افسانا
|
اسان جا |
|
|
1. |
چهڙي |
از بشير مورياڻي |
|
2. |
شيدو ڌاڙيل |
غلام رباني |
|
3. |
نئين زندگي |
علي احمد بروهي |
|
4. |
جوابدار ڪير؟ |
اياز قادري |
|
5. |
لکيل جواب |
ع.ق.شيخ |
|
6. |
زندگيءَ جي ڪنارن تائين |
سراج الحق”بسمل“ |
|
7. |
دريا شاهه |
غلام علي ”ناشاد“ |
|
|
ٻين جا |
|
|
1. |
پاشا |
جمال الدين ابڙو |
|
2. |
اکڙيون |
الاهي بخش لاڙڪ |
|
|
ناٽڪ |
|
|
1. |
شاهدي |
م. ع. ڏيپلائي |
|
2. |
ضعيف انسان |
ايم- يو- ملڪاڻي |
|
|
هڪ ڏينهن جي ڳالهه... |
|
|
3. |
دلبر |
غلام محمد ”گرامي“ |
|
4. |
اسپرنگ خراب ٿي ويندا |
محمد ابراهيم جويو |
|
ادب جي هر صنف لاءِ ڪجهه فني لوازم ٿين ٿا، جي هڪ
صنف کي باقي اصناف کان جدا ڪن ٿا ۽ صوري ۽ معنوي
فرق پيدا ڪري، پڙهندڙ کي اشتباه کان بچائين ٿا.
اهو قانون افساني سان به لاڳو آهي.
هونئن ته افسانو هر ڪهاڻيءَ کي چئي سگهجي ٿو، پر
فني طور، ڪي افساني جا لوازم آهن. مثلاَ: وحدت
تاثر، رمزيت ۽ ايمائيت، مواد جي فنڪارانه ترتيب ۽
ڇنڊڇاڻ، ٽيڪنيڪ جي پابندي، مختلف اجزاء جو ربط ۽
توازن، معنوين ۽ مقصديت ۽ افاديت کي پيدا ڪرڻ جو
سليقو، ماحول جي تنقيدي مطالع، واقعات جي اسباب جي
تفتيش ۽ ڄاڻ، مشاهدي ۽ تجربي جي فراواني، ڪردار جي
حقيقي تصوير ڪشي، لکندڙ جي سنجيدگي ۽ متانت، ڪردار
جي مختلف ڪيفيتن ۽ عملن ۽ اوصاف کان غير جانبداري،
زبان جي رواني ۽ بي ساختگي، انداز بيان جي دل
آويزي ۽ دل نشيني.
ٿورن لفظن ۾ هئن چئجي ته، هڪ ”تاثر“ کي، جو ڪنهن
مشاهدي کان پوءِ پيدا ٿيو هجي، يا ڪنهن ٻئي
ماڻهوءَ جي بيان ڪرڻ سان پيدا ٿيو هجي، پنهنجي پاڻ
تي مسلط ڪري، ان کي اهڙي انداز سان بيان ڪرڻ، جنهن
جي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان، اهو ساڳيوئي ”اثر“ پڙهندڙ ۽
ٻڌندڙ ۾ پيدا ٿئي، ان کي ”افسانو“ چئجي.
بشير مورياڻي
چهڙي
هوءَ ڏاڍي وڻندڙ نينگري هئي ڀنگياڻي هئي ته ڇا!
هو ڪڏهن ڪڏهن ماءُ سان گڏجي ايندي هئي، ماءُ جي
پڙي جي پلوء کي پڪڙي، ان جي پٺيان لڪندي، لڄي
ٿيندي، ڪڏهن مرڪندي ۽ ڪڏهن منهن هيڏانهن هوڏانهن
ڦيريندي ايندي هئي. ويڻين ۾ ننڍڙيون ڪاريون ڪانچ
جون ڪنگڻيون پيل هونديون هيس. ماڻس، ڪاڪوس صاف ڪرڻ
ويندي هئي، ته هوءَ اسان جي گهر جي پڌر ۾ ڪنهن فڪر
۾ ٻڏل بيٺي هوندي هئي. ڪڏهن انهن ڪنگڻين کي ٻانهن
۾ پيئي ڦيرائيندي هئي، ته ڪڏهن وري گهر جي ڀتين کي
چتائي بيٺي ڏسندي هئي. اهي حرڪتون تيسين جاري
رهنديون هيس، جيسين ماڻس ڪاڪوس صاف ڪري موٽندي
هئي.
