چوندا آهن ته سارنگ ڳائڻ سان سچ پچ بارش پوندي
آهي. مولوءَ جي ڌن به اثر ڏيکاريو، مگر اُلٽو. کن
پل ۾ آسمان صاف ٿي ويو ۽ سج ساڙڻ لڳو. ڀلا جُهڙ جي
اُس کان الله بچائي. پر سج جي ڪرڻن منڇر مٿان عجيب
رونق