياده ڪريس!

سلامن بعد، تنهنجي عشق جو قدم سچائيءَ جي سوڌي رستي تي ثابت ڄاڻيو، توکي ڪمال محبت تي خاص مرتبي ۾ سڃاڻيو، ظاهر ڪجي ٿو ته فراق جي گرميءَ کان تنهنجي قلب جي تپش، ۽ جدائيءَ جي آزار کان تنهنجي دل جي پريشاني ۽ سوزش، تنهنجي خطن موڪليلن مان، ۽ ماڻهن جي زباني ذڪرن ڪيلن مان، گهڻي قدر معلوم ٿي. ايتريقدر نڪي گهرجي، نڪي جڳائي- عقل کي هٿان ڇو ٿا ڇڏيو، جو هوند هيڏي باهه ڪين ڌڳائي!

جي ٿي ’صورت‘ جي ملاقات نه آهي، پر محبت ۾ پرانهين اورانهين ٻيئي برابر آهن- تنهن ساڻ به، اخلاص جي بنياد کي، اختصاص جي مرمت سان، محڪمي ڪجي ٿي، ۽ هڪٻئي کي خبر ڏجي وٺجي ٿي- تڏهن جدائيءَ جي شڪايت بي انصافيءَ کان حڪايت آهي!

بهرحال، صبر گهرجي، ڌارين کي منجهه نه ڏجي- اوهين رسوائيءَ جو خيال نٿا آڻيو، بلڪ فخر ۽ مَرڪ سمجهيو، ايندي ويندي وٽ پنهنجي محبت ويٺا واکاڻيو!

”نينهائينءَ کان نينهن سِک منهنجا سپرين،

سڙي سارو ڏينهن، ٻهر ٻاڦ نه نڪري!“

عقل ڪ کسجي ويو، جو اوهان کي اي ڪم نه ڪاري؟ حياءُ ڪ ڦُرجي ويو، جو اوهان کي پوريءَ حد تي اُڀياري! اها موڙهيءَ مت جي خبر چوان، يا ابتيءَ پروڙ جا اثر چوان؟- هاءِ ڌيان، هاءِ ڌيان! ارمان، ارمان!

ڀلا، طومارن ڀري موڪلڻ مان ڪا اوهان جي ناموس ٿئي ٿي، يا اوهان جي دل جان جيئي ٿي؟ پاڻ ۽ ٻئي کي پڏهري ڪرڻ مان ڪو مقصد ٿيندو، يا ڪو انعام ڏيندو، يا تحسين آفرين ملندي، يا دل گهربل آرام 7 تسڪين ملندي!- ڪ ڪين ٻڌو اٿوَ ته:

’مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ‘؟

اسين ڄاڻون ٿا ته اهو اوهان جو گهَنگهرن گوندرن ۾ گهارڻ، ۽ فراق ۽ اشتياق جي باهه ۾ کامي هنجون هارڻ، اوهان لاءِ صلاحيت آهي، ڇا کان، جو اسان وٽ پوري ماهيت آهي ته ملاقات وقت اوهان جو عقل، خيال ۽ اهو حال ثابت رهندو يا نه، پوءِ به اوهان جي دل مان اهو هَم ۽ غم لهندو يا نه!

”هجي جِت جدائي دوا درد جي،

ٿئي وصل مان نيٺ نقصان تِت!

پَريان جو پَسي ڪين سگهندو غبار،

چوان ڪيئن تنهين کي ’هلي آءُ هت‘؟“

 

خط، خبرچار نه موڪلڻ جي عتاب جي جواب ۾

منهنجا ساهه کان پيارا! ڊگهو داستان ڪاغذ کي سپارڻو، درياءَ جي پاڻيءَ کي مُٺين سان ماپڻو ۽ بيابان جي واريءَ کي آڱرين سان ڳڻڻو آهي. اُهو ڪو ڏينهن ٿئي جو روبرو ڳالهه ڪجي پر اها به جي طاقت رکجي. ڇا کان، جو اشتياق جو شرح نڪي عقلي علمن جي معضلاتن جي جنس کان آهي، نڪي نقلي فنن جي مشڪلاتن جي قسم کان آهي، جو فڪر عميَ جي مدد يا فهم دقيق جي همراهيءَ سان حل ٿيڻ جي صورت قبولي ۽ پڌري ٿيڻ جي صفت وٺي.

منهنجو قلم زبان وڍيل، هميشہ انهيءَ لکڻ جي امڪان ۾ نه ايندڙ امر جي ظاهر ڪرڻ جي هيبت کان مٿي- چيريل آهي ۽ زبان بيان کان عاجز، انهيءَ تقرير جي گهيري ۾ مشڪل ٿيندڙ رمز جي ذڪر ۾ حيرت کان گونگي مثل آهي:

”قلم، زبان، نه طاقت رکن بيان فراق،

ڪري سگهان، ته ڪريان شرح داستان فراق!“

 

خط، ان دوست جي دلداريءَ ۾ جنهن جي گهر ٻه جاڙيون نياڻيون ڄايون

انهيءَ پاسي کان خبرون آيون، تن مان معلوم ٿيو ته ان مشفق جي گهر ٻه جاڙيون، نياڻيون چايون، تنهنڪري طرحين طرحين ترددن ۽ قسمين قسمين تفڪرن پنهنجيون صورتون پَسايون.

پر جڏهن جهان ۾ شادي، رنج، نانگ ۽ گنج گڏ آهن، ۽ آيت ”وَمِن ڪُل خَلَقّنَا زَوجَيّنِ“ جي معنيٰ موجب نياڻيون پُٽن وانگر ضرور گهرجن، تڏهن ”فِعلُ الحَڪِيم لايَخلُوّا عَنِ الحِڪمة“ جي دلاسي سان، ”اِن مَع الّعسرِ يُسراً“ ۾ اميدوار رهندا، ته ان صبر جي موچاريءَ جزا ۾ فرزند ارجمند جي تولد سان سَڌ کان واڌو سُرور لهندا! فقط.

 

خط، عقيقي جي دعوت ۾

شوق جي سلامن بعد معلم ته فرزند پياري ”فلان“ اَطال الله عمرهُ جي کير ڇڏائڻ ۽ عقيقي ڪرڻ جي لاءِ هن سال جي رجب جي ٻارهين، جمعي جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو آهي. تنهن ۾ اميد ته ذڪر ڪيل تاريخ تي، هن غريبخاني ۾ قدم رنج فرمائي، طعام واپرائڻ بعد خوشيءَ جي محفل ۾ شريڪ ٿيندا، ۽ هن مخلص کي ممنون ۽ احسان جو مرهون فرمائيندا- فقط.

 

جواب

اتحاد جو خط فرحت نمط رسيو. هي هوا- خواه ان اشارت موجب جيڪر خوشيءَ جي محفل ۾ اچي داخل ٿئي ها، ۽ روبرو مبارڪباد جي رسم ادا ڪندڙن ۾ شامل ٿئي ها، پر سرڪاري ضروري ڪمن جي اڳ- پوءِ هجڻ ڪري مجبور آهي، تنهنڪري مبارڪباديءَ جا ٻه حرف لکيا ويا- ضرورت وقت، وضوءَ بدران تيمم جو به دستور آهي. تنهن ساڻ به، بشرط فرصت جي، ۽ ملڻ رخصت جي، ان مسرت هي مجلس ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ وس ڪندس- فقط.