”وڌين! هن چهڙيءَ کي آنڪي ته ڏجانءِ،“ امان اندران
بورچيخاني مان رڙ ڪندي هئي.
هوءَ ننڍڙا ننڍڙا قدم کڻندي، جڏهن پهريون دفعو مون
کان آنڪي وٺڻ آئي، ته نالو پڇيومانس پهرين، ڪجهه
وقت ته هوءَ درجي طاق پٺيان لڪندي، ۽ چوريءَ
چوريءَ مون کي ڏسندي رهي!
”نالو ٻڌاءِ، ته پوءِ آنڪي ڏيانءِ“
هوءَ پنهنجو ننڍڙو، ڳتيل وارن وارو مٿو ڌوڻي،
انڪار ڪندي رهي. شرمائجي رهي هئي، هن جو انڪار به
وڻيو پئي. نيٺ ڌيمي لهجي ۾ چيائين: ”ڇيمي“ ۽ ڀڄي
ويئي. آنڪي به نه ورتائين!
”ڪيڏي نه شرميلي ۽ وڻندڙ آهي! ڀنگياڻي ٿي ته ڇا!
”آءٌ سوچي رهيو هوس.
ٻه ٽي دفعا آنڪي وٺڻ کانپوءِ هوءَ مون سان هري
ويئي. هاڻي بي ڌڙڪ منهنجي اڳيان اچي بيهندي هئي،
امان ڏسندي هيس ته ڇينڀيندي هيس:
”او ننائين! نڪر ٻاهر- ڪمرو ٿي گندو ڪرين. گهور
وڃانءِ، ڏائڻ کي ٻاهر ڪڍ!“
۽ هوءَ هوريان هوريان، چپ چاپ ٻاهر نڪري ويندي
هئي. ڪنهن کي اجايو ستائڻ جو نه گهرندي هئي! دڙڪي
داٻ ملڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن تائين هن جو اهو دستور
ٿي ويندو هو، ته منهنجي ڪمري جي ٻاهر دڳ ڏانهن
کلندڙ دريءَ جي ٻاهران، سيخن ۾ هٿ وجهي، بيهندي
هئي. مان سمجهي وٺندو هوس ته آنڪي وٺڻ آئي آهي، پر
هوءَ پنهنجي زبان سان ٻڙڪ به نه ڪڇندي هئي.
(2)
هڪ ڏينهن هن آنڪي وٺڻ کانپوءِ شرمائجندي چيو: ”مان
کي بي پيشو ڏيندين؟“
”تڏهن آنڪي ڪنهنجي ٿي وٺين؟“
”داديءَ جي.“
”پوءِ، دادي تنهنجي ناهي ڪئن؟“
”آهي- آنڪي منهنجي ناهي.“
مون کي هن جي اکين ۾ مرڪ سان گڏ لڙڪ ترندا نظر
آيا. چپن تي سدا بهار سرهائي هيس. ان ريت هوءَ
روزانو مون کان پنج پئسا وٺي ويندي هئي. آنڪي ماءُ
جي محنت جي اُجرت، پئسو پاڻ لاءِ.
هڪ ڏينهن پڇيومانس: ”روزانو جيڪو پئسو وٺي ويندي
آهين، ٻڌاءِ ته ڀلا، ان جو ڇا ڪندي آهين؟“
”گهنگلو وٺنديس. پيرن ۾ ٻڌي لاليءَ ۽ لما (رما)
وانگي ڇم ڇم ڪندس.“
مان هن جي ان معصوم خواهش تي کلڻ لڳس. پر هن جي
منهن جو رنگ نه مٽيو. هن کي يقين هو ته هن جي اها
خواهش ٺوس هئي!
هن جي نالي ۾ به ته گهنگهرن جي ڇنڪار سمايل
هئي....”ڇيمي“.
ڇيمي ڇهن ستن سالن جي هوندي، پر هئي ٻاتڙي! زبان ۾
شايد قدرتي هٻڪ هيس. سچ ته سخت کان سخت ۽ بي جان
لفظ جڏهن هن جي زبان مان ادا ٿيندا هئا، ته انهن ۾
موسيقيت اچي ويندي هئي، ڄڻ گهنگهرن جو ڇمڪو ٿيو
هجي.
