پر ترسو، اوھان سمجھيا ھوندا تھ آئون ڪو وڏو امير
ماڻھو آھيان، منھنجي گھر ۾ دنيا جو بھترين رانديڪو
رکيل آھي. آئون مڃيان ٿو تھ اھو موجوده دنيا جو سڀ
کان بھترين رانديڪو آھي، پر مون اھو خريد نھ ڪيو
آھي. ھڪ آرٽسٽ دوست مون کي پٽ لاءِ پنھنجي ٽين ايج
جو ٺاھيل ماڊل سوکڙي ڪري ڏنو ھو. (پاڻ گھري ورتو
ھيومانس)
آئون چوان ٿو ساروڻا بھ ڇا آھن، ماڻھوءَ کي ڪٿان
جو ڪٿان وڃيو ڪڍن. ٻاھر نڪري سامھون ننڍي ڀاءُ جي
ستر ھزارن ۾ ٺھرايل اڌوگابري وڏي جاءِ ۾ نھاريان
ٿو. اڳي اتي منھنجي ڳئن، مينھن، ٻڪرين ۽ رڍن جا
واڙا ھئا ۽ ھاڻ رڳو ھڪ ڪتو، ٻيو ان ڪتي جي گلرن جو
ھڪ جوڙو آھي.
ساروڻا بھ ڪيڏا نھ سلوڻا آھن. جڏھن اچن، ماڻھو ذھن
جي اننت پاتارن جي ٽوٻار ۾ ھليو وڃي. مون وٽ تھ
ڀلوڙ ڍڳن جو جوڙو بھ ھو. ھڪ ڍڳو تھ موھن جي دڙي جي
سيل واري وڏي ٿوھي واري ڍڳي کان بھ سگھارو، وڏن
سڱن وارو. ڍڳو ناھي تھ ڇا ٿيو، ان جي چھري جي جڙاو
جو ڀرت ڀريل ساڄ تھ مون وٽ ٽجوڙيءَ ۾ موجود آھي.
الوءِ، ڏسي ڪيڏي نھ اربيلي نرواڻ جيھي سانت ملندي
آھي. ھر ڪا شيءِ پنھنجي اندر ۾ ڪيڏي نھ ڪھاڻي آھي.
ڇا منھنجي ڍڳن جي ساڄ تي ڪھاڻي نٿي لکي سگھجي؟
ٽجوڙين ۾ تھ سون ۽ روپيو رکبو آھي، نھ ڍڳن جا
پراڻا ساڄ. گھر آھي ڪين فرانس جي لاري ميوزيئم جو
ڪو ننڍڙو خانو.
ھون – ڪھاڻي ......، پاليٽڪس تي ڪھاڻي. نو رومانس،
نو سيڪس، آرڊر از آرڊر......
ھان – ڇا اڄ مان ھن گھر ۾ اچي ڏاڍو رومانٽڪ ٿي ويو
ھيس. چاھيم پئي تھ زال سان سيڪس انجواءِ ڪريان، پر
ھوءَ ويچاري اٻوجھھ، ھن کي ڪھڙي خبر تھ وھانءَ ويل
پھرين رات اسان ان گھر ۾ ھني مون ملھائي ھئي ۽ اڄ
رات، چوويھن پنجويھن سالن کان پوءِ، ان ساڳئي گھر
۾، ان ساڳي ڇت ھيٺان ايڏي نويڪلائي!
جڏھن تھ سڀ ماڻھو پوڙھي نانيءَ جي مرتيي تي ويا
ھجن. جيون ۾ چوويھن – پنجويھن سالن کان پوءِ ساڳي
کٽ، ساڳيو جنڊيءَ جو ھندورو. بس ڪا شيءِ واڌارو
آھي تھ اھو چئن سالن جو سڪيلڌو ننڊ ۾ الوٽ ۽ الوپ
ٻار. ايڏي نويڪلائي ۽ ٽن چئن سالن جي پٽ جي
ورکائون ڏيندڙ نرواڻڪ آسيس. منھنجي زال نانيءَ جا
ڏک ۽ ڏنجھھ کنيو ويٺي آھي. چوانس پيو تھ گڏھ، ھن
جا تھ پير بھ ھاٿي روڳيءَ جيان سڄي پيا ھئا. نھ
ويڄ نھ طبيب. ھن کي تھ پاڻ نوي سالن کان پوءِ
نرواڻ ملي آھي. اج دل ٿي چوي نانيءَ تي ڪھاڻي
لکان، الا، اھا منھنجي لائيف جي بھترين ڪھاڻي
ھوندي. چوي ٿي:
”ٻوٿ، ڪھاڻيون..... ھڏ تھ سڪائي ڇڏيا اٿئي پنھنجا،
ڇڏ انھن کي، چريو تھ نھ ٿيو آھين.“ آئون ڳراٽي ٿو
پايانس.
”مئا ڌيان ڪر، شرم ڪر، ھندن ۾ بھ ٽي – چار ڏينھن
مئي جو ادب ڪندا ھوندا.“ ھوءَ ڪاوڙجي بِر ٿي نڪري
ٿي وڃي.
”پوڙھي...... حرامزادي.....“ آئون گاريون ڏيندو
رھجي ٿو وڃانس.
ڪھاڻي..... ھون ڪھاڻي، ناني تھ وڏي ڪھاڻي ھئي. پر
نو سيڪس، نو لو، اونلي پوليٽڪس، پيور پوليٽڪس.
سوچيان ٿو پيور پوليٽڪس تي ڪھاڻي لکڻ ڪھڙي وڏي
ڳالھھ آھي، پر اڄ جي رات تھ موت تي ڪھاڻي لکڻ جي
آھي، جڏھن تھ سائنس جي دنيا ۾ ڪنٽرول آن ڊيٿ از
ناٽ امپاسيبل مشن، تھ پوءِ ماڻھو مرن ڇو پيا؟ جڏھن
تھ سائنس جي دنيا ۾ نيوٽران بم اچي ويو، پر ڏاٺ جي
سور لاءِ اڃا تائين ڪابھ سٺي دوا نھ ٺھي سگھي آھي.
