سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آيل ڙي اولاڻا

باب:

صفحو :3

اوڀر ۾ واجھائيندي، اچانگ محسوس ڪري ٿو تھ وھائو تھ تمام گھڻو مٿي چڙھي ويو آھي، ڇڄڻ لڳا آھن ستارا، ھڪ ھڪ ٿي پولار جي انڌن ڪوھيڙن مان ۽ ھوائن ۾ ماڪ گھلڻ لڳي آھي. وري ويڙھي وڃيس ٿو ھڪ وڏي ناڪاميءَ جو احساس. محسوس ٿئيس ٿو تھ ھو نھ ڄاڻي ڪيترا قيمتي پل وڃائي ويٺو آھي. ھر پل ٻئي پل کان ڇڄندو وڃي. ھر ستارو ٻئي ستاري کان وڇڙندو وڃي، جدا ٿيندو وڃي.

ھن ڏٺو، اچانگ ھڪ ننڍڙو نکٽ، لڙڪ جيان چڻنگون ڇڏيندو ھيٺ اونداھ جي پاتار ۾ گم ٿي ويو. اچانگ ھن کي خيال آيو:

ھنن ستارن ۽ اسان جي زندگين ۾ ڪيڏي نھ ھڪجھڙائي آھي. ڪيڏو نھ ميلاپ! اسين بھ تھ انھن ستارن جيان اٿاھھ گھگھھ ۽ گھپ اونداھين مان ايندا آھيون، روشنيون ڦھلائڻ لاءِ ۽ اوندھ جي پاتار ۾ لڙھي ويندا آھيون. اسان ۾ بھ تھ اھا ئي ساڳي جلڻ ۽ جاڳڻ جي ھير آھي! بس فرق رڳو ايترو آھي تھ اوندھ جي ڦھلجندي ئي سڀ ستارا ھڪدم پنھنجي ماڳ تي مڙي ايندا آھن، پر اسين جي ميڙا ڀڃي ھڪ وار ھڪ ٻئي کان وڇڙون تھ پوءِ ڪڏھن نٿا مڙون، ڪنھن دڳ ماڳ ۽ مارڳ تي نھ. ڪنھن ٿان، ڪنھن مڪان تي نھ! ائين ڇو آھي؟ اونداھين کي ٽوڙي ڊاھڻ لاءِ وھائوءَ جي وات وٺي ڪيترا ماڻھو آيا ھئا. ڪھڙا ڪھڙا ديپ دکيا ھئا ۽ اڄ ڪيڏي نھ گھگھھ اونداھي آھي، ڪيڏي نھ موت جي ماٺار.... (اوندھ کان گھٻرائجي وڃيس ٿو من) ۽ اچانگ من تي تري اچنس ٿيون روشنين جون ساروڻين پٺيان ساروڻيون.... ھانءَ تي ھري ٿا اچنس، مري ويل پل:

جڏھن روشنين تي سنگينن جا پھرا ھئا، جڏھن اوندھ جا ديوتا ڪوريئڙن جيان، اوندھ جا ڄار اڻي رھيا ھئا، تڏھن ھو اونداھي جي پولار جي الائي ڪھڙن ڇيڙھن کان ڀٽڪندو، ازل جا آواز سڻي آيو ھو. ٽانڊاڻن جا ترورا ڏسي، تارن جي لاٽ ڏسي، ڏيئا ڏيئا ڳاٽ ڏسي، تڏھن ھن محسوس ڪيو تھ ھو پاڻ بھ ٽمڪي پيو. تڏھن ھن محسوس ڪيو تھ ھو ھڪ شڪتي آھي، طاقت آھي..... ھو پنھنجي مشعل مشعل ساٿين سان گڏجي ھن اونداھي کنڊ کي سدا لاءِ روشن ڪري ڇڏيندو ۽ ھو پاڻ بھ ٻين ننڍڙن ننڍڙن ستارن جيان ھڪ تمام وڏي ٻرندڙ، دھڪندڙ، شعلا شعلا گرھ جي چوڌاريءَ گردش ڪرڻ لڳو. ائين ٿي ڀاسيو ڄڻ اونداھي کنڊ ۾ روشنين جي کير ڌارا پلٽي پئي ھئي. ھوائن ۾ ھزارين جڳ مڳ، جڳ مڳ گيت گھلي ويا. ڌرتيءَ جا گيت، لوھ لڱين انسانن جا گيت، روپاھين ۽ رڪاھين ٻانھين جا گيت، اجھل آزاديءَ جا گيت، سون ورن سنڌوءَ جا گيت. ڪڏھن نھ ختم ٿيڻ وارا، اجھل روشنين جا گيت. ڀلا ڪو چئي سگھيو ٿي تھ اھي گيت ائين ئي اونداھين جي سمونڊ ۾ لڙھي ويندا؟ موت جي ماٺار ۾ پيھي ويندا. ھر ھڪ روح کي تنھا ڇڏي!