(3)
آءٌ سمجهي نه سگهيو آهيان، ته مون کي هن لاءِ
ايتري چاهنا ڇو هئي؟...... شايد هوءَ غير رواجي
ٻارڙي هئي. شايد هوءَ نرالي قسم جي ڇوڪري هئي،
اهوئي سبب هو جو هوءَ چهڙي نه سمجهڻ ۾ ايندي هئي.
منهنجي دلچسپيءَ جو هي سبب به ٿي سگهي ٿو، ته مون
کي از حد معصوم ۽ وڻندڙ ٻارن لاءِ سڪ هوندي آهي.
خاص طرح انهن ٻارڙن سان جن ۾ فطري طرح سان معصوميت
۽ شرارت جو ميلاپ هوندو آهي، پيار ٿيڻ سڀاويڪ آهي.
ڇيميءَ جي ماءُ رن زال هئي. ڇيمي، ستن سالن جي
ننڍڙي ڇيمي، يتيم هئي. هن کي پيءُ جو پيار نصيب نه
ٿيو هو. هوءَ چوندي ئي ته پنهنجي پيءُ کي ڏٺوئي نه
هئائين. يا ٿي سگهي ٿو ته ان جي سانڀر نه هجيس.
ڏينهن لنگهي ويا.
هڪ ڏينهن، ڇيمي منهنجي ڪمري جي ٻاهرينءَ دريءَ جي
سيخن ۾ هٿ وجهي، اچي بيٺي. مان لکڻ ۾ ايترو ته رڌل
هوس جو ان طرف ڌيان ئي نه وڃي سگهيو.
”ڇي ڇي.... شي شي...“ اهو هن جي اچڻ جو اطلاع هو.
”اندران ڦري آ، ڇيمي!“
هوءَ کاٻي هٿ جي چيچ ڏندن ۾ ڏيئي، ڪنڌ لوڏي، انڪار
ڪرڻ لڳي.
”ڇو؟“
”بيبي ماليندي.“
”نه نه..... نه ماريندي. اچ ته پئسو به ڏيانءِ....
۽ ها... اڄ آنڪي نه وٺندينءَ ڇا؟ ۽ هاڻي ٻاهر ڇو
بيهي رهندي آهين؟“
منهنجي ايترن سارن سوالن کان گهٻرائجي هن جواب
ڏنو:
”نه نه..... نا نه..... بيبي ماليندي“
مان هن کي پڪڙڻ لاءِ اٿيس، ته هوءَ ڀڄي ويئي، ۽
رستي جي ڇيڙي تي بيهي ڄڀ ڪڍي مون کي چيڙائڻ لڳي-
اها هن جي پهرين شرات هئي!
(4)
آءٌ هڪ دوست کي خط لکي رهيو هوس،
”شي شي ......“
سمجهيم ڇيمي آئي. ڏٺم ته نئين وڳي ۾ هئي. ڇيٽ جو
رنگين چولو ۽ ڀنگياڻين جو مخصوص، رنگين، ڇينڀي تي
سنهو پڙو. ٻانهن ۾ ساڳيون ڪانچ جون ڪاريون
ڪنگڻيون. مکڙي تي اهائي گنڀير مرڪ، مگر اکيون
ڳاڙهيون ۽ انهن ۾ ڳوڙها، جيڪي ڀانيو پئي ته اجهو
ڳڙيا ڪي ڳڙيا- ڇيمي اجهو رني ڪي رني.
”ڇو، ڇيمي ڇو!
هوءَ ٻنهي هٿڙن سان اکيون مهٽڻ لڳي، پوءِ روئي
ڏنائين، روئندي به ٿي ويئي ۽ ڪڏهن نئين چولي ۽ پڙي
کي ۽ ڪڏهن اگهاڙن پيرن کي ڏسندي به ٿي ويئي. مان
حيران، ته ٻارڙي ايترو ڇو ٿي روئي، ۽ ڪپڙن ۽ پيرن
کي ڇو ٿي ڏسندي وڃي چوڻ لڳي:
”داديءَ...... چولو پرو..... آرين (آڻين) ڏنو.....