اڃا تائين ڏندن تي ريسرچ جاري آھي. موت تي تھ
ڪنٽرول جي ڳالھھ ئي پري ٿي. ان جا ڪنھن سبب سوچيا
آھن، ان تي ڪنھن ريسرچ ڪئي آھي؟ ۽ اوھان جي چئو تھ
موت تي قبضو ڪري سگھجي ٿو تھ ماڻھو اوھان تي
کلندا. ريسرچ ھا، جاري آھي. شيم..... شيم......
شيم......
ٺيڪ آھي، اڄ ڪھاڻي نٿو لکان، ڏسان سڀاڻ منھنجو مٿو
ڪيئن ٿو ڀڃي. ڇا مان پراڻي ليٿو مشين آھيان، جنھن
کي جڏھن گھمائيندا وڃو ۽ ڪھاڻيون ڌڙا ڌڙ نڪرنديون
اينديون..... ٺيڪ آھي، سڀاڻي چوندوسانس پيور
پوليٽڪس معنيٰ پيور ڪوڙ. دس از ناٽ دي ٽائيم آف
پاليٽڪس. اِٽس اوور، آل اوور. نائو اٽ از ٽائيم آف
آرٽ، پيور آرٽ، نٿنگ ايلس. ٽوڊي دي يونيورس نيڊس
ٽالسٽاءِ، ھرمن ھيس، پرل ايس بڪ، ٽئگور، شاھ ۽
سچل. ھٽلر، گوبل، چرچل، ڊيگال، اسٽالن، خروشچيف،
ڪينڊي. دي آر ان وانٽيڊ پيپلز نائو. نو پاليٽڪس،
نو ويپنس، نو مور آرگيومينٽس، جنٽلمين!
ھون – ٺيڪ آھي، ائين چئي ٺيڪ ڪري ڇڏيندوسانس. سؤ
روپيو جيڪي مون کي ڏيندو، ان جي مون کي بھ خبر
آھي. باقي سنڌ جو نقشو مون کي گھر ۾ چوريءَ جو ئي
سھي، رکڻ جو حق ناھي ڇا؟ آئون ساڳي ڪھاڻي ڇو نھ
لکان؟ ۽ آئون پنھنجي مرضيءَ جي ڪھاڻي لکي، لت کوڙي
سمھي رھان ٿو.
پولارن پاتالن ۾ ڀٽڪندڙ ماڻھو
ڪرئن مشين راڦي ۾ ڦاٿل آھي.
چوڏس ڦھليل ڄانڀي جي سھس کيتن ۾ ڦاٿل سوئي گئس
لائين کوٽيندڙ بڪيٽ ڪرئن مشين، جنھن کي ڪڍڻ لاءِ
سوئي گئس جا سڀ آفيسر، انجنيئر ۽ ٻيا ٽيڪنيشن گڏ
ٿي ويا آھن ۽ کيتن ۾ ڏاڍا ٽيلار ڪريو، پيا مشين کي
ڪڍڻ جي اپائن تي ڳالھيون ٻوليون ڪن ۽ ھو – ھو عيش
۾ آھي. ڪرئن جي ڊگھي ڊگھي سونڍ مٿان ويٺو،
ماسترياڻيءَ جا پنڌ ۽ ڀيرا ڏسي. نيري ڀرتل وڳي ۽
اجرڪ ۾ ويڙھيل سيڙھيل گٽڪي مٽڪي ماسترياڻي، ۽ کن
لاءِ ھو پري کان ايندڙ ماسترياڻيءَ ۾ نھارڻ ۾
کوئجي ٿو وڃي. ڄڻ ڪا ٻي دنيا آھي. سپني جيھي يا
ڪنھن سٺي رنگين انگريزي فلم جيھي.
چوڌاري نيڻ نھار تائين ڦھليل کيت آھن. ماسترياڻي ۽
ان جي اڳيان پٺيان تکا تکا ھلندڙ پنج – ڇھھ اسڪولي
ٻارڙا، پتڪڙا. ھو سوچي ٿو: ”ھلي ڇا ٿي، جھڙو ڊيل
ٻچا چڳائڻ کان پوءِ ڀوڏيسر جي تڙاو ڏانھن وڃي رھي
آھي.“ ۽ نيٺ ڪرئن جي بڪيٽ ۾ بيٺل ڪلينر ڀڻڪي ٿو:
”ير، تو وارو پکي اچي پيو.“
”اڙي چپ ڪر پکيءَ جا ٻچا. ھيءَ جا لالوءَ واري لوڌ
مٿان اچي بيٺي آھي، ويندي بھ يا نھ؟“
”سائين، ڪرئن تي فيصلي ڪرڻ کان سواءِ اھا لوڌ ڪيئن
ويندي؟“ ”پر راڦي ۾ ڦاٿل مشين جو کيتن ۾ ھلندڙ عشق
سان ڪھڙو واسطو؟ اڙي ھي آفيسر وڏا جھرلو ٿئي.
ٻاھران جيترا پوش پاتل، اندران اوترا ئي ننگا. گگ
وھيو وڃين پرائي عورت ڏسيو. الاھين ڏينھن کان فلم
ڪانھ ڏٺي اٿن، بس پاڪستاني فلم جو سين ٿي ويندو.