 

خط، روزي رکڻ جي مبارڪباديءَ ۾

اوهان جي برخوردار ڪامگار جي روزي رکڻ جي خبر بهجت اثر سڻڻ کان خوشي ۽ سرهائي حد کان واڌو سري. ڌڻي پاڪ پنهنجي محبت بخشيس، ۽ سندس ٻانهپ جو شوق ۽ ان مان ذوق ڏئيس، ۽ موچاراين ۾ مشغول ڪري، ۽ مَٺَن ۽ مَٺاين کان امن ۽ پناهه ۾ رکيس!

 

خط، ڪنهن دوست تي ڪم جي تڪليف رکڻ بابت

مدت کان فرزند پياري، سعادت واري، ”فلان“ جي سڱ ڪرڻ لاءِ، دل وڻندڙ هنڌ- جنهن کان دل جي مُکڙي کُلي- هٿ نٿي لڳو؛ هينئر ڪن اتي جن ماڻهن، ڳالهه جي محبوب کي بيان جي زيور سان سينگاريو ته سڳورن جي ڌئل، ڀلائين ۾ بالا هئل، ميان ”فلان“ (سلمہ المنان) جي سڳورائيءَ جي گهر ۾ نياڻي آهي- خوبيءَ جي برج جو ستارو، محبوبيءَ جي سونگي جو گوهر زيب وارو، حسين، مہ جبين، سروَ جي قد، خورشيد جي خَد، لب شڪر، مُوي ڪمر، خوش رفتار، شيرين گفتار، خوش خوءِ، عطر بوءِ، مرهم دل مجروح، ۽ قوّتَ ۽ قوتُ روح، حسن ۽ جمال واري نهيت، ۽ زيب ۽ ڪمال ۾ بي غايت! تنهنڪري، پنهنجي رسم موافق، هدين ۽ تحفن سميت، پنهنجو معتمد (فلاڻو) روانو ڪجي ٿو؛ اميد ته توجہ فرمائي ساڻس گڏجي هن جي دولتخاني تي رسي، اسان جي فرزند جي حسن ۽ جمال، فضل ۽ ڪمال، جوانمرديءَ ۽ دولاوريءَ، مروت ۽ فتوت، دانائيءَ ۽ سچائيءَ ۽ خوشخوئيءَ ۽ مهرجوئيءَ جو وصفن ۽ صفتن کي ظهور جي ميدان ۾ رسائي، اُن مشفق موصوف کان، هُن زهره شڪل سانهِن مشتريءَ صورت جي اقتران جو التماس ڪندا.

جيڪڏهن اِن معنيٰ جِي صورت قبوليت جِي وڳي سان سينگار جي، ته جلد احوال لکندا ته شاديءَ جي ضروري اسباب جو تدارڪ ڪجي ۽ جي گُهرڻ جي سيني تي رد جو هٿ، ته به قلم جي منهن تي آڻيندا- زياده ڪهڙي تصديع ڏجي.

 

جواب

مون کان وڌيڪ مون تي مهربان! نوازش نامو هَمَ غَم ٽار، اکين ٺار، عين انتظار ۾ رسيو. عالي قدر امر- هن کان سواءِ، جو ان جي پاسي ڌاران نظر ڪنهن پاسي ميل ڪري- اڳيان رکيل آهي.

هميشہ آرزو رهندي هئي ته منهنجي ڪوشش ڪنهن دل گهربل دوست جي مشڪل جي ڳنڍ کولي ۽ مون هٿان ڪم ٿئي، جنهن مان ڪنهن دوست سان محبت جي واٽ وڌي. هاڻي جلدي نه ڪجو، ڪجهه مهلت ڏجو: ڪنهن وقت کان پوءِ بخت مراد ۾ ٿو اچيوَ ۽ مراد موجب مقصد حاصل ٿو ٿئيوَ! فقط، والسلام.

 

خط، دوست ڏي، ڪنهن وعدي کان ڦرندڙ کي نصيحت ڪرڻ بابت

نيڪ روشن هوندو جو اوهان جي مخلص (فلاڻي) جي گهر اسان جي دوست (فلاڻي)( جي فرزند جي شاديءَ جي نسبت، رسم موجب، ٻن ورهين کان ٿيل آهي. پوءِ نامعلوم ته ڪهڙيءَ شوم طبعيءَ کان، ٻئي (فلاڻي) کي مالدار سمجهي، اُن جي دامادي اختيار ڪريو، دوست مذڪور مان مسڪينيءَ جو عيب ڪڍيو، ٿيل سَڱ کان جواب ٿو ڏئي؟- اي ڇا مناسب، ڪهڙو لائق!

تنهنڪري، لکجي ٿو ته ان خدا فراموش کي- جو دنيا جي لالچ پٺيان ننگ ۽ ناموس جو شيشو بيوفائيءَ ۽ بيوقاريءَ جي پهچڻ تي ڀڃي ٿو، ۽ ڏيهه ۽ راڄ ۾ پنهنجي رسوائيءَ ۽ خواريءَ جو دهل وڄائي ٿو- موچارين نصيحتن سان گمراهيءَ جي اوڙاهه مان ڪڍي، سوڌي رستي تي آڻيندا، ته معتمدن مهندان ڳالهه ڪيل، دوستن ۽ دشمن وٽ مشهور ٿيل حال کان نه ڦري.

۽ جيڪڏهين ڪنهين قول، اوهان جي اطاعت ۾ نه اچي ته ڀلي حرص جو پيٽ وڏو هجيس، ۽ هن مسڪين جو ضايع ٿيل خرچ ڀري!

 

خط، نو مسلم شيخ جي شهر- گشت جي دعوت بابت

مڙن مسلمانن ڀائرن ۽ يارن کي عام، ۽ ”فلاڻي“ شهر جي ديندارن کي خاص، اطلاع ڏجي ٿو ته اڄ ڪالهه الله تعاليٰ جي ڪرم سان، هن آسپاس ۾ اسلامي خوشيءَ- يعني فلاڻي شهر کان، اصل ”فلاڻيءَ“ قوم ”فلاڻي“ نالي آدمي اچڻ ۽ مسلمانن جي مجلس ۾ حاضر ٿي، رضا ۽ غبت سان، جڻيو ڇِني، ڪلمو طيب پڙهي، ختني جي سنت پارڻ، وري ان جي ڇٽڻ بعد ان جي شهر- گشت لاءِ، ”فلاڻي“ تاريخ جي صبح مقرر ٿيڻ سببان، ننڍا وڏا مؤمن پوري بندوبست هجڻ ڪري، خوشيءَ ۽ خرميءَ کان مست آهن!