گهنگلو نه موکان اُهي پئشا به کشي ولتائين.....
جيڪي تو ڏنا ها!“
مان هن کي پرچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، ۽ گهڻا جتن ڪري
پڪ ڏياريمانس ته کيس گهنگهرو وٺي ڏبا.
”مان پيرن ۾ پائينديس،“ هوءَ خوش ٿي تاڙيون وڄائڻ
لڳي، ”اڄ پئي به مان ميري (ميڙي) آئي هانءِ!“ هن
ڄڻ ته مون تي رعب رکڻ چاهيو. اتفاق سان ان وقت ئي
امان مون کان منجهند جي مانيءَ جو پڇڻ آئي. ڇيميءَ
کي منهنجي ڪمري ۾ بيٺل ڏسي، اچي مٽي، چي: ”اهڙو
ڪڌو ڪئين ٿيو آهين؟ چهڙيءَ کي کڻي مٿي تي چاڙهيو
اٿيئي! ائين ڪو ڪندو؟ ڀائٽين کي به ايترو نه گهرين
جيترو هن ڇنال کي!“ هوءَ ڪاوڙ ۾ ٻاهر نڪري وئي،
مانيءَ جو به نه پڇيائين. ڇيميءَ جو منهن لهي ويو،
۽ بنا چون چرا جي ٻاهر نڪري ويئي. امان به ڪا هن
لاءِ واجهائي رهي هئي. ڇيمي ٻاهر نڪتي مس ته امان
ٻهاري کڻي سٽڻ لڳيس. ويچاريءَ ڪجهه نه ڪڇيو، ڳوڙهو
به نه ڳاڙيائين!
پڌر مان گند جو ٽين کڻي، هوريان هوريان ٻاهر نڪري
وئي.
منهنجي حساس دل ۽ دماغ تي ان جو ايترو اثر ٿيو، جو
منجهند جي ماني به نه وڻي. رات جي ماني به امان ۽
ڀاڄائيءَ منٿ ميڙ ڪري کارائي. امان چوڻ لڳي.
”اهڙو نرم دل به ڪو ماڻهو ٿئي! مون کي حيراني آهي،
ته تون آفيسري ڪئن ڪري سگهندين؟ خدا گهريو ته نيٺ
ڪو عهدو ماڻيندين، پوءِ زيردستن تي رعب ڪئن ڄمائي
سگهندين! انتظام ڪئن رکندين!“
هيڏانهن، منهنجي ذهن ۾ ڪي ٻيا ويچار اٿلي رهيا
هئا. آءٌ سماج جي اوڻاين تي غور ڪري رهيو هيس.
انسان انسان کي ڌڪاري ٿو. انساني فطري پيار ۾ به
ذات پات، اوچ نيچ جو دخل ٿي سگهي ٿو!
(5)
ٻئي ڏينهن ڇيمي آئي! شايد ماءُ کي مار جي ڪا ڳالهه
نه ٻڌائي هئائين، نه ته اچڻ نه ڏئيس ها. هن جي
اکين ۾ رهي کهي مرڪ جي جاءِ به لڙڪن والاري هئي.
هوءَ ڪاڪوس ميڙي ٻاهر نڪري وئي. امان به شايد
ڪالهوڪي واقعي تي پشيمان هئي. چئي نه سگهي: پٽ، هن
چهڙيءَ کي آنڪي ته ڏجانءِ، ڇيمي به مغموم ٿي ڏٺي.
آءٌ پنهنجي ليکي شرمندو هوس. اچانڪ هوءَ ٻاهرين
دريءَ جي سيخن کي پڪڙي اچي بيٺي. ڪو آواز نه
ڪيائين بس بيٺي رهي. ڀانيم، ابد تائين ائين بيٺي
رهندي! مان ڪرسيءَ تان اٿي، ڏانهنس وڌي ويس چوڻ
لڳي:
”تون منهنجي دادا کي وٺي ايندين؟ دادي کش ناهي.“
مان ڏڪي ويس. ان جو ڪهڙو جواب ڏئي ٿي سگهيس! هن
جهٽ کن کان پوءِ وري چيو:
”اڄ ٻه آنڪون ڏيندين؟ دادي کش ناهي.“
مون ٻياني ڪڍي، هن کي ڏني، ته چوڻ لڳي، ”سڀان پئشا
نه ڏجانءِ.“
”ڇو؟“ مون حيرت مان پڇيس.
