غلام شاهه
اٿم اميدون اڃان، پاندڙو پائينديس، پرين
پرچائينديس!
1. درد ونديءَ کي دم دم دلبر، درد فراق جا دل ۾
دفتر،
ڳالهين جا ٿم ڳڃان:
ڳجهو ڳالهائينديس، ساري ته سڻائينديس.
2. جڏهين منهنجو جانب آيو، جنهن سان منهنجي روح جو
رايو،
سرتيون اوهان کي سڃان:
کنڊون کارائينديس، وٽون به ورهائينديس.
3. سڄڻ هليو، ۽ مون کي منهن ٿيو، پرين ڌاران ويهڻ
وهه ٿيو،
ڪين وهان، آءٌ وڃان:
وڃي ته ورائينديس، روئي ته رهائينديس.
4. سوين سال ٿيا، ورهين ويهان، آءٌ ته ”غلام شاهه“
راتو ڏيهان،
ڀاڃ اها ويٺي ڀڃان:
گهر گهرائينديس، گهورون ته گهمائينديس.
”محمد“ فقير صوفي، کٽياڻ
عشق اويڙا قدم ڪڏايا،
ڪيفي ڪيف ڪلال دا، ڪمال دا!
1. حسن هلان ڪر حڪم هلايا،
جلوا کول جمال دا! جلال دا!
2. قلب قتل دا قرب ڪمايا،
فالم ٿي في الحال دا! برحال دا!
3. صوفي ٿي سر صاف سڃاتا،
دلبا ديد دلال دا! ڌمال دا!
4. گم ٿي ’محمد‘ ويک تماشا،
بيسر بيک بحال دا، خيال دا!
”جهان شاهه“ ٿاڻو بولا خان
تنهنجا نين خماري ناز ڀريا، سي ته مفت مسافر مارن
ٿا!
1. قوس صفت تنهنجا ابرو ڪارا، تير ڪشي ٿا ڪن سي
وارا،
چچري ڪن ٿا،
دل ”سي پارا“، ”مصحف“ منهن سي ڏيکارين ٿا!
2. کول نقاب تون نرمل سائين، ڇوٿو حجاب جي چادر
پائين،
”مظهر“ ۾ وريو منهن کي لڪائين، سهڻا ته پاڻ
سينگارن ٿا!
3. تنهنجا تهدل تابع عاشق، فڪر فنا ڪيا آهن فائق،
شاهه گدا سڀ تنهنجا شائق، لک طالب توڏي نهارن ٿا!
4. ”جهان شاهه“ سي آيا جاني، ماه لقا منهنجا يوسف
ثاني،
من گهريا ڪري مهرباني، پت پيارل پارن ٿا!
زمان شاهه ”ساقي“
1. جنهن سان دل لڳي، تنهن کان ڌار ٿيڻ،
اهو جاڙ جيڻ، تنهن کان زهر پيڻ،
اهو ناهه مرڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟
2. دل تي دود دکن، لکين پور پون،
سوين سور سجهين، دل تان ڪين لهن،
اهو ناهه رئڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟
3. جنهن کي
نينهن نيو، تنهن کان سڀ ويو،
مون کي ڏس ڏيو، ڏکيو پيچ پيو،
اهو ناهه ڦسڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟
4. ملي ماه لقا، جنهن تان آهيان فدا،
ڪيو قهر قضا، ٿيو يار جدا،
اهو ناهه جلڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟
5. ماندي يار مران، پکي روز پڇان،
”زمان“ مان ملان، اها آس رکان،
اهو ناهه سڪڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟
مرحوم محمد عالم شاهه ’عالم‘ ٽکڙائي
هليا جنگ جوڳي سي نروار نانگا،
لتاڙي لنگهيا لڪ لڪيون ۽ لانگها!
1. نه ٻولين
ڪنهن سان، ٻڌن ڪانه ڪنهنجي،
رکن ڪانه پرواه، پرائي نه پنهنجي،
ڇنا سڱ سامين، سياڪا ۽ سانگا.
2. وڌئون بک بگري، کنيئون سڃ سمر لا،
رميا راه رڃ جي، ڪشي تن ڪمر لا،
چڙهي چوٽ ٿيئڙا ڏسڻ کان مهانگا.
