سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: محڪريءَ جا مضمون

باب :1

صفحو :10

هن سمنڊ ۾ جيترا به گهڻا پست پيل، اڳتي نه وڌندڙ ۽ وڌي نه سگهندڙ ملڪ ۽ رياستون آهن، اُهي اوتريون ئي گهڻيون ڪاغذ جون ٻيڙيون آهن، جن تي پَنيءَ جا ناخدا، خود ساخته خدا بنيا، چڙهيا ويٺا آهن.

مها- مهاڀاري طاقتن لاءِ هي پَـنيءَ جا خدا بيحد طاقتور للي پٽ(Lilliput)   ۽ ٽام ٿمب(Tom Thumb) آهن_ زورآور ڄامڙا ۽ اڱوٺي جي ننهن جهڙا ضدي ٽنڊڻ_ جن کي پرڀائي ۽ ريجهائي رکڻو آهي....... اوستائين جيستائين هي مهاڀاري طاقتون ميدان ۾ هڪٻئي کي ڇنڊي ڇاڻي ڌڪي ٿيلهي، پنهنجا پنهنجا هنڌ ٺاهي بيهن ۽ مورچا مضبوط ڪري وٺن.

اُن وچ ۾ ڪاغذ جي ٻيڙين جي ناخدائي ڪندڙ هنن پَـنيءَ جي خدائن کي پڪ آهي ته هيءَ دنيا جيڪا موجود آهي، سا آهي، ئي انهيءَ ڪري، جو هو موجود آهن!

نه فقط هيءَ دنيا، پر اڳتي واري ٻي دنيا به!

اِن وچ ۾ لُٽ مار ۽ ڦُر جاري آهي، جاري آهي، جاري آهي، ڪاغذ جون ٻيڙيون لُـٽ مار جي مال سان پُر آهن.

۽ ڇو نه هجن؟

واءُ سڻائو آهي. ڪڏهن اهڙو نه هو.......

زندگي ۽ جنم قيد

 

ڇا، زندگي ”جنم قيد“ آهي؟ بس؟

ڇا، زندگيءَ جي مراد ٻي ڪابه نه، فقط ”جنم قيد“ آهي؟ بس؟

برابر، حياتيات جي اعليٰ علم  ته ثابت  به ڪيو آهي_ رڳو ٻڌايو نه_ ته زندگي ”جنم قيد“ آهي: پر اُهو به ته فقط جيتن جناورن لاءِ!

اُهي ته ٺهيل ئي ائين آهن، جو، خالص، پنهنجي ڪَــل_ پرزائين نموني، جيئن اُهي آهن اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه ٿي ئي نٿا سگهن.

ماکيءَ جي مکين يا ماڪوڙين جو سماجي نظام سو واقعي حيرت ۾ وجهندڙ آهي، پر اُن ۾ به فرد کي ڪا آزادي ڪانهي.

مثال طور، ماکيءَ جي مکين ۾، نر مکَـن کي زندگيءَ ۾ رڳو هڪ ڀيرو ۽ هڪ ئي ڪم ڪرڻو پوي ٿو_ راڻيءَ مک سان لڳ ڪرڻ جو، بس.

هڪ ڀيرو اُنهن لڳ ڪيو، اُنهن جو ڪم پورو ٿيو_ محافظ مکيون بيٺيون هونديون ۽ انهيءَ ئي گهڙيءَ اُنهن کي ڏنگ هڻي ماري ڇڏينديون ۽ اڇلائي ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏينديون: نه سندن بيوهه راڻي ڪو هُنن لاءِ ڳوڙها ڳاڙي، نه اُن جون ڪنيزون ئي هُنن لاءِ ڪو پٿر وجهن، ۽ نه هُنن جي جنازي جي ئي ڪا ريت رسم ٿئي ۽ نه هنن جي موت جي ڪٿي ڪا خبر ئي هُـلي يا ڇپجي.