”اڄ ٻياني جو ڏني اٿئي!“ هن مون کي ڳالهائڻ جو
موقعو نه ڏيندي چيو. ”آنڪ جون ڪچوريون وٺندس.
پنهنجي ڪاڻ ٿوروئي! داديءَ لاءِ: کش جو ناهي!“
هوءَ هوريان هوريان هلندي هلي ويئي، ڏاڍي اداس پئي
ڏٺي. دڙي تائين پهتي، جتي ٻين ڀنگياڻين جي گند جي
دٻن سان هن جو دٻو به رکيو هوندو هو. مون ڏٺو، هن
سينهو مٿي تي ٺاهي رکيو، ۽ پوءِ ان تي گند جو ٽين
رکي هلڻ لڳي.
مان کيس ڏسندو رهيس.
هڪ ڏينهن صبح جو، پاڙي اوڙي جا ٻار اسان جي گهر جي
ٻاهران رستي تي ”سٽ ڪٽ“ راند ڪري رهيا هئا. ڇيمي
هنن جي راند مان مزو وٺي رهي هئي. جڏهن کينهون ڪني
پاڻيءَ جي ڪسيءَ ۾ ٿي ڪريو، ته هن ڪڍي آڻي ٿي ڏنن.
هڪوار ته کينهون هن جي هٿن ۾ آيو، هوءَ حسرت سان
ان کي دٻائي ڏسندي رهي. پريان ڪنهن ڇوڪري رڙ ڪري
چيس:
”او ڙي، او چهڙي! کينهون هيڏي ڦٽي ڪر، نه ته هڏ گڏ
ڀڃندوسانءِ.“
ڇيمي ويچاريءَ ڊڄي، کينهون کڻي اڇلايو.
پريان ڪا بگي ٿي آئي، جنهن ۾ تازو وهو ڪيل گهوڙو
جوٽيل هو، جو بگيءَ کي کنيو ٿي آيو. منهنجو چئن
سالن جو بي سمجهه ڀائٽيو وچ رستي تي بيهي، راند
ڏسي ۽ تاڙيون وڄائي رهيو هو. بگيءَ وارو پريان ئي
رڙيون ڪندو ٿي آيو، ۽ جيترو پئي گهوڙي جي رينن کي
ڇڪيائين، اوترو ٿي گهوڙي اُڇانگ ڏنا. ٻار رستي تان
نه هٽيو. ٻيا ڇوڪرا پري پري وڃي بيٺا. ڇوڪر جو وڏو
ڀاءُ ۽ ڇيمي کيس بچائن لاءِ، ڏانهنس ڊوڙيا. ڀاڻس
ڪجهه دير سان پهتو، نه ته اُهو به ننڍڙي طارق ۽
ڇيميءَ جيان بگيءَ جي چيڀٽ ۾ اچي وڃي ها.
وٺي ٻارن ڏانهن ڊوڙيس. عورتون درن پٺيان بيهي پار
ڪڍڻ لڳيون. بگي هوا ٿي وئي هئي مون هڪ ڪڇ تي طارق
کي کنيو: ٻيءَ تي ڇيميءَ کي. هڪ ٻار رڙ ڪري چيو:
”ادا! اها چهڙي اٿئي، ڪڇ تي نه کڻيس. لٽا ڪنا
ڪندءِ!“
ٻيا ٻارڙا ’آخ- آخ‘ ڪرڻ لڳا. هڪ ٻار منهنجي ويجهو
آيو: ”اڙي، هاڻي ادا به چهڙو ٿي پوندو“ تنهن تي
ٻيا ٻار، ان حادثي کي وساري، وٺي کلڻ لڳا!
ڇيمي بيهوش هئي. سندس مٿي مان رت وهي رهيو هو.
ڪلهن ۽ سيني تي سخت رهڙون آيون هيس هن سياڻپ ڪري
طارق کي پرتي ڌڪي ڇڏيو هو، جنهن ڪري هن کي رڳو
ٽنگن تي معمولي زخم رسيا هئا.