3. شريعت سندا شمس، تارا طربقت،
سندا معرفت مهر، هادي حقيقت،
وڃي پار پهتا، تري تار تانگها.
4. اٿي ڳول ان لئي، ڳليون ڳوٺ ’عالم‘،
سونهي جن جي صحبت، سنگت صاف سالم،
انهن کان سکج عشق جا انگ اڙانگا.
گيت
”برده“ سنڌي
مستاني رت
نيهن نڀائڻ جا ڏينهن آيا،
آئي رت مستاني.....
آءُ وري تون جاني!
نهر ڪناري، ڪنگ تنواري، ساريائين ڪو ساٿي،
’پي پي‘ ڪري پپيهي پنهنجي، من تان مونجهه ته لاٿي،
ڪير چوي؟ هي ماڪ جا قطرا، لڙڪ اُداسي دل جا!
واريءَ تي هي ڇوليون ڄاپن، ڦٿڪا ڪنهن بسمل جا:
او شل جواني ماڻين مٺڙا!
مل آ مهل سُهاني.....
آءُ وري تون جاني!
سياري جي هر رات هيڪاندي، مون آ ڏسڪي ڪاٽي،
اُلڪي کان، سيرانديءَ سيري، رکان روز ڏياٽي،
بيهي چائنٺ وٽ چتايان، روز صبح جو راهون،
ڀير ڏسان ڪو تنهنجي ڀورل، دل مان نڪرن دانهون:
پر نه اڻاسيءَ جا اجهڙا تو،
اچي ڪئي احساني.....
آءُ وري تون جاني!
انبن ٻور جهليو، نم هاڻي ڪاڪ پن ٿي ڇاڻي،
آئي آهه بهاري، تون ڀي آءُ پرين هن ٽاڻي،
نيرا گل چڻن جا ناسي موريءَ جا گل مرڪن،
سنگ جهنڊولا، ڪئنرا ڪئنرا، هير تي بيٺا ڍرڪن:
هاءِ جيئن لهرائن پوکون،
جهومي دل ديواني....
آءُ وري تون جاني!
ڀيڄ ڀنيءَ جو، ڀنيءَ فضا ۾، تنهنجي ياد ستائي،
سا جهٽ ڀاڳ سهاڳ جي ڀايان لالڻ ليئڙو پائي،
پاسا چوريان، ۽ ڪر موڙيان، هاءِ! اچن اوٻاسيون،
عشق جو مُشڪ،
ڇُلي پيو ڇپرين، ڳوٺ ڳليون سڀ واسيون،
سيني ساڻ لڳائي روئان،
”بردا“ نيهن نشاني....
آءُ وري تون جاني!
شيخ ”اياز“
تون مونکي، مان توکي ڳوليان،
لڪي ليئا پايان،
واجهه وجهي واجهايان!
روز ازل جون رمزون تنهنجون،
سُر ۾ ڪيئن سمايان،
ڳوڙهن ۾ ڪئن ڳايان!
سور سوين سانڍي مان تڙڦان،
توکي ڀي تڙڦايان،
لونءَ لونءَ منجهه لڇايان!
بات برهه جي ڳوڙهن- گاڏڙ،
مرڪي ڪيئن مڃايان،
سڏڪن ساڻ سڻايان!
ساري رات سڄڻ مان سوچان،
تارن کي ترسايان،
ڳالهه ڳجهي ڳالهايان!
تون چنڊ ته مان چانڊوڪي تنهنجي،
پاڇو ٿي پڇتايان،
چوء، توکي ڪئن چايان!
تون مون کي مان توکي ڳوليان،
لڪي ليئا پايان،
واجهه وجهي واجهايان!
هري ”دلگير“
تو ڇو دلڙي لاٿي، ساٿي!
تـو ڇو دلڙي لاٿي؟
ساٿي تنهنجا ساٿ ڇڏي ويا، تون ئي اڪيلو ڪاهه،
ويل آويل ڏسين ٿو ڇا لاءِ، سانجهه سويلو ڪاهه،
هِن هُن جي پرواهه ڪرين ڇو؟
ناداني داناءَ ڪرين ڇو؟
ويو اڄ توکي ڇا ٿي، ساٿي!
