سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آيل ڙي اولاڻا

باب:

صفحو :4

- تون ڪير ٿيندو آھين انقلاب جي ڪسوٽيءَ تي ماڻھن کي پرکڻ وارو؟ مان تو سان ڪنھن بھ قسم جو سنٻنڌ نٿي رکڻ چاھيان. ڪنھن سان بھ نھ. ڪنھن قيمت تي بھ نھ. تون..... تون پنھنجو ڪارج ٻڌاءِ - ٿي سگھي ٿو ھڪ ڪمزور عورت توکي گھڻو ڪجھھ ڏئي وڃي. ٻيو ڪجھھ نھ تھ ٻن کنن لاءِ ڪنھن سرڳ سمان سپني جھڙي ڪا آسيس.

ڇول ڇولان ڇولار، پرئين پار کان چنڊ جا ترورا ۽ ڇولين مٿان ڊوڙندڙ سون ڌارا.

۽ سون روپو سنڌو، گجگاھ ڪيو وھندو ٿو وڃي ۽ اواڪ سڏڪا، ڄڻ رڙندا ٿا وڃن، چئني ڏسائن ڏانھن.

- تون وڌ ۾ وڌ، اڄ مون کي چمي سگھين ٿو.

- مون توکي ڪڏھن نھ چميو آھي.

- پوءِ تون ڇا ٿو چاھين؟ ٻڌاءِ نھ ڪھڙن نيوڪليئر ۽ نان نيوڪليئر ملڪن جا مسئلا کڻي آيو آھين؟ ڪيڏو نھ وقت گذري ويو آھي. مون کي رڳو رڪشا تي چاڙھي ڇڏ.

۽ شيام ڪن جي گھيراٽ سان ھاليسو سنڀالي، ھاليسي سان لھرن ۾ جھير وجھي ٿو ڇڏي ۽ بتيلو وڏو ڌڌڪو کائي، وڏي گھوماٽيءَ سان اپڙي ٿو اچي.

۽ ھڪ ڇوليءَ جي ڇاٽ ٻنھي کي پسائي ٿي وڃي. شيام لاجونتيءَ ۾ کن لاءِ ٽڪ ٻڌي نھاري ٿو. ڄڻ کيس پنھنجي ڪنن تي ويساھ ئي نھ پيو اچي ۽ کيس سمجھھ ۾ نھ پيو اچي تھ ڳالھھ جي مھاڙ ڪھڙي ھئڻ گھرجي؟ ھو ھاليسو ھڻندو، ڪارن ڪنن کان پاسو ڪندو ٿو وڃي. ڪيئن سمجھائي لاجونتيءَ کي، لاجونتي جا ٿي؟!.....

اچانڪ آڪاس ۾ ھڪ پکيءَ جي ڪيھھ پئدا ٿي وڃي ٿي. لاجونتي ۽ شيام مٿي نڀ ۾ نھاريندا ٿا رھن. پکي ڪينھون ڪندو اڀ ۾ اڏرندو ٿو وڃي.

- ويچارو پکي شايد وڳر کان وڇڙي ويو آھي، آکيرو ڪيئن ڳوليندو.... ڪيئن؟!......

- راتيارو آھي، پکين جي موسم اچي وئي آھي، ڪينجھر ڏانھن مھاڙ اٿس. پکي، پکيءَ کي سؤ ڪوھن تي ڳولي وٺندو آھي. فقط اسين وڇڙڻ کان پوءِ ھڪ ٻئي کي ڳولي نھ سگھندا آھيون، نھ سمجھي سگھندا آھيون ھڪ ٻئي جو آواز ۽ دور پولار ۾ ٻھ ڌنڌلا پکي چنڊ جي سھائيءَ ۾ نيڻن کان اوجھل ٿيندا ٿا وڃن. کن لاءِ لاجونتي ڄڻ ڪنھن سپني سان ياد ۾ لڙھي ٿي وڃي.

ڪينجھر،

پکي ئي پکي

سارو ڪينجھر ۽ پولار پکي ئي پکي.

ڍنڍ ڄڻ وڳا مٽائيندي ٿي وڃي.

طرحين طرحين پکي اڏار سان پيٽرنز ٺاھيندا ٿا وڃن.

شيام کيس ڌنڌلو ڌنڌلو ڏسڻ ۾ ٿو اچي.

اچانڪ لاجونتي سمڪ ۾ اچي ٿي. سپنو ڄڻ نسرجندي ڇڄي وڃي ٿو.