تنهنڪري، شيخ مذڪور کي- جنهن جو اسلامي نالو ”فلاڻو“ مشهور ڪيو ويو- سڀن جو ديني ڀاءُ سمجهي روبرو اچي، مبارڪباد ڏيڻ ۽ هن دين جي خوشيءَ ۾ اوهان جو به شامل ٿيڻ زور مناسب بلڪ هن زماني غريب، قيامت جي قريب ۾، مخالفن جي مڙڻ ۽ دشمنن جي ڪڙهڻ سببان، آخر زماني ۾ غزا جو عيوض، ”مَن ڪَثرّ سَوَاد قوم فَهُوَ مِنهُم“ جي معنيٰ موجب، هن ڪم جي مهم بردارن واري اجر جي حصول جو سبب ڄاڻي، اوهان تي اچڻ جي تڪليف جو بار رکڻ واجب نظر آيو:

”هي اجر مفت حاصل آهي، اچو عزيز!

ري دير جلد هن ڏِس ڪاهي اچو عزيز!

آهي غزا اخير زماني جي، هي اچڻ!

ايءَ آهي پڪّ، سڀ شڪ لاهي اچو عزيز!

هت آهه آزمائش طالع سعيد جي،

دنيا جا ڪاريون ڪم، راهي اچو عزيز!

هن ۾ رضا خدا ۽ خدا جي رسول جي،

سڀ دوست يار ڀار سنباهي اچو عزيز!

پنهنجي رضا جي پاڻ اوهان کي مدام شال،

خلعت خدا رسول پَراهي، اچوپ عزيز!

’مشتاق‘ مؤمنن کي ڏنو ڏس، سُڻين مان!:

هي اجر مفت حاصل آهي، اچو عزيز!“

خط، نومسلم شيخ جي عام سفارش بابت

مڙن دين جي ڀائرن مسلمانن تي مخفي نه رهي، ته هن ڪاغذ جو آڻيندڙ نالي شيخ ”فلاڻو“ نو مسلم، جنهن جو اصلي نالو فلاڻو، قوم فلاڻي، رهندڙ فلاڻي شهر جو، هتي مسجد شريف ۾ اچي، پنهنجي رضا رغبت سان، مؤمنن مهندان ڪلمو سڳورو پڙهي، ايمان سان مشرف ٿيو؛ بالعفل، اسلام جا ارڪان ۽ ايمان جون صفتون ۽ ڪي احڪام ان کي ٻڌايا ويا، ۽ ختنو به ڪيو ويو- هاڻي سڀني مؤمنن ڀائرن تي لازم آهي، ته دين ۽ دنيا جي ڪمن ۾ هن پنهنجي ڀاءُ کي هر طرح مدد ڏيندا، ته الله تعاليٰ وٽ سندن اجر ضايع نه ٿيندو.

 

فصل ٻيون

 

صنعت وارن خطن جي بيان ۾[1]

 

جڏهين ڪن فارسي انشائن ۾ ”صنعت“ جا خط نظر آيا، تڏهين ان کي به فائدي کي خالي نه سمجهي، انهيءَ قسم جا خط به ڪي ٿورا نمونا ڏيکاريا ويا. ۽ سڀني صنعتن جي قسمن جو حصر ڪرڻ- ته هيترا آهن- ٿي نه سگهندو، جيئن ته مهند ذڪر ڪيو ويو.

فائده- مخفي نه آهي ته اسلام جي وقت کان اڳ جيڪا سنڌ جي زبان هئي، تنهن ۾ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جو ڪو لفظ گڏيل نه هو، ۽ سنڌ جي فتح کان پوءِ، اطرافن جي آدمين اچڻ سببان، ۽ مسلمانن جي عربي ۽ فارسي زبان ڏي رغبت رکڻ سببان، سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻا لفظ عربي فارسي اهڙو ميلاپ وٺي ويا، جو سندن سنڌي ترجمو ڪنهن کي ياد نه رهيو، ۽ گهڻا اهڙا، جن جو ترجمو ڪجي ٿو ته تڪليف ته هڪڙي ڳالهه، ٻيو وري ان جو سمجهائيندڙ کپي، تنهنڪري عربي ۽ فارسي لفظن آڻڻ کان سواءِ لاچاري آهي. انهيءَ سببان، جيڪڏهين فڪر ۽ تلاش سان اهڙو خط لکجي، جنهن ۾ عربيءَ فارسيءَ جو ڪو لظ نه اچي، ته ”صنعت“ ۾ داخل چئبو.

 

خط، جنهن ۾ سنڌيءَ سوا3 ڪو عربي فارسي لفظ نه آهي

منهنجو پيارو ڀلارو، ساهه کان پيارو- سدا سرهو هجي! سلامن[2] کان پوءِ، ڇا لکان- تنهنجي هتان موڪلائڻ ويل ڪيڏو ڪارڻ ڪيم ته سگهو موٽج ۽ سڀڪا سڌ سماچار پيو موڪلج، سا ڳالهه نه ڄاڻان ته ڪهڙي ڪن سان سُيَئي؟ مون کي پرو نٿو پوي ته پرڏيهه ۾ ڪهڙي آڌار ٿي سک ٿي ويهي رهيين؟ آءٌ ڏيهه ۾ به تو ڌاران ڏاڍي ڏک ۾ آهيان: پل پل ۾ سهس پور ٿا پون، ته تنهنجو اچڻ نٿو ٿئي- آءٌ ڪاڏي وڃان؟ هت رهان ته جيءُ نه مڃي، گهر کان نڪران ته پيرَ ڪٿي!

اهو انڌير آهي، جو توکي نٿو ڏسان، پوءِ به ٿو جيئان! هاڻي جيئڻ جو آسرو ڪونهي- واڌو ڇا چوان؟ ڌني سمجهه ڏيئي!

 

خط، جنهن ۾ سنڌيءَ ۽ عربيءَ سواءِ ٻيو لفظ ڪونهي

مشفق منهنجا، سلامت هجين!

سلامن بعد مطلب ته گهڻي مدت مٿي آئي، جنهن ۾ ملاقات جي شرف کان مشرف نه ٿيس. جي هن وقت ڪا عنايت ڪِي ٿئي، ته اوهان جي لطف جي شان کان بعيد نه آهي. واڌو شوق، والسلام.

 

خط، جنهن ۾ سنڌيءَ ۽ فارسيءَ سواءِ ٻيو لفظ ڪونهي

منهنجا نوازش فرما- شال هميشہ خوش هجو!

سلامن کان پوءِ سالن جي لڪل سَڌَ هيءَ، ته ڪڏهين گڏ ويهي شادماني جا گل چونڊيون: تنهنڪري اکيون چؤواٽن تي ويٺيون، پر اوهان جو اچڻ نه ٿيو! هاڻي جي دوست نوازي ٿئي ته ڪهڙو جو مزو؛ جي نه، ته ڪڏهن وچ واري دشت کي درياءَ ڏسندؤ!

 

خط، ”الف“ کان خالي

دلين جو ڌئل دوست، هميشہ خوش خرم هجي! تسليم، تڪريم، بيحد تعظيم بعد عرض ته جگر وڇوڙي جي شعلي و جليل، ملڻ ري، ڪنهن خط ڪ خبر تي نٿو وندري: چوي ته ’جڏهن سڄڻ سيني تي هت ڌري، تڏهين دُوريءَ جي درد جي تڪليف ۾ تخفيف به سري، ڪجهه مچ به ڍري‘ سو دوستن جي محبت، سچن جي شفقت ۾ عجب ڪينهي- من منهنجو ويل بخت به ڪڏهين وري! وڌيڪ شوق- فقط.