تو ڇو دلڙي لاٿي؟
ڪنڊا جي رستي ۾ ايندا، پيرن هيٺ لتاڙي هل،
پربت جي روڪين ٿا راهي، تن کي چيري ڦاڙي هل،
ڌرتيءَ کي گلزار ڪري ڇڏ،
خوشبو سان سنسار ڀري ڇڏ،
سرڳ پوي دنيا ٿي، ساٿي!
تو ڇو دلڙي لاٿي؟
رستو ڪارو، ٻاٽ انڌارو، آشا جوت جڳاءِ
پنهنجي لاءِ ۽ جڳ جي لاءِ پڻ روشن راهه بڻاءِ،
سو سج تنهنجي راهه تڪيندا،
مــــــــــــاڻهو توڏي ڊوڙي ايندا،
سڀ پوندا تنهنجا ٿي، ساٿي! تو ڇو دلڙي لاٿي؟
”نياز“ همايوني
ڀيڃ ڀني رات پُني، تون نه آئين دادلا!
هيج ٽٽي آس رني، تون نه آئين دادلا!
تو بنا منهنجا پرين، هو منهنجي ڪاڻ هڳاء،
هيڪلائيءَ هانءُ کاڌو، سڃ وڃايم، ساک،
گهات وڌم گهاء، مونجهه مانارا ڪيا:
سيج سڃي، ننڊ ڊني، تون نه آئين دادلا!
سانگ ساٿي ڪين ٿين، وندر لئي وڦلي رهيس،
گود ۾ گوندر نپائي، تانگهه ۾ اهلي رهيس،
دانهن مان دهلي رهيس، آهه اکيرا ڪيا:
ماڪ اُٺي ميس مٺي، تون نه آئين دادلا!
ساهه سيبانا الا، ڇو نه آئين ڇا ٿيئي؟
ڪنهن پڇايو
پنڌ تنهنجو، ڪنهن مسايئي ڪنهن جهليئي؟
پاڻ ڇو مونکان پليئي، وهم واهيرا ڪيا:
لڙڪ کليا، مرڪ رني، تون نه آئين دادلا!
هيج ٽٽي آس رني، تون نه آئين دادلا!
ڀيج ڀني رات پني، تون نه ائين دادلا!
”تنوير“ عباسي
صبح نه آهي دور، ساٿي!
صبح نه آهي دور.
لنبي رات وهامي ويندي، دک جي آگ اجهامي ويندي،
آس نه لاٿي، جي تو ساٿي!
اونده مان ئي باکون ڦٽنديون، ڪاريون راتيون نيٺ ته
کٽنديون،
ڇو ٿو وڃين وهلور، ساٿي!
صبح نه آهي دور.
رات ٿي پنهنجو دم ٻوساٽي، اونداهين جو هانء ٿو
ڦاٽي،
ڪارن پردن مان پرڀاتيون، اوڀر کان ٿيون پائن
جهاتيون،
صبح ٿئي ٿو، نور وسي ٿو،
ڄاڻ لٿا هي سور، ساٿي!
صبح نه آهي دور.
ڏس ته شفق مان صبح سڀاڳو، ڪر موڙي آ ننڊ مان جاڳي،
صبح جو پهريون پهريون ڪرڻو،
اونداهيءَ جا پردا چيري، وڌندو اچي ٿو ڌيري ڌيري،
ڄاڻ وسي ٿو نور، ساٿي!
صبح نه آهي دور.
اچ ته رفيقن کي جاڳايون، صبح سان گڏجي جوت جلايون،
منهنجا سنگتي، منهنجا ساٿي!
آءُ ته ڳايون گيت سحر جا، اچ ته ڪريون دنيا ۾،
اُجالا،
ٿيندا هي دک دور، ساٿي!
صبح نه آهي دور.
”بشير“ مورياڻي
نيڻن نير وهايو تو بن نيڻن نير وهايو،
تنهنجي ياد ستايو هردم، تنهنجي ياد ستايو!
دل ۾ تنهنجو رنگ روپ ۽ صورت آهي سمائي،
تنهنجو نالو آهي زبان تي، ناهي ٻي ڪا وائي،
اکيون آليون ٿي ويئون، جو ڌيان آ تنهنجو آيو:
نيڻن نير وهايو تو بن نيڻن نير وهايو،
تنهنجي ياد ستايو هردم، تنهنجي ياد ستايو!