بابا جھنگل ۾ منگل.“ ڪلينر کيس ٽڏون ٿو ڏئي ۽ ھو
مٿان ڏند ٿو ڪرٽي: ”اڙي مان آفيسرن جي پرواھ نھ
ڪندو آھيان، پر ھو ٿلھو اسيريڊ آفيسر آھي نھ، اھو
منھنجو سؤٽ ٿئي، ڏاڍي خواري ٿيندي. تنھن ڪري لڪ
لڪوٽي ڪرڻي ٿي پوي.“
”اھا ڳالھھ آھي. آئون بھ چوان آفيسر پٽ تي ۽ اسٽور
ڪيپر آسمان تي.“ ڪلينر جي ڳالھھ تي ھو مشين جي
سونڊ ھيٺان بڪيٽ روپ ۾ تيزيءَ سان لڙڪندو ھيٺ لھي
ٿو ۽ ھن جي ان ريت لڙڪندي لھڻ تي ڪلينر ڪاوڙجي ٿو:
”اڙي ميان، ائين تھ مارائي وجھندين، ٽنگ ٻانھن ڀڄي
پوئي تھ! ميان، آفيسر جو ڀاءُ ھوندين تھ پنھنجي
لاءِ ھوندين.“ گئس ٻڏاڻو ڪارو ڪارو ڪلينر ڪاوڙجي
ٿو وڃي.
”اڙي، ڀاڙين جون ٽنگون ٻانھون آھن جو ڀڄنديون.“ ھو
ٿڌو ساھ ڀري ماسترياڻيءَ ۾ نھاري ٿو ۽ وري ڏاڍي
ايلاز مان ڀڻڪي ٿو: ”يار، اھا ٻانھن منھنجي ٿئي.
ان رن کان سواءِ آئون لولو لنگڙو آھيان.“ ھو ڪرئن
جي لوھي رسي ۾ ھٿ وجھيو، ماسترياڻيءَ ڏانھن ڏاڍي
موھ سان نھاريندو ٿو رھي.
”الا، مون کي تھ اھا انھن سمورن ٻارڙن سميت قبول
آھي. يار قرآن، ڪجھھ ڪر نھ. الا ڏاڍا سھڻا ٻار ڄڻي
ڏينديم.“
”اڙي واھ، ھاڻ سوئي گئس ۾ ٻيا ڪم کٽا آھن جو ھاڻ
وري اھو ڌنڌو بھ ڪريون؟“ ڪلينر چڙي چوي ٿو.
”نھ يار، تون تھ ھروڀرو پيو پاڻ کي گاريون ڏين. ڏس
يار، ھيئن ڪر نھ، ھيءَ راڊ کڻي، ھن پاسي ڄارين ۾
وڃي بلا مار.“ ھو ڏاڍي منٿ مان ٿو چوي.
”بلا ماريان، اڙي ڪچي ڀنگ کائي ويو آھين ڇا بوبڪ
جي؟!“
”يار ڏس، مڙس ٿي، اصل ڌوڌڙ ۾ ڌٻڙاٽ وجھي ڇڏ، اصل
وڻن ۾ واڪا، ايمان سان ھي سوئي گئس لائن وڇائڻ کان
سواءِ ڪجھھ بھ ڪين ڄاڻن. مئل بلا ڏسڻ لاءِ ھڪ
ساھيءَ ڊوڙندا ايندءِ.“
”پر بلا ڪٿان ايندي! اڙي پوپا تھ ڪين ٿو کائين؟“
”يار تون بھ عجيب گڏھ آھين، چئجانءِ ڏرڙ ۾ گھڙي
ويئي آھي.“
”پر ميان، آئون اھا ڪٽڻپڻي جي ڊيوٽي ڇو ڏيان؟
سڀاڻي تون سڄي ليبر ۾ ڍنڍورو گھمائين تھ ادروءَ
سان مون ھيئن ڪيو. اڙي مون کي خبر آھي، تون وڏو
پلستر آھين.“
”توبھن ڀلا آئون ڪو بري نيت سان پيو وڃان يا ڪو
منڊل پيو ڪريان؟ اڙي ڪڏھن تھ ڪنھن عاشق جي دعا کٽ.
ايمان سان نھ تھ مون کي بلئڪ ميل ڪرڻ بھ ايندو
آھي.“
”اڙي ھا ھا، ڀاڙين جا اٺ ڪاھيا ھوندءِ. بلئڪ ميل
ڪرين يا وائيٽ ميل.“
”ڇو ڙي، مون کي خبر ڪانھي ڇا تھ مشين ڪيئن ڦاٿي
آھي؟ استاد نمن جي ڇاون ۾ آنند فرمائي ۽ شاگرد
ھاتار جيڏي مشين ھلائي. اڙي تو وارو استاد بھ سڪ
ٿي ويندو، مون کي سڄي خبر آھي، مشين ڪيئن ڦاٿي
آھي.“
”يار تون تھ ڪو وڏو حرامي ماڻھو آھين!“ ڪلينر راڊ
کڻڻ لاءِ وڌي ٿو. ھو بڪيٽ ۾ بيچين بيٺو اڃا بھ
نماڻائيءَ سان کيس ايلاز ڪري ٿو تھ متان ڪٿي ڪلينر
ڦري نھ وڃي.