هنن جي لاشن جا ڍير سندن سکئي ستابي، آباد ماناري جي ٻاهران پيل ڏسي، ڪير ائين مڃيندو ته رڳو ڪجهه گهڙيون اڳي، سهاڳڻ راڻيءَ جي سيج  جي آڏو اُهي قطارون ڪيو بيٺا هئا، فقط اِنهيءَ لاءِ ته پنهنجي حياتياتي جبلت جي دٻاءُ هيٺ پنهنجو پنهنجو وارو وٺي، ڏنگبا وڃن ۽ مرندا وڃن.

۽ جيتن جي زندگي واقعي اِها ئي آهي_ ڪٺور، وحشي، اڻٽر جبلتن جي محض هڪ بِـدڙي_بس.

ڏاڪڻ جي ٻئي ڇيڙي تي بيٺل انسان، جديد من وديا جا اڪثر ماهر چون ٿا، ته ٻيءَ سڄيءَ حيواني خلقت کان نيارو آهي_ اِنهيءَ هڪ ڳالهه ۾ ته هو هر قسم جي جبلتي دٻاءَ يا جبر کان آزاد آهي.

۽ هيءَ ”آزادي“، جيڪا جيتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ممڪن آهي، سا انسان ۾ وڌ ۾ وڌ ممڪن آهي.

۽ فقط اِنهيءَ آزاديءَ جي امڪان ۽ عدم امڪان جي ڪري ئي انسان انسان آهي ۽ جيت جيت آهن.

۽ اُنهن ٻن نقطن جي وچ ۾ سڀ ٻيا حيوان بيٺل آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي مخصوص حياتياتي ڪل- پرزائين گهڙت مطابق، پنهنجي پنهنجي ممڪن آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندا رهن ٿا.

آزادي، وڌ ۾ وڌ آزادي، اِنهيءَ ڪري، خود بنيادي حياتياتي تقاضائن جي عين مطابق، انسان جي انسانيت جو مخصوص نشان آهي.

پر، افسوس، جيئن عظيم فيلسوف روسو، عجب ۾ ڀرجي، دانهيندي، چوي ٿو: ”انسان آزاد ڄمي ٿو، ۽ هر هنڌ هو زنجيرن ۾ ٻڌيو پيو آهي!“

انسانن جا هي زنجير، بهرحال، انسانن جي پنهنجن هٿن جا ٺهيل آهن.

جيترا زنجير گهڻا ۽ جيترا اهي ڳرا، اوتري ئي گهٽ انسان جي خوشي ۽ اوترو ئي مختصر ۽ هلڪو هُن جي زندگيءَ جو ڳڻ.

۽ هي ته صاف ڏسي ٿو سگهجي_ جيترا وڌيڪ ٻنڌڻ، قالب ۽ قواعد، جيتري وڌيڪ روڪ ۽ پرهيز، اوتري ئي وڌيڪ انسانيت خوار ۽ شرمسار.

اِنهي ڪري انسان، آزاديءَ جي تلاش ۾، خود زندگيءَ کي داءَ  تي لڳائين ٿا.

زنجير اندريان به ٿين ٿا ۽ ٻاهريان به.

پر سڀ کان وڌيڪ دشٽ ۽ شيطاني زنجير اندريان هوندا آهن.

جنم جي گهڙيءَ کان ئي، اڀاڳو انسان عقيدن ۽ مڃتائن، ڌرمن ۽ مذهبن جي ٻنڌڻن ۽ سرشتن ۾ ايترو وٺجي ۽ قابو ٿي ٿو وڃي، جيئن ڪو جيت ڪنهن ڪوريئڙي جي ڄار ۾، جتي مَـڇڏوُ ڪوريئڙو اُن کي ايڏي بيترسيءَ ۽ ڪٺورتا سان چوکنڀو جڪڙي ٿو ڇڏي، جو ويچاري جيتامڙي لاءِ سماجي رسمن رواجن ۽ قاعدن قانونن جي اُن ڄار منجهان آزاد ٿيڻ ڄڻ ناممڪن ٿيو پوي_ ۽ پوءِ اُن مهاڄار مان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ هٿ پير هڻندي هڻندي، هو پاڻ ئي ڪوريئڙو بنجيو وڃي ۽ ٻين ڪوريئڙن سان شامل ٿي پاڻ جهڙين ئي ٻين مسڪين ۽ ويسلين مکين جي شڪار ۾ جُنبيو وڃي.