ڏينهن ڏينهن جو کسجي ٿي، مون کان منهنجي سرهاڻي،
رات رات جو ارتو اوتيان، اکين آءٌ سدائي،
ڏنگ هڻي ٿي روح کي منهنجي، تنهنجي هيءَ جدائي،
تنهنجي پريت منهنجان اي سپرين، مون غم آهه پرايو:
نيڻن نير وهايو تو بن، نيڻن نير وهايو،
تنهنجي ياد ستايو هردم، تنهنجي ياد ستايو!
هوندراج ”دکايل“
ڳوٺاڻو گيت
1. پٻن کڙي پيهي تي بيهي، پل پل ڪريان پڪار،
ڪانوَ تڙي تو طرف منجان ٿي، من ڪو پهچئي پار،
پٻن کڙي ... ... ... ... ... ... ... ... ... ...
... ... ... ... ... ... ... ...
2. رونبا نڪتا، اوٻر نڪتا، نڪتو پئي ڄڻ ساهه،
ساون مان پيلا ٿيا تيلا، لاب، پيا، ٿيو ڳاهه،
تڏهن به تون آئين نه مسافر، ڪهڙي ڏيانءِ ميار؟
پٻن کڙي
3. وائر ۾ ڇڄ ويهه ويهه ڀيرا، ڄڻ ٿي هٿ مان ٿڙڪيو،
پيارو پورهيو بار لڳو پئي، تو رئي هڏ هڏ ٽڙڪيو،
تن ميرو ٿيو ڌوڙ وسائي، چيڙهه وڃايم وار،
پٻن کڙي ... ... ... ... ... ... ... ... ... ...
... ... ... ...
4. ديرا ميرا لڳن، مسافر! تو نه ڪيو جي ديرو،
اوطاقن ۾ اوندهه ڀانيان، پيو نه جي تنهنجو پيرو،
من منهنجي کي ڪين وڻن ٿا تو ريءَ اَن انبار،
پٻن کڙي ... ... ... ... ... ... ... ... ... ...
... ... ... ...
5. اُکريءَ ۾ منهن پائي ويٺي، مهري ٿي کڙڪايان،
آهٽ پائي، ڇرڪ ڀري، اک ور ور در ۾ پايان،
مايوسيءَ کان ان ڪڻن کي ڏيان ٿي ڪيڏي مار،
پٻن کڙي ... ... ... ... ... ... ... ... ... ...
... ... ... ...
6. آس وڃائڻ واري ناهيان، ڇو ته ڳهيلي آهيان،
تڏهن ته دم دم دڳ واجهائي پئي ٿي دل پرڀايان،
نيٺ ته هڪ ڏينهن ايندين ”دکايل“، پاڙيندين اقرار،
پٻن کڙي پيهي تان بيهي پل پل ڪريان پڪار.
سريچند ڇاٻڙيا ”راهي“
جيون راڳ
ڇيڙ مڌر ڪو راڳ، سکي ري! ڇيڙ مڌر ڪو راڳ.
ڇاتي ڦولي ڪين سمائي، جذبن ڌوم مچائي،
باغن ۾ سرهاڻ کڻي، آ هوا پکيڙڻ آئي،
تن من ۾ جهنڪار لڳي آ، جاڳي ڀاڳ سهاڳ،
سکي ري! ڇيڙ مڌر ڪو راڳ.
تون مان مشڪون، جڳ پڻ مشڪي، مشڪي دنيا ساري،
آشا مشڪي، جيون مشڪي، مشڪي من ڦلواڙي،
ڀُلجون ساري جڳ جي چنتا، ڀُلجون منزل ماڳ،
سکي ري! ڇيڙ مڌر ڪو راڳ.
اجهو هلڻ جي ويل به آئي، مکڙي پڻ مرجهائي،
اجهو وڄي ٿو ڪال نغارو، جيون ۾ سڃ ڇانئي،
تڙڦي ٿو اڄ گيتن لاءِ ئي، من جو سمنڊ اجهاڳ،
سکي ري! ڇيڙ مڌرڪو راڳ.
