”ھن رات وڳڙي ۾ ڪابھ پھر ايڏانھن ڪانھ ايندي. ڏس
مارل، اجايو وقت نھ وڃاءِ، نھ تھ آئون.......“
پنجوڙ ۾ ڦاٿل شينھڻ جيان، مارل ھاڻي وڏيري جي بازن
۾ ڦٿڪي ڦٿڪي سھڪي رھي ھئي. ھوءَ روئڻ ۽ اوڇنگارون
ڏيڻ لڳي: ”خدا جي واسطي من ڇڏين! رسول جي واسطي،
وڏيرا مون بيواھيءَ تي ايڏو ظلم نھ ڪر!.....“
”بڪ نھ ڪر!...“ وڏيري ھڪ ئي جھٽڪي سان کيس ليٽائي
وڌو.
”ڇڏ مئا، ڪتا، پليت!..... ٿو!“ ھن وڏيري جي منھن ۾
ٿڪ ھڻي ڪڍي. وڏيري سندس وات بند ڪرڻ چاھيو تھ ھن
زور سان وڏيري جي منھن ۾ چڪ پاتو، جو ان جي ٻئي ھٿ
بھ پنھنجي گرفت ڇڏي ڏني. مارل انھيءَ موقعي مان
ھڪدم فائدو وٺي، پنھنجي پوريءَ طاقت سان کيس پرتي
ٿيلھو ڏنو. پوءِ تڪڙو تڪڙو ڀڄي وڃڻ چاھيو تھ وڏيرو
اٿي رھيو ھو. مارل سٽ پائي ڏاٽو کنيو ۽ جيئن ئي
وڏيرو ڏانھس وڌيو تھ ھن زور سان وار ڪيو. ھڪ ۽ ان
کان پوءِ ٻيو وار. وڏيرو فقط رڙ ڪري سگھيو ۽ پوءِ
اتي ئي ڊھي پيو. چانڊوڪيءَ ۾ سندس آنڊا پيٽ کان
ٻاھر ٿي ڏٺا ۽ رت جا گھارا لڳي ويا.
شڪاري خود شڪار ٿي چڪو ھو. وکريل وارن سان ھٿ ۾
ڏاٽو جھلي، وڏيري جي لاش وٽ، مارل چنڊ جي روشنيءَ
۾ ائين بيٺي ھئي، جيئن شينھن پنھنجي غضنفري حالت ۾
ھوندو آھي. ان وقت مارل کي ائين محسوس ٿي رھيو ھو
ڄڻ سندس دل تان ڪئين مڻ ٻوجھھ ھميشھ لاءِ کڄي ويو
ھو.
يڪايڪ مارل کي پنھنجي جرم جو احساس ٿيو: ”خون!“ ھن
جي دل وسامجي وئي. اکيون ڦاٽي ويس. ڏاٽو ھٿن مان
ڇڏائجي ويس. ڄڻ زمين ۽ آسمان ڦري رھيا ھئا. ڄڻ
ھوءَ بيھوش ٿي رھي ھئي. کيس سجھيو ئي نٿي تھ ھاڻي
ڇا ڪري؟ ڪجھھ دير ھوءَ ائين ئي گم سم بيٺي رھي.
پوءِ ھن پاڻ سنڀاليو ۽ اتان ڀڄي وڃڻ چاھيو. ٿڌيءَ
ھوا ھوندي، سڄي پگھر مان شل ٿي رھي ھئي. ھوءِ ڊوڙي
رھي ھئي، پر کيس ائين محسوس ٿيو، ڄڻ سندس پيرن ۾
ڪي ڀاري زنجير جڪڙيل ھئا. ٿڙندي، ٿڙندي، آسپاس
ڏسندي، ھوءَ رات جي راڄ ۾ پنھنجي گھر تائين آئي.
ڀانيائين، گلو روئي رھيو آھي. ”گلو!“........ بي
اختيار اڇل کائي، ستل ٻارڙي تي اچي ڪري پئي. ٻالڪ
ڇرڪ ڀري اٿيو. سڄو ھراسجي ويو. زور سان روئڻ لڳو.