”هليا اچو، بي ڌڙڪ منهنجي خوابگاه ۾ اندر هليا اچو!“ اِهو هوندو آهي سڏ هر ڪوريئڙي جو _ ۽ هُن جي ڪوڙڪي جا دروازا سدائين چمڪدار ۽ پرڪشش هوندا آهن.

ويچاري، وائڙي مک، ڪوريئڙي جي خيال کان سڄي جي سڄي ۽ صحيح سلامت، هيڪر اندر ٿي نه آهي، ته اُن جي ميڄالي جي مک چک ۽ مرامت شروع_ هِتان جو ڊپ، هُتان جو خوف، هڪ انجيڪشن مٿي ۾ هڪ پاسي ته ٻي پچڪاري مٿي جي ٻئي پاسي_ ڏسندي ڏسندي، گهڙيءَ ۾ غريب مک، مک مان ڦري، بنهه ڦرموٽي بنجيو وڃي!

لکن ۾ فقط ڪا هڪ مک، جنهن وٽ ڪنهن شينهن جي دل هوندي، سا ڪوريئڙي جي هن کيڏ کي رڳو سمجهي به سگهندي، ۽ دل ۾ اُنهن لاءِ حقارت  رکندي، اُنهن وانگر پنهنجو ئي ڪو نئون ڪوڙڪو ٺاهي نه ويهندي، ۽ اُن ۾ ٻين ڪن غريب، ويساه وسوڙل مکين کي، ”بهشت دلاسو دوزخ دڙڪو“ مثل نفساني انعامن جون لالچون ۽ وحشي سزائن جا ڊپ ڏيئي، پاڻ وٽ ڦاسائي، مزي سان ويهي، اُنهن جو شڪار نه ڪندي.

ڪوريئڙن جا هي ٽولا جيتوڻيڪ هڪ ٻئي کي، هڪ هڪ ٿي ۽ جٿا ڪري به، ڌڪارين ٿا، پر آڏو جڏهن مکين جي آزاديءَ جو سوال ايندو اٿن، تڏهن سڀ ڪوريئڙا، پنهنجا ويڇا وساري، آزاد مکين جي جهلڻ لاءِ پنهنجي گڏيل مُـهاڙي ٺاهي بيهندا آهن.

هن ڌرتيءَ تي هو ٻيو سڀڪجهه سهي ويندا، پر مکين جي آزادي هنن کان سَٺي ڪانه ٿيندي.

پر دنيا ۾ روسو ۽ والٽيئر، ٿامس پين ۽ رابرٽ اِنگرسال جهڙين شينهن جي دل رکندڙ عقلمند ۽ آزاد ’مکين‘ جو اِهو احسان آهي، جو ڪم از ڪم ڪن مکين کي ڪوڙڪي جي اُنهن ڳُڙکن جي خبر آهي، جتان اندر ته وڃي سگهبو آهي پر ٻاهر اچي ڪو نه سگهبو آهي ۽ جيڪي اُنهيءَ هوش مان ڪڍندڙ، بيهوشيءَ جي ڳاڙي کان به واقف آهن، جيڪو عام مکين ۾ مفت ورهايو ويندو آهي_ خاص طرح تڏهن جڏهن اُهي ننڍيءَ، ڪچيءَ، اثرپذير وهيءَ ۾ هونديون آهن.

۽ اُهي ئي ڪي سجاڳ ۽ بي خوف چند ’مکيون‘ هونديون آهن، جيڪي ڪوڙڪي جي در کان اندر ٿي سڄي زندگي قيد ۾ رهڻ بدران، اُن جي ٻاهران ئي مارجي وڃڻ پسند ڪنديون آهن.

اُنهن لاءِ زندگي فقط زندگي تڏهن هوندي آهي، جو اها ”جنم قيد“ نه هجي. اُهي ئي ڌرتيءَ جو نمڪ هوندا آهن. ن _م- راشد اُنهن مان هڪ هو_ ڪوريئڙن جي نظر ۾ هڪ مک، پر اُنهن جي ڄار کان هڪ سدا سجاڳ، بهادر، آزاد انسان.