لاجونتيءَ کي شيام ڏاڍو چٽو ٿو نظر اچي. ڪجھھ ياد ايندي ئي لاجونتي وڏھوڙجي ڄڻ حڪم ٿي ھلائي:

- ٻڌاءِ نھ ڪھڙو ڪارج اٿئي؟ رات ٻئي پھر ۾ داخل ٿي رھي آھي. اسين يونيورسٽيءَ جا ماڻھو آھيون ڏاڍا اھم ۽ ريسپانسيبل.

- تھ پوءِ ھڪ يونيورسٽي ٿي ڪري سوچي سمجھي ڳالھائڻ ۾ ھٻڪين ڇو پئي؟ يونيورسٽي اسان جي ڪري آھي. سمجھينءَ؟ اسان جي ڪري.

- ٺيڪ آھي، آئون ڪنھن بھ ڪامپليڪس ۾ نھ آھيان، مون کي...... مون کي ٿڌ پئي لڳي. لاجونتي ساڙھيءَ ۾ پاڻ کي ويڙھيندي ٿي وڃي.

- اسين ڪراڪروم ۾ نھ، انڊس ڊيلٽا ۾ آھيون.

- آئون چوان ٿي ڪارج ٻڌاءِ ۽ ٻيڙي ڪناري ڏي وراءِ. لاجونتيءَ جي ڪروڌ ڀريل راڙي تي شيام ڏاڍي وياڪلتا سان ڏانھس نھاري ٿو.

- مون کي ..... ائين سمجھھ مون کي تنھنجي تمام گھڻي ضرورت آھي.

- عورت ھر ڪنھن جي ضرورت آھي. ٻار ڄڻڻ جي مشين جا آھي.

- ۽ عورتون ٻار بچائي بھ وٺنديون آھن، جڳن کان عورت وڏو انقلاب بڻجندي آئي آھي. شايد ان ڪري تھ عورت جنني آھي، ڄڻيندڙ......

- ۽ مرد سدائين کيس ٽوڙيندو آھي.

- چيم نھ، انقلابيءَ جي حيثيت سان ڳالھاءِ، اھا دوکي بازي آھي.

- نھ وقت جي پڪار آھي.

- ڇا، ھڪ گام بھ نھ؟......

- منھنجا پنھنجا گس، گھيڙ ۽ گام آھن. تون ٻيڙي ورائي سگھين ٿو. (.....؟....؟!.....) کن لاءِ شيام لاجونتيءَ ۾ نھاريندو ٿو رھي:

- ٺيڪ آھي، جڏھن رستو روشنيءَ جو منارو آھي، تھ پوءِ ھڪ ساٿيءَ جي قافلي مان جدا ٿي وڃڻ سان منارو ڪري ڪونھ پوندو. مان سمجھندس، تنھنجو ڪو وجود ئي نھ ھو.

۽ شيام ھاليسي سان وھندڙ سنڌوءَ جي ڇڇڪار ۾ ڄڻ جھير وجھي ٿو ڇڏي، ٻنھي جي وچ ۾ ڄڻ موت جھڙي ماٺار پئدا ٿي وڃي ٿي ۽ ناؤ م ڀانءِ ٻڏندي ٿي وڃي، م ڀانءَ اپڙندي ٿي وڃي، ڪناري ڏانھن.

نانھن ۽ موٽ

واٽھڙوءَ کي اس، تؤنس تائي، توائي ڪري ڇڏيو آھي. تارونءَ تي ھٿ ڏيو، گھوماٽيون ٿو کائي. تارون – جنھن تي لڳل اٿس ڪوڙين نيوٽران بمن جيھا، پولارن پاتارن کي ڏوڏاريندڙ شاڪس. ڌڪ، ڌرتي ڌوڏ ڌماڪا ۽ ڇيرا.

ڇا ڪري پوان؟.....

ڇا مري ٺري وڃان؟.......

الا- وڻ ايڏو ڏور ڇو آھن؟ ڇو!...... ڇو آھي اندر ۾ ايڏي آڳ، تؤنس، سھڪو، ھانڀارو؟...... ھيءَ ڪاري مريءَ جيھي ڪيپراٽي ڇو پئي ايڏو سڙي، پچي، کامي، پڄري ۽ وسامي؟ ڇو آتما مان نراتما بڻجندو ٿو وڃان!......

مٿي تي ھٿ ڏيو، پھاڙن کان ايندڙ ڏامر جي سڙڪ تان اوراٽجندو گھوماٽيون کائيندو، وڦلندو ٿو وڃي ڪنھن پوڙھي ھانءَ روڳيءَ جيان. تارونءَ تي سج جي تپش کان ڄڻ اچانڪ سن اسٽروڪ ٿي، گھوماٽيون کائيندو، سڙڪ تان لھي، آٿڙندو ٿو وڃي. ڪبوترن جيان اڇا اڇا ڪاڳر، امن جي پکين جيان ھٿ مان ڦٿڙاٽ ڪري اڏامندا ٿا وڃنس، ۽ ڄڻ بانبڙا پائيندڙ ٻار رڻ ۾ رلي ٿو وڃي. (ھاءِ ھاءِ لغڙ جو ڪاٽا ٿي وڃڻ)

ھان!......