ڪير چوي هن ويلا کان، پو، ڇاهي آخر ٿيڻو،
پراڻن تي آ ڪين ڀروسو، ڪنهن کي جئڻو مرڻو،
گيتن جي سٽ سٽ ۾ ”راهي“، ڀر جيون جو راڳ،
سکي ري! ڇيڙ مڌر ڪو راڳ
(”سئنا“ تان شڪريي سان)
نظم
نواز علي جعفري ”نياز“
گلاب جي گل کي خطاب
اي سدا سهڻا، گلستان جي گلن جا تاجدار،
آهه توتي هر چمن جي، حسن جو دارو مدار،
سال سرو، باغبان، تنهنجو ڪڍي ٿو انتظار،
ڇا چوان تولئي فقط بلبل نه آهي بي قرار،
تنهنجي لئي هر تار سنبل جي پريشان ٿي رهي،
چشم نرگس جي ڏسي توکي ته حيران ٿي رهي.
ماڪ ڀي مئي ٿي ٿئي، تنهنجو ئي پيمانو ڏسي،
ٿو پيڻ کان ئي اڳي ٿئي، سڀ ڪو مستانو ڏسي،
ڪين ٿيو بي هوش جو، هرگز پريخانو ڏسي،
ٿو ٿئي گلشن ۾ سو، دانا به ديوانو ڏسي،
عطر بڻجي وئي صبا، جا آئي تنهنجي روبرو،
جنهن کي پهتي
تنهن کي ٿي، تنهنجي ڏسڻ جي آرزو.
تازگيءَ ۽ پنهنجي خوش رنگيءَ تي توکي ناز آهه،
ناز ۾ ويتر غرور ۽ حسن جو انداز آهه،
سچ ته چؤ هي ناز يا انداز يا اعجاز آهه،
سربسر جنهن ۾ سڄو قدرت جو مخفي راز آهه،
حسن سڀني کان نرالو تون وٺي پيدا ٿئين،
تنهنجا سڀ
شيدا مگر ڪنهن جو نه تون شيدا ٿئين.
ٿي ٿئي توکي ڏسي هيءَ دل جي بلبل باغ باغ،
تنهنجي خوشبو سان معطر ٿو ٿئي سڀ جو دماغ،
ناهه لاله تنهنجو همسر، اُن جي آهي دل ۾ داغ،
توکي ٿا هر باغ و بستان جو چون چشم و چراغ،
ٿي ٺهي تو ساڻ ئي هر بزم ۽ هر انجمن،
ڪئن نه پوءِ
هر هر ڪندين تون ناز اي نازڪ بدن!
جنهن کي هٿ قدرت جو ٺاهي، ڇو نه سڀ کان سر ٿئي،
ماڪ جي سو ڪئن نه موتين ساڻ زيباور ٿئي،
پرتوي خورشيد جي سان، ڇو نه سارو زر ٿئي،
ڪئن نه سو
خورسند و خندان خورم و خوشتر ٿئي،
سو چمن جي تخت تي پوءِ ڪئن نه ٿئي جلوه فگن،
ڪئن نه سڏجي گل اهو ٻهڪي نه ان سان ڪئن چمن!
نسترن توڙي هجي سوسن، سنوبر، ياسمين،
آهين تون سڀني چمن جي نونهالن کان حسين،
ڇا لطفت تنهنجي ۽ ڪهڙو نه آهين نازنين،
هي عجب ناهي جو آهين خار جو تون همنشين،
دور ڪر هن خار کي رک، پاڻ کان بلڪل پري،
ڏس ته ڪئن
منحوس دامن تنهنجي پرزا ٿو ڪري!
تنهنجي دامن چاڪ ٿئي، بلبل جي دل ٿئي چور چور،
خار پاسي ۾ ڪري، هن کي چوين ”ٿي دور دور“،
ٿي چوي بلبل ته هي، سيني ۾ آهي سخت سور،
جي کلين ڪنهن
سان نه ٿو، مرڪين ته ٿو ڪنهن سان ضرور!
جي ائين مون سان به مرڪين، سو دفعا صدقي وڃان،
عمر ساري ڳڻ به ڳايان مهربانيون ڀي مڃان!