 

خط، جنهن ۾ ”رب“ جو حرف ڪونه ٿو اچي

منهنجا پيارا يار، هينئن جا هار- سلامت هجين!

شوق جي سلامن کان پوءِ، مقصد هيءُ ته ديدار کان دوريءَ ۽ مجلس کان مهجوريءَ جي حسرت کي، وصال جي مسرت ڌاران، ٻيو ڪو وڃائيندڙ نظر نٿو اچي، تنهنڪري ان جو حصول خدا جي فضل تي رکيو، ظاهر ٿو ڪجي ته هن سفر جو مذڪور، ۽ هن ملڪ جو دستور، جيڪي نظر آيو ۽ ايندو، سو انشاءالله تعاليٰ ڪجهه خطن ۾، ڪجهه ملاقات وقت، عرض ڪيو ويندو. هينئر ڪم کان فراغت ۽ قاصد جي نڪرڻ ۾ فرصت نه هئي، تنهنڪري هيتري تي اڪتفا ڪئي ويئي.

(نوٽ: انشائن ۾ ’حرفن ڇڏڻ جي صنعت‘ جا سڀني حرفن جا خط لکن ٿا، پر هتي نموني لاءِ ٻه لکيا ويا.)

 

خط، جنهن ۾ سڀئي حرف نقطن وارا اچن ٿا[3]

چڱن جي چڱي، جيءَ جي پَي، ڏَڌَن جي ڏڍ، بخت جي تخت نشين، بخشش جي زيب تزئين، ”شيخ نبي بخش“ ڏي-

تحيتن[4] پٺيءَ جڏي جيءَ جي ڄڀ پٽڻ[5]، ته نيڻن ڀِني، ڏَڍَن ڏني، نيٺ بي بختيءَ جي بڇڙي پُشتي به ڏٺي ٿي! ڳنڍ ٻَڌي، پَت ڀَڳي- ته نه پَي جي چٺي پُڳي، نه بي ٿنڀي جيءَ جِي چينَ بخشي ٿِي: غضب ته ٻين جَڳن جشنِ جڏي جيءَ تي پَچَ، جيئڻ چپن تي، ڳڻتيءَ ڳَچ!

ٻه جُڳ جيئن! شفقت جي زينت ٿئين!- ڳڻتي ڇڏي به ڏجي، جي شفقت ٻُڌجي؟

”ڌَڏُ، ڇڏي ڳڻتي، ڏڍن تي پڻ جيئي،

جيءَ جڏي تي بخش شفقت جي ٿئي!“

 

خط، جنهن ۾ مڙئي حرف بي نقطي اچن ٿا

دلارام دلدارَ، سهس گهمرا ساهه لاءِ سردارَ، اهل وداد لاءِ سالار- لاءِ سدا داور ڪردگار مددگار هوءِ!

سِڪ وارا سلام لاڪلام ۽ دعا مدام ۽ مدعا مرام مطالع هوءِ. الحمدلله! ڪرم وارو مراسلو موڪليل ڪالهه رسئو، ۽ حال هر طرح حمد ڪئل آهه، مگر وصال لاءِ آسرو ۽ اُداسَ ۽ سودا، سرس ۽ سوا هُئل: دردَ مارئل دل، علي الدوام، محو هَم ۽ اَلم،  آرام معدوم، مَرگ طور دم دم وداع، ساهه وارو ڪم؛ سودا وارو مادو دل لاءِ معمار آهه، روح وارو محل مسمار آهه، اُداس وارا آگُس گهاءُ هردم هردم هرئا رهئلَ، ۽ عام لوڪ وارا مرحم علاحدا رکئل! او دلدار، دل آرام! هڪ وار گل- مُکُ دِکاءِ سِڪ وارو سدا مسڪاءِ:

”آءُ او ماهروءِ دل آرام!

لاهه دل درد، روح ڪر مسرور!

محو ڪريوم، مُک دکاءِ هڪ وار:

هوءِ لَمعو سو مُک، ۽ آءٌ طور!“

 

خط، جنهن ۾ هڪ ڪلمو بي نقطي، ٻيو نقطي وارو اچي ٿو

والا شفقت، وداد زينت، مڪرم شيخ محمد بخش سِڪ بيحد سلام بعد پٺيءَ مدعا هيءَ ته دلارام ”فيض محمد“ جڏيءَ دل تي درد ڇڏي ڪالهه ٺٽي ويو- ڳڻتي اُلڪو، جهڄڻ اُداس پَچڻ، کام جهي آهم! شفقت ڪريو، جهٽ پٽ واريوس، بيوس جي احوال تي اطلاع پڻ رکو- نيٺ مدد پڻ محرم تي آهه!

خط، جنهن ۾ هڪ اکر نقطي وارو، ٻيو بي نقطي اچي ٿو

قرب ڪندڙ سچو، خوش مزاج ڪڏهن نه ڪَچو، خوب سيرت، صفا خلق، ”ميان آخوند باقر“- خوش هجو!

تحياتون ستل شوق کي مچ ڪندڙون، ان حضرت وٽ وڏا شرف هٿ ڪن! هيءَ سڌ سيم، ته ات ڪي حُجاج[6] آيا، جعفر خان وٽا نه اثر پهتا، نه آپُ: ڪنهن چيو ته هجرت ڪئي اٿس، يونس چيو ته مغرب سڌايو، تونس تانگهه به هيس، ته انس چو پرخرچ گهٽ اٿس- يعقوب آيو ته ان وٽان پڪ سڌ پوندي، ڪ پاڻ انہ غرض کي اڄ سڀان ات ٿو اچان. هيل ڏسڻ کي دير به گذري ويئي، انہ تمنا جو ڄاڻ اٿوَ: بسم

”ڪيو تمنا پسڻَ هِنيون حيرت[7]

ديد جو شوق اڄ اڳوڻون ڪٿ!“

 

خط، جنهن ۾ مٿين نقطن وارا لفظ اچن ٿا

مشفق محترم مڪرم سلامت سلام سنت اسلام رسن!

مقصد تهنوازش نامو رسئو، خوش- وقت ٿئس. امر موافق ”شاهه نامو“ نور محمد هٿان رسندو، ”سڪندڙ نامو“ خوشخط ڪونه هو، ناته نه رکان ها، تنهن لاءِ تلاش ڪندس- فقط.

 

خط، جنهن ۾ هيٺين نقطن وارا لفظ اچن ٿا

ڀاءُ صاحب سڳورو، پيارو طالع موچارو- سدا سرهو هجي!

بعد السلام عليڪم جي، سڀ احوال جي دلجاءِ رهي.

مطلب هي، جو محب ضميم عبدالرحيم، بيڪاريءَ سبب گهرٻار هيڪلا ڪري، اڄ ڪ ڪالهه آيو آهي، پڇا ڳاڇا ڪري گهرائجوس: مير سيد حيدر علي صاحب ڪ ٻي کي چئي چوائي، ڪا ڪم جي موچاري جاءِ حوالي ڪرائجوس- آدمي سچو ۽ سچائيءَ وارو آهي.