ھي ڇا!........

ڇا سج نيزي پاند تھ نھ اچي بيٺو آھي!.......

ھان – نيزي پاند؟....... سج نھ ٽٽي نھ ٽڪرائجي وڃڻ واري شيءِ آھي. سج جي ٽٽي وڃڻ سان سارو سوريھ سرشتو  ٽٽي ويندو.

ڇا.... سڀ تارا، تر، تروڪڙيون، گرھ ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل ناھن؟

(تؤنس، سوڪڙ ٻاڪو ۽ ساھ سٽون، جيئدان لاءِ)

ھان – ڀلا ھن اسپيس يا پولارن پاتارن ۾ اھو سوريھ سرشتو ٿيندو ڇا آھي؟ ڀلا ڪو ٻڌائي سگھي ٿو تھ سوريھ منڊل جي ٽٽي وڃڻ سان، ٻين گرھن ۽ نکترن تي ڪھڙيون وارتائون جنم وٺنديون آھن؟ اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ پولارن پاتارن ۾ ڪي ٻيا سرشتا جنم وٺندا. ڪير ڄاڻي ھن نانھن ڀرئي سرڳڌام جي موھن منڊ ۾ انھيءَ کير – ڌارا کان مٿي، گھڻو مٿي، ٻيون ڪيتريون ڪوڙين کير – ڌارئون آھن. ھن پولار ۾ ھي سوريھ سرشتو ٿيندو ڇا آھي!....... جي مرڻو ئي آھي. ھيءُ رنگا رنگ ڀونءُ ڇڏڻي ئي آھي تھ پوءِ چرين جيان ٽھڪ ڏئي ڏئي، کلي کلي کيرو ڇو نھ ٿي مرجي. ڇا ھن، ھھڙي وايو منڊل ۾ چريو ٿي وڃڻ بنھھ نيچرل نھ آھي؟

ھان....... ڇو ڀلا ذھن جو نيوڪليئر فائيبرز سان اڻيل ڪمپيوٽر ڪم ڇو نھ ٿو ڪري؟!...... ڇو آھي ساري ديھھ ايڏي ساڻي کاڻي ۽ سڪراتيل؟ ڄڻ اڳي....... اڳي ڄڻ اسن ۽ لڪن جھولن ۾ ھليو ئي نھ آھيان!.........

اچانڪ ھو ٽرن ڪري، گھوماٽي کائي ويل، جنجھائجي ويل نيڻن سان نيزي پاند بيٺل سج ۾ نھاري ٿو:

(۽ سوريھ سرشتي ۾ آھي، ڪاپار تي بيٺل آڳ الاھون سج، ۽ ٽامي جيان تپي ويل ڀونءِ تي آھي سن اسٽروڪ ٿي ويل، گھوماٽيون کائيندڙ ماڻھو. چارئي ڏسائون، آڳ الاھيون)

ھان...... ڇا اھو سچ ناھي؟

ڪيڏي بھ ڌرتتي سھي، ڪوبھ ماڻھو مرڻ نٿو چاھي. ھر ماڻھو علامتي شرنڪنگ مين آھي. سسي سسي ھوائن ۾ تحليل ٿيڻ جي گھڙين تائين بھ موت سان وڙھڻ ٿو چاھي، موت سان! ڇا اسين سڀ شرنڪنگ مين ناھيون؟ ھوائن ۾ ھلندڙ، اڏامندڙ، نھ ڏسڻ ۾ ايندڙ ذري جيھا ماڻھوئڙا. ڇا اسين سڀ وڏيءَ ويڙھاند ۾ ناھيون، ھنن پولارن پاتارن ۾، آڳ الاھين بلائن سان؟ ھن پرٿويءَ تي ڪوئي ماڻھو، ڪو ساھوارو، بزدل ۽ بي ايمان ڪينھي، جيڪو وڙھڻ نٿو چاھي؟ ھرڪو ماڻھو ٻئي ڪنھن سان نھ تھ پنھنجو پاڻ سان وڙھي رھيو آھي، پنھنجي بچاءَ لاءِ، پنھنجي سيٽسفيڪشن لاءِ. ھر ماڻھو وڏيءَ ويڙھاند ۾ آھي. پنھنجو پاڻ کي دلبا ۽ دولاب ڏئي وڙھي رھيو آھي. ھر ماڻھو سئين سڌي واٽ تي سوچن جون گھوماٽيون کائي رھيو آھي.

