مان ڀانيا ته پوئين سوال جو جواب اول ڏيان ته بهتر
ٿيندو. ما شعر ڇو چوندو آهيان ۽ مان زنده ڇو
آهيان: انهن ٻنهي سوالن ۾ ڪوئي خاص فرق نه آهي.
ٻئي لازم ملزوم آهن. مان زنده آهيان تنهن ڪري شعر
چوندو آهيان، ۽ مان شعر چوندو آهيان تنهنڪري زنده
آهيان. هر انسان کي پنهنجي ذريعهء معاش مهيا ڪرڻ
واسطي محنت لازمي آهي: شعر و ادب جي تخليق تي به
محنت ڪئي ٿي وڃي، پر شعر و ادب کي هن ماحول ۾
ذريعهء معاش بنائڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي. ان ڪري مون
قانون کي ذريعهء معاش بڻايو آهي. قانون جو مطالعو
پنهنجي جاءِ تي دلچسپيءَ کان خالي نه آهي، پر
منهنجو فطري لڳاءُ شاعريءَ سان آهي. مان محسوس
ڪندو آهيان ته قدرت مون کي انساني جامي ۾ آندو ئي
ان واسطي آهي ته مان پنهنجا پراوا ڏکڙا ڳايان،
ڳوڙهن کي ڳالهڙين ۾ ڦيرايان، ٻوليءَ جي ڦلواڙيءَ
مان رنگ برنگي گل ڇنان، گلدستا ٺاهيان، گلدان
سجايان! گيت ئي منهنجي جيت آهن: انهن کان سواءِ
منهنجي زندگي هار آهي. انهن کان سواءِ منهنجي
زندگي بي معنيٰ آهي انهن کان سواءِ مان انهيءَ
سوال کان ڪڏهن به پيڇو نه ڇڏائي سگهندس ته مان
زنده ڇو آهيان؟
باقي سوالن جو جواب آسان آهي. مون ڪڏهن به پنو
پينسل کڻي، شعر لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. شايد هاڻي
ان واسطي فرصت به نه آهي. مان شعر ڪڏهن ڪڏهن چوندو
آهيان. بعضي بعضي ته ٻه ٻه ، ٽي ٽي سال هڪ سٽ به
نه چوندو آهيان، ۽ پوءِ جڏهن طبعيت مائل ٿيندي
آهي، ته منهنجي روح ۾ ڪوئي درياه اُٿلي ايندو آهي
۽ گهمندي ڦرندي منهنجي ذهن ۾ سوين سٽون جڙي
وينديون آهن. لفظ ستارن وانگر منهنجي دل جي اکين
اڳيان ايندا آهن، ۽ مان اهي ستارا چونڊي ڪهڪشائون
ٺاهيندو ويندو آهيان. ان وقت مان بلڪل وائڙو لڳندو
آهيان، ڪيئي واقف رستي ملندا آهن، پر مان انهن کي
بلڪل سڃاڻڻ کان سواءِ سندن ڀرسان لنگهي ويندو
آهيان: گويا منهنجون جسماني اکيون کليل هونديون
آهن، پر ڏسنديون ڪجهه به نه آهن، باقي منهنجون
روحاني اکيون ڀونرن وانگر ٻوليءَ جي گلزاريءَ ۾
ڦرنديون وتنديون آهن، ۽ مان مکڙيون ۽ ماڪ ميڙيندو
وتندو آهيان. منهنجا ادا، ان طرح رستي ويندي مون
ڪيئي بيت، گيت، غزل ۽ نطم جوڙيا آهن، جي مهينن جا
مهينا منهنجي حافظي جي خزاني ۾ موتين وانگر
جهرڪندا رهندا آهن، ۽ فرصت وقت انهن کي لکي ڇڏيندو
آهيان. جنهن وقت شعر ڏانهن طبيعت مائل هوندي آهي،
ته مان محسوس ڪندو آهيان ته منهنجي روح ۾ چانڊوڪي
وسي رهي آهي، مان خاڪ ۽ خون مان بڻيل انسان نه
آهيان، مون ۾ فطري ڪمزوريون ۽ ڪچايون نه آهن، مون
کي ذريعهء معاش لاءِ ڪائي محنت ڪرڻي نه آهي: مان
فقط محسوس ڪندو آهيان ته مان لفظن جو صراف آهيان،
مان انهن کي صاف ڪري ڇلي، گهڙي، ادبي زيور بڻائي
رهيو آهيان. ان وقت منهنجي جندڙي- جنهن کي هونءَ
ته ناسازگار ماحول بلڪل نستو ۽ اُٻاڻڪو بڻائي
ڇڏيندو آهي- اٿاهه خوشيءَ سان موجون ماريندي آهي،
۽ مان پاڻ کي نهايت خوش نصيب انسان سمجهندو آهيان.
اهو جنون، اهو شاعريءَ ڏانهن لونءَ لونءَ جو لاڙو
مهينو ٻه هلندو آهي ۽ پوءِ چانڊوڪيءَ ۾ چڙهيل وير
وانگر هٽندو ويندو آهي، ڇوليون ڇر ۾، بدلبيون
وينديون آهن ۽ جڏهن روح بلڪل ماٺو ٿي ويندو آهي ته
مان دنيوي ڪاروبار ۾ مشغول ٿي ويندو آهيان- ايتري
قدر جو شايد ڪوئي سمجهي سگهندو هجي ته هيءُ قانوني
مهاڄار ۾ ڦاٿل انسان ڪو شاعر به آهي! سو ادڙا،
منهنجي روح جو پکيئڙو تمام ٿورو وقت انهن ازلي
آکيرن ۾ گهاريندو آهي. سندس باقي سارو وقت پڃري ۾
پلندي گذرندو آهي. شايد هيٺيان ٻه بيت منهنجي
انهيءَ قلبي واردات جو اظهار آهن:
پڃري ۾ پاڇا پيا، چمڪي ٿي چوڏس،
پکيئڙا پروس، ڦٿڪڻ لڳا ڦند ۾.
پڃري ۾ پيهي، آئي بوءِ بسنت جي،
پکي پرڏيهي، پرڙا پتوڙڻ لڳا.
عشقيه ڪلام لکڻ وقت، منهنجي ذهن ۾ ڪي خاص شخصيتون
هونديون آهن ڇا؟ اهو سوال منهنجي شخصي زندگيءَ سان
تعلق ٿو رکي: پر، مان بنا تفصيل ۾ وڃڻ جي، تنهنجي
حيرت مٽائي ٿو سگهان. ادا، اها ڪا نئين ڳالهه نه
آهي ته ”محبت گناه نه آهي.“ محبت، جسماني خواه
روحاني، شرعي خواه غير شرعي. منهنجي نظر ۾ عبادت
جو درجو رکي ٿي. هر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا
انسان اچن ٿا، جن سان هو محبت ڪري ٿو. منهنجي
زندگيءَ ۾ به ڪي اهڙا انسان آيا آهن، ۽ عشقيه ڪلام
چوڻ وقت منهنجي روح تي ڪنهن نه ڪنهن پرينءَ جا
پاڇا ضرور پوندا آهن. سنڌ جي جاگيرداري زمينداري
دور جو ماحول، مشرق جو وهمن ۾ ويڙهيل جنسي اخلاق
جو تصور، مجبور ٿو ڪري ته زندگيءَ ۾ انهيءَ واردات
تي پردو پيل رهي، جي منهنجي عشقيه شاعريءَ جون
محترڪ آهن. منهنجي ”محبت“ سان وفا آهي: ”وفا“ سان
محبت نه آهي. ان جو تفصيل شايد تنهنجي حساس طبيعت
کي ڪجهه ڀاري لڳي، ان ڪري ان متعلق ڪجهه زياده نٿو
لکان.
مان موقعي تي شعر بلڪل ورلي چوندو آهيان. منهنجو
ان نظرئي سان اتفاق آهي ته ”شعر اطمينان ڀريل
خاموشيءَ ۾ ياد آيل جذبات جو اظهار آهي.“ پر مان
راتين جو رولاڪ آهيان، چاندوڪين ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي،
ڪڏهن ڪڏهن منهنجو روح چڪورن سان چلولايون ڪندو
آهي، ۽ ڪجهه شعر رات جي منظر متعلق جڙي ويندو آهي.
ڪهڙن ڪهڙن شاعرن جي ڪلام منهنجي شاعريءَ تي اثر
وڌو آهي، ان جو جواب ڪافي لنبو آهي ۽ ٻئي خط ۾
ڏيندوسانءِ. باقي اهو سوال ته ”تون ڪنهن به صنف
سخن سان وفا ڇو نه ڪئي آهي.“ ٻيءَ طرح ساڳي قسم جو
آهي ته منهنجي فطرت جيئن آهي تيئن ڇو آهي! ان جو
جواب ته ڪوئي نفسيات جو ماهر ئي ڏئي ٿو سگهي. باقي
اهو صحيح آهي ته مان ڪئي نظم سانده لکندو آهيان،
ته انهن مان دل کٽي ٿي پوندي آهي، ۽ ڪيترا سال
انهن جو پيڇو ڇڏي ڏيندو آهيان، ۽ پوءِ غزل لکندو
آهيان. ڪجهه وقت کان پوءِ غزل به نه آئڙندا آهن، ۽
گيت لکندو آهيان ۽ نيٺ گيتن مان به ڪڪ ٿي پوندو
آهيان ۽ ڪيتريءَ مدت تائين شاعريءَ کان ئي روح
پلجي ويندو آهي. اڄ ڪلهه بيت لکي رهيو آهيان.
”بيت“ ۾ اسان جي ڏات جي يگانگت آهي. ان ۾ اها
تخليقي انفراديت آهي جا گيت، غزل ۽ نظم ۾ نه آهي.
بيت، پنهنجن مختلف نمونن ۾، سنڌي شاعر جي جذبات
خيالات ۽ احساسات، جو بهترين آئينه دار آهي ۽ سندس
موجوده شڪل به سرزمين سنڌ جي ئي تخليق آهي.
هاڻي راتڙي ڀني آهي. آسمان ۾ قطب تارو گهوري رهيو
آهي. گويا کيس تعجب آهي ته هي سودائي ابن آدم ڇا
ڪري رهيو آهي. ساري ڪائنات ڪنهن راڳ سان گونجي رهي
آهي، جنهن کي ستارن جو ساهه سانت ۾ سڻي رهيو آهي.
مان به انهيءَ راڳ جي لهرن ۾ لڙهي رهيو آهيان.
اوجاڳو اکڙين کي چميون ڏئي موڪلائي رهيو آهي.
ننڊڙي پنهنجي گودڙيءَ ۾ جذبن ۽ احساسن کي ويڙهيندي
ٿي وڃي. چڱو خدا حافظ! تنهنجو پنهنجو........“
”ادا...، اڄ ”سنڌو“ رسالو نظر آيو. ان ۾ کيئلداس
”فاني“ جو نظم ”او منهنجا وطن“ پڙهيم. ڇا ٻڌايانءِ
ته نظم پڙهي ڪهڙي حالت ٿي! گويا مون کي ڪنهن
کنڀڙاٽين کان وٺي وچ سمنڊ ۾ ڦٽي ڪيو، ۽ مان ڇولين
جي ڇوهه ۾ اُڏامندو ويس. ڪيئي ڪشتيون نظر آيون، ڪن
جا سڙهه ڦاٽي ويا هئا، ڪن جا تختا اُڏامي ويا هئا،
ڪي ڇتين ڇولين ڳڙڪائي ڇڏيون هيون، ڪي طوفانن سان
ٽڪر کائي رهيون هيون، ڪن جا همسفر هڪ ٻئي کي چنبڙي
قدرت جي انڌاڌنڌ حملن کي هراسجي ڏسي رهيا هئا، ۽
ڪي دلشڪسته مسافر، ڪوئي چاڙهو نه ڏسي، خود سمنڊ ۾
ٽپي رهيا هئا ۽ درندن جي ڏاٺن ۾ ڏڪي رهيا هئا.
اکين ۾ ڳوڙهن جهل نه ڏني. آلا! اهي منهنجا پنهنجا
هم وطن سنڌي هئا، جن جو مان ساحل تان بيهي نظارو
ڏسندو رهيو آهيان. انهن مان هڪ هو سنڌڙءَ جو
لاکيڻو شآعر کيئلداس ”فاني“، جو فاني فقط پنهنجي
نهٺائيءَ ڪري سڏائيندو آهي، جيتوڻيڪ هو شعر جي
دنيا ۾ باقي آهي. هو سنڌي ادب ۾ امر ٿي چڪو آهي ۽
اسان جا آئينده نسل سندس ڪلام بيحد رقت ۽ گداز سان
پڙهندا رهندا. ادڙا، کيئلداس ”فاني“ منهنجو استاد
هو. نه فقط هن مون ۾ ڏهين يارهين ورهئين جي عمر ۾
شاعريءَ لاءِ شوق پيدا ڪيو، پر، هن ئي مون کي سنڌي
شاعريءَ جو روح ڏيکاريو. ”فاني“ لفطن جو سنگ تراش
آهي: انهن کي گهڙي، ڇلي، مهٽي، سهٽي هڪ خوبصورت
نظم ۾ مجسم ڪندو رهيو آهي. ”فانيءَ“ جون ڪي ڪي
سٽون جادوءَ جو اثر رکن ٿيون. سندس لفظ خوبصورت
ڄار آهن، جن ۾ هو اُڏامندڙ جذبن کي نهايت اٽڪل سان
ڦاسائي ٿو. ”او منهنجا وطن“ ۾ لکي ٿو:
”چاهي ٿو هرڻ، واريءَ ڏي ورڻ،
سمجهي ٿو سٺو، بک اڃ ۾ مرڻ“.
ڪيتريون نه پر گداز آهن هي سٽون! انهن ۾ اسان جي
سنڌي هندن جي وطن لاءِ نهوڙيل نينهن لڇي رهيو آهي.
اهي سٽون فقط هڪ استاد ئي لکي سگهندو، جنهن ساري
عمر، شعر جي ديويءَ جي ڀيٽ چاڙهي هجي. مٿئين نظم ۾
لکي ٿو:
”سرديءَ جي سٽن، گرميءَ ۽ گهٽن،
ڪجهه ڪين ڪيو، ٻوڏن ۽ ٻٽن“.
”فاني“ ساري عمر شڪارپور ۾ رهيو هو. اتي، پهريون
ماستر هو، پوءِ ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو، ۽ حالات جي
ناساز گاري سبب هندوستان هليو ويو. مٿين سٽن ۾، هن
شڪارپور جي روح کي سمايو آهي مون کي اڃا تائين اهي
سرديءَ جي سٽن، گرميءَ ۽ گهٽن، ٻوڏن ۽ ٻٽن جا
زمانا ياد اچي رهيا آهن، جي مون هن سان شڪارپور ۾
گذاريا آهن. ادڙا، تون مٿين سٽن مان محسوس نه ٿو
ڪرين ته ”فانيءَ“ لفط گهڙيا ۽ ڇليا آهن! هن جي فن
جي عظمت کان انڪار ڪرڻ وڏي بيقدري ۽ ناشناسي
ٿيندي. مٿئين مسدس جو پويون بند ته ساهه ۾ بڙڇيون
ٿو هڻي:
”ڀڄي جن آ ڀڄايو، مون کي وطن،
ڇڏي جن آ ڇڏايو، مون کي وطن،
لڏي جن آ لڏايو، مون کي وطن،
جن روهه رلايو، مون کي وطن،
”فاني“ سي ڏسان دردن ۾ دکي،
سالن ۾ ٿيا ساعت نه سکي!“
اي ڪاش! ڪوئي منهنجو نياپو هن تائين پهچائي!
استاد، مان هتي تنهنجي دل جي ڌڙڪ ٻڌي رهيو آهيان.
مان هتان تنهنجا ڳوڙها ڏسي رهيو آهيان: نه فقط هرڻ
واريءَ لاءِ ٿي تڙڦي- پر واري به هرڻ لاءِ ٿي
تڙڦي- اها باهمي تڙڦ هڪ ڏاريندڙ سوال آهي، جو
تاريخ جي ڪنن ۾ وڄندو رهندو، ۽ تاريخ لاجواب ٿي،
تاقيامت شرم ۾ ڪنڌ جهڪائي رهندي! تنهنجو
پنهنجو.....“
بيت
شيخ مبارڪ ”اياز“
وري چوريان چنگ، صدا ڪريان سنڌ ۾،
ڪونهي اڄ ڪلام ۾، سُر جو سِر سان سنگ،
ڀريان آءٌ اُمنگ، ڪريان لات لطيف جي!
ڀرسان تنهنجي ڀٽ ڌڻي، جهلي بيٺس جهول،
ڏنئي ٻه ٽي ٻول، سخي منهنجي ساهه کي!
ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنهنجا کيت،
مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آهن آيتون!
ٽانڊن تي ٽليا، پانڌي تنهنجي پريت جا،
وچڙيا هرڪنهن وڄ سان، کِنوڻين تي کليا،
تو سان نيٺ مليا، سَٽون ڏئي ساهه جون.
پيتي ڙي پيتي، پيالي اسان پريت جي،
بدلي نشي نينهن جي، نيت ۽ نيتي،
هارائي جيتي، بازي اسان برهه جي.
جلي ڪيسين جوت، واچوڙا ويڙهي ويا،
ڳاراڻا، ڳڻ ڳوت، لتاڙي ويا لاٽ کي.
آيو نيڻين نير، ڳوڙها ڳڙيا ڳجهُه ۾،
هارايو مون هٺ اَلا! دکن ڪيو دلگير،
دل کي آيو ڌير، ڳائي تنهنجون ڳالهڙيون.
جئن مکڙيءَ کي ماڪ، چمڻ اچي چاهه مان،
آيا سي تئن دور کان، اورانگهي افلاڪ،
خوشبو آ خوراڪ، سائل آهيون سڪ جا.
الا، اڄ ته اُڏام! ڀڙڪو ڏئي بند مان،
آيو اُتر واءَ تي، پرينءَ جو پيام،
ڪيئي ڪيئن قيام، پکيئڙا پرڏيهه جا.
ڏئي مون کي ڏات، سک کسي وئين ساهه جا،
سوچيندي مون سپرين، رڙهندي رهي رات،
پڌري ٿي پرڀات، نيڻ نهوڙيا ننڊ ۾.
سارو عالم پيو سمهي، جَلي منهنجي جاڳ،
ازل جي آواز مان، روح بڻايا راڳ،
ڀڙڪيا اُلا آڳ، ڄرڪڻ لڳي ڄندڙي.
ڪوڪي ٿي ڪويل، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي،
ڄڻ ساري سنسار کي، پئي ڏاري ڏکويل،
پرينءَ سان پُويل، شل رهي ساهه سڀن جو!
ڦٽڻ لڳو ڦاڳ، آئي بوءِ بسنت جي،
سڄڻ منهنجي ساهه کي، ويڙهي ويو ويراڳ،
ڪٿي منهنجو ماڳ، ڪٿي منهنجون منزلون!
رهي منهنجي روح ۾، سدا تنهنجي سونهن،
ورهين لاءِ ورونهن، پلڪ تنهنجي پيار جي.
او منهنجي منزل! رلائين ٿي روح کي،
ويجهو اچي واٽ تي، ڪڏهن مون سان مل،
دکڙن ڀري دل، پيرين پڄان ڪيئن مان!
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، رنگ- رليل آڪاس،
رتين رتيون راتڙيون، اُڏاڻا احساس،
چت ۾ چوڏهينءَ چنڊ جئن، اُڀري ڪائي آس،
پريات پريان پاس، آيون ڳالهيون ڳجهه جون!
چَنڊُ لُڙهي لس- ليٽ ۾، جهاڳي جهُڙ جي جهاڳ،
مينهوڳيءَ جي رات آ، وسن پيا ويراڳ،
ڪٿي آن، ڪنهن جاءِ تون؟ اچ ورائي واڳ،
مٺڙا، منهنجا ماڳ، سڄڻ منهنجي ساهه جا!
ڳالهيون هن جون ڳاءِ، ڳوڙها آڻي ڳائڻا!
رک ۾ منهنجي روح جي، ڄڀيون ڪي ڄرڪاءِ،
رتين رتيون راڳڻيون، سازن سان سرچاءِ،
تن ۾ پوئين پهر جو، سارو سوز سماءِ،
راتين منجهه رچاءِ، رمزون پنهنجي روح جون!
موڙي ڪيو ميڻ مون، پهڻن جهڙو پاڻ،
سڄڻ اڄ تو ساڻ، اوڙهي آيس عاجزي!
اوڙهي آڌيءَ رات جي، شال سموري شهر،
سارو عالم پيو سمهي، اُڏاڻا پل پهر،
سيرون ڪيون ساهه ۾، لڳي تنهنجي لهر،
نيڻين وهي نهر، ڳاتم تنهنجون ڳالهڙيون!
اوندهه تي اولا پيا، لڇندي رات لڙي،
ساهه نهوڙيو سوچ ۾، تارن ننڊ تڙي،
جنهن ۾ اک اڙي، سامهون آ سو سوجهرو.
طرز پراڻي- نياپو نئون
اندر منجهه اٿاهه، محبت ماڻهوئڙن جي،
پاڇو آهه، پرينءَ جو، تن جو سهڻو ساهه،
جيڪر چميون چاهه، ڏيان ساري ڏيهه کي.
ڏئي ڪوڙهئي کي ڪير، چميون ٻه ٽي چاهه مان،
سڄڻ توسان سير، ڪري ڪير ڪنڊن تي.
وڌم ڏکن ڏاڻ، سک نه سنڀران سپرين،
سوچي هن سماج تي، ڪڍي ڄڀيون ڄاڻ،
ڊاهي ڪريان ڍيرهي، بي معنيٰ مانڊاڻ،
سڄڻ اچ مون ساڻ، ته اٽڪون اڄ انياءَ سان.
ڪڻا ڪني ۾ ڏسي، رني، ڪونه ڪڇي،
لوليءَ منجهه لڇي، ممتا ساري ماءُ جي.
سانڍيا منهنجي ساهه، ڏکڙا ساري ڏيهه جا،
عالم! تنهنجي آه، لڇندي منهنجي لات ۾.
ڏنيون مون کي ڏات، ڳوڙهن ڀريون ڳالهڙيون،
لنوي منهنجي لات، ڏکڙا ساري ڏيهه جا!
آهي اڄ اڻاٺ، پرينءَ پانڌيئڙن جي،
جاڏي تاڏي جبر جي، ڏڪي پئي ڏاٺ،
ڪوڙ بڻايا ڪاٺ، سوريءَ سِري سچ جي.
نئين نه منهنجي ننڊڙي، چانڊوڪيءَ کي چؤ،
جاڳي جلندي جندڙي، تن من ايندو تؤ،
سور اسان ليءِ سؤ، آندا جاڳ جهان ۾!
اسان تي لازم، آندا جڳ جيئڻ جا،
جن جي روز جواب ۾، جرڪيا منهنجا جام،
الا، ڪڏهن عام، رسندا منهنجي روح کي!
”وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي“
صاحب ڏنو شاهه مرحوم
نفي ڪري جن نفس کي ”الف“ ڪيو اثبات،
هر هر پڙهن، حج سي، اندر ان عرفات،
”موتوا قبل انت موتوا، ”برهه پڙهاين بات،
قرب ڪٺا هو ڪات، ”صاحب ڏنا“ سي سڪ سين.
”هو هو“ ڪري حق ٿيا، ٻوڙيئون ”ٻيائي“،
”هل هلاچا“ ڄاڻن هو، ”وحدت“ جي وائي،
”من عرف الله ڪل لسانہ“، چٽي چٽائي،
وادي وسائي، ”صاحب ڏنا“ تن سڪ جي.
ڪڏنهن سڪن سلام کي، ڪڏهن هو سلطان،
”ان اوليائي تحت قبائي،“ مردن لڌا مان،
”صاحب ڏنا“ سامان، ٻاريائون ”ٻيائيءَ“ جا.
ڀينر آءٌ ڀلياس، ستيس پير ڊگها ڪري،
ڏاگهن ۽ ڏيرن کي، ڏونگر ڏوريندياس،
ملي ته ملندياس، نه ته گهوريس ٻاروچن تان!
هوتن سان نه هياس، جيڪس سڱيڻي سڱ ۾،
وينديس، وهنديس ڪينڪي، سنديس جا سياس،
ملي ته ملندياس، نه ته گهوريس ٻاروچن تان!
پٿون ٿي پياس، پرزا پب وڻن ۾،
ڪندا ڪمينن جو، ڪوهيارا ڪو قياس،
ملي ته ملندياس، نه ته گهوريس ٻاروچن تان!
هئي هئي هيئن ياس، ويراڳڻ وندر ۾،
ويو ٻاروچو نڪري، ڏکن آءٌ ڏڌياس،
ملي ته ملندياس، نه ته گهوريس ٻاروچن تان! |