ٻئي روئڻ لڳا. ھن تمام زور سان اھڙيءَ طرح گلوءَ
کي ڇاتيءَ سان چنبڙائي ڇڏيو جو ٻوساٽجڻ لڳو – ڄڻ
تھ ڪو کانئس سندس پٽ کي زوري کسيندو ھجي. سس اٿي
آئي. مارل جي حالت ڏسي گھٻرائجي وئي. ڪيترو ئي
پڇيائين، پر ھوءَ ڪجھھ بھ نھ ٻڌائي سگھي. رڳو روئي
رھي ھئي. گلوءَ کي ڇاتيءَ سان لڳائي، ھوءَ سڄي رات
روئندي رھي. اھا سندس زندگيءَ جي سڀ کان ڀوائتي
رات ھئي. صبح جو ڇا ٿيندو؟..... جيل! ڦاسي!..... ۽
گلو؟ ھن کي ائين محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ سندس گھر جي
چوگرد ڪيترا ئي ڀيانڪ پاڇولا گشت ڪري رھيا ھئا.
صبح ٿيو، وڏيري جي خون جي خبر سڄي ڳوٺ ۾ ھلي وئي.
منجھند ڌاري پوليس جي وٺ پڪڙ پئجي وئي. سڄي ڳوٺ جو
ساھ مٺ ۾ ٿي پيو. پوليس اچي مارل جي در تي بيٺي.
ماڻھن جو ميڙ لڳي ويو. گھر ۾ روڄ مچي ويو. مارل جو
فرياد ھو: ”بيگناھ آھيان.... منھنجي پٽڙي تي قياس
ڪريو!“ ٻالڪ روئڻ سان حد ڪري ڇڏي، اصل اھمو ٿي
ويو. ماءُ مان ھٿ ئي نھ ڪڍي، چولي ۾ چنبڙي پيس.
پوليس زور ڪري مارل کي پاڻ سان ورتو ۽ گلوءَ کي
ڌڪو ڏيئي، دروازو ٻاھران بند ڪري ڇڏيو.
مارل کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. ھو ڏوھارين جي ڪٽھڙي
۾ بيٺي ھئي. جج انصاف جي پروقار مسند تي جلوھ
افروز ھو. قانون جا محافظ اڳيان ڪرسين تي ويٺل ھئا
۽ پويان عام ماڻھن جو ميڙ ھو.
سرڪاري وڪيل نرمائيءَ سان چيو: ”مائي، قانون ظالم
نھ آھي. تون پنھنجي صفائي پيش ڪر.“
”آئون بيگناھ آھيان، سائين!“ مارل چيو: ”مون کي
ناحق جھليو اٿن. مون تي رحم ڪريو. آئون غريب بيواھ
آھيان، منھنجي اٺن سالن جي يتيم تي قياس ڪريو. خدا
جي واسطي رحم ڪريو“ ھوءَ وڪيل کي پنھنجو ھمدرد
ڄاڻي، روئي روئي کيس منٿون ڪرڻ لڳي.
”تو وڏيري محمد شريف جو خون ڪيو آھي. تون ان لاءِ
ڇا ٿي چوين؟“
”مون خون ڪونھ ڪيو آھي، سائين وڏيرو پاڻ.....“
”تون ھي شيون سڃاڻين ٿي؟“ وڪيل مارل کي سندس گندي
۽ ڏاٽو ڏيکاريندي پڇيو. ”ھيءَ گندي تنھنجي آھي ۽
ھن ڏاٽي سان.....“
”گندي!..... ڏاٽو!..... نھ سائين، ھيءَ گندي....
مون کي ڪا خبر ڪانھي، سائين! مون کي ڪا خبر
ڪانھي!...... الا، منھنجو مٿو ٿو ڦري.....!“
”حضور، مائي انڪاري آھي.“ وڪيل جج کي مخاطب ٿي
چيو. فاضل جج مارل جي نادانيءَ تي مرڪي ڏنو.