گهر ۾ گهڙيس ته امان ۽ ڀاڄائي طارق لاءِ وهلور ٿي
ويئون. ڇيميءَ لاءِ ڪنهن به نه پڇيو. ان کان اڳ جو
مون تي ڪوئي نڪته چيني ڪري ته ”چهڙيءَ کي ڇو ڪڇ تي
کنيو اٿئي“، مان ٻاهر نڪري ويس.
(6)
آءٌ ڇيميءَ کي اسپتال کڻي ويس. جڏهن هن جا زخم صاف
ڪرڻ لاءِ کيس ميز تي ليٽايو ويو، ته ڪجهه سڌير ٿي،
زخم صاف ٿيڻ مهل جاڳي پئي ۽ درد کان دانهون ڪرڻ
لڳي. هن کي مضبوطيءَ سان جهلي، سوگهو ڪري، زخم صاف
ڪيا ويا، ۽ انهن ۾ دوائون ۽ پائوڊر وغيره ڀري
پٽيون ٻڌيون ويئون.
مان هن کي ڪڇ ۾ کڻي، ٻاهر رستي تي اچي، ٽانگي لاءِ
واجهائڻ لڳس. هوءَ، رت وهڻ سبب، ڪمزور ٿي وئي هئي
۽ ڍر ڪندي ٿي وئي. جهڪي آواز ۾ پڇيائين:
”ڪاڏي؟“
”گهر- ڇيمي! تنهنجي گهر پيا هلون هلون نه؟“
”ٽين ۽ سينهو ته کڻون، نه ته دادي گهر اچڻ نه
ڏيندي!
”چڱو ڀلا منهنجي گهر هلندينءَ ڪئن؟“
”نه- بي بي ماليندي. تالڪ (طارق) کي ڄنگهه ۾ ڌڪ جو
لڳا آهن!“ هوءَ سڏڪا ڀرڻ لڳي.
”نه نه... نه ماريندءِ. مان جو ويٺو هوندس.“
نه نه- نا نه... بي بي ماليندي!..... هل ته دادا
ڏي هلون!“
پوءِ هوءَ رئڻ لڳي.
مان منجهي پيس.
لهندڙ سج جي ’ڳاڙهاڻ‘ نئين صبح جي آمد جي خوشخبري
ٿي ٻڌائي! جو زياده روشن ۽ تابناڪ ٿئي ٿو. جنهن جي
سونهري ڪرڻن سان دنيا منور نظر اچي ٿي. رات جي
”ظلمت پاش“ فوجن کي سر لڪائڻ جي جاءِ به ڪانه ٿي
ملي سگهي! ۽ انهن کي پنهنجي موت مرڻو ٿو پوي!
(کن ٺان- برمي شاعر)
غلام رباني (سنڌي)
شيدو ڌاڙيل
سج ٻه ڪانا کن مٿي چڙهي آيو هو. اڱڻ ۾، ڇنل کٽ تي،
ڦاٽل رلهيءَ ۾ ويڙهيو سيڙهيو، هو ستو پيو هو. کٽ
جي چوڌاري اسڪولي ٻارن جو ڊنب مڙيو بيٺو هوس.
”شيدو، شيدو، سائين ٿو سڏيئي!“
”اڙي ائين ڪونه اٿندو: هلو ته سائينءَ کي سڏي
اچون،“ ٻئي واڪو ڪيو.
پر شيدو اهوئي ستو پيو هو.
تنهن تي، ٽئين ڇوڪر وڌي سندس منهن تان رلهيءَ جو
پلئه لاٿو. ڇوڪر جو پلئه لاهڻ ۽ شيدوءَ جو واڪو
ڪري اٿڻ، ”وڃي پنهنجي بابي ماستر کي ٻڌايو! مان
ڪونه ايندس، ڪونه ايندس“ ۽ سٽ ڏيئي رلهيءَ جو پلئه
ڇڏائي، هو وري ويڙهجي سيڙهجي سمجهي پيو.
ڇوڪرا چپ چاپ هليا ويا.