”يار، سنگت ۾ ايترو بھ نھ وھندين ڇا؟ قرآن، ھڪ ئي
ملاقات سان منھنجا چوڏھن ئي طبق روشن ٿي ويندا
آھن. مڙس ٿي ڀاڙيا. ڪونھ ٿيون ٻروچن واريون
ڪھاڙيون لڳنئي.“
”ھا بابا، تنھنجو وقت آھي، جيڪو حڪم.“ ڪلينر ھن ۾
خار مان نھاريندو ٿو وڃي ۽ ھو سوچي ٿو تھ ھني –
مون جي پھرين چمي انھيءَ مشين جي سونڊ مٿان نھ
ڪريان تھ سمجھندس مڙس ئي نھ آھيان ۽ مشين جي اوچي
سونڊ ۾ نھاريندو مرڪي ٿو پوي. اوچتو ڪلينر جي
ڀڻڪاٽ تي ھو ڏانھنس نھاري ٿو. ڪلينر ويندي ويندي
موٽ کائي آيو آھي:
”ٿڪ ٿئي ڀاڙيا، پرائي ڇوريءَ لاءِ سنگت ٿو سٽين،
پڇنئي تھ ٽڪي تي بھ ڪانھ ٿي.“
”حرامي، ٻھ لٺيون ڌڌڙ ۾ ھڻندي ٻرو چڙھندءِ ڇا؟“
”اڙي، پر اڳيان بھ ڪت خلق آھي آفيسرن جي.“
”پوءِ ٽرڙا وري مون سان ٻٽاڪ نھ ھڻجانءِ تھ ھيئن
ڪيوسين، ھونئن ڪيوسين.“ ان ڳالھھ تي ڪلينر ڪرٽيون
کائيندو گم ٿي وڃي ٿو ۽ اوچتو وڻن ۾ واڪا پيدا ٿي
ٿا وڃن ۽ ھو اک وٺي ٿيڙ کائي ٿو وڃي، ماسترياڻي جي
دڳ جھلڻ لاءِ ۽ کيتن ۾ ھڪ ڇورو ۽ ڇوڪري ھڪ ٻئي
سامھان اچيو وڃن.
”ليڊي، ھائو آر يو؟“ ھو سرنھن جا پن چٻاڙيندي ٿو
چوي.
”تون آھين ڪير؟.... تون اھو ست ڪيئن ٿو
سارين!....؟“
”توکي ڏسيو پاڻ پيدا ٿيو وڃي.“ ھن جي ڳالھھ تي کن
لاءِ ماسترياڻي بيھي ٿي وڃي ۽ نھايت ٿھمر سان ٿي
ڳالھائي: ”ٻڌ، مون کي ھيڻي ۽ ھيکل عورت نھ سمجھھ.
مان پنھنجي مرم ۾ ٿي مران، نھ تھ کاڄين ڇا
سان!......“
”ڪچو کائي ڇڏ نھ مون کي.“ ھن جي نيڻن ۾ جادوءَ
ھاڻا موھ ڀرجي ٿا وڃن.
”ڏس، شانائتي ڳالھھ ڪر. ڪنھن اڄاتل عورت جي ائين
واٽ جھلڻ اشرافن جو ڪم نھ آھي. سچ، تون مک مان
ڪوجھو نٿو لڳين.“
”ان لاءِ تھ مان اندران بھ ڪوجھو ۽ کوکلو نھ
آھيان. آئون..... آئون راڄ ڀاڳ وارو ماڻھو آھيان.“
”تڏھن سدائين ڪرئن جي چوٽيءَ تي لڙڪيو پيو ھوندو
آھين. ھڪ غريب ماسترياڻيءَ کي تنگ ڪندي توکي رتيءَ
جيترو بھ ڪھڪاءُ نٿو اچي.“ ھن جي ڳالھھ تي ھو چوٽ
کائي، وڏي شوڪاري سان ڏانھس نھاري ٿو.
”غريب؟ تون جي مھاراجا جي ڌيءَ بھ ھجين ھا، قرآن،
آئون تنھنجي واٽن ۾ ائين ڊوڙندو اچان ھا، گھور
اچان ھا. کڻي وڃان ھا توکي.“
”ڇو؟.....“ ھوءَ ڏاڍي بيزاريءَ سان ھيڏانھن
ھوڏانھن نھاري ٿي تھ ڪو ڏسي تھ ڪونھ ٿو.
”شايد ان لاءِ تھ منھنجي..... منھنجي ذھن ۾، سپنن
۾ جنھن ڇوڪريءَ جا ساروپا ويٺل آھن، سا تون آھين.
تون ساڳي اھڙي آھين.“
”ڏس، توکي ڪجھھ بھ نھ ملندو، ڇو ٿو منھنجي روزيءَ
تي لت ھڻين. ھي تھ ”مروئان موت، ملوڪان شڪار“ واري
ڳالھھ آھي.“ ھوءَ روئي ٿي پوي ۽ ھو وائڙو ٿي منجھس
نھاريندو ٿو رھي.
”ڇو..... تو روئي ڏنو! ...... ڇو؟......“
”.........“ جواب نھ پائي ھن جي اندر ۾ ڄڻ وڏا
پولار پاتار ٿيو وڃن، ڏکن جا.
”نھ روءِ، ٺيڪ آھي وري ڪونھ ايندس. تو آڏو وري
ڪڏھن ڪونھ ايندس. ڀلا مون کي ڪھڙي خبر تھ تنھنجي
جيون ۾ ڇا آھي ۽ آئون ڇا پيو ڪريان؟ مون کي تھ
ايتري بھ خبر ڪانھي تھ تون ڪنواري بھ آھين ڪي
نھ!...... آئون معافي ٿو گھران!“
”مھرباني“ ۽ ماسترياڻي اڳتي وڌي وڃي ٿي ۽ ھو مڙي
نھارڻ لاءِ لوھاٽجي ويندي بھ مڙي ماسترياڻيءَ ۾
نٿو نھاري ۽ پويان پير ڪري ٿو. وک وک تي ڄڻ ڪاريھر
جا ڏنگ ٿو کائي.
موٽندي ھن کي ڀاسي ٿو کيت، آڪاس ڦرن ٿا. کيت، کيت
ناھن، الائي ڇا آھن!