سج جي ترار کان تکي شعاع جو تارونءَ تي ڪاپاري ڌڪ. سن اسٽروڪ ۽ ڪنھن جو گھوماٽجي ڦان ٿي ڪري پوڻ.

ذھن جو نيوٽرانڪ ڪمپيوٽر، ڪنھن ويل بھ خراب ٿي ھلي سگھي ٿو، جيڪو پاور فل ۽ آٽوميٽڪ آھي.

سھڪو، ڦٿڪو.

اواڪ گھٽيل ٻاڪار........

ڄڻ ڪو نانھن مان، آنھن ۾ اچي رھيو ھجي. جيئن نئون ڄاول ٻار، ماءُ جي نھائينءَ مان نڪري وات ڪڍندي ئي، ھوائن جھٽڻ لاءِ اواڪ ٻاڪار ڪندو آھي. ڦڦڙن لاءِ آڪسيجن جھٽڻ لاءِ، اواڪ انڌي ٻاڪار يا ڪا ٿڃ جھٽڻ لاءِ وات پٽيندو آھي.

(..... ا ...... و ........ م ..... اوم ان) اواڪ انڌي ٻاڪار کان ٻاڪار تائين، جيون جي پھرين ٻاڪار، ڪڏھن نھ ختم ٿيندڙ ٻاڪار، اھڙي ٻاڪار، جيڪا وياءَ کان اھمي ٿيل ماءُ جي اندران ئي اندران، مامتا جا ٿونا ھڻندي، سندس ارھن مان کير ڌار جا، اواڪ ڪل ڪل ٿڃ جھرڻا وھائي ڇڏيندي آھي.

سن اسٽروڪ.

اواڪ ٻاڪار.

اون ....... اوم ........ ا ...... و ..... م ...... آه ...... آه گھوماٽي کائي ويل ماڻھو، اڪن جي جھنڊ ۾ اک پٽي ٿو. نئين ڄاول ٻار جيھي انڌي اواڪ ٻاڪار سان.

ھان – ھوا ...... ھوا ..... واليو...... وڻ ناھي تھ ڇا ٿيو وڏن وڏن کير ڀريل اڪن جي جھنڊ جي ڇايا تھ آھي.

(ذھن جو ڪمپيوٽر ڄڻ چالو ٿي ٿو وڃي) کن لاءِ سندس نھار اڪ ڦلڙيءَ تي ڄميو وڃي، بنھھ فريز ٿيو وڃي.

اچانڪ کيس ٽلين، چنگن، ڪماچن جيھا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جيئن سپنن ۾ ڪا ڇٺيءَ جي لڇمي نرت ڪري رھي ھجي. آواز، ايھا جيھا نئون ڄاول ٻار ٻڌندو آھي، ڏاڍيءَ نرواڻ سان.

ٽل ٽل .... ڇم ڇم .... جھن جھن .... جھنجھڪ جھنجھڪ جھن جھن ..... ٽل، جھن جھن.

موھ.... سر سنگيت کي ڳولڻ جي چاھنا

ننڊاکڙا سپنا – نونڊڪا نونڊڪا ساروڻا.....

(نئين ڄاول ٻار جا ڪين پاڳل جا)

ھڪ لاڪلاھين جھروڪي ۾ پرھ ويلا ۾، کٽ تي ستل ڪولھي ڇورو ۽ جاڳاو لاءِ پيرانديءَ کان بيٺل ٽيليون وڄائيندڙ ڇٽيھھ لکڻي، آدجڳاد جا تلڪ لڳايل ڪامڻ ڪور ڪولھڻ ڇوري. اندر ۾ ڄڻ جينجھڻن جھانجھھ جي جھنڪار ڀريل. ٽيليون وڄائيندي اچانڪ ڪروڌ مان ٻئي ٽليون ستل ڇوري جي منھن ۾ اڇلائي ٿي ھڻي:

”اونٺو، اوپاڙو، وڄائو...... ڀيڄا ڀيڄ وڄائو، اؤنتاولي من ۾، موران روکيپ ڀري ڳيو ھي......“

(ساراڻو، فيڊ آئوٽ)

ذھن جي ڀرڻيءَ کي ڪاپاري ڌڪ.

”اون .... ن ..... آ ...... ن ... آن“ سن اسٽروڪ ٿيل واٽھڙو ٽٽل ٽاڪمان پاسا ٿو ورائي، پحقڻ جي سيج مٿان.

ھان!....

ھي ڇا!

آئون ڪٿي آھيان!......