 

خط، جنهن ۾ سڀڪنهن لفظ جا اکر ڳنڍيل ۽ گڏ لکجن ٿا

محب خليق، مشفق لئيق،”محمد شفيق“- الاهي عطا ميسر هجيس!

بعد تحيتن، تسليمن، تعظيمن، مطلب هي، جو مخلص صميم محمد سليم هٿان عقيق جي عجيب تسبيح پهتي، سڀن مجلسين پسند ڪئي، هن ضعيف نحيف جو فخر ٿي. لکن لطفن جو ليکو غير ممڪن، تنهن جا شڪر ڪيئن ٿي سگهن:

بيڪسن هيڻن مٿي ڪييئي عطا،

شل هجي مٿئي عطا عَظميٰ عظيم!“[8]

 

خط، جنهن ۾ سڀيئي اکر ڌار ڌار لکجن ٿا

وِره درد وَڍ، ڏک وارن ڏڍ، دادل داؤود دل آرام! ڏک ڏڌل دل وارا سلام[9] وراءِ، اڄ اوري اچ، دوريءَ وارو درد ڏس، وک وڌاءِ. وداد وارو ورق به وارد آهه، ذوق به واڌو؛ ته به روح آوارو آهه، دل آزار ري آرام اڌو اڌ: اُو دوريءَ وارا داغ داغ، وري درد درد، آزار آزار دم به نه ڌار! اُو اک وارو دوڏو، وري وري وَسَ[10] وارو آب، اوءَ رخ واري زردي، اوءَ وات واري آه، اوءَ رات واري زاري، آس اداس اداس اي آهه ته داور ڌار ڌار دوريءَ وارا وچ ڌري!

ادل! اڄ زودا زود اُڏري آءٌ، ته وداد به وڌي، وڍي دل به آزار ان آزاريءَ ڏي وري:

”دردَ دل زار آهه آزاري،

اڄ وري وارو وک ورڻ واري.“

 

خط، جنهن ۾ سڀڪنهن ڪلمي پڙهڻ سان چپ چپ سان لڳي

محب مهربان، مشفق مخلصان، ڀائرن کان ڀلارو، پنهنجن کان پيارو، ميان سوڀارو- سلامت!

محبت جا سلام پرت جا پيام پهچن. مڪتوب مرغوب موچاريءَ مهل پهتو، فراق جو ڦٽ وري وچڙي پيو، پَرَ وَسُ ڦاهيءَ ۾ ڦاٿل کي موڪل نه ممڪن، پاڻ ڏي پسي، ملڻ جي مهرباني فرمايو ته مدام ممنون هوندس! فقط، والسلام.

 

خط، جنهن ۾ ڪنهن به لفظ پڙهڻ ۾ چپ چپ تي نه لڳي

دلدار دلقرار، سچار سچائيءَ جو سينگار- سدا سرهو هجي!

تحيت ۽ دعا جو هديو هلايو، اطلاع ٿو ڏئي ته ديدار جي سڪ، گڏجڻ جي شوق ان تي آندس، ته ساعت کان اڳ اتي رسان، ٽيون ڏينهن ريل تان لهي، اڄ هتي آيس- ڪِرايو ڏيان ٿو، ته سُواري هٿ نٿي لڳي! هاڻي جي اچڻ جي اجازت ٿئي ۽ سواري اچي، ته ڪهڙي جاءِ نوازش کان نازش سرندس! اطلاع لاءِ هي ٿورا اکر لکيا ٿيا.

 

خط، جنهن کي نظم ۽ نثر ٻنهي ۾ برابر پڙهي سگهجي

مِهنجا دلدار، حال جا همراز،

منهنجا بيچارگي جا چاره ساز!

بعد لک لک سلام ۽ تعظيم،

ڪروڙين نياز ۽ تڪريم،

هيءَ گذارش ته تنهنجي لاءِ، سدا،

رات ۽ ڏينهن منهنجو ورد دعا،

۽ هميشہ فراق ۾ مرڻو،

دل کي هر وقت مضطرب ڪرڻو:

ڪيترا دل ضعيف درد سهي،

ڪيترو انتظار ۾ به رهي!

نيٺ ڪنهن وقت جي قضا اچي،

موت جي اوچتي بلا پهچي-

تان ته سڀ دل ۾ دل جي سڌ رهبي،

پوءِ موٽي به ڪينڪي لهبي!

حال پنهنجي کان مطلع ڪريو،

۽ مٿم جلد ڪو قدم ڀريو!

 

فصل ٽيون

 

صنعت تلازمي جي خطن ۾

”تلازمو“ انهيءَ صنعت جو نالو آهي، جو ڪنهن چيز جو ٺهراءُ ڪري، پوءِ سندس سڀئي يا ڪي لوازم ٻئي مطلب ۾ ادا ڪجهن، پر اهڙيءَ خوبصورتي ۽ خوش نمائيءَ سان، جو ٻيو ڪو ناواقف ائين نه ڄاڻي، ته ان لوازمن مان ڪوئي لفظ بي محل ڪ بي معنيٰ واقع ٿيو آهي. انهيءَ صنعت جي پسنديءَ سبب سندس ڪي نمونا لکجن ٿا:

 

خط، نصيحت جو سپاهگريءَ جي تلازمي ۾

دوستا! جيڪو، عقيدتمنديءَ جي شيوي سان ’ترڪش بنديءَ‘ جي واٽ اختيار ڪري، اعتقاد جي ’چيلهه‘ تي صبر جي ’ترار‘، شڪر جو ’خنجر‘، ذڪر جي ’بٿي‘ ٻڌي، علم جي ’ڪمان‘، حلم جي ’سيڱ‘ هٿ ۾ وٺِي، توڪل جي ”رستي“ ۾ تحمل جي ’وک‘ کڻي، اطاعت جي ’پير‘ ۾ قناعت جو ’موزو‘ وجهي، رضا جي ’گهوڙي‘ تي روزيءَ جي ’زين‘ رکي، ماٺ جي وات ۾ تقويٰ جو ’لگام‘ ڏيئي، عجز جي ’چابڪ‘ سان ڪاهي، ’سرڪار‘ خَالِق اللّيلِ وَالنهارِ جي ’درٻار‘ ۾ ’نوڪر‘ اڀي، سچائيءَ جي ’منهن‘ تي عبادت جو ’داغ‘ ۽ ’نشان‘ ڏيئي، پاڻ کي يقين جي ’دفتر‘ ۾ لکائيندو، سوڀلي اميد رکي ته فضل جي ’ڪارخاني‘، رحمت جي ’خزاني‘ مان، ارادت جي ’پورهئي‘ موجب مرادن جو پگهار حاصل ڪندو!