پرل هاربر _ فقط هڪ نه پر گهڻا

آمريڪا جي مشهور تاريخدان، جان ٽولنڊ، جو تازو هڪڙو ڪتاب ”بدنامي_ پرل هاربر جي، ۽ اُن جا نتيجا“ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي، جنهن تي لائق مصنف کي آمريڪا جو هڪ اعليٰ علمي اعزاز يعني ”پولزر انعام“، به مليو آهي.

اُن ڪتاب ۾ هُن چيو آهي ته اهڙيون شهادتون ملن ٿيون، جن مان ثابت آهي ته آمريڪي سرڪار کي ”پرل هاربر تي 7 ڊسمبر 1941ع واري جپاني حملي جا هڪ نه، ٻه نه، پر ويهارو کن چتاءَ اڳواٽ ملي چڪا هئا..... حقيقت ۾ خود آمريڪي بحري ٻيڙي کي پورا چار ڏينهن پهرين جپاني حمله آور ٻيڙي جي چڙهائيءَ ۽ اُن جي رخ ۽ رفتار جي خبر هئي!“

پر ”آمريڪي عوام کي ٻڌايو سو ائين ويو ته پرل هاربر تي جپانين جي بمباري_ جنهن کان پوءِ آمريڪي ٻيءَ مهاڀاري جنگ ۾ شامل ٿيا هئا_ سا سندن هڪ کُنڊي ۽ گيدي دشمن جي اوچتي چڙهائي هئي. بهرحال آمريڪي حڪومت کي اڳواٽ ئي اُن حملي جي ڄاڻ هئي. ۽ اُن حملي کي پري ئي روڪڻ لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويو، پر اُن کي ڍر ڏني ويئي ته ڀل اُهو ٿئي_ رڳو انهيءَ لاءِ ته جنگ ۾ شامل ٿيڻ متعلق آمريڪا جي ماڻهن جي مخالف عام راءِ کي بدلائي پنهنجي پاسي ڪيو وڃي“

ڇا به هجي، پر سچ پچ ته، جيتري قدر عالمي تاريخ جو تعلق آهي، اها هڪ وڏي ۽ سنگين تهمت آهي، جنهن کان آمريڪي سرڪار آساني سان پاڻ کي آجو نٿي ڪري سگهي.

هتي، اِن مان، اسان کي اِهو ئي سوچڻو پوي ٿو ته آمريڪي حڪومت حقيقتن ۽ انهن جي نتيجن کان باخبر هوندي به، آمريڪي عوام کي بلڪل ئي ٻيون حقيقتون ٻڌائيندي رهي، رڳو انهيءَ لاءِ ته ”سندس پنهنجي دل ۾ جيڪو ارادو آهي ان جي فائدي ۾ هوءَ آمريڪي عوام جي راءِ کي تڪڙو تڪڙو بدلائي ۽ موڙي، پنهنجي پاسي ڪري سگهي!“ ۽ ائين آمريڪا جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ وقت بوقت جيڪي  اسان کي بي جوڙ ۽ اڻ سهائيندڙ ڳالهيون نظر اينديون رهن ٿيون، اُهي اِنهي طرح ئي اسين سمجهي سگهون ٿا ۽ سمجهائي ٿا سگهون.

مثلۡا، آمريڪا دنيا جي هڪ حصي ۾ ظلم ۽ حق تلفيءَ جي موجود هجڻ تي نهايت زوردار آواز اٿاري، ويندي اُن جي خلاف سخت عملي اقدام کڻڻ جا دڙڪا به ڏئي سگهي ٿي، ۽ ٻئي ڪنهن حصي ۾ ساڳئي بلڪه اُن کان وڌيڪ سخت ظلم ۽ حق تلفيءَ جي موجود هجڻ، جمهوريت جي مڪمل برباديءَ، ويندي ڪنهن لاقانوني قانون جي ڪٺور حڪمرانيءَ جي قائم ٿيڻ تي به، اُها ساڳي آمريڪا رنجيت سنگهه واري انڌي اک کڻي، اُن سڀ کي چپ چاپ ڏسي سگهي ٿي، اُن کان انڪار ڪري سگهي ٿي. بلڪ اُن جي بچاءَ ۽ پٺڀرائيءَ ۽ عملي اقدام کڻڻ جا نه رڳو دڙڪا ڏيئي پر اُهي عملي اقدام کڻي به سگهي ٿي_ ۽ اِها اُن جي منافق ۽ نمائشي منهن پڪائي فقط ۽ فقط اُن جي سياسي ديوانگيءَ جو نتيجو ئي سمجهي ۽ شمارجي سگهي ٿي.