(ذھن جي ڪمپيوٽر جو وڏو مھاڀاري ڇرڪ)

ھي ڪھڙين جيوڻين جا پڙاڏا ھئا.... ساروڻا..... ڇا چوراسي لک جيوڻين جو ڀوڳ منڊل. مورچٽ چنيءَ سان، باک رنگ ڇوري، ڪيئن مور جيان نچندي گم ٿي وئي.

سپنا.....

جاڳ جا سپنا.......

ستي لوءِ جا سپنا......

جي ھيءُ سپنو ئي آھي تھ پوءِ اھي لڇميءَ جيھا آواز ڪٿان پيا اچن، ڪھڙين مري ويل ڏسائن کان؟

”ڇو آھي ساروڻن مٿان ايڏي اواڪ اوندھ؟ ڇو ڇڙھي وئي آھي اکين مٿان، مري ٺري ويل ويلائن جي ايڏي ڌوڙ؟ ڇو آھن اندر ۾ ايڏيون پيڙائون ۽ ايڏا انڌا سپنا ڀريل؟ الائي سپني ۾ ڪري پيو آھيان، ڪي ساڀيان ۾! يا ڪا ھپي ڇوري ايل ايس ڊي پياري ڊاھي وئي اٿم.“ جنھن جي کيس ڪل ڪانھين. ايل ايس ڊي آھي ڇا؟.....

اڪن جي جھنڊ ۾ ڪريل، پٿراھين پٽ تي پيل نستائي جا آڪيڙا چڙھيل ماڻھو، دٻيل ديھھ سان پاسا ٿو ورائي آوازن تي، ٽل ٽل، ڇم ڇم وڄندڙ آوازن تي.

ننڍڙي، وڏڪني، ڪاري ڪاري ٽيليون ۽ سيلھيون ٻڌل، ڪاڇڻ ڇيلڙي اڪن جي جھنڊ ۾ ٻيڪراٽون ۽ ناچ پئي ڪري. ٻوليون پئي ٻولي ۽ وڏن وڏن ٿڻن واري، ٽيليون ٻڌل ڪاڇڻ ماءُ، اڪن جي ڇايا ۾ ويٺي، اوڳر پئي ورائي. ڄڻ ڪو مھاتما، پنھنجو اندر اوڳاري وڏيءَ نرواڻ سان ويٺو ڌرتيءَ جا سور چري.

سروم دکم دکم....

مٺ مٺ سورن سڀ ڪھين، مون وٽ وٿاڻ....

اچانڪ ھن ذھن جي ڀرڻيءَ ۾ سوچن جا سرسلا ڀرندا ٿا اچن:

نانھن کان آنھن تائين، سرشٽي جي ڦرڻي ڦري پئي. آل دي اسٽارز آر ڪنيڪٽيد وٿ برين!

(ذھن جو ڪمپيوٽر تکو تکو ٿو ھلي)

آھ..... ھي اڪ جو کير، ڪيڏو نھ ڪوڙاڻ ڀريل آھي!.....

ھان..... ڪاڇڻ ٻڪريءَ جا ٿڻ.....!.....

ڪيڏا نھ وڏا وڏا.....

کير کان ڦاٽندڙ......

ٿڃ ڌاو ۽ ڏھاو لاءِ، ڀلا ٿڻ ڪيڏا نھ اوتاولا ھوندا آھن..... اچانڪ ٿڻن مٿان ٿڻن جا اولاڻا ياد ٿا پونس. ھڪ آيل کان ٻي آيل تائين جا اولاڻا. ساروڻا ڀرڻيءَ جيان ڀرندا ٿا اچن:

ڪاڇڻ ٻڪريءَ جي ٿڻن ۾ وات!.......

ڳاڙھي ڳاڙھي ڳئون جي ٿڻن ۾ وات، گوھا!......

ڀوري ڀوري بگي مينھن جي ڀورن ٿڻن ۾ وات!...

ٽامي جيھي ڪولھڻ جي ٽامڻھ ببن ۾ وات!......

۽ اکين آڏو ڪي ٻيا ارھ تيج ٿا ھڻن:

”وڻنئي ٿا نھ؟ ڌائيندين؟....“

”ڇو، ڦاٽن ٿا ڇا؟.....“

”ھا، سينڍون ٿا ھڻن.“ ٻالاپڻ کان جوانيءَ تائين رڳو سڳيءَ ماءُ جا ببا ياد ڪين ٿا اچنس.

(ھان!....) ھان؟.....

”اچانڪ اکين آڏو شيشم جيھا ڏوڪا ڏونگھي اتاولا ارھھ، الائي ڪھڙن زلزلن لاءِ، ترڪندا ٿا اچن، نونڊڪا نونڊڪا ڀرپور اٿڃ ارھ، ڏونگھيءَ ڏڪ اٿڃ ارھ.