”ڇا تون سمجھين ٿي تھ تنھنجي ايتري چوڻ سان قانون
کي اعتبار اچي ويندو؟“ وڪيل چيو: ”ڳوٺ جا سڀ چڱا
مڙس شاھدي ڏئي چڪا آھن تھ ھي ٻئي شيون تنھنجيون
آھن.“
مارل جي وائي بند ٿي وئي. ڪنڌ جھڪي اچي ڪٽھڙي تي
پيس. ڪجھھ دير لاءِ سڀني تي يڪسان خاموشي ڇانئجي
وئي. يڪايڪ مارل پنھنجو جھڪيل ڪنڌ مٿي کنيو، پري
پري تائين ويٺل سڀني ماڻھن تي نظر ڦيرائي، سرڪاري
وڪيل، جوري ۽ آخر ۾ جج کي گھورڻ لڳي. سندس چھري تي
عجيب گنڀيرتا ڇانيل ھئي. اکين مان جوش ۽ بيباڪي
بکي رھي ھئي. آخر سندس چپن کي جنبش آئي:
”ھا، ھيءَ گندي منھنجي آھي! ھي ڏاٽو بھ منھنجو
آھي. مون وڏيري جو خون ڪيو آھي!“
”حضور“ وڪيل خوش ٿي وچ ۾ ئي جج کي چوڻ لڳو: ”ڏوھي
پنھنجي ڏوھ جو اقرار ڪري رھيو آھي: مون وڏيري جو
خون ڪيو آھي!“
”ھا ھا، مون وڏيري جو خون ڪيو آھي، انھيءَ ڏاٽي
سان. ھن ڏاٽي نھ فقط مون بيواھ کي پيٽ جي ماني ڏني
آھي، پر منھنجي لڄ ۽ آبرو کي بچايو آھي! منھنجي
گنديءَ تي رت جا داغ منھنجي عزت ۽ شرافت جو نشان
آھن! وڏيرو ڪميڻو، منھنجي بيحرمتي ڪرڻ لڳو
ھو...... پنھنجي لڄ بچائڻ لاءِ مون ان جو خون ڪري
ڇڏيو. ڇا اھو گناھ آھي؟ ڇا اوھان جو قانون ائين ٿو
چوي تھ مون کي پنھنجي لڄ لٽائي ڇڏڻ کپي ھا؟....“
”حضور، ڏوھارڻ سڀڪجھھ قبولي چڪي آھي.“ وڪيل تڪڙو
تڪڙو چوڻ لڳو. ”ڏوھارڻ لاباري تي وڃي رھي ھئي –
رات جي اوندھ ۾، اڪيلي، جڏھن ٻيا سڀ وڃي چڪا ھئا،
انھيءَ لاءِ تھ ھيءَ بدچال ھئي، يار سان ملڻ لاءِ
وڃي رھي ھئي. وڏيرو محمد شريف ھن کي سدائين
روڪيندو ھو. ھو ڳوٺ جو چڱو مڙس ھو، اھو ھن جو فرض
ھو. ھن انھيءَ رات بھ ڏوھارڻ کي روڪيو، ........ ۽
ڏوھارڻ ھميشھ لاءِ پنھنجو رستو صاف ڪري ڇڏيو، ھڪ
شريف انسان کي پنھنجي بدڪاريءَ لاءِ قتل ڪري
ڇڏيو!.....“
وڪيل جي زبان ڪينچيءَ جيان ھلي ويئي، جنھن مارل تي
خون جي الزام کان وڌيڪ اثر ڪيو. سندس دل جنسي لڇڻ
لڳي ۽ دماغ تي ڏک ۽ اذيت جا غبار ڇانئجي ويا، پر
ھوءَ ھاڻي رني نٿي. فقط وڪيل کي اکيون پاڙي تڪي
رھي ھئي. ماجسٽريٽ کانئس آخري ڀيرو صفائي طلب ڪئي
تھ ھن جي دل جو سمورو درد، وڏن وڏن ڳوڙھن جي صورت
وٺي، سندس اکين ۾ اچي بيھي رھيو.