ھو موٽ کائي ڊوڙندو تڪڙو ڪرئن ۾ چڙھي ٿو ۽ ساھ ۾
مونجھھ محسوس ڪندي ھو ڊرائيونگ سيٽ تي ويھي ڪرئن
جي بڪيٽ ليور اپ ڪري ٿو. لوھي رسن جي ڇڪاو سان
بڪيٽ مٿي کڄندو ٿو اچي. ھو ھڪدم بڪيٽ ليور ڊائون
ڪري ٿو. ڀاري ڌوڏي سان بڪيٽ ھيٺ ڪري ٿو، ڌرتي ڄڻ
ڌٻي ٿي پوي ۽ ھو روئي ٿو پوي، ننڍڙن ٻارڙن جيان!
سين ھنيائون سڃ ۾
ھو ھاڪڙي جو صدين سڪل پيٽ وٺيو، ھلندو ٿو وڃي. سج
وڙاءُ سامين جي ساٿ پٺيان. ٿر جا سامي ڏسي، ھو
پنھنجو ماڳ وساري ويٺو آھي. ھن کي تھ اھا بھ ڪل
ڪانھ پيئي تھ ھن کي ڪھڙي دشا، ڪھڙي مارڳ وڃڻو ھو؟
بس، سامي ڏسي، من ڀنڀرجي ويس: ڪن ڪٽ، ڪن چير
ڪاپڙي! اھو بھ وسري ويس تھ ڪھڙي ڪارج آيو ھو؟ بس
کڻي پيرا کنيائين تھ سامين جو سانگ ڏسجي، پر چوندا
آھن تھ سامين، جوڳين ۽ ڪاپڙين جو ٿر ٿانءُ
ڪٿي.....!
ڏڪاريل ھاڪڙي جي وارياسي پيٽ مان، سامين پٺيان
ھلندي، ھو ٽن ڪوھن کان بھ مٿي پنڌ پٽي آيو آھي.
چوڏس ڀِٽون ئي ڀِٽون، پر بيگان آھي. لکين ڪروڙين
سال اڳ، سمونڊ جون ڇڏيل وارياسون ڀٽون، ٽي سال
ساندھ اٺي جون ھوائون ئي ڪين ھليون. تنھن ڪري ٿر
بر بڻجي ويو آھي. ڏھرين ۾ ڪين ڏھرين مٿان، چوڙيلين
جا ڇنل ڇنا، منھن ۽ چؤنرا ويڳاڻا ۽ بيران آھن ۽
پنڌ ۾ آھن. ڏڪار کان لاڏاڻا ڪندڙ ماڻھو. ڪنڊن،
ڪونڀٽن، ٿوھرن ۽ کارن کٻڙن کان سواءِ ٻيو سڀوڪي
ڌوڙ آھي. ساٺيڪن جا منھن بھ لٽجي ويا آھن. رکي رکي
ڀٽن مان گرم باھ جھڙا واچوڙا ٿا اٿن ۽ ڏھريون کورن
جيان ٻرنديون پيون نظر اچن. ڀٽن مان رت جي بانس
پئي اچي ۽ آسمان ۾ آھن لامارا لامارا ڳجھون ۽
سرڻيون، جي اڃ ۽ تونس کان نست ٿي ڪريل ٻڪرين،
گائين ۽ رڍن مٿان پيون لامارن سان لھن. ڍور جي
پساھ ڏيڻ کان اڳ چھنبون اکين ۾. ڍورن جي ڦٿڪ ڦٿڪان
۽ ڳجھن جي پٽ پٽان. سڄي ٿر ۾ راڙو آھي تھ ھھڙو
ڏڪار تھ ڪڏھن ڪين آيو. سڄا سارا ٽي سال ويچارن
ٿرين ڪارو ڪڪر بھ ڪين پسيو.
ھو دور دور بيران ۾ نھاريندو، سامين جي جٿي پٺيان
ھلندو، اڃ کان، ڪلھن سان لڙڪايل کليءَ جي ڏؤنر
کولي، پاڻيءَ جا ٻھ گلنڀ پي، وري ڏؤنر سان کليءَ
جو منھن سوگھو ٻڌي ٿو. جھولي ۽ لڪ کان سندس کل
آرايون – آرايون ٿي، ڦلوڪڻا ٿي وئي آھي. رکي رکي
آرايون ٽچڪنس ٿيون ۽ ٽپھريءَ جو آڳ الاءُ سج ڄڻ ٽڪ
ٻڌي بيھي ويو آھي. دوزخ ٺاھڻ لاءِ. ڄڻ ڪڏھن ٿڌو
ڪين ٿيندو. ڪڏھن ڪين ٿيندو - ۽ سامين جي سفر جي بھ
ڄڻ ڪٿ پڄاڻي ڪانھي. سامين پٺيان ھلندي، ھانو ۾
سوٽون ٿيون اڀرنس: ”وطن.... وطن...... وطن.....“
جن ماڻھن ڪاڻ ھو وڻ وڻ پيو ووڙي، سي ڪو کيس
سڃاڻيندا؟ سندس ڪو آڌرڀاءُ ڪندا؟ ماڳھين ڏمرندا تھ
ميان ڏٺو ڇا ٿئي جو پٺ ئي ڪين ٿو ڇڏين! پنھنجون
ڄايون نپايون ڪين اٿئي ڇا؟ ماڻھو، ماڻھوءَ کان
ڇرڪيل، ھي ملڪ ٿيو، ڪين راڪاس، برڙباڪاس جو ٻيٽ؟
بس نھار ئي پھرين، سڄا ٽي ڪوھھ، وري ڪنھن ننڍڙي
ٻار بھ مڙي ڪين نھاريو تھ پٺيان ماڙھون رھجي
ويو.... ڪين ڇا؟ بس، پنھنجو گس، پنھنجو منھن.....
ٻين سان نڪو سڱ، نڪو سياڪو.