(جانجھھ ڄن اندر ۾ لاوي جيان جلندڙ ٿڃ جا جلترنگ جھينجھڻا)

”اون – ھون اؤنڙا، اوتاوليا، ناپاڪ سوڙ سوڙ، ناچي زاوان.“

”او پاڪ، او پليت، کدا سون، مرتو ھان مارو مرتيھو ٿيھي ڳيو ھي.“

”اون – ھون – ھولي - ھارو ڏڻ ھي زلدي مان زلدي، ڀونڪا اوپاڙي اوپاڙي ساوا ڳجھھ ڳو ڏيکي زا چيچا مان چيچ ملائي ناچي زا“

رنگا رو ڏڻ ھي.

(ھڪ جوڙي جو، ھولي پورائنا ناچ!)

ڄڻ شو پارپتيءَ جو ناچ!

ڄڻ آتما پرماتما جو ناچ!......

جيءَ جسي تي ھوليءَ جي رنگن جو ناچ.

(.... ڄڻ ڪو سندر سپنو ٽٽي وڃي ٿو. ڄڻ تارونءَ جي ھيروشيما تي ايٽم بم ڪري ٿو)

جاڳ....

جاڳ.... ايھي جيھي سپني جي جاڳ، ڄڻ جيون ۾ ڪو نئون سپنو سرجي پيو ھجي.

”ھان..... سپنا سرجي سرجي، جنڊ جي ٻن پڙن ۾ اچي، گھرڙاٽن سان ڏرجي اٽو ٿي، اڏامي ڇو ويندا آھن، ڇا ان لاءِ تھ اسان جي بڻيائتي،گھر جي ٻاجھري جي ماني ۽ ساڳ جي ڀاڄي آھي؟“

”ھان.... اسين سڀ ھڪ ٻئي لاءِ ڪيڏا نھ گھرجائو آھيون. الا..... اسين گھرجن ڪري ھڪ ٻئي سان ڪيڏا نھ ڳنڍيل، ڳتيل، اونٿرا ۽ اتاولا آھيون.“

(اچانڪ ذھن جو ڪمپيوٽر ڌوڏو ٿو کائي)

”ھان.... مون تھ ستي ئي ستي، ٻڪريءَ جا ٻئي ٿڻ چپن سان چوڪڙي ڇڏيا! ڇيلڙي ڇا پيئندي؟ ڇا اندر جي تونس ماڻھوءَ کي ايڏو انڌو بڻائي ڇڏيندي آھي، ڇا اھو ڏوھ ۽ ڊوھ ناھي؟“

ھو ٻاڪو ڦاڙيو، ٽيلھين جڙيل، اڪن ۾ ڪڏڪارون ڪندڙ ڪاڇڻ ڇيلڙيءَ ۾ نھاريندي وري، وڏي ڪاڇڻ ماءُ ڏي نھاري ٿو. سندس اکيون ۽ وات ويتر ڦاٽندا ٿا وڃن ۽ مک تي پيڙائن ڀريل ريکائن جي جاءِ تي سانت ۽ نرواڻ جيھيون ريکائون اڀرنديون ٿيون اچنس. وشال ٿھمر ڀريل ريکائون.

(ٿھمر.... جيڪو کن پل لاءِ ھر ڪنھن ماڻھوءَ جو حق آھي)

نھ نھ...... نانھن مان آيل اواڪ ٻاڪاريندڙ ٻار کي حق آھي تھ ھو ڪنھن جي بھ چڳڙ وٺي. ٿڃ تي ان جيو جو ايترو ئي حق آھي، جيترو مھاراڻي ايلزبيٿ جي ٻار جو. نانھن ۾ ھجي يا نانھن مان آنھن ۾. ڪتيءَ جي ٻچي جو بھ اوترو ئي حق آھي، جيترو سوئر جي ٻچي جو. نھ نھ.... مون ڪو ڏوھ نھ ڪيو آھي. ھيءَ تھ وڏي ڪني ڀلوڙ ڪار ڪڻڇي جيھي ڪاڇڻ ٻڪري آھي. ڀيڄان ڀيڄ ڀلي. رڳو ٻچو ٻيڪراٽ ڪري، ٿڻن ۾ موڏو مٿو ھڻيس تھ ٿڻن مان ٿڃ مامتا بڻجي، واءِ واءِ واڪا ڪندي، نئين گاج جيان گوھا گوھا ٿي ڇلندي. ڪڏھن نھ ڀرجندڙ ڪين ڪن وات ۾ ھلي ويندي. جيئن درياھ سمونڊ ۾ لھي ويندا آھن.