روز شب هر وقت ٿو، تون گڏ گذارين خار سان،
باغبان صياد، گلچين سان، هلين ٿو پيار سان،
ٿي مري بلبل، جا تنهنجي درد ۽ آزار سان،
ڇو نه الفت ٿو رکين، ان برهه جي بيمار سان،
توکي بلبل جي سفارش ٿي ڪري ڪيڏي صبا،
ڇو ٿو سر ڌوڻي ڪرين، انڪار تون اي بيوفا!
ٿو ٿئي سرهو گهڻو، توکي ڏسي بيمار ڀي،
تنهنجي تحفي تي ٿئي، راضي ٿو شاهوڪار ڀي،
مثل زيور توکي پائي، مفلس ونادار ڀي،
زيب تون آهين ڪنن جو، ۽ ڳچيءَ جو هار ڀي،
تنهنجي مٽ هرگز نه چانديءَ سون جو زوير ٿيو،
تنهنجي ڏانيءَ
تي سدا خوش سڀڪوئي افسر ٿيو.
هئي اڳي پوشاڪ تنهنجي سبز تون هئين پارسا،
خون ڪنهن جي ۾
ڪئي تو، سرخ هيءَ پنهنجي قبا،
ڪنهن جي هيءَ ڳاڙهن ڳلن ڏس ته سرخي آهه ڇا،
يا هٿان ڪنهن حسن واري جي لڳي توکي حنا،
خير جي ڪئن ڀي کڻي تو پاڻ کي ڪيو سرخرو،
ڪر مونکي ڀي
خوش ٻڌائي پنهنجي رنگين گفتگو.
آهين بيشڪ دل ڌتارڻ لاءِ ڀي چالاڪ تون،
ٻيو خزان جي
خوف کان ڀي ٿو رهين بي باڪ تون،
پر ٻڌائيندين ته آهين ڪنهن جي لئي غمناڪ
تون،
ڪنهن جي غم ۾
ٿو ڪرين پنهنجو گريبان چاڪ تون،
ٿو هنجون هي ماڪ جي صورت ۾ هارين ڇو ڀلا،
آهه توکي ڀي محبت جي مرض ڪيو مبتلا!
تنهن جي دل ۾ شوخي ۽ نرمي برابر ٿو ڏسان،
ڪو نياز ۽ ناز ۾ تنهنجو نه همسر ٿو ڏسان،
گهوٽ جي سهرن ۾ توکي ئي سراسر ٿو ڏسان،
لاش تي ڀي قبر تي ڀي قبر توکي اڪثر ٿو ڏسان،
موت ۽ شاديءَ ۾ آهين تون شريڪ اي مهربان،
ڪئن نه توکي، آفرين، صد آفرين، هر هر چوان!
سڀ حسين دنيا جا تنهنجي ئي رکن ٿا آرزو،
ٿا رکن توکي اکين تي، مهجيبن ۽ ماهرو،
ڪوبه نازڪ، ناهه نازڪ، تنهنجي نازڪ روبرو،
مان اڃا تعريف ڪيان، تنهنجي گهڻي اي خوبرو،
پر ٿئي ٿو خوف هي سمجهي متان پنهنجو رقيب،
ڪا ڪري ڪنهن سان شڪايت منهنجي بلبل بدنصيب!
تون جيئن جڳ جي چڱائيءَ لئي ٿو شل هردم جئين،
مهربان هڪ جهڙو دشمن ۽ سڄڻ تي ٿو ٿئين،
منهن ڏسڻ پنهنجو سدا جي باغبان کي ٿو ڏئين،
ڪين گلچين کان
به هرگز منهن لڪائي تون وئين،
توکان هڪ جهڙي ٿا هو خوشبو به حاصل ڪن ٻئي،
هئن ڪندي احسان ٻين تي عمر سڀ تنهنجي وئي.
هي ٻڌي سڀ گل چيو مونکي زبان حال ۾،
”هر حسين جو حسن ڪم ٿيندو وڃي هر سال ۾،
”پائداري ناهه ڪنهن سهڻي جي خط و خال ۾،
”ڇو ٿي بلبل پنهنجو جيءُ ناحق وجهي جنجال ۾،
”جي خزان آئي ته مان لحظي ۾ ٿي ويندس فنا!
”ڇا انهيءَ
سان لائجي دل حسن جنهن جو بي بقا!
”دل رکڻ ان ساڻ گهرجي آهه جيڪو لازوال!