”آئون ھڪ ماءُ آھيان!...... منھنجي جذبن کي سمجھڻ
جي ڪوشش ڪريو! منھنجي ٻچي تي رحم ڪريو!“ ڳوڙھا ھڪ
ھڪ ٿي سندس اکين مان وھڻ لڳا ۽ ھوءَ بيحال ٿي ھيٺ
ڪري پئي.
ڪورٽ سڳوريءَ ڪمال رحم ۽ ڪرم کان ڪم وٺندي مارل کي
صرف ويھھ سال پورھئي جي سزا ڏيڻ جي فتويٰ ڏئي ڇڏي.
مارل جيل جي چوديواري ۾ قيد ھئي. ھوءَ نھايت بيچين
۽ بيقرار ھئي. ٻيون قيدي عورتون ھن جي انھيءَ حالت
کان بلڪل بي نياز ھيون. انھن لاءِ ھيءَ ڪا نئين
ڳالھھ ڪونھ ھئي. انھن ڄاتو ٿي تھ ھر ڪو نئون ڦاٿل
پکي پھرئين ائين ئي ڦڙڦڙائيندو آھي ۽ پوءِ اھو ئي
پڃرو سندس گھر بنجي ويندو آھي. مارل سڄي رات
جاڳندي رھي. اھا ھن جي پھرين رات ھئي، جيڪا ھن
گلوءَ جي خيال ۾ روئندي گذاري. ”سڄا سارا ويھھ سال
ڪيئن ڪٽبا؟“ ھوءَ اھا ڳالھھ سوچي ئي نٿي سگھي تھ
اھڙا ئي ٻيا بھ ھزارين بيگناھ انسان پنھنجيون
ساريون ڄمارون انھن ئي ڀتين جي بند ۾ گذاري ويا،
انھن بھ ائين ئي سوچيو ھوندو.
آچر ڏينھن کيس گلوءَ سان ملاقات ملي – ماءُ ۽ پٽ
جي مختصر ملاقات، انوکي ۽ دردناڪ، جيڪا سيخن جي
ٻنھي پاسن کان اوڇنگارن ۾ ختم ٿي.
آھستي آھستي ڏينھن گذرڻ لڳا ۽ آچر جو ڏينھن مارل
جي زندگيءَ جو خاص ڏينھن بنجي ويو. آچر کان آچر
تائين ھوءَ مري مري جيئندي ھئي. آچر جو ڏينھن ھن
جي زندگيءَ جو محور ھو. ھر آچر تي ھوءَ گلوءَ سان
ملندي ھئي ۽ ھر آچر ھن کي نوان غم ۽ نيون خوشيون،
نوان ارمان ۽ نيون اميدون بخشيندو ھو. اھڙيءَ طرح
سوين آچر گذري ويا. وقت جي رفتار ساڳي رھي پر مارل
جي چھري تي گھنج پئجي ويا ۽ وارا اڇا ٿي رھيا ھئس.
جيل ۾ آئي کيس سورھن سال گذري چڪا ھئا، پر لڳي
ائين ٿي ڄڻ سٺ کان بھ مٿي ھئي. گلو بھ مچي مڙس ٿيو
ھو. ھو ھر ملاقات تي ماءُ لاءِ سٺيون سٺيون کائڻ
جون شيون کڻي ايندو ھو ۽ مارل پنھنجي ساٿي عورتن
کي وڏي فخر سان ٻڌائيندي ھئي تھ سندس پٽ ھاڻي
ڪمائڻ لڳو آھي.