اچانگ ويڙھي وڃيس ٿو تنھائيءَ جو احساس. روح چيڀائيندر ھڪ گھگھھ اوڻٽيھھ اونداھي ٻاٽ جو ڪارو ۽ ڪؤڙو احساس. اندر جي پاتال جي گھراين مان نڪري وڃيس ٿي دانھن:

آھ....... اھي سڀ گيت ڪيڏانھن ٻڏي ويا؟ ڪيڏانھن ويا اھي روشنين جا پيغامبر؟ ڪو نئون سج اڀارڻ کان اڳي ڪھڙي اوندھ جي پاتار ۾ لڙھي ويا؟ ڪٿي آھن اھي ٽانڊاڻن جا ترورا؟ ڪٿي آھي اھا تارن جي لاٽ؟ ڪٿي آھن اھي ڏيئا، ڏيئا ڳاٽ؟ ڇو...... اڄ ڇو آھن وڏا وڏا ڳاٽ جھڪيل، سجدي ۾ ڪريل؟..... ڇو آھي ايڏي اونداھي؟ ڇو آھي ايڏي موت جي ماٺار؟ ڄڻ ڪڏھن ڪو ميڙو ئي نھ متو ھو، مارڳ تي ڪا دونھين ئي ڪانھ دکي ھئي. دڳ دڙن تي ڪو ڏيئو ئي ڪونھ ٽمڪيو ھو. ڄڻ پولارن ۾ ڪٿي ڪو پڙاڏو ئي پئدا نھ ٿيو ھو، ڄڻ ڪو سندر سپنو ھو، ٻارڙن جي اکٻوٽ راند ھئي، بي سبب، بي مقصد...... بي معنيٰ.......

ڪو سانگ ساري، آلاٿي وڃنس ٿا نيڻ.

اچانڪ ڏسي ٿو وھائو آھي ئي ڪونھ. اوڀر ۾ ڦھلي پئي آھي رت ورني، لاک رنگ باک. ويڙھي وڃيس ٿو قيمتي پلن جي وڃائجي وڃڻ جو احساس. لئيءَ جي ٽارين ۾ ماڪ ڦڙا ڏسي لڙي پونس ٿا نيڻن مان لڙڪ. نٿو چاھي اوڀر کان ڌرتي ۽ آڪاس جي سنگم واري ڦاڪ مان سج کي سوت سوت ڪني ڪڍندي ڏسڻ. (جنھن جي روشني قيد آھي) اندر مان وري دانھن ٿي اڀريس. آھ..... ھي دوزخ جو دونھون ڪڏھن ختم ٿيندو، ڪڏھن اڀرندو سک جو سورج؟ ڪڏھن ٿيندو ھي اونداھو کنڊ روشن؟

اچانگ اوڀر کان منھن موڙي، ڪڇن ۾ ھٿ ھڻي، واسري ۾ ڏڪندو لڳو آھي ھلڻ، اولھھ ڏانھن. (جتان وٺندي آھي رات جنم) وري ڪا واٽ ڳولڻ لاءِ ڪو مارڳ ملھائڻ، ڪا جوت جاڳائڻ لاءِ وڃي پيو. ٽانڊاڻي جي ٽمڪاٽ جيڏي آس کنيو، تارا تارا لاٽ ۽ ڏيئا ڏيئا ڳاٽ ماڻھن جي تلاش ۾، وڃي پيو تڪڙو تڪڙو وکاريندو. ڪا نئين چڻنگ ٻارڻ لاءِ:

جڳن کان،

اوندھھ جا ديوتا،

ڪوريئڙي جيان،

اڻن پيا، اوندھ جا ڄار!

ھڪڙو سوال

انھيءَ ڍنڍ جي ڏاکڻي پاسي کان وڻن جو ھڪ وڏو گھاٽو جھنڊ ھو. مون ٻڌو ھو تھ اتي پرين جو آستانو آھي. جيڪو بھ ماڻھو چانڊوڪين راتين ۾ انھيءَ پاسي نڪري ويندو، پريون ان جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏينديون! تنھن ڪري ڍنڍ جي انھيءَ پاسي ڪوبھ ڪونھ ويندو ھو.

ھڪڙيءَ چانڊوڪيءَ رات جو آئون ٽلندو ڍنڍ جي انھيءَ پاسي نڪري ويس.

ٿڌڙيءَ، اڻلکيءَ ھير ۾ ڍنڍ جو جرڪندڙ پاڻي لھرون ھڻي رھيو ھو ۽ انھيءَ جي مٿان ننڍاکڙا ڪنول ھندوري ۾ ستل ٻارڙن جيان اکيون ٻوٽي، مشڪي رھيا ھئا. لھرون ڪناري سان ٽڪرائجي، کين لوليون ڏئي رھيون ھيون. ڪناري تي بيٺل نم ۽ سرنھن جا وڻ، حبشي ٻانھن جيان بيٺا، پنھنجين سرھين، ٻور ڀريل ٽارين سان کين پکو ھڻي رھيا ھئا ۽ پورنماسي چنڊ جو اولڙو لھرن تي ڪنھن مصري نچڻيءَ وانگي ٿڙڪي رھيو ھو.

ٿوريءَ دير لاءِ مون خيال ڪيو، فطرت جو سينو ڪيترو نھ وسيع آھي. ھوءَ ننڍڙين شين کي پيدا ڪرڻ ۽ انھن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪيڏا نھ سامان ٿي پئدا ڪري!

۽ مان زندگي ۽ ان جي حسن جي باري ۾ سوچڻ لڳس..... اسان جي ھيءَ دنيا ڪيتري نھ حسين آھي. پوءِ بھ اسان جي زندگيءَ ۾ حسن جو حصو ڪيترو نھ مختصر آھي. ڄڻ ڪنھن گھاٽي اونداھي ٻيلي ۾ ٽانڊاڻي جو ھلڪو ٽمڪاٽ، جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسين سڀ ھڪ ٻئي جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي رھيا ھجون.

۽ مان زندگيءَ جي اٿاھ اونداھين ۾ گم ٿي ويس، جتي ملن ۽ مال گدامن جي ڀيانڪ، گڙگڙائيندڙ گوڙ ۾ ھر گھٽيءَ جي موڙ تان ھزارين بکيا ۽ اگھاڙا، اپاھج ۽ بيمار چھرا، بدروحن وانگي منھنجو پيڇو ڪري رھيا ھئا، جي ازل کان سوالي نشان بنجي، منھنجي اڳيان اچي بيھي رھندا آھن ۽ جن کي اڄ ڏينھن تائين مان ڪوبھ جواب نھ ڏئي سگھيو آھيان. انھن جي ڀيانڪ تصور کان ڊڄي، مان ويرانن ۽ قبرستانن ڏانھن ڀڄي ويندو آھيان، جتي مون کان ڪوبھ ڪنھن بھ قسم جو سوال نھ پڇي سگھي – جتي ڪوبھ مون کي پنھنجا غمناڪ افسانھ نھ ٻڌائي. ھتي اچي، مان زندگيءَ جو سمورو ڏک ۽ درد ڀلجي، فطرت جي حسين نظارن ۾ گم ٿي ويندو آھيان.

مان ڍنڍ جي ڪناري تي نرم ڪلراٺيءَ واريءَ مٿان، سيرانديءَ کان ٻانھن ڏيئي، نئون سنئون ٿي، ليٽي، مٿي حد نظر تائين ڦھليل، گول، پورنماسي پڙاءَ کي تڪڻ لڳس. چوڏھينءَ جو چنڊ، ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاٿل ٽانڊاڻي جيان، ڪڪرن ۾ ڦاسي، ڄڻ ڦٿڪي ڦٿڪي ساڻو ٿي پيو ھو ۽ تارا ائين ٽڙي پکڙي ويا ھئا، ڄڻ ماکيءَ جي ماناري ۾ ڪنھن پٿر اڇلائي ھنيو ھجي. مون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. سامونڊي ھوائن ۾ گھليل ڏکڻ جي ھير منھنجن وارن ۾ سر سر ڪري، منھنجي ٿڪل ۽ اپاھج ذھن کي سمھارڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي ۽ منھنجين اکين جا پنبڻ ڳرا ٿيندا ٿي ويا.

اوچتو، ھوا ۾ سرسراھٽ پيدا ٿيڻ لڳي ۽ ان سان گڏ ئي فضا ۾ موسيقيءَ جھڙن ٽھڪن جو آواز گونجي ويو. مون ڇرڪي، مٿي آسمان ڏانھن نھاريو – ست سونھري پرن واريون پريون ڍنڍ تي لھي رھيون ھيون! آئون ھڪدم ڊوڙي، گھاٽين ڄارين جي جھنڊ ۾ لڪي ويھي رھيس. ست ئي پريون پنھنجا سونھري کنڀ پکيڙينديون، ڪونجن جي وڳر وانگي گول دائرو ٺاھينديون، اچي ڍنڍ تي لٿيون.

انھن مان ھڪ پري، جا سڀني کان ننڍڙي ۽ معصوم ٿي لڳي ۽ جا شايد پھريون دفعو آيل ٿي ڏٺي، خوشيءَ کان تاڙيون وڄائي چوڻ لڳي: ”آھ، ھيءَ انسانن جي دنيا ڪيڏي نھ حسين آھي – انسان تھ الائي ڪھڙا ھوندا.“

تڏھن ھڪ پري، جا سڀني کان حسين ٿي ڏٺي، وراڻيو: ”نھ، منھنجي معصوم پري، تو رڳو انسانن جي دنيا ڏٺي آھي. پر جي انسانن جي زندگيءَ ۾ جھاتي پائي ڏسين تھ ھوند ھيڏانھن منھن بھ نھ ڪرين!“ ۽ مون محسوس ڪيو تھ ننڍڙيءَ پريءَ کي اھو ٻڌي ڏاڍو رنج ٿيو.

پوءِ ست ئي پريون پنھنجن سونن روپن جسمن تان ڪيمخواب ۽ اطلاس جا وڳا لاھي، ٽھڪڙا ڏينديون چانڊوڻيءَ ڇر تي ترڻ ۽ تڙڳڻ لڳيون.

مان ڪيتريءَ دير تائين اھو دلفريب منظر ڏسندو رھيس. منھنجي دل ۾ ھڪ خيال آيو ۽ مان گھاٽين ڄارين جي اوٽ وٺي، لڪندو اچي پرين جي جرڪندڙ ڪپڙن تي مڳ ٿي ويھي رھيس.

ٻيون سڀ پريون جوتي ڪلڇ تي رقص ڪنديون، ترنديون، پري پري تائين نڪري ويون ھيون، رڳو ننڍڙي پري مون کان ٿورو پري، آسپاس جي ماحول کان بيخبر، بيدليءَ سان ڇنڊا اڏائي رھي ھئي. شايد ھوءَ اڃا تائين انسانن جي باري ۾ سوچي رھي ھئي. مون ھڪ ننڍڙي ڪڪري کڻي، آھستگيءَ سان سنڀالي ھن ڏانھن اڇلائي. ھن ڇرڪي مون ڏانھن نھاريو ۽ ڊڄي، وٺي سريلي آواز سان رڙيون ڪيائين. ھن جي آواز تي اک ڇنڀ ۾ ڇھھ ئي وڏيون پريون ڊوڙي آيون ۽ مون کي حيرت ۾ ڏسڻ لڳيون.

انھن مان ھڪ پري، جا سڀني کان حسين ٿي لڳي، اکيون گھريون نيريون ۽ وار سونا ۽ مٿي تي راڻين وارو مڳٽ ھوس، ڪاوڙ مان تپي باھ ٿي چوڻ لڳي: ”ڪير آھين تون؟ مان توکي پنڊ پھڻ ڪري ڇڏيندس! توکي ھتي اچڻ جي ھمت ڪيئن ٿي؟“ ڪاوڙ ۾ ھوءَ اڳي کان بھ وڌيڪ دلڪش لڳي رھي ھئي.

”اي روشنين مان آيل اپسرا! مان شاعر آھيان. مون وٽ ڪجھھ سوال آھن، جي مان توکان پڇڻ چاھيان ٿو. پھرين مون کي انھن جا جواب ڏي، پوءِ ڀل مون کي پنڊ پھڻ ڪري ڇڏج.“

پري منھنجي انھيءَ جرئت تي ڪجھھ حيران ٿيندي، مون ڏانھن نھاريو ۽ ڏاڍيءَ بيرخيءَ سان چيائين: ”جي تون شاعر نھ ھجين ھا تھ مان توکي چڻي جيڏا داڻا ڪري ڇڏيان ھا. ھاڻ جلدي پڇ جو پڇڻو اٿئي، پر ڪو بھ سوال احمقاڻو نھ ھجي.“

مون سوال ڪيو: ”زندگيءَ کي حسين تر بنائڻ لاءِ سڀ کان بھتر ڪھڙو اپاءُ ٿي سگھي ٿو؟“

پريءَ ڪجھھ سوچي وراڻيو: ”پيار ۽ امن. پر مون توکي چيو ھو، ڪوبھ سوال احمقاڻو نھ ڪجانءِ. اھي ٻئي شيون توھان وٽ ناياب آھن. اي موڳا شاعر، مرض رڳو علاج معلوم ڪرڻ سان نھ، بلڪھ دوا حاصل ڪرڻ سان ختم ٿيندو آھي. ھاڻي ٻڌا، اھي ٻئي شيون آھن اوھان وٽ؟“

ست ئي پريون منھنجي منھن ۾ نھاري، وڏا ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳيون. منھنجين اکين آڏو اوندھ اچي ويئي. مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنھن زورائتي ڌڪ منھنجو مڻڪو ڀڃي وڌو ھجي. مان ھڪ وڏي رڙ ڪري جاڳي پيس.

ڀنڀرڪي جو دونھاٽيل آسمان پنھنجي وڏي وات سان ھڪ ھڪ ڪري، چنڊ ۽ ڪتين کي ڳڙڪائي چڪو ھو. سج جا تيز تکا تجلا ڏيندڙ بڻڇ، اڀرندي کان لھرائي رھيا ھئا ۽ سڄو افق جنگ جي ميدان وانگي رتو ڇاڻ ٿيو پيو ھو.

ھڪ کن جو سفر

سنڌو ڏاڍي سندرتا سان وھندو ٿو وڃي، جيڪو سڀ کان وڏو مھان ۽ مھربان درياھ آھي. سنڌو جيڪو آدجڳاد کان ندين جو بادشاھ پئي رھندو آيو آھي. اباسين، سپتا سنڌو، ھپتا ھندو، درياھن جو پيءُ!....... ويڪ؟ ڪالن کان.

(ماٺار سان ٽٻٽار ھڪ ذھن جو پڙلاءُ)

ھون!..... آخر ايڏي نفرت ڇو؟ ھڪ تاريخي ڀونءِ سان، آدجڳاد کان وھندڙ سنڌوءَ کان. سنڌو جيڪا جڳن جي الھي وڃڻ کان پوءِ اڀرڻ لاءِ اوشا جيھا سانڀاھا پئي ڪري، نئون سج اڀارڻ لاءِ. ماڻھوءَ کي ڪجھھ بھ بڻائي سگھجي ٿو، پر سنڌوءَ کي علاقائي ڪيئن ٿو بڻائي سگھجي؟ جنھن جي رڳو بوبڪ جي تماڪ ايڪسپورٽ ڪري، ساري دنيا کان پيٽرول جي پورت ڪري سگھجي ٿي. علاقائي!.... ڇا سنڌو جي نالي تان برصغير مٿان ھندوستان نالو نھ پيو؟ ڀلا تاريخ کي بھ ڪا للڪار آھي ڇا. سنڌ، ھند، انڊس، درياھ شاھ جي انھن نالن کان ڪھڙو ماڻھو انڪاري ٿي سگھي ٿو؟

کن لاءِ ھن جي مک تي روئڻھار مرڪ ڦھلجي ٿي وڃي. نفرتن ڀريل، ڌڪار سان اوتيل.

۽ ناؤ سانوڻيءَ جي سنڌوءَ ۾ ٻڏندي اڀرندي ٿي وڃي، سير وٺيو، گھوٻاٽيون کائيندي.

- ڇو ڀلا!....... ايڏي ماٺار ڇو آھي؟ تون ڪھڙين سوچن ۾ لڙھي ويو آھين؟ ڇو گھرايو اٿئي مون کي؟ ڪھڙي ڪارج لاءِ؟......

۽ ڇوليون ڇڙواڳ ناؤ کي پنھنجي مھاڀاري وھڪ سان وڃن ٿيون ڇل ڇل ڇولينديون. پنھنجي ڳالھھ جو جواب نھ ملڻ ڪري لاجونتي وري ڀڻڪو ٿي ڪري. ڪجھھ سختيءَ سان:

- تون چپ ڇو آھين؟ ڳالھائين ڇو نٿو؟

- آخر ڇو؟....... .......

- مان..... مان گوناگون سنڌوءَ جي وھڪ ڏسي، بيٺل پاڻيءَ تي سوچي رھيو آھيان. سينور ھاڻي سائي سائي گدلي بيٺل پاڻيءَ تي.

- مان فلسفو ٻڌڻ جي موڊ ۾ نھ آھيان. ٻڌاءِ تھ ڇا ڳالھائڻو آھي؟ تنھنجي چٺيءَ مطابق تھ اسين ھتي ڪو مسئلو سلجھائڻ آيا آھيون. ھا نھ؟.......

- ھا ...... پر مون لاءِ ڪو مسئلو، مسئلو نھ ھوندو آھي. شايد ان ڪري تھ مان غير علاقائي ماڻھو آھيان. مان مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي نٿو سگھان. ان ڪري تھ مسئلا نبيرڻ جي مون ۾ پوري شڪتي ڀريل آھي. منھنجي رڳن ۾ رت نھ سنڌو وھندو آھي. مان مسئلن جي انھيءَ چِڪڻ کان مڪت آھيان.

- پر مان تھ مڪت نھ آھيان. ٻڌاءِ نھ، مون کي مڪتي ڪيئن ملندي؟ ڇوٽڪارو.

- ھيترن سالن کان پوءِ اسين وري ڇو مليا آھيون؟!

- ڇو؟....... لاجونتيءَ کي ڄڻ جک ٿا اچن ۽ پتيلو ڪنن ۾ گھوماٽيون کائيندو جھلندو ٿو وڃي. لاجونتيءَ جي اندر ۾ ڄڻ ڄيرا ڀرجي ٿا وڃن. ھوءَ آڪاس ۾ نھاري ٿي، بيزاري مان چنڊ ۾.

۽ چنڊ جون روشن ٿڌيريون ٿڌيريون ڇاٽون پرئين پار کان ڇوليءَ ڇوليءَ مٿان ٿڙ ڪنديون، سون پلٽائينديون، ناؤ کي ڇھنديون ٿيون وڃن. درياھ ۾ ڄڻ ھڪ سون ڌارا ڌوڪيندي پئي اچي. ٽلڪندڙ ٽمڪندڙ سون ڌارا. پر لاجونتي کي چين نٿو ملي. سندس اندر ۾ ڄڻ ڄيرائي ڄيرا ڀرجندا ٿا وڃن ۽ ٻيا آھن ڳوڙھا، لاجونتيءَ جي ٽانڊاڻين اکين ۾ ڦاسي اٽڪي ويل، ٽمڪندڙ ڳوڙھا، ڪڪوريل نيڻن جا.

- تون روئين پئي؟

- نھ...... نيڻن ۾ ڇوليءَ جي ڇاٽ لڳي وئي آھي. تون..... تون ناؤ کي ڇولين ۾ ائين ڇڙواڳ ڇو ڇڏي ڏنو آھي، ٻڌاءِ نھ ڇو؟......

(لاجونتي ساڙھيءَ جي پلو سان مٿو ڍڪيندي ذري گھٽ راڙو ٿي ڪري)

- پر مون تھ توکان اھو بھ ڪين پڇيو آھي تھ تو مون لاءِ سوچن کي ڇو ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو آھي؟ ڇا تون اھو پسند ڪندينءَ تھ اسين ھڪ ڀيرو وري اندر ھاگاما ۽ ھور کڻي، وري سدا لاءِ وڇڙي وڃون؟ وري ڪڏھن بھ نھ ملڻ لاءِ.

- ھا، ان ڪري تھ مان وري ڪنھن واچوڙي ۾ ڦاسڻ نٿي چاھيان. تون وري ڪو طوفان اڀارڻ ٿو چاھين.

- طوفان...... ڪھڙو طوفان؟ اڃا آيو ڪٿي آھي؟

- ڇا!..... ڇا اھا ھڪ وڏي مھا پرلئھ نھ ھئي، جنھن ۾ اسين لڙھي ويا ھئاسين. مون کي ڊپ ٿو ٿئي. اسان کي پنھنجي پنھنجي گھرن ڏانھن موٽي وڃڻ گھرجي. سچ اسان ٻنھين لاءِ اھو ئي رستو مناسب آھي. ڳالھھ ڪندي لاجونتيءَ کي ڄڻ کٽڪا کائيندا ٿا وڃن.

- لاجو! طوفان ايندا آھن، گذري ويندا آھن، وري موٽي ايندا آھن ۽ اھا ڳالھھ شيام ڏاڍي ٿھمر سان ٿو چوي. ڏاڍي نرماڻ مان. وڏي سوچ سان ۽ شيام جي ڳالھھ تي لاجوني اشانت ٿي مٿي نڀ ۾ نھاري ٿي. مٿي اگھور پولارن ۾، جتي سڀ نکيتر کيس ٻڏاڻا ٽمڪندڙ ٿا نظر اچن. وڏو وڏو پولار کيس ڪنھن ڪن جيان ٿو لڳي. اچانڪ ھوءَ وڏھوڙجي ڦاٽ ٿي کائي:

- نھ...... نھ، پھرين اھو ٻڌاءِ تھ تو ڪملا کي ڇو موڪليو، ڪھڙي ڪارج لاءِ؟ منھنجو خيال آھي تھ ھر مرد جو عورت ۾ ھڪ ئي وڏو ڪم پوندو آھي، سيڪس. ڇا توکي سيڪس گھرجي؟.......

۽ کن لاءِ شيام ڏاڍي ماٺار سان لاجونتيءَ ۾ نھاريندو ٿو رھي، وڏي گنڀيرتا سان.

- سيڪس، تون ٺيڪ ٿي چوين. عورت ھجي يا مرد، سيڪس ڪنھن کي نٿو گھرجي. پاڻي پيڻ جيان سيڪس بھ ھڪ نيچورل نيڊ آھي. پر ھن ويل تو اھو سوچيو ڇو؟

جڏھن تھ اسان ٻنھين جي وچ ۾ اھڙو ڪو رشتو، ڪا ڳالھھ ٻولھھ آھي ئي ڪانھ! شروع کان. ٻڌاءِ نھ تو سيڪس کي وچ ۾ ڇو آندو؟ شيام گھور ٻڌي منجھس نھاريندو ٿو رھي.

- ائين ئي، جيئن تو منھنجي مرضيءَ جي خلاف مون کي ھت آندو آھي. نيٺ بھ تھ ڀلا مان ڇا سمجھان تھ؟......

- نھ، آئون توکي زوريءَ تھ نھ وٺي آيو آھيان. تون پاڻ نياپي تي آئي آھين. شيام ڏوراپيندڙ نيڻن سان لڳاتار منجھس نھاريندو ٿو رھي ۽ لاجونتي ڏاڍو بيچين ٿي، ڪوماڻيل نيڻن سان منجھس نھاريندي ٿي رھي.

۽ ھن پار کان، چنڊ جا سونا ترورا سون ورن کير ڌارا جيان جر ۾ ٿڙڪندا، ناؤ ڏانھن جتان ڪٿان ڌوڪيندا ٿا اچن ۽ لاجونتي ڄڻ ڏاڍي لڄيندي ٿي ڪومائجي ٿي وڃي. شيام ۾ نھاري نٿي سگھي. ھوءَ وڏا جک کائيندي، ڪاوڙ تي قابو پائڻ جي ڪوشش ٿي ڪري ۽ ڏاڍي ڌيرج سان سمجھائڻ واري انداز سان ڀڻڪو ٿي ڪري:

- ڏس نھ شيام، ھيترا سال گذري ويا آھن. سچ مان تھ تنھنجا ساروپا بھ وساري ويٺي ھيس. مک، سڀ ساروڻيون! پوءِ ائين ڇو؟ اسين ڪو سانگ ساري ھڪ ٻئي کان وڇڙي ويا ھياسين. ياد اٿئي نھ؟....... ماڻھو سڀ ڪجھھ ايترو جھٽ نھ وساريندو آھي. سمجھين پيو؟.....

- ھا ھا، گو آن، ڪيري آن.

- ڏس نھ اسان...... پاڻ تھ ان وھيءَ کي بھ پوئتي ڇڏي آيا آھيون. آئون سمجھان پئي تھ تون وري ٻيھر منھنجي جيون ۾ داخل ٿي رھيو آھين. ھا يا نھ؟........

- ھا، طوفان جڏھن بھ مئچوئر ٿيندو آھي، مھاپرلئھ بنجي ويندو آھي. سمونڊن ۾ جھير وجھي ڇڏيندو آھي. اوشن ۾ کنوڻيون پيدا ڪري ڇڏيندو آھي. سچ تھ اھو آھي تھ اوشن بھ تون آھين ۽ فئنڪاستي بھ تون آھين. تون چاھين ٿو اسين ٻئي ان لڙاٽ مان لڙھي نڪري وڃون.

- ڏس شيام، اسين ٻئي نھ رڳو پنھنجي ملڪ لاءِ، پر نئين ٽھيءَ لاءِ ڏاڍا ريسپانسيبل آھيون.

- تمام وڏا جوابدار. اسان جي ھڪ ننڍڙي حرڪت ساري وايومنڊل ۾ بدبو پئدا ڪري سگھي ٿي. ان ڪري تھ سماجڪ ٻنڌڻن کان نھ تون مڪت آھين نھ مان ۽ لاجونتي وڏين آشائن سان لڳاتار شيام ۾ نھاريندي ٿي وڃي ۽ چنڊ جي گھڻيءَ چٽائيءَ ساڻ سنجھا تارو ماٺو ٿيندو ٿو وڃي. بتيلو ڀنور ۾ ڦاسي، ھاليسي جي طاقتور دٻاو ساڻ گھوماٽي کائي ڪن جي گھيرٽ مان نڪري ٿو وڃي. ڇل ڇل ڇوليون بتيلي کي ڌڪ ھڻي، چئني پاسن کان ڄڻ بتيلي ۾ ڌوڪڻ ٿيون چاھن ۽ وڏي جل ڇلڪاٽ ساڻ ھڪ ڇولي جي ڇاٽ ڄڻ لاجونتيءَ جي لڙڪن جي لڄ پاريندي ٿي وڃي ۽ لاجونتي ڀنل ساڙھيءَ جي پلو سان چھرو اگھڻ ٿي لڳي ۽ شيام ھاليسو ھلائيندي، ناؤ کي سڌو ڪري ٿو ڇڏي...... ۽ سانوڻيءَ جي ٽٻٽٻار سنڌوءَ ۾ ناؤ وڃي پئي ٻڏندي اڀرندي.

- تون وري روئين پئي. مان..... مان تھ توکي ايڏو ڪمزور ڪڏھن بھ ڪين سمجھيو ھو. ڇو پئي منھنجي آئيڊيل سان ويساھ گھاتي ڪرين؟

- ۽ مون کي اڄ ائين پيو ڀاسي ڄڻ تون پاڳل ٿي ويو آھين. تون ھڪ ئي پٿر سان منھنجي من مندر ۾ وھاريل مورتيءَ کي ڀور ڀور ڪري ڇڏڻ ٿو ڇاھين؟......

- مون ڪڏھن چيو آھي تھ آئون ٽوڙ ڦوڙ ڪندڙ ماڻھو نھ آھيان ۽ ٻڌ، مون کي روئڻ کان بڇان ايندي آھي. سچ، ھاڻ مان لپاٽ ھڻي ڪڍندوسانءِ.......

- ھڻ تھ سھي. تون ڪير ٿيندو آھين روئڻ تي پابنديون وجھڻ وارو؟ آئون ڇو نھ روئان.... ڇو؟....... لاجونتي اکين تي ھٿ ڏئي ڍڪون ڀري روئڻ ٿي لڳي.

- نھ رو – ان ڪري تھ تون جيتري حسناڪ آھين، روئڻ ويل اوترو ئي ڪوجھي لڳندي آھين، تون بزدل آھين.

- پر مان تو جيان اندر جي ڪوجھي ۽ ڪوڙھي نھ آھيان.

- تون گيدي آھين، تون ئي چوندي ھئينءَ نھ تھ ماڻھو پھاڙن کان ڏاڍو آھي؟......

- مان پڇان ٿي تھ ڇا روئڻ، کلڻ جيان نيچورل نھ آھي ڇا؟......

- تھ پوءِ ٺيڪ آھي، تون روئي وٺ، پوءِ ڳالھائينداسين ۽ ٻڌ، مون سان جي ڳالھائين تھ پوءِ شاندار نموني سان ڳالھائجانءِ، جيئن ڪامريڊ ڳالھائيندا آھن.

- ڪامريڊ، اھو تھ ڏاڍو سولو ۽ سھکو لفظ آھي ڪامريڊ. اڄڪلھھ جي ڪامريڊن کي ٺڳيءَ ۽ دوکيبازيءَ کان سواءِ اچي ڇا ٿو؟ لاجونتي مرڪي ٿي پوي، لڙڪن سان مرڪي ٿي پوي ۽ ڇوليءَ جي ڇاٽ سان پيشاني اگھي ٿي ڇڏي.

لاجونتيءَ جي ڳالھھ تي کن لاءِ شيام ڄڻ ڍڪرن ۾ ٿو اچي وڃي:

- گھٽ ۾ گھٽ ٻيو نھ تھ تنھنجي واتان اھڙا اکر ٻڌي ڪکي ٿي اچي. ٻڌاءِ...... تنھنجي وات مان اِھلو جملو ڪيئن نڪتو؟ تنھنجي مک تي سونھي ٿو؟ ايڏي!..... ايڏي تبديلي! اکين تي وشواس نٿو اچي. کن لاءِ ٻوڏار ۾ اچي، شيام منجھس نھاريندو ٿو رھي، ڄڻ ڪا ناؤ ڀنور ۾ ڦاسي لڙھي وئي ھجي. شيام منجھس نھاريندو ٿو رھي.

- ھا، ائين سمجھھ اھا عورت مري کپي وئي.

- نھ..... تون ڪيڏو بھ ٻھروپ ڌارين، چھري تي ماسڪ لڳائين، تون ساڳي اھا ئي آھين. اڃا ڪجھھ بدليو نھ آھي.

۽ شيام جي ان ڳالھھ تي کن لاءِ لاجونتي ڄڻ ٽٽي ٿي پوي. وات کان ڪي اجھيس ئي ڪين ٿو. اچانڪ ھوءَ راڙو ٿي ڪري.

- نھ...... ھاڻ مون کي ڇڏي ڏيو. ھاڻ مون ۾ اھا سگھھ ڪانھي. مون کي پنھنجي حال تي ڇڏي ڏيو. مون کان دور ٿي وڃو. ھٽي پري ٿيو مون کان......

نيٺ بھ ڇو؟ اھا غداري آھي، انقلاب سان غداري. تون ڪوڙي آھين، تنھنجي اندر ۾ ڪا ٻي عورت ٻولي رھي آھي. نيٺ بھ تھ ڇو!؟....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com