-
سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي ادب کي جديد انداز ۾ فني ۽ ٽيڪنيڪي خوبصورتيءَ
سان سهيڙڻ ۽ پرڏيهي ادب جي شاهڪار لکڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پڌرو
ڪرڻ.
-
آڳاٽي دور جي عالمن جي مخطوطات ۽ مسودن کي نئين روپ ۾ ڇپرائڻ.
-
سنڌي ٻوليءَ جي شاعراڻي ادب کي همٿائڻ ۽ ان جي ڇپائيءَ جو بندوبست ڪرڻ.
-
سنڌ جي تاريخ، ٻولي ۽ ادب تي عربي فارسي، اردو، انگريزي، سنڌي ۽ سنسڪرت
۾ لکيل ڪتابن / قلمي نسخن کي ترجمو ڪري يا اصلي زبان ۾ ڇپرائڻ لاءِ
اپاءَ وٺڻ.
-
سنڌ جي ناليوارن ڏاهن، عالمن، اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن جون ورسيون
ملهائڻ، برک ليکڪن ۽ ڏات ڌڻين سان علمي گڏجاڻين طور شامون ملهائڻ، اهم
موضوعن تي ليڪچر پروگرام منعقد ڪرڻ ۽ بورڊ جي ڇپايل ڪتابن جي پڌرائي
ڪرائڻ.
-
سنڌ جي تاريخ تي لکيل مواد گڏ ڪري ڇپرائڻ.
-
سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي جديد بنيادن تي جوڙجڪ بابت اپاءَ وٺڻ ۽ ان ڏس
۾ جامع ڪتاب ڇپرائڻ سان گڏ معياري لغتون تيار ڪرائڻ.
-
سنڌ جي سياست، ثقافت، تاريخ، جاگرافيائي حدن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ بابت ڇپيل
ڪتابن کي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپرائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ.
-
سنڌي ادب جي جامع تاريخ تيار ڪرائي ڇپرائڻ.
-
همعصر تخليقي جديد سنڌي ادب ۽ تحقيق، عورتن ۾ جاڳرتا ۽ ٻارن جي ذهني
علمي آبياريءَ جي موضوعن تي سنڌيءَ ۾ ميگزين ۽ رسالا جاري ڪرڻ.
-
ادبي ۽ تعليمي موضوعن تي ٻڌل مواد، سائنسي اصطلاحن کي عام ڪرڻ وارو
لٽريچر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لغوي بناوت بابت پيدا ٿيل مونجهارن تي نظرثاني
ٿيل ڪتاب ڇپرائڻ.
-
سنڌي ٻوليءَ کي بين الاقوامي سطح تي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ آڻڻ لاءِ
جاکوڙڻ ۽ سنڌي ادب کي جديد طرز تي متعارف ڪرائڻ.
-
ادب ۽ ٻوليءَ سان لاڳاپيل نوان سافٽ ويئر ۽ ڊاڪيومينٽريز تيار ڪرڻ، سڄي
دُنيا ۾ موجود سنڌي، ثقافتي، ادبي ۽ ساهتي ادارن جي وچ ۾ نيٽ ورڪ قائم
ڪرڻ.
-
بورڊ جي مول متن / مقصدن تي عمل پيرا ٿيڻ جوڳا اپاءَ وٺڻ.