 

شوقيو، پوک ۽ کري جي تلازمي ۾

خوبيءَ جي ’پرڳڻي‘ جي رئيس، محبوبيءَ جي ’ديهه‘ جي سردار جي خدمت ۾، بيقراريءَ جي گهٽيءَ ويهندڙ، خاڪساريءَ جي ڪنڊ ڌُئندڙ پاران عرض ته حضور جي غمزي جي ’دفتر سنڀاليندڙ‘ ۽ گهنڊ ۽ گهور جي ’ڪم هلائيندڙن‘، هن ’فقير‘ کي، محبت جي ’کري‘ مان لياقت جي ’داڻن‘ ’پِني اچڻ‘ لاءِ، ’حسن آباد‘ ۾ موڪليو، اڃا ويجهو آيس، تان ’رئيس‘ حيرانيءَ ۽ پريشانيءَ جي ’سپاهه‘ سوڌو اچي همراهه ٿيو، وفاپور ۾ ’منزل‘ وڌيسون، اتي معلوم ٿيو ته مٿئين ’ڪامورن‘ ۽ ’ڪارائن‘، سڪايلن جي اميد جي پوک پوکيل کي لاغرضيءَ جي ’ڏانٽي‘ سان ’لڻي‘، بيپرواهيءَ جي ’ڳاهه‘ سان ڳاهي، ’غرور‘ جي ’واءُ‘ سان منجهانئس شفقت جي ’ٻوهِي‘ وائري ڪڍي، شوق جي ’سج‘ تي سڪائي، اهو اداس ۽ اخلاص وارو ’آبّ‘، سونهن جي ’شاهڪار‘ هٿان وڪڻي ڇڏيو، ۽ ’ناڻو‘ ناز جي ’خزانچيءَ‘ کي سپاريائون، تنهن، بي انصافيءَ جي ’گَهر‘ ۾ آڻي رکيو!

هينئر ’ٻانهي‘ کي ’ڪوٽار‘ (شوخيءَ) هٿان ڪجهه ’تنخواهه‘ به ملي ٿي: ڪڏهين يگانگيءَ جو ’نقد‘ آڻي ٿو، ڪڏهين بيوفائيءَ جي ’جنس‘ ڏيکاري ٿو، جنهن کي آشنائيءَ جي ’بازار‘ ۾ هڪڙي ’جَو‘ جيترو به نٿا سڃاڻن! تنهن ۾، جيڪڏهن هن فراق جي ’فاقن‘ ڪاٽيندڙ، وصال جي ’آب‘ ڌاران اڃ مرندڙ لاءِ، ’گذرجي وجہ‘ ڪاڻ، ڪاريءَ اک جي گوشي نگاهه مان حڪم ٿئي، ته ڪهڙو نه چڱو- جو بلڪل بي خرچ ۽ نهايت ’بي روزگار‘ آهيان! واڌو نياز.

 

شوقيو، ٻيڙي ڀڃڻ جي تلازمي ۾

انهيءَ وقت کان، جو ڪَنَ ان محبوب بيمثال جي حسن ۽ جمال باڪمال جا آشنا ٿيا آهن، بي اختيار، محبت جي ’درياءَ‘ اهڙو ’جوش‘ ڪيو، جو عقل جي ’ٻيڙي‘ بيقراريءَ جي ’مخالف طوفان‘ پوڻ سببان حيرت جي ’ڪُن‘ ۾ اچي پيئي، ۽ پريشانيءَ جي ’واڳوئن‘ ’ڦرها ڦرها‘ ڪري پڌي، صبر جو ’سڙهه‘ ليڙون ليڙون ٿيو ۽ شڪيبائيءَ جو ’لنگر‘ به ٽٽي پيو، ۽ پنجن حواسن جا ’رسا‘ ۽ ’واجهه‘ دماغ جي ’کوهي‘ مان ڇڄي ڪِري پيا، تنهنڪري آرام جا ’ونجهه‘ به ڪنهن ’گهُمري‘ ۾ گمنام ٿي ويا! ناخدا- عشق جي مشورت سان، بيخودي جي ’لهرين‘ ۾ ’لڏڻ‘ ۽ مستيءَ جي ’ڇولين‘ ۾ ’ڇلڻ‘ آهي، تنهنڪري هٿ پير ساڻا ۽ حيلا وسيلا گم، خوف ۽ اميد جي ’تختي‘ تي ٽُلڻ آهي! هاڻي، جي وصال جي دلاسي جو ’تُرهو‘ ملندو ۽ دوستن جي يادگيريءَ واري اتر- هير ايندي، ته البت سلامت جي ’ڪَٺار‘ تي رسن جو آسرو رکجي ٿو، ۽ جي ملامت جون ’ٽٻيون‘ ۽ بي مهريءَ جا ’غوطا‘ کائبا، ته نامراديءَ جي ’ڪُن عميق‘ ۾ ٻڏڻ مرڻ ڏسجي ٿو!

 

شوقيو، عمارت ۽ اڏاوت جي تلازمي ۾

”دوستيءَ جي ڪئي ’بِنا‘ معمور تو،

تنهنجي حب جي ’قصر‘ ۾ ڪونهي قصور.

ڏس ڏسڻ ٿوري ۽ سڪ تنهنجيءَ سبب،

صبرَ- ’گهَر‘ منهنجي ۾ جو پئڙو فتور.“

اگرچ، صبر ۽ آرام جي ’اڏاوت‘ ۽ سگهه ۽ طاقت جي ’عمارت‘ جي ’بنا‘ ۾، جدائيءَ ۽ وڇوڙي جي ڏينهن گذرڻ ۽ وصال ۽ ميلاپ جي ’مرمت‘ نه سرڻ کان پورو خلل پئِي، ڪجهه منجهانئس ’ڊهي‘ به ويو آهي، پر الحمدالله، جو دوستيءَ ۽ محبت جي ’گهر‘ جي ’پاڙ‘ ’پائدار‘ ۽ سچائيءَ ۽ مودت جي ’حويليءَ‘ جو ’بنياد‘ ’محڪم‘ ۽ ’استوار‘ آهي:

”جاءِ جوڙي جيءَ ۾ جاني تنهنجي حب،

هِيئن هِنئين کان ڪيم ٿي پِريَم پري.

دل جي ’منزل‘ تو سوا ’ويران‘ آهي،

جي اچين تان تنهن کي ’آبادي سري!‘“

اميد ته احسانن بي پايانن سان وصال جي ’منزل‘ ۾ اچي ’مسڪن‘ فرمائيندا، ۽ زور موچاري دستور سان ويجهڙائيءَ جي ’سراءِ‘ ۾ ويهي وفا ۽ صفا جي ’شمع‘ روشن فرمائيندا: شال هميشہ محبت ۽ صحبت جي ’ماڙي ڊاهڻ‘ ۽ ’ويران رهڻ‘ کان پناهه ۾ هجي! آمين.