انھيءَ ڏينھن بھ آچر ھو. صبح کان شام ٿي وئي پر
گلو آيو ئي ڪونھ! مارل سڄو وقت سيخن جي ڀر جھلي
بيٺي رھي. سڀ عورتون وڃي آرامي ٿيون، پر ھن سڄي
رات اکين ۾ گذاري ڇڏي. انتظار ۽ اضطراب جي حالت ۾،
طرح طرح جا وسوسا سندس ذھن ۾ ايندا رھيا – ”گلو ڇو
نھ آيو؟..... بيمار ٿي پيو؟..... موڪل نھ
مليس؟..... ڇا ھو پنھنجيءَ ماءُ کي ائين ئي وساري
ڇڏيندو؟...... نھ نھ، ھو ائين نھ ڪندو، ٻئي آچر تي
ضرور ايندو!“ ليڪن ٻئي آچر تي گلو وري بھ نھ آيو ۽
ڪيترا ئي ھفتا مسلسل ھو پنھنجي ماءُ سان ملڻ نھ
آيو. مارل جي زندگي وري عذاب بنجي وئي. گلو تھ ھن
جي زندگيءَ جو سھارو ھو، ان بنا ھي جيل جا ڪٺن
ڏينھن ۽ ڏکاريون راتيون ڪيئن بسر ٿينديون؟ ملول ۽
اداس، ھوءَ انھيءَ اميد تي پنھنجو پاڻ جيئاريندي
رھي تھ ڪڏھن نھ ڪڏھن کيس پنھنجي اکين جي روشني نظر
ايندي.
ٿورن ئي ڏينھن ۾ مارل کي آزاد ڪيو ويو. ملڪ جي ھڪ
وڏي جشن جي موقعي تي ڪيترا ئي قيدي آزاد ڪيا ويا ۽
مارل کي بھ سزا جا باقي چار سال معاف ڪيا ويا.
سورھن سال اڳ جا ڪپڙا پائي ۽ پنھنجي پگھار جا اسي
رپيا مٺ ۾ دٻائي جڏھن ھوءَ ٻاھر جي فضا ۾ آئي تھ
سندس خوشيءَ جي ڪا حد ڪانھ ھئي. ھاڻي ھوءَ پنھنجي
ڳوٺ وڃي سگھي ٿي، پٽ کي ملي سگھي ٿي، ھن کي گلي
لائي پيار ڪري سگھي ٿي ۽ اھي سڀئي ارمان پورا ڪري
سگھي ٿي، جيڪي ھن گلوءَ لاءِ سندس ننڍپڻ کان پالي
پالي جوان ڪيا ھئا. تڪڙي تڪڙي ھوءَ لاريءَ تي
پھتي. پٽ کي گھڻيون گھڻيون ميارون ڏيندي،
پرچائيندي، پيار ڪندي – دل ئي دل ۾ انھن جذبن کي
ورجائيندي، ھوءَ ڳوٺ جي قريب پھچي وئي. لاريءَ تان
لھي ھيٺ ٿي تھ اھي جذبا اڃا وڌيڪ تيز ٿي ويا. جيئن
ئي ھوءَ ڳوٺ جي ڄاتل سڃاتل پيچرن تان ھلڻ لڳي تھ
ڪجھھ لمحن لاءِ ھن کي گذريل واقعا ذھن تي تري آيا
۽ خودبخود سندس اکيون آليون ٿي ويون. سورھن سالن
جي عرصي ۾ ھوءَ ڪيترو نھ بدلجي وئي ھئي. سڄي دنيا
بدلجي وئي ھئي. رستا ۽ راھون ۽ ڳوٺ جا ماڻھو بھ
بدلجي ويا ھئا. ھوءَ ڪنھن کي بھ نٿي سڃاڻي سگھي ۽
ڪنھن بھ ھن کي ايندي ڏسي ڪو توجھھ نٿي ڪيو. نھ وري
ھن کي ئي ڪنھن جو ڌيان ھو. کيس تھ فقط گلوءَ جي ئي
اون ھئي، ھوءَ ڍنگرن سان گھيريل گھرن جي وچان،
تڪڙي تڪڙي، ور – وڪڙ، پيچرا لتاڙيندي وڃي رھي ھئي
تھ اوچتو ڪنھن آواز ڪيو:
”متان مارل آھين؟“ ھڪ ٻڍڙيءَ کيس سڃاڻي ورتو ھو.
پوءِ تھ ڪيتريون ئي عورتون ۽ ٻارڙا اچي مڙيا.