’غفور اصل ڪونه مڙندو- ضرور سائينءَ کي چوندو ته
سائين، شيدوءَ هيئن ٿي چيو. قالو به ته ٺاهي جوڙي
ڳالهه ۾ لوڻ مرچ گڏيندو. ڀلا ڪريم؟ نه نه، هو به
حرامي آهي- اهو به چوندو ته سائين توهان کي گاريون
ٿي ڏنائين“ اهي ويچار ويچاريندي شيدو اٿيو. رلهي
پري ڦٽي ڪري، کٽ هيٺان پيل پاڻيءَ جي ٻٽي دلي مان
جهڙو منهن ڌئڻ لاءِ پاڻيءَ لپ ڪڍيائين، تهڙو پاڻي،
ڀڳل گهانگهي مان پٽ تي وهي ويو.
”ڀيڻسان دلو به ڀڳل.... ڀلا هجي ابو امڙ ته.....“
هن جون اکيون آليريون ٿي ويئون. کٽ تان رلهي کڻي،
منهن اگهي، جهڙوئي در ڏانهن وڌيو ته پٽ تي هاريل
پاڻيءَ تان پير ترڪي ويس. ڌومنهن ڀر وڃي ڪريو.
ڪاري ڪپڙي جي پنيءَ تائين گوڏ به گپ ۾ ڀرجي ويس.
اڃان اٿيوئي مس ته در کڙڪيو، ۽ ائين ڊنب ٻارن جو
گهر ۾ گهڙي آيو. در تان ماستر واڪو ڪيو، ”اڙي کنڀي
اچوس“!.... ۽ ڇوڪرا شيدوءَ کي چنبڙي ويا. ڪو ٽنگن
کان ڪو ٻانهن کان، ٽنگوٽالي ڪري هو کيس ائين ماستر
ڏانهن کنيو پئي ويا جيئن ماڪوڙيون ڪنهن مئل
ڏينڀوءَ کي پنهنجي ڏرڙ ڏانهن نينديون آهن. ”هل
اسڪو!“ ماستر، شيدوءَ کي ڇوڪرن جي وچ ۾ ڪري اڳ ۾
ٿي هليو.
”سائين گپ ۾ ترڪي پيو آهيان. گهڙي کن ڇڏيو ته گڏ
تان وهنجي اچان.“
”وهنجي ٿو پٽ!“ ماستر، شيدوءَ جي اگهاڙيءَ پٺيءَ
تي ٻير جو لڪڻ هڻندي خار وچان چيو.
اسڪول ۾ پهچي ماستر رڙ ڪئي، ”حمزا!“
”جي سائين!“
”پاڻيءَ واري واڍ کڻي آ!“
حمزو پاڻيءَ واري واڍ کڻي آيو، ۽ ماستر جي حڪم سان
شيدوءَ کي بينچ تي پٺيءَ ڀر سمهاري ٻڌڻ لڳو.
”سائين سوگهو آهي“ حمزي، شيدوءَ کي چڱيءَ طرح بينچ
سان جڪڙي ٻڌڻ بعد چيو.
”ها، پوءِ؟ ڇاٿي چيئي ته وڃي پنهنجي بابي کي دانهن
ڏيو!“
شيدوءَ ڪڇوئي ڪونه بس، جهڙي ڀت!
اسڪول ۾ چپ چاپ ٿي ويئي. ۽ پوءِ ان خاموشيءَ ۾
ماستر جي گارين جي گجگوڙ بعد، جڏهن ٻير جو لڪڻ وڄ
جيان وراڪو ڏيئي، بينچ سان ٻڌل شيدو تي وسڻ لڳو ته
شيدوءَ جون اکيون سانوڻ جي ڪڪرن جيان اوهيرا ڪري
وسڻ لڳيون. اهي گارين جو گوڙيون، لڪڻ جا وڄ جيان
وراڪا ۽ اکين جو اوهيرا ڪري وسڻ- تيسين جاري رهيا
جيسين ڏيڍ مڻ جي پڃري کڻندڙ ماستر جي ٻانهن ساڻي
ٿي پيئي ۽ شيدوءَ جي اکين مان وهندڙ مهراڻ سڪي
ويو.
(2)
’ هڪ ايڪو ٻه ڏهاڪا، ايڪيهه.‘
’ٻه ايڪا ٻه ڏهاڪا، باويهه‘
’ٽي ايڪا ٽي ڏهاڪا....‘. ”اڙي بس ڪيو، ڪتي جا پڇ!“
ماستر صاحب اسڪول ۾ داخل ٿيندي چيو. چوڌاري چپ ٿي
ويئي. ماستر صاحب دستور موجب حاضريءَ جو ڪتاب کڻي
حاضري وٺڻ لڳو.