ڇا - - ڌرتيءَ کي جيڏي سمونڊ کان ماڪ ڪارن ڪڪرن، آگمن، وڏ ڦڙن، ڳڙن، برفيلن ڇاٽن ۽ ڇمرن جي گھرج آھي، سمونڊ کي اوترو ئي ڌرتيءَ کان، ڌرتيءَ جي اندرين وھڪرن، نين ۽ درياھن جي ڇوڙ جي گھرج ۽ کاپ ناھي؟ مون ڏوھ ناھي ڪيو. مان ڏوھي ناھيان.

نھ نھ.... نانھن مان آيل اواڪ ٻاڪاريندڙ ٻار کي پورو پورو حق آھي تھ ھو ڪنھن جي بھ چڳڙ وٺي. ٿڃ تي ان جيو جو بھ اوترو ئي حق آھي، جيترو مھاراڻي ايلزبيٿ جي ٻار جو. ناھن مان آنھن ۾ اچڻ کان پوءِ ڪتيءَ جي ٻچي کي بھ جيئرو رھڻ جو ايڏو ئي حق آھي، جيڏو ننڍڙي ڪيوليءَ جو.

ڏي ۽ وٺ!.....

گيو ائنڊ ٽيڪ!....

ھن ھٿان ڏي، ھن ھٿان وٺ!

(سڄي سرشٽي جو ڦيرو ائين ئي ھئڻ گھرجي)

ھان – پوءِ ماڻھو ھڪ ٻئي سان پيار ڇو نٿا ونڊين؟ ڇا پيار جو بدلو پيار ناھي؟ ڇو آھن ماڻھو ايڏا ڪسا کيا؟ الا – ماڻھو ڪيڏا نھ اٻوجھھ ۽ اڄاڻ ۽ اتاولا آھن؟.....“

موھ ڀريل نيڻن سان، ٻڪريءَ جي جيون ڪامڻ رس ٿڻن ڏانھن ٿو نھاري. نيڻن ۾ ڀرڻيءَ جيان، ساروڻن جا ٿڻن مٿان ٿڻ ڀرندا ڦرندا ٿا اچنس.

اچانڪ ڪيپراٽيءَ جو ڪمپيوٽر ويتر فاسٽ ٿي وڃي ٿو:

۽ موھ جي ماڻ ڪامڻ ڀريل نيڻن ۾ ڀرڻيءَ جيان ٿڻن مٿان ٿڻ، ارھن مٿان ارھ ۽ اوھن مٿان اوھ ڀرندا ٿا اچنس.

ٿڻن جي مھاڀاري ڪراس پريڊ!......

ڀولڙي جا ٿڻ يا ببا = (ھيومن فيملي، مسنگ لنڪ)

ٻليءَ يا ڪتيءَ جا ببا = (لائن فيملي)

مادي سوئر جا ٿڻ = (ايليفينٽ فيملي)

گڏھ جا ببا = (ھارس فيملي)

روجھھ جا ببا = (ڪاؤ فيملي)

الائي ڪھڙن ساروڻن ۾ لڙھي ٿو وڃي.

ويچاري چاچي ڳئون، ٻڪريون، مينھون ڏھڻ ويل وات ۾ کير جا گوھا ھڻندي ھيس، پچڪاريءَ جيان وات ۾.“

اچانڪ ڪيپراٽي جي ڀرڻي ويتر تکي ٿيو وڃيس ٿي. تارونءَ ۾ تنوار، ٽيليون، چنگ، ڪماچ، يڪتار، جھانجھھ جھڄي ٿا پونس. ڄڻ يگن کان مري ٺري ويل ويلائن جي سرسنگيت جو پڙلاءُ کيس مارڻ ڳارڻ لاءِ جاڳي ٿو پويس.

”او سرتا، پولڪا اوپاڙي اوپاڙي سارا ڳجھھ ڳوھھ ڳولي زاه. ھولي ھارو ڏڻ ھي – او .... اونئڙا، او پاڪ او پليت رنگا ماٿي رنگ اڇل، اڇلائي زاه. چيچا ۾ چيچ ملائي زاه. او سوئر او پاڪ او پليت رنگا ماٿي رنگ اڇلائي زاه. چيچا ۾ چيچ ملائي زاه. او سوئر او پاڪ پليت سارو تن من، سنگ سنگ ناچي زاه.

رنگ، مھندي، ڪپور، رنگا رنگ گپ ۽ چڪڙ، شراب جي بوتلن جي اور گھور ورکا رنگن جي برکا.