”گلو ڪٿي آھي؟ ڪيئن آھي؟ ڇا ٿو ڪري؟ ھينئر ڪٿي
ھوندو؟ مون کي ڏٺي گھڻا ڏينھن ٿي ويا آھن. الله
ججھي ڄمار ڏئيس. پھرين مون کي اوڏانھن وٺي
ھلو.......“
مارل يڪساھيءَ چئي وئي.
”امان، ڇا ٻڌندينءَ!“ پوڙھيءَ ڏکاري آواز ۾ چيو.
”ماءُ آئي پٽ لاءِ تھ پٽ وڃي ماءُ جي جاءِ
والاري.“
”ڇا ٿي چئين!“ مارل کان رڙ نڪري وئي.
”ھا، اما، گلوءَ ويچاري کي ست سال سزا اچي وئي.“
”ڪمدار جي پٽ مولوءَ سان جھيڙو ڪري وڌائين. اجھا،
ھيءَ بيٺي آھي صفوران.... گلوءَ ڪو ڪمدار جي پٽ کي
نينگريءَ سان ھٿ چراندي ڪندي ڏٺو، سو منھن ڏئي
بيھي رھيو. مولوءَ جي ھڪڙي ٽنگ صفا ڪھاڙيءَ سان
ڪپجي وئي.“
پوڙھي اڃا ڳالھھ پوري نھ ڪئي ھئي تھ مارل
اوڇنگارون ڏيندي پوئتي موٽي.
ٻئي ڏينھن صبح سويل سينٽرل جيل اڳيان ھڪ نيم پاڳل
پوڙھي عورت بجليءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيو بيٺي ھئي.
وارن ۾ مٽيءَ جا ٻڪ، ڦاٽل ميرا ڪپڙا، اکيون جيل جي
شاھي دروازي ۾ کتل. جيئن ئي جيلر اندر وڃي رھيو
ھو، ھوءَ ڊوڙي اچي سندس پيرن ۾ ڪري.
”مون کي آزادي نھ کپي، مون کي قانون جو رحم نھ
کپي...... آئون پنھنجو حق وٺڻ آئي آھيان. منھنجا
چار سال اڃا رھيل آھن!“
”توکي قانون جي ڪھڙي خبر، مائي!“
”قانون کي تھ منھنجي خبر آھي!........ مون کي
پنھنجي پٽ سان ڇو نٿو ملڻ ڏنو وڃي؟“
”تون آچر ڏينھن اچجانءِ، توکي ڪوبھ ڪونھ روڪيندو.“
جيلر ھليو ويو ۽ ھوءَ مايوس ٿي، مٿي کي ھٿ ڏيئي
ويھي رھي. گوڏن ۾ منھن وجھي، لڳاتار سڏڪندي رھي.
شام ٿي وئي ۽ اونداھي ڇانئجڻ لڳي. مارل جي زندگيءَ
جو سج بھ لڙڻ لڳو. بت ساھ ڇڏڻ لڳس تھ ھوءَ
آھستگيءَ سان زمين تي پئجي رھي.
رات گذري وئي ۽ صبح ٿيو. جيلر، اندر ويندي، لاش
ڏسي وڌي آيو.
”واقعي ڏاڍي دکدائڪ آھي تنھنجي ڪھاڻي.“ جيلر
ڀڻڪيو، ”ليڪن توکي قانون جي ڪھڙي خبر!“
نھ تھ ساڻ ھلن ٿا سير ۾
”پروفيسر، پليز! منھنجي ڀيڻ جي زندگيءَ جو سوال
آھي. ھن کان سواءِ منھنجو ڪير بھ نھ آھي. جيڪڏھن
ھن کي ڪجھھ ٿي ويو تھ مان پاڳل ٿي ويندس!“ سراج
روئندڙ آواز ۾ چيو.
سڄن سارن ٻن سون رپين جو سوال ھو، تنھن ڪري
پروفيسر اياز ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. آخر ھن پنھنجو
جھڪيل ڪنڌ مٿي کڻي چيو، ”مون کي توسان ھمدردي آھي
سراج، مگر افسوس! مان تنھنجي مدد نٿو ڪري سگھان.