”حمزو“ ’حاضري سائين‘
”قالو“ ’حاضر سائين‘
”غفور“ ’حاضر سائين‘
”ڪريم“ ...................
”ڪريم!“ ماستر ٻيهر واڪو ڪيو.
”شيدو!“
”شيدو!!“...................
”سائين شيدو ۽ ڪريم ٻئي ڪونه آيا آهن.“ حمزي اٿي
چيو.
”ڪالهه گڏهه جيڏي مار جهلي اٿائين، وري اڄ ڪتي جو
پٽ نه آيو! اڙي توهان مان ڪنهن کيس ڏٺو؟“
بشير، ماستر ڏي نهاريندي، ٻانهون ٻڌي، چوڻ لڳو،
”سائين صبح جو ٻئي ڄڻا ميري جي هٽ تان چانورن جي
لائي وٺي، مڪان واري کوهه ڏانهن پئي ويا. مون
چيومان ته ’هلو اسڪول‘ تنهن تي مون کي مڪ وهائي
ڪڍيائون!“
”پيسا ڪاڏهون آندائون، جو لائي ورتائون!“ ماستر
عجب ۾ پئجي چيو.
بشير ڊڄي ڊڄي چوڻ لڳو، ”سائين... سائين! مون کي نه
مارجو... مان ڏسيانو؟“
”ڳالهه ڪر!“
”سائين، ڪالهه نوري جي گهران رائي چورائي هئي سين.
هٽ تي وڪيسون ٻارنهن آنا مليا. پر سائين مون کي هڪ
ڏوڪڙ به نه ڏنائون. ٻارنهن ئي آنا شيدو ۽ ڪريم کڻي
ويا!“
”ها، ڪتي جا پٽ چوري نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا. نه
ماءُ نه پيءُ ڪو چوڻ آکڻ وارو ته اٿن ڪونه. اهي
حرامي ڦر وڏي هوندي کاٽ هڻندا. اهي پڙهيا! جيڪي
هينئر ئي چوريون ٿا ڪن، سي وڏي هوندي ڪهڙا اَڪ
ڪارا ڪندا. پر مون کي ته عجب آ ته اهي ماني ڪٿئون
ٿا کائن؟“ ماستر صاحب ڇوڪرن ڏانهن نهاريندي چيو.
”سائين ڪڏهن ڪڏهن اوبر سوبر اسان ڏيندا آهيون.“
قاسم درزيءَءِ جي پٽ اٿي چيو.
”۽ سائين ڪڏهن ڪڏهن اسان،“ وڏيري جي پٽ انور اٿي
چيو.
”ها، ننڍي هوندي اُڙين ٿڙين ٽڪرن تي پلبا، ته وڏي
هوندي ضرور چوري ڪندا!“ ماستر نفرت وچان چيو، ۽
پوءِ ڪلاس جي ڪم کي لڳي ويو.
(3)
انهي ڳالهه کي سال گذري ويا. اڄ شيدوءَ جو سڄي تر
۾ ڏهڪاءُ هو. ٻارنهن ڪوهيءَ ۾ چڱا چڱا جوان مرد،
شيدوءَ جو نالو ٻڌي ڏڪي ويندا هئا. هاڻي هن کي
شيدو ڪير ڪونه ڪوٺيندو هو. ماستر جنهن شيدوءَ کي
ننڍي هوندي موچڙن سان ڪٽي نوءد جو ٽڪر بنائي ڇڏيو
هو، قاسم درزي ۽ ڳوٺ جو وڏيرو عيدل خان ۽ ٻيا جن
جي سڪلن ٽڪرن تي شيدو ننڍي هوندي پليو، اسڪولي
ٻار، جي شيدوءَ جا ڪلاسي هئا، جن مان ڪي اڄ ڪڙمي
هئا، ڪي مزور هئا، ڪي ٻڪرار ۽ خود شيدوءَ جو ننڍي
هوندي جو يار، ڪريم، جو اڄ پنهنجي تر جو سٺو رازو
هو. اهي سڀ کيس شيدو ڌاڙيل ڪوٺيندا هئا.
|