ائين سو برابر آهي ته هر هنڌ هر ڪو اِهو ڄاڻي ٿو ته مختلف قومن ۽ ملڪن طرفان جيڪي سياسي آدرشن جون ڳالهيون ۽ دعوائون ڪيون وڃن ٿيون، اُهي سڀ نه ته به اڪثر رڳو سندن ڏيکاءَ ۽ ڍڪوسلا آهن.

جيئن چرچل چيو هو:” دائمي دوست ڪي به نه، دائمي دشمن ڪي به نه . رڳو دائمي مفاد“ بلڪ، ”پنهنجا دائمي مفاد“_ اِهو اصطلاح ائين وڌيڪ حقيقت کي قريب ٿيندو.

ٻي هر ڳالهه، عمر خيام جي لفظن ۾، آهي ته فقط ”سحر آفرين نمائشي دونهون “ آهي.

آمريڪي حڪومت جون هيءَ ”سحر آفرين نمائشي دونهون“ ڏسجي ٿو ته هِن صديءَ جي گذريل قريبي ڏهاڪن  ۾ وري وري پئي واءَ ٿيو آهي، پر ڦڏو ڦڏو آهي، هٺ هٺ آهي. ۽ اِها اُن جي روش سدائين ”هرچه بادا باد“ يعني ”ڏٺو ويندو، جيڪي ٿيو“، جي ڊيڄڙائي بنياد تي بيٺل رهي ٿي.

ڪيترن ئي ”گهٽ ترقي ڪيل“ ملڪن ۾، بلڪ، جديد سياسي ارتقا جي ٻوليءَ ۾، ڪيترن ئي تيز تيز ”پوئتي ترقي ڪندڙ“ ملڪن ۾ ڪن ٿورن اتفاقي پيدا ٿيل پر بي پهچ دانشورن جي دلين ۾ اِهو احساس زور وٺندو پئي ويو آهي  ته آمريڪي حڪومت جو جيڪڏهن پنهنجو ڪو مقصد سڌ ٿيڻ وارو هوندو، ته اها دنيا جي هنن ”قبل از تعليم“ جي دوورن وارن ملڪن ۽ اُنهن جي ماڻهن ۾ پراڻي پٿر جي زماني کي به موٽائي آڻڻ ۽ اُن کي پنهنجي پوريءَ طاقت سان قائم رکڻ ۾ هڪ گهڙيءَ جي هٻڪ به محسوس ڪانه ڪندي.

۽ ائين آمريڪا جي سڄيءَ پروپيگنڊائي دعوا جا وکا پڌرا ٿي پون ٿا ته اُها دنيا ۾ جتي ڪٿي ۽ هر حال ۾ جمهوريت ۽ انفرادي آزادي جي علمبردار آهي.

۽ انهيءَ صورتحال جي روشنيءَ ۾ ئي، جيئن هڪڙي آمريڪي مصنف چيو آهي، دنيا ۾ هر آمريڪيءَ لاءِ “گندي آمريڪيءَ“ جو اعزازي لقب قائم ٿي ويو آهي.

آمريڪا جي هيلتائين ڏنل سڄي امداد سڀ خوراڪ فضول ۽ بيڪار ثابت ٿي آهي_ انهيءَ ڪري نه ته جن کي امداد ملي يا جن خوراڪ کاڌي، سي سڀ جا سڀ فطرتاً احسان فراموش آهن، پر رڳو اِنهيءَ ڪري، جو جيئن جيئن آمريڪا هنن جا بکيا پيٽ پئي ڀريا آهن تيئن تيئن هنن جي ملڪي ۽ قومي خودمختياريءَ ۽ پڻ انفرادي آزاديءَ جي امنگ جي بک هنن جي دلين ۾ وڌندي ۽ تيز کان تيز تر ٿيندي پئي رهي آهي.