۽ سامي آھن ٻارين ٻچين. جواڻ، پوڙھا، ڪنواريون،
ٻارڙيون، ٻارڙا ۽ جواڻ سھڻا جوڙا. پراڻن ويس وڳن
مٿان تھ ڇا، پر گودڙين ۽ بُجڪن مٿان بھ ڀرتن ۽
سچيلين ڪوڏين جا جڙاءُ..... ڪلھي ڦاٽل ڪنجرن سان
عورتون ڪارائيءَ کان ڪلھي تائين ٻانھين ساڻ، گڏھن
مٿان ڳوڻين ۽ گودڙين ۾ ارڙ، کپر، گڊا ۽ اصيل –
نانگ لڏيل ۽ ھڪ نينگري...... جھڙي کپريل بلا! اکين
۾ ايڏو ڪامڻ، ايڏي ڏيا، جو ڏسندڙ جادوءَ ۾ اچي
وڃي. ٻور سامايل سامڻ، وڏن ڪامڻن ارھن ساڻ ۽
ٻاريتڙين کي پٺن ساڻ ٻار ٻڌل. تنجيل ٻار..... رڻ ۽
رائيءَ ۾ ڄاول، ماءُ جي نراڙ سان، اجرڪ جي جھولي ۾
ٻڌل.
جڏھن ٽپھريءَ جي پوئينءَ ويلا ۾، سامين، ڄارين جي
ھڪ جھنڊ ھيٺان اچي ڊاٻو ڪيو، تھ ھن جون متيون
موڙھجي ويون ۽ اڻ تڻ اورا کورا لڳي ويس تھ ھاڻ ھو
ڪيڏانھن وڃي؟ سامين لاءِ تھ جيھوڪر ھن جو وجود ئي
ڪينھي، پر پوءِ بھ ھو نرلڄ ٿي، ٿورو وٿيرڪو
وٿيرڪو، سامھين ھڪ ڪنڊيءَ جي ھيٺان، ٿڙ کي ٽيڪ
ڏئي، ويھي ٿو وڃي - ۽ کولڻ لڳي ٿو ٿيلھو، جنھن ۾
بسڪوٽن جو پڙو آھي. اکيون جٿي ۾ کپايو نھاريندو ٿو
رھي ۽ سج ھڪ ڀٽ جي اوڍر ۾ ڍري ٿو وڃي. ڏسڻ ۾ اچنس
ٿيون رڳو سامين جون دونھيون، دورا ۽ پاڇا. ھر پاڇو
چٽو پٽو ۽ پڌرو. پاڇو ھوندو بھ آنھريءَ جيان روشن.
الاھين دير کان پوءِ ھڪ پاڇو ڏانھس وڌي ٿو. ھو ڏسي
ٿو، اڇي ڏاڙھيءَ سان ھڪ گيڙوءَ رتو، ڪن چير ڪاپڙي
سندس مٿان اچي بيھي ٿو. گنڀيرتا سان ڏاڙھي کنھندي
چوي ٿو:
”اچي، ھي ٻاجھريءَ جي ماني ۽ ھي ڳڙ ذرو...... جيڪي
اڳيان، سو پيش پرين......“
پوڙھو اٻاڻڪي منھن سان آيو ھو ۽ اٻاڻڪي منھن سان
وڃڻ لڳو ھو، پر الائي ڇا سوچيندي، وري موٽي ٿو اچي
۽ نج چانڊوڻيءَ رات ۾ سندس ٿيلھي، بوٽن ۽ جين جي
پينٽ ۽ جاڪٽ ۾ نھاريندي ڀڻڪي ٿو:
”ڇو پٽ، ھن ڏڪارين ڏسائن ۾ ڪھڙو وندر پيو ووڙين؟“
”آئون..... آئون اخبارون ڇاپيندو آھيان.“ ھو منجھي
ڪوڙ ٿو ڳالھائي.
”پوءِ ڏڪارئي پاسي ڪوھ نٿو وڃين؟“
”سڪار آھي ڪٿي؟ ۽ اوھان..... اوھان ڪيڏانھن پيا
وڃو؟“
”اسان....... اسان تھ ڄڳن کان اھا ئي واٽ پيا
وڃون...... اھي ئي پراڻا پنڌ، اھي ئي پيرا......“
سامي اونھون ساھ ٿو ڀري، مٿاھنس گھري نھار سان
نھاريندو، واپس وڃڻ ٿو لڳي، ڪجھھ گام پري ھلندو،
دونھن ۽ دودن ڏانھن، پاڇولو ٿيندو ٿو وڃي.
ھو ساميءَ ۾ نھاريندو، وري ٻاجھر جي اڌ مانيءَ ۽
مٿانھس رکيل ڳڙ ۾ نھاري ٿو ۽ وري پري سامين جي
پڙاو ۾ نھاريندو، ڳڙ ماني کائيندو، سوچن جي ٻوڏار
۾ ھليو ٿو وڃي.
”ھان.... منھنجي تھ تصور ۾ بھ ڪين ھو تھ ھھڙي ڏڪار
۾ بھ ڪو ھيئن ٿيندو! ھنن جون تھ ريتيون ئي نراليون
آھن. ھتي، ھن پِڙ تي ويٺي، ائين پيو وسھيم، ڄڻ
پراڻا وڃايل گم ٿي ويل ڪال ۽ سال وري موٽي آيا
آھن. ھتي، ھن پرٿويءَ تي، سڀڪجھھ پراڻو ۽ سچ آھي.
نئون ۽ ڪوڙو رڳو مان آھيان، پنھنجن ھنن ڪپڙن جيان،
جي ھتي جي جھولن کان مون کي نٿا بچائي سگھن.“
ھو جاڪٽ ۽ گنجي لاھي، وڻ ۾ ٽنگي ٿو ۽ ٿيلھي مان
نئون نڪور اجرڪ ڪڍي، پٽ تي وڇائي ٿو، اشانت من کي
آسيس ڏيڻ لاءِ. پٺين اگھاڙو، پاڻيءَ ڍڪ پي،
سيرانديءَ کان ٿيلھو ڪري ليٽي ٿو پوي ۽ تارا تارا
اڀ ۾ اکيون اٽڪائي ٿو ڇڏي.