 

شوقيو، بازدار ڏي، پکين جي تلازمي ۾

”فراق- ’باز‘ جي ’چنبن‘ اچي ’اسير‘ ڪيو. طلب ۾ خال جي ’داڻي‘ جي هو ’پکي‘ دل جو‘“

دل جو ’ڪبوتر‘، محبت جي ’آکيري‘ جو نپنل فراق ۽ انتظاريءَ جي عذاب- ’شاهين‘ جي ’چنبي‘، ۽ وڇوڙي ۽ بيقراريءَ جي شديد العِقاب ’عقاب‘ جي ’چنگال‘ ۾ اهڙو هلڪو قيدي ۽ ٿورو گرفتار نه آهي، جنهن کي بدن جي ”پنڃري“ مان روح جي ’مرغ‘ اڏامڻ جي وقت تائين، انهيءَ گرفتاريءَ مان خلاصيءَ رستگاريءَ جي ڪا اميد هجي:

”منجهه ’ڪمند‘ انتظار ائين ڦاٿس،

جاسين ’صياد‘ ايندو، ويندم ساهه‘“

انهيءَ سببان بيان جي ’طوطيءَ‘، ان جي تِبيان ۾ ’ڳيري‘ وانگر عجز ۽ قصور جو ’ڳانو‘ ساهه جي ڳچيءَ ۾ پاتو، ۽ زبان جي ’بلبل‘ انهيءَ مقال ۾ بلڪل ماٺ جهڙو ڪو حيلو نه سڃاتو. هاڻي، هيڪلائيءَ جي ’آکيري‘ ۾ شوق جي ’پاريل‘ سان- جو آشنائيءَ جو خط آڻيندڙ آهي- هجران جي حڪايت ۽ جدائيءَ جي شڪايت جي گفتگو ۾ گذاريان ٿو. اميد ته وصال جو فرخنده فال ’پکي‘، يعني اتصال جو همايون بال ’هما‘ جلد زور، هن ’عقاب‘ جي چوٽيءَ تي ويهي ۽ انفصال جو پاڇو پکيڙيندڙ ٿئي!

زياده ڇا لکي، ڇا چوي: شال هميشہ سعادت ’شهباز‘ اعزاز جي اوج تي ’پرواز‘ ۾ هجي! فقط، والسلام.

 

شوقيو، گرمي ۽ اونهاري جي تلازمي ۾

”هجر جي واديءَ ۾ آيس ۽ ويم ’وگهري‘ وجود واءِ! ’ڪوسي واءَ‘ واري آهه هيءَ منزل خراب!“

فراق جي بيابان جِي ساهه کي ساڙيندڙ ’لُڪَ‘ ۽ اشتياق جي واديءَ جو جسم کي وگهاريندڙ ’جهولو‘ ايتريقدر آهي، جو جيڪڏهن فڪر جو اڏامندڙ، سندس هوا مان لنگهي، ته پرواني وانگر پکڙانڊيون ۽ پک ”سڙي وڃنس“؛ ۽ جيڪڏهن وهم جو پکي مٿانئس پرواز ڪري، ته کوري ۾ پيل مڇيءَ وانگر ’کامي‘، بُج به نه بچنس.

هميشہ هجر جي ’کام‘ کان، هڏن جي مِڃُ، شمع جي وٽ وانگر سوز ۽ گداز ۾ اٿم ۽ پرانهينءَ جي ’باهه‘ کان، سيني جو ’ڪل‘، آتشين- آه سان همدم ۽ همساز! هاءِ افسوس:

”اَنهه ’مچ‘ کان جو سڪ تنهنجي مچايو،

نه آهي منهنجو چارو ڪو ’سڙڻ‘ تي!“

آسرو اٿم ته وصال جي چهري تان وڇوڙي جا حجاب ٽرندا، ۽ جدائيءَ ۽ فراق جي ’باهه‘ ڀريلن هنجن جا ’نار‘ ٺرندا، ۽ لطف جا ’ڪڪر‘ ورندا؛ ۽ شوق جي واديءَ جي سريلن کي ان جا پاڇويا سرندا! فقط.

 

شوقيو، سانوڻ ۽ وسڪاري جي تلازمي ۾

”’مينهن وسندي‘ مون ٿئي ’پاڻي وسائڻ‘ کان حيا، مون کي تنهنڪري رت وهائڻ اڄ اکين مان ٿيو ضرور- سڄ ’ڪڪر‘ جو سيگهه سان عالم اتي ٿيندو عيان، منهنجي سڄ کي مَيّل ناهي تان ڪري ڪنهن دم ظهور.

انهيءَ وقت کان، جو فراق جو ’سحاب‘ ان آفتاب عالمتاب جي منهن مبارڪ جو حجاب ٿيو، هن ساعت سينئن، اکين جي ’ڪڪر‘ مان ڏک جي ’مينهن‘ وسندڙ ۽ رت ’نئن‘ آنڙين جي ’چشمي‘ مان اٿلندڙ آهي:

’سهڻي صورت تنهنجي غائب ٿي جڏهانڪر کان نظر، هيڪدم هرگز هنجن کان آهه اک آرام تا نه.

اي عجب، هنج اک جو وڇڙڻ کان اڳي ۽ پوءِ اِي:

ڄڻ سوا هنج اک هئي ٿي، هاڻ هنج، اک آهه ڪانه.“

نه دل کي ايترو صبر، جا وڇوڙي ۾ اکين جي ’سيلاب‘ جي نگاهه رکي، نه پيرن کي ايتري قوت، جو اندوهه جي ’گپ‘ مان نڪري مطلوب جي پاسي وک کڻي:

”بخت اُو ڪٿ، جو تون گل جئن منهن مٿان کولين نقاب،

اڀ ڪرم جي تي اچِي، سج جئن پسائين عام نور!“

شال مرحمت ۽ احسان جو ’مينهن‘ مخلصن جي اميدن جي ’پوکن‘ تي هميشہ وسندر هجي!

 

خط شوقيو، سرديءَ ۽ سياري جي تلازمي ۾

”اَن ريِ ٿيم خزان سندو عمر نوبهار،

هردم اوهان کان پوءِ کڻان ٿو پساهه سرد!“

جدائيءَ جي ”زمهرير“[11] جي ڏاڍيءَ ’ٿڌائيءَ‘ کان، عُنصري[12] ’آتش‘ بدن مان اجهامي ويئي، ۽ نا اميديءَ جي ’صر صر‘[13] جي ٿڌن پساهن کان طبعي ’گرمي‘ وسامي ويئي:

”جُثي مان سمورو ويو رت سُڪي،

بدن ۾ رهيو روح ڪومائجي!“

نه افسردگيءَ سببان آتشين- آه کي سيني کان ظاهر ٿيڻ جي مجال ۽ طاقت، ۽ نه بيجان رهجڻ ڪري رت گڏيل هنج کي منهن تان لنگهڻ جي سَگهه ۽ قوت: خوشيءَ جا ’پن ڇڻي پيا‘، ۽ اميدن جا وڻ مقصودن جي لباسن کان خالي رهجي ويا! واڌو ڇا لکان ۽ ڪهڙو عرض رکان؟ شال مرادن جا هٿ ۽ ٻانهون عروس آرزو جي ڪنڌ ۾ هجن ۽ اها هم- بغل، ۽ عيش ۽ فراغت جي ڏهليءَ ۾ ماڳ منزل هجي!

 

خط شوقيو، خزان جي تلازمي ۾

”سي ’خزان‘ ٿيم سرس سور سيني جو،

ته هاءِ! حال منهنجي جي، هيءَ به اَهل ڪري!