”ذات جنهنجي پاڪ آهي هر صفت ۾ باڪمال!
”ڪين موسيٰ ڀي
ڏسي جنهن جو سگهيو حسن و جمال!
”ڇا نه آهي پارسيءَ واري جو هي سهڻو مثال
هر کجا نقش نکوبيني بر او مائل مباش
نقش را از دل رهاکن عاشق نقاش باش،“
اي ”نياز“ اڄ گهر دعا ان کان جو آهي بي نياز،
گل هجي خندان هميشه عمر ٿئي گل جي دراز،
نازل بلبل، گل تي ۽ گل ڀي ڪري بلبل تي ناز،
تن جي صدقي يار توسان ڀي ملائي ڪار ساز،
ڏس ته ڪئن تنهنجي دعا جلدي ٿئي ٿي مستجاب،
جو اسانجي رب جي رحمت به آهي بي حساب!
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“
ڪعبهء دل
ڪناري آب دريا جي، ٻڍو هڪ هو گلستان ۾،
وڌائين ٿي نظر عبرت جي هر سو گل ۽ ريحان ۾.
عجب راحت ڏياريندڙ، هو منظر ڪوهسارن جو،
سردو آميز ٿي آواز آيو آبشارن جو.
تجلي ماه تابان ۾ ٿي شوخي موج دريا جي،
هئي پڻ گلشن آرائي، نسيم ڪيف افزا جي.
گلن جي ٿي نظر آئي بهاري سبزه زارن ۾،
لڪل پڻ مرڪ بجليءَ جي نظر آئي ٿي تارن ۾.
ڏسي هو اهڙي منظر کي، نظر مغموم آيو ٿي،
چپن ۾ پنهنجي آهستي، چئي هن هي ٻڌايو ٿي.
اچي ٿي صاف، دريا! تنهنجي موجن جي روانيءَ ۾،
نظر شورش اُها جا گڏ، هئي مون سان جوانيءَ ۾.
دل رعنا تون سهڻيءَ شڪل سان بيشڪ درخشان ٿئين،
مگر منهنجي جوانيءَ مثل تون ڪٿ حشر سان مان ٿئين.
ڪڏهن نيرنگ عالم هاءِ هيءَ ساعت به آڻيندو،
ڪري مون جهڙو توکي نيٺ پرمزده بنائيندو.
ڏسي منظر ته ياد آيو اٿم دل جو سيه خانو،
ڪٿي هو حسن جي دنيا، ڪٿي هي تنگ ويرانو.
مگر هن دل شڪسته کي صدا هيءَ غيب مان آئي،
اڃا تو ڪين آهي ڪجهه ڏٺي هن دل جي گهرائي.
دل مغموم کي سمجهيو تو آهي هڪ سيه خانو،
غضب آهي اڃا آهين حقيقت کان تون بيگانو.
سراسر نور ٿو هت ”ڪعبهء دل“ ۾ رهي سارو،
تجليءَ جو اٿئي مرڪز جو سمجهين ٿو تون گهر ڪارو.
ڪٿي سو مهر ۾ جلوو، ڪٿي سو ماه ڪامل ۾،
”خليل“ آهي ٿيو پنهان جو تنهنجي غمزده دل ۾.
همايون بيگ مرزا ”فائق“
درد دل
نعمت دل آهي ٿي هر ڪنهين انسان کي عطا،
بحر هستيءَ ۾ صرف جسم ۽ دل در صفا،
نور عرفان جو انهيءَ دل ۾ رهي ٿو به ضيا،
ٿا ٿين ان جي ڪري نيڪ عمل توڻي برا،
دل ۾ احساس جي قوت جو اثر ڀي آهي،
ڪي چون ٿا ته هي ”الله جو گهر“ ڀي آهي.
دل گناهن کان مبرا ، جا صفا ٿيندي آه،
سا ٻڌون ٿا ته گذرگاهه خدا ٿيندي آه،
درد کان خالي ڪڏهن دل به ڀلا ٿيندي آه؟
دل نه چئو تنهن کي، اُها ٻي ڪا بلا ٿيندي آه!
دل کي بيدرد جي بي درد بنائي رکيو،
گوشت جي ٽڪري کي سيني ۾ لڪائي رکيو. |