ٽڙاس.... سپني جو ٽٽي وڃڻ، ڄڻ مھاڀاري ڪاپاري ڌڪ.

ھانو ۾ ڄڻ وڏي ڌماڪي سان نيوٽران بم پيھي پرٿوي کان ساري آڪسيجن اڏائي ڪيپراٽيءَ جا تاڪ ڦاڙي ٿو ڇڏيس. وڏي گھوماٽي – ڄڻ کن لاءِ سارو سوريھ سرشتو ٽٽي، ھڪ ٻئي سان ٽڪرائجي پولارن پاتارن ۾ ڀڀڙاٽ ڪندو، ٺڪاون سان مانڌاڻ مچائيندو ھيٺ، ڪي مٿي گم ٿي وڃي ٿو.

اچانڪ رڙ:

”نھ.... نھ.... ڪير ٿيندا آھن اھي وحشي ۽ وائيلڊ ذھني مريض، جيڪي ھٽلر، آئزن ھاور، چرچل، ڊيگال، اسٽالن ۽ مارشل ٽيٽو جيان ڌرتيءَ تي ٻارڻ، ٻارڻ وارا. ٿيندا ڪير آھن اھي وحشي پوليٽيڪل سائنس وارا ماڻھو.

ائٽم بم!....

ھائيڊروجن بم!.....

۽ ھاڻ نيوٽران بم!.....

نيوڪليئر ھوائن لاءِ ھٿوراڙيون ڏيندڙ؟!....

نيٺ تھ انھن بمن ٺاھڻ جو ماڻ ڇا لاءِ؟ گوليون، ٽئنڪون، ڇا، کائڻ لاءِ؟!.... ماڻھن کي ماني گھرجي، نھ ائٽم بم. ڇا وڏو ملڪ اھو ئي آھي، جيڪو سڀ کان وڏو خوفناڪ بم ٺاھي. ھنن گڏھن کي ڪھڙي خبر تھ ھن پرٿويءَ تي ڪي ماڻھو مھاتما ٻڌ جيان بھ رھن ٿا. ھر ملڪ ۾ ڌرتيءَ جي گولي جي آدمشماري ۾ جتي ڪٿي اھي مھاتما چلا پچائي رھيا آھن. ڊڄو ان ڏينھن کان تھ اھي مھاتما چاليھن سالن جا نھ ٿي وڃن. اوھان جو وقت ختم ٿي ويو آھي. مڃو ۽ مرڪي ھٿيار اڇلائي ڇڏيو، سمونڊ جي ڪين ڪن ۾. ھيءَ ڌرتي امن لاءِ آھي، وڏيءَ مھاڀاري سانت ۽ کميا لاءِ.

ڌرتيءَ تي ھي ڪھڙو ڏڦير آھي؟ آدجڳاد کان ڪھھ ڪھان، ويڙھاند، ڦٿڪ ڦٿڪان، ڪيھون، ڪيڪون، ٻاڪارون. نھ رڳو پسن جانورن جون ٻارڙن جون بھ. ٿرو دي ڪاريڊارز آف ٽائيم! يڪيون ھلنديون ٿيون اچن! ڪڏھن ختم ٿينديون..... ڪڏھن؟......

اچانڪ ياد ٿو اچيس:

”ھتان تھ سنڌ يونيورسٽي تمام ويجھي آھي. جي آئون ٿورڙو ھمٿ کان ڪم وٺان تھ شايد مون کي آرام لاءِ ڪنھن ھاسٽل جو ڪمرو ملي وڃي.“

۽ گھوماٽيون کائيندو ھلندو ٿو وڃي، پھاڙي پيچرا ڇڏيو، سپر ھاءِ وي جو دڳ وٺيو.

”تون!....“

”ھا – مان......“

”ھيکل آھين يا ڪو ٻيو بھ آھي؟“

”ھيکل. پاڻي پياريندين؟“

”پاڻي بھ ۽ چانھھ بھ. تون مون کي وڻندو آھين.“

”ٿئنڪيو.“

پاڻي جي گلاس سان موٽ.

”ھان!... تون روئين پيو!“

”ھا – ڪڏھن ڪڏھن روئڻ لاءِ ماڻھو سڪي ويندو آھي. روئڻ ايترو ئي نيچرل آھي، جيڏو کلڻ.“

”نو فلاسافي. فلسفو پاروٿو ٿي ويو آھي سڄي جو سڄو فلسفو. ڪچن ۾ ھل، مون کي چانھھ کان سواءِ ٻيو ڪي بھ ڪين اچي.“

”فلاسافي.... توکي روئڻ ڏاڍو سٺو ايندو آھي. ڏاڍي سٺي پرفارمينس ڏيندو آھين.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com