ڪِهو ’خزان‘ کي غم، جنهن جي پٺ ’بهار‘ اچي،

خبر نه آهه، سري مون ’بهار‘، يا نه سري!“

اگرچ هن ’خزان‘ ۽ ’بهار‘ جي ’موسم‘ ۾ باغن جي قسما قسم ورقن جو ملاحظو ۽ رنگا رنگي صفحن جو مطالعو، ڏکويلن خاطرن جي خوشيءَ ۽ غمگين دلين ج سرهائيءَ جو سبب آهي، پر فراق ڏٺل اک کي، ان جي ڏسڻ کان خزاني رخسار تي هنج ارغواني هارڻ ڌاران ٻيو ڪِي نٿو اڄجهي، ۽ وڇوڙي ماريل دل، زعفرانيءَ منهن تي، اکين جي رت وسائڻ سواءِ ٻئي ڪنهن پرِ ۾ ريجهي نٿي رهي:

”ٿيو ’خزان‘ واءِ رت روئڻ سببان،

منهنجو منهن آهه ’لاله زار‘ اڃا.

پڻ وڇوڙي جي وِره کان ساڳي،

دل ڦٽيل ۾ ’خار خار‘ اڃا.“

جڏهين سڀڪنهن ’خزان‘ پٺيان ’بهار‘ آهي ۽ سڀڪنهن ڏک پٺيان سک، تڏهين اميد ته وصل جي ’بهار‘ جي ’نسيم‘ لڳندي، ۽ خزان- فراق جي ’ڪومائجڻ‘ مان مٽجي ’کِڙڻ‘ ۽ ’ٽڙڻ‘ ۽ ’تازگيءَ‘ جي ’مُند‘ منهن ڪڍندي!

”هجي مجلس خوشيءَ جي تنهنجو مسڪن،

هجي عشرت جي تو وٽ شمع روشن!

’چمن‘ ۾ حسن جي تنهنجو سنئون قد،

سدائين سرو جيئن آفت کان اَيمن!

 

شوقيو، بهار جي تلازمي ۾

”’بهار‘ عالمَ منهنجي اکين ڏسڻ ٿيو بار،

’خزان‘ عمر ٿي منهنجو ڇا ڪندوم بهار!“

جيتوڻيڪ، سلطان- بهار جي عدالت جي اثرن سان، اميدن جي ”مکڙين کلڻ“ ۽ ”مرادن“ جي ”گلن کڙڻ“ سبب سارو عالم ”باغ“ آهي، پر ان کي ڪهڙو سود، جنهن جي رت ڀريل دل ۾ وڇوڙي جي ’ڪنڊن‘ چڀڻ جو سور، ۽ ڦٽيل جگر ۾ ’لالا‘ وانگر داؤديءَ جي دردن جو ’داغ‘ تي ’داغ‘ آهي:

”’گل کليا‘، ’مُکڙيون ٽڙيون‘، ’بستان‘ سڀ سينگاريو، ’مُکڙي‘ ڪومائل ٽڙي جا ڪين، سا هئي منهنجي دل!“

نڪو اک ڏک ڏٺل کي ’گلن‘ ۽ ’ٻوٽن‘ ڏي نهارڻ جو نُور آهي، نڪو دل اندوهه منزل کي ’گلزار‘ جي تماشي مان سُرور آهي:

”جنهن جي دل ۾ لڳو ’ڪنڊو‘ هڏ ڪونه،

سير ’باغن‘ سندا ڪري سو ڇو نه؟

مون کي بس يار جي ڳلي ٿي ڀلِي،

دل ڦٽيل ’باغ‘ ڏي سگهان نه هلي!“

آس اٿم ته اک اميدوار، جا ’نرگس‘ وانگر اڇي ٿيل آهي، جمال جي مشاهدي مان روشني حاصل ڪندي، شال هميشہ اوهان جي مراد جا ’باغ‘ ’تازا‘ ۽ ’بهاريل‘ هجن!

 

شوقيو، بهاري

اگرچ، ’بهار‘ جي پير پائڻ سان، دل ڪشادي ڪندڙ جهان جو ميدان، قسمين قسمين ’گلن‘ موچارن ۽ طرحين طرحين ’سبزن‘ وزن وارن کان باغ- ارم جو ثاني آهي، پر جنهن جي دل رت ڀريل تي ’لالا‘ وانگر فراق جو ’داغ‘ لڳل هوندو، تنهن کي ان جو ديدار ڪهڙو ’حظ‘ ۽ ’راحت‘ رسائيندو!

”’گل- رخ‘ کان جو جدا، سو ڪندو ڇا ’بهار‘ کي؟ دل ۾ اٿس سي ’داغ‘، نه جي ’لاله زار‘ کي!“

اميد ته دوستن جي اميدن جو ’باغ‘، جو وڇوڙي جي ’گرم هوائن‘ ۽ فراق جي ’ڪوسين لُڪن‘ لڳڻ ڪري سڪل ۽ ڪومايل آهي، وصال جي ’نسيم‘، ’عنبرشميم‘ سان ’سرسبز‘ ۽ ’تازو‘ ٿيندو- شال اقبال جو ’نهال‘ سدا پاڇو پکيڙيندڙ هجي!


[1] . هنن خطن ۾ صورتخطيءَ جو فرق گهڻن هنڌن تي قائم رهندو، ۽ ڪن ڪن هنڌن، صنعت جي لحاظ سبب، عبارت جو رنگ اهڙو ٿيڻو آهي، جو فڪر ڪرڻ کان پوءِ مطلب دل ۾ رهندو. سنڌي زبان ۾ ته هيءُ پهريون نقش نڪتو آهي، پر عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ به صنعت واريون عباتون سڀڪو سمجهي نٿو سگهي.

[2] . سلام عربي لفظ آهي، پر ضرورت جي سبب آندو ويو آهي؛ ڇا لاءِ، جو اها اسلامي رسم نه آهي جي سلام نه لکجي- جيئن اول ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي.

[3] . هيءَ صنعت عربيءَ ۽ فارسي ۾ به وڏي مشڪل آهي، سا سنڌيءَ ۾ ته تمام اهکي ٿيندي؛ هڪ اڌ- فقرو به گهڻي ڳولاسين هٿ ايندو ۽ اهڙين صنعتن ۾ معنيٰ به گهڻيءَ تڪليف سان پروڙبي آهي.

[4]. ”تحيتن“ ۾ ’ح‘ بي نقط لاچار کان آهي، ته اسلام جي رسم سلام جي سنت بجاءِ اچي.

[5]. ”ڻ“ جو حرف ”ن“ جو تابع، نقطي وارو آهي، ۽ (عه) جو حرف ”ي“ سان برابر آهي- تنهن کي بي نطق ڪو مَ سمجهي.

[6] . جمع ’حاجي‘ جو.

[7] . يعني پسڻ جي تمنا هنئين کي خود حِرت ڪري وڌو؛ ڀلا ديد جو شوق اڄ اڳوڻو ڪٿي آهي، جنهن ۾ صبر جهلي ويهجي!

[8]. يعني ’عظيم جي عطا عظميٰ‘.

[9] . هن ۾ ”س“ ۽ ”رول“ عذر سبب گڏيل آهن، جو اڳي ذڪر ڪيو ويو آهي.

[10] . ”وَس“ معنيٰ وسڪارو  يا برسات.

[11] . سياري جي سختي.

[12] . اصلي چئن عناصرن واري.

[13] . سخت واءُ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org