ويھن پنجويھن رپين جي ٻي ڳالھھ ھئي، پر!“
پروفيسر اياز اڳتي بھ ڪجھھ ڳالھائيندو رھيو، مگر
ھو انھيءَ کان وڌيڪ ڪجھھ بھ نھ ٻڌي سگھيو. سندس
اکين مان چڻگون نڪري رھيون ھيون ۽ ھو سوچي رھيو
ھو: ”ڇا ھي اھو ئي پروفيسر آھي، جو ٿوري دير اڳ
زندگيءَ جي فلسفي تي ليڪچر ڏيئي رھيو ھو؟ ڇا اھي
ٺلھيون ڪتابي ڳالھيون ھيون، حقيقت سان سندن ڪوبھ
واسطو ڪونھي؟ ڇا اھي ڳالھيون صرف ڪتابن تائين
محدود آھن، حقيقتن جو منجھن رنگ ڀري نٿو سگھجي؟“
سندس ڪنن ۾ پروفيسر اياز جو آواز گونجي رھيو ھو:
”اوھين ھن ڌوڙ ڌڌڙ جي گولي تي پنھنجي قيمتي
زندگيءَ جو ڳچ وقت گذاري چڪا آھيو. ھن ڪائنات کي
اوھين غور ۽ فڪر جي نظرن سان ڏسندؤ تھ زندگيءَ جو
سارو راز اوھان تي عيان ٿي پوندو. زندگيءَ جي ساري
حقيقت منجھيل ڍيريءَ جيان ڇڙوڇڙ ٿي کلي پوندي. ڇا
توھان ڏٺو نھ آھي تھ ڪنھن بھ شھر ۾ وڃڻ کان پھرين
توھان کي قبرستان مان گذرڻو پوندو آھي! اوھين ٽرين
۾ ھجو، ٽانگي ۾ ھجو يا پيدل ھجو، پھرين موت ۽ پوءِ
زندگيءَ جا آثار نظر اچن ٿا. دنيا جي انھن عبرتناڪ
منظرن مان بھ اسين سبق حاصل ڪري سگھون ٿا. دنيا جو
ذرو ذرو ھڪ وڏي معنيٰ، ھڪ وڏي حقيقت رکي ٿو ۽ اسان
جي راھ ۾ ھڪ بھترين رھبر جو ڪردار ادا ڪري ٿو.
جيڪڏھن اسين پنھنجين اکين تان حرص ۽ ھوس جا پردا
لاھي، دنيا جي کليل ڪتاب تي ذھن ۽ اندر جون اکيون
ڌرينداسين تھ پنھنجي مقصد حيات جي منزل تائين پھچي
وينداسين، نھ تھ ھڪ انڌي جيان انھيءَ موت جي
واديءَ ۾ ڀٽڪندا رھنداسين ۽ آخر ٿڪي ٽٽي ائين مري
پونداسين، جيئن بيابان ۾ رڃ جي پٺيان ڊوڙي ڊوڙي ھڪ
پياسو ماڻھو آخر مري ويندو آھي. ھيءَ جيوت ھڪ
امتحان آھي. اسان کي رات جي اونداھيءَ ۽ ڏينھن جي
سوجھري ۾ انھيءَ موت جي واديءَ کي پار ڪرڻو آھي.
زندگيءَ جو شھر ڪو ايترو پري ڪونھي. دنيا جو ھر
نظارو، ھر شيءِ اسان جي راھرو ۽ رھبر آھي. علم جي
اجھاڳ سمنڊ ۾ ادب جي ڪشتي ڪناري ڏانھن وڌندي پئي
وڃي. لھرن جو اسان سان ساٿ آھي تھ ڪنارو پاڻ ئي
ويجھو اچي سگھي ٿو. ڏسو، ڪنڌيءَ جي ڪکن زندگيءَ جي
تند تنوارڻ شروع ڪئي آھي. شاعر منجھن رنگ رچيو
آھي، تنھن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو:
”ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي ھاتڪ ھٿ وجھن،
پسو لڄ، لطيف چي، ڪيڏي کي ڪکن،
توڙي ڪنڌي ڪن، نھ تھ ساڻ ھلن سير ۾!“ |