ائين ڏسڻ ۾ پيو اچي ڄڻ آمريڪا، تيز تيز سياسي طور ”پوئتي ترقي ڪندڙ“ ملڪن جي ماڻهن جي دلين ۾ آزاديءَ جي گلن پوکجڻ ۽ ٽڙڻ جي ضرورت کان بنهه بيپرواهه ۽ لاتعلق رهڻ پنهنجو فرض پئي سمجهيو آهي.

۽ ٻئي پاسي، آمريڪا جو عالمي رقيب اُن جي بلڪل ابتڙ عمل ڪري رهيو آهي، ۽ اُن سان هو صدين کان ظلم، آپيشاهيءَ ۽ جاگيرداريت ۽ قبائليت جي چڪين ۾ پيسجندڙ ماڻهن جا روح ۽ اُنهن جون دليون کسي پنهنجي پاسي ڪري رهيو آهي.

جتي به اُهو ويو آهي، اُتي موجوده صديءَ ۾ هن اُهو ئي ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو انگلنڊ، هن برصغير ۾، ارڙهينءَ ۽ اوڻيهين صديءَ ۾ ادا ڪيو هو.

هِـن برصغير ۾، هِـتي، ”انگريزن جو پاسو وٺي، هندستاني هندستانين خلاف وڙهيا!“

ڇو؟

ڇاڪاڻ ته انگلنڊ هندستان جي عام ماڻهن کي هندستان جي راجائن، مهاراجائن ۽ نوابن جي ظلم ۽ ڏاڍ، انساني دشمنيءَ، نراجيت ۽ لڳاتار، گهرو لڙاين جي خونريزيءَ، ڦرلٽ ۽ حيواني ڏهڪاءُ جي آزار کان ڇڏايو.

صدين جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هندستاني تاجر پاڻ کي آزاد ڏٺو، ۽ پيڙيندڙ محصولن ۽ انيڪ قسمن جي جاگيرداري ڍلن ۽ ابوابن کان پاڻ آجو محسوس ڪيو، ۽ ائين هر ٻئي ڪوڙي گادي جي دعويدار جي آڏو هن کي جهڪي ڪرنش بجا آڻڻي ڪانه ٿي پيئي_ پوءَ اُهو ڪوڙو گاديءَ جو دعويدار ڪنهن اصلي شاهي نسل جو هو يا ڪو خون پياڪ وحشي نادر وانگر رڳو ڪنهن ”ڏنڊيءَ“ جو يا ”تلوار“ جو پٽ.

انگريزن، برابر، ”قوم“ کي غلام بڻايو هوندو، توڙي جو ”قوم“ جو تصور هتي اسان وٽ اڃا پيدا ئي ڪو نه ٿيو هو؛  پر انگريزن هتان جي فرد کي، هتان جي ”شخص“ کي، ”ماڻهوءَ“ کي ضرور آزاد ڪيو هو.

انگريزن کان آزادي ملڻ کان پوءِ، برصغير ۾ اهڙو ڪو هڪ شخص به ڪونه هو، جنهن راجائن، مهاراجائن، نوابن ۽ سردارن جي مخصوص دور ڏانهن واپس وڃڻ پسند ڪيو هجي، جيتوڻيڪ اُهي سڀ ”مقدس وطني عظمت“ جا آثار شمار ٿيندا ٿي رهيا ۽ اڃان تائين به ڪن حلقن ۾ شمار ٿيندا ٿا رهن.

لڳ ڀڳ ساڳيءَ طرح، آمريڪا جي اُن عالمي رقيب (توڙي جو، شايد، پنهنجي ئي مفاد خاطر) ظلم، آپيشاهي، استبداد، قبائلي اقتدار ۽ مڪاني سردارن  جي محصول معاف موروثي زمينداريت ۽ اُنهن جي آقائيت جي پراڻن قلعن کي ڊاهي، پٽ ڪري، اُنهن مان اڪثر مفت خور، حيوان صفت قبضيدارن کي هڪلي ۽ ڊوڙائي، ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي.

آمريڪا جو هيءُ عالمي رقيب هاڻي موٽي پوئتي به هليو وڃي، پر ماڻهوءَ تي ماڻهو جي مڪاني ظلم ۽ ڏهڪاءُ جو چرخو وري موٽڻو نه آهي، ڇو ته، جيتري قدر عام انسان جو تعلق آهي، سڄو سماجي ۽ اقتصادي سرشتو اُتي بدلجي نئون بڻجي چڪو آهي ۽ بهتر ٿي چڪو آهي.

آمريڪا کي اِن ڳالهه جي پوري خبر آهي. پر، پوءِ به، اُهو ساڳيو اُن جو سياسي ٿرٿلو ۽ ڊيڄڙو اُن کي ڊوڙائي، سهڪائي ۽ اڌ مئو ڪري رهيو آهي، جنهن ان کي ويٽنام ۽ ايران ۾ ساڳيءَ ريت حقيقتن کان اکيون پوري ڀڄڻ ۽ ڀڄي بچڻ تي مجبور ڪيو هو_ ۽ اِها اُن جي انڌي سياسي اُڊڪي ۽ حرص جي ڀاڄ سڄي عالم ۽ آمريڪي پاليسيءَ جي پوريءَ ناڪاميءَ طرف هڪ تازي وک، ۽ هڪ بنهه وڏي وک، ثابت ٿيڻي آهي.

جيتوڻيڪ آمريڪا عام ماڻهوءَ جي اقتداري شان جو هڪ امٽ يادگار آهي، جيتوڻيڪ آمريڪا ۾ سڀ کان ڪارائتو پريزيڊنٽ به پوريءَ بي ترسائيءَ سان پنهنجي صدارت جي ڪرسيءَ تان کڄي سياسي محل جي دريءَ مان سڄي سڄي جو سچو ٻاهر اڇلائجي سگهجي ٿو_ ڇاڪاڻ ته هن رڳو آمريڪي شهرين جي آزاديءَ سان هٿچراند ڪئي هئي_ جيئن ٽيپن جي اُن تاريخي تذليل جي نتيجي ۾ واقع ٿيو: پر افسوس، اُهي ساڳيا آمرڪي شهري اڄ دنيا جي گولي تي، اُن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، پنهنجي پگهاردار ملازمن، عيوضين ۽ پروردن کي چپ چاپ ڏسي رهيا آهن. ته هو اتي، دنيا جي الڳ الڳ ملڪن ۾ وقت جي ڪانٽن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو بيٺا آهن. بلڪه انهن کي اتي ڇڪي پوئتي گهمائي رهيا آهن_ ۽ اُتان جا عام انسان وقت جي وڌندڙ ڪانٽن سان اِنهيءَ آمريڪي جنگ سبب، اڄ ”ڪجهه“ مان، ڌڪجي ۽ هيٺ ڪري، ”ڪجهه نه“ ٿي پيا آهن، ۽ جتان جا ٽئڪس ڀريندڙ شهري ۽ عزتدار انسان اُتي اڄ غلام ۽ محض غلام بڻيل آهن.

۽ سڄي ”آمريڪا“ آهي، جا چپن تي چونو لايو، چپ چاپ، هيءَ تماشو ڏسي رهي آهي!

سچ پچ ته آزاد دنيا ۾ آمريڪا جي قومي ناموس ۽ سندس انساني نيڪ ناميءَ لاءِ سندس سرڪاري عمل جي هيءَ صورتحال اڄ جو”پرل هاربر“ آهي_ فقط هڪ پرل هاربر نه، پر گهڻا پرل هاربر!

 

سنڌ ۾ ٻوليءَ جو مسئلو

سنڌ جي پنهنجي زبان سنڌي آهي، جيڪا پنهنجي اثر ۽ سواد ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. اُها دنيا جي عظيم شخصن ۽ سنڌ جي سنت ڪوين (Saint-poets) شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، سچل سرمست ۽ ساميءَ جي امر ۽ لافاني خيالن جي وسيلن جو ذريعو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org