۽ جيئن جيئن رات وھامي ٿي، سورھينءَ سترھينءَ جي
چنڊ جي رات، جرڪندي ٿي وڃي ۽ واري سون روپو ٿي،
روشن ٿيندي ٿي وڃي. پري پري برف جيان اڇيون ۽
ڌنڌليون ڀٽون رات جي جھوليءَ ۾ بھ برفاني چوٽين جو
ڏيکاءُ ڏين ٿيون. ھونءَ بھ برپٽ ڪين وارياسي ۾
اکيون ڀنڀلجي وينديون آھن. ڪڏھن ڪڏھن برپٽ ووڙيندي
ائين بھ ڀاسندو آھي تھ سمونڊ ڇوليون پيو ھڻي......
ڪڏھن اوماس جي راتين ۾، چوڏس نانھن جھڙا ڏيک ڏسڻ ۾
ايندا آھن. ھو ڪنائي ٿو..... رات جي نوائيءَ ۾ پري
ڪٿان ڪو قافلو پيو گذري، اٺن جي چنگ چڙن جا آواز
نوائي وايو منڊل ۾ ڏور ڪٿان پڙاڏجندا پيا وڃن، ڏکن
ڏولائن جا گيت.
ھو ٿڪ کان چور سمھي پوڻ ٿو چاھي، پر سندس من ۾
الائي ڪھڙا ڪھڙا اڌما ايندا، کيس جاڳائيندا ٿا رھن
۽ سامي مرليون وڄائيندا، دودرا دکايو، ڄڻ پرارٿنا
پيا ڪن. ھن کي ننڊ ڪانھي..... ايستائين جو سامين
جي سين جا آواز بھ رات جي ماٺار ۾ لڙھي ٿا وڃن.
ڏکڻ کان ايندڙ ٿڌڪار، ٽچڪيل جسم کي آسيس پئي ڏئي.
ھو پاسا ورائي ٿو، ننڊ لاءِ سوچي ٿو، پنھنجي اڄ جي
پاڳل پڻي لاءِ تھ ھن کان ھيءَ ڪھڙي حرڪت ٿي! ھن کي
تھ پارڪر وڃڻو ھو! آخر ھن انھن سامين ۾ ڏٺو
ڇا..... ڇا اھا ساري جاکوڙ ۽ ولوڙ ان ڇوڪريءَ کي
ڏسڻ لاءِ...... توبھن! سھڻي تھ ڪيڏي نھ ھئي، جھڙي
ڪر ديو مالائي ڪھاڻين جي راڄڪماري. اکين ۾ ڪيڏا
تيج تجلا، اھم ۽ الماس ھئس! پر ھنن سامين جو ھيءُ
ڪھڙو سانگ آھي. ڪجھھ بھ ٿئي، صبح جو آئون ساڻن
گڏوچڙ ٿي ويندس. آخر تھ ھي ڪھڙو ويراڳ آھي؟ سندن
ڪپڙا ڪيڏا نھ ٽريڊيشنل آھن. سنڌ جي کوج لھڻ ڪيڏو
نھ اوکو ڪم آھي. شايد ئي پرٿويءَ تي سنڌ جھڙو
پراسرار ملڪ ھجي. رڳو اونھيءَ اک سان سنڌ جي
جاگرافي ۽ رھڻي ڪھڻي ۽ يگن کان ھلندڙ ريتن رسمن کي
ڏسڻو آھي. ڇا اھا پراسرار ڳالھھ ڪين ھئي تھ اڄوڪي
سنڌ ۾، جوڳين جي تاريخ ۾، برٽش دور کان وٺي اڄ
تائين ڪو جوڳي ڪورٽ ۾ گھربل ڪينھي، ڪنھن وارتا ۾
بھ نھ!
ھتان جا تارا ھتان وڃي ٿا نڪرن. چنڊ بھ الائي ڪيڏا
سفر ڪري، ٻوڏار ۾ پيو وڃڻ جون ڪري. سامين جون
دونھيون ڪڏھوڪيون اجھامي رک ٿي ويون، پر ھن کي ننڊ
ڪانھي – رات جيئن پوءِ تيئن ٽلڪندي ٽمڪندي ٿي وڃي.
ھو اکيون ٻوٽيو، پاسا ورائيندو ٿو رھي.
”تون.... ڪير آھين تون؟“ اچانڪ ھو پنھنجي مٿان
بيٺل پاڇو ڏسي ڊيھو ٿو ڀري.
”ٻڌاءِ، تو اسان جو پيڇو ڇو ڪيو؟“ پاڇي سمان
نينگري سندس آڏو ڪاٺ جيان بيھي ٿي وڃي. تون ساڳيو
کونھر وارو آھين نھ، ٻڌاءِ..... اکين ۾ ڇا ٿي
چيئي؟“
”مان سيلاني آھيان، مان پنھنجي واٽ وٺيو پيو
وڃان.....“
”ڪوڙ، توکي منھنجي ڪامڻ ڪايا ورتو آھي؟“
”........“ ھو نينگريءَ ۾ نھاريندو رھجي ٿو وڃي.
اوچتو ھڪ ھڙ سندس اڳيان ڦھڪو اچي ٿي ڪري.
”ٻڌ، تون مون کي وڻيو آھين. مون کي ماڻڻ لاءِ ھي
وڳو پائي آڌوتي ٿي وڃ. ڊڄ نھ، ٻڌاءِ ڪيڏو جگر
اٿئي؟“
ھو موڳاٽجي سامي نينگريءَ ۾ نھاريندو ٿو رھي. کيس
سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ ڪھڙو جواب ڏئي.
”ٻڌاءِ نھ، ڪيڏو جگر اٿئي؟ مون کي ماڻڻ لاءِ ھي رڃ
جو سمنڊ جھاڳيندين؟ ٻڌاءِ، ڀٽن ۾ ويلا ۽ چلا
ڪڍندين؟ ڏس، مان تو لاءِ ڪيڏا سوڻ ساٺ ڪري آئي
آھيان، سڄو لوڪ سمھاري.“
ھو سامي نينگريءَ جي ڪاون ۽ ڪوڏين جڙيل پولڪا ۽
پڙي ۾ نھاري ٿو. چانڊوڪيءَ ۾ ھوءَ ڄڻ ننڊ ولايت جي
ديوي ٿي لڳي. راڄاڻ سونھن جو روپ ڏسي، نڙي سڪي ٺوٺ
ٿيو وڃيس.
”تون ڳالھائين ڪوھ نٿو. ٻڌاءِ منھنجي پريم، موھ
ٽوھ ۾ ڪاپڙي ٿيندين؟ ڪن چيرائيندين؟ مون کي تو ۾
پورو وشواس آھي – تو اجگر واري ڇپ ڇو ھنئي آھي؟“
ھوءَ مٿي تان گندي ڍرڪائي، کيس پٺ ڏئي ٿي بيھي.
”منھنجي پولڪا جا سڳا اڃا ڪنوارا ۽ اڇوھيل آھن.
توکي ڪھڙا ڊيڄوڙا پيا آھن! سامين سان سڱ ٿو ڪرين
تھ سامي ٿي، کولي ڇڏ منھنجي پولڪا جا ڌاڳا، ڌوئي
ڇڏ منھنجو ۽ پنھنجو سارو تن من، ڪڍي ڇڏ سارو
ڪينو.“
سامي نينگريءَ جي آواز ۾ کيپ ڀرجيو ٿا وڃن. ھوءَ
اپڇرا جيئن کيس پٺ ڏيو، جواڻيءَ جي کيپن ۽ خمارن ۾
ڄڻ وٽڙجيو بيھي ٿي وڃي، ۽ ھو ڪنھن خوفناڪ سوچن جي
ٻوڏار مان نڪري، پٽ پيل چني کڻي، ھن جي سامھون اچي
۽ چني ٻيھر ڏاڍي موھ سان سندس مٿي تي اوڍائي، کيس
کاڏيءَ کان آڱر ڏئي، سندس منھن مٿي ٿو ڪري.
”تون.... تون اپڇرائن کان وڌ سھڻي آھين، پر آئون
تو لاءِ دنيا تياڳي نٿو سگھان. تون غلط سمجھي
آھين.... مون کي.... مون کي ڏاڍو ڏور وڃڻو آھي،
پري پري، سڪارن جي ڳولا ۾.
منھنجي انگ لاءِ تو وٽ ڪپڙا آھن، پر مون وٽ تو
لاءِ ڪجھھ بھ ڪينھي. جنھن ڏينھن مان تو لاءِ پٽ جا
ڪپڙا وٺي آيس، ان ڏينھن تنھنجا سمورا ڌاڳا کولي
پنھنجي اندر ۾ سموئي ڇڏيندس. ساري ڀونءَ
سامھون..... سمجھينءَ.“
”نھ...... ٻڌاءِ کونھر مٿان اھڙين اکين سان ڇو ڏٺو
ھيئي؟... ڇو؟ ڇا ماڻھو آپي کان نڪري ويندو آھي؟“
”ھا، شايد مان ڪنھن ڪامڻ ۾ اچي ويو ھئس، جادوءَ
۾.“
”ڪامڻ ۾؟....... ڪوڙا جي جيءُ کي جادو لڳي ويو
ھيئي تھ پوءِ مون سان رڃن ۾ ڀٽڪڻ جي شڪتي تو ۾ ڇو
ڪانھ جڙي؟ چئھ نھ، تو ۾ اھا شڪتي ڇو ڪانھ جڙي؟“
سامڻ ڇوريءَ جي ڇپرن ۾ لڙڪ ڄڻ ڇم ڇم ڪندا ٿا اچن.
”شڪتي.... ھا ڪانھي، آئون ڪوھ ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو!“
”پوءِ ميار متان رکي اٿئي تھ اک اڙائي، جوڳياڻي
ڪچون ڪري وئي! الائي ڪيڏن اوسيئڙن کان پوءِ مون ور
چونڊيو ھو، آڳيا ورتي ھئي. ھاڻ.... اڄ صبح جو سامي
مون کي ھيڪل ڏسي، ڪاريھر نانگ کان ڏنگرائي ڇڏيندا
تھ مون ڪوڙو ور ڪيئن چونڊيو؟ منھنجي اکين ڪوڙ تي
آرو ڪيئن ڪيو؟ الا.... منھنجي نيڻن تھ مون کي ڪڏھن
بھ دوکو ڪين ڏنو، ڪڏھن ”ڪلاپ“ ڪين ڪيو؟ الا ڪٿ وڃي
اڙيون.....“ ھوءَ گڏڪي گڏڪي رنڀون ٿي دٻائي ۽ کن
لاءِ ھو سن ۾ اچيو وڃي ۽ کيس دلداري ڏيڻ لاءِ وڌي
ٿو. سامڻ ڇوريءَ کان ڇرڪ نڪريو وڃي:
”نھ نھ، متان ڇھيو ٿئي...... ٻڌاءِ، ڇو رڃن ۾
اکيون اڙايئي، پريم جي سين ھنئي ھيئي؟ جتان آيو
آھين، ونءُ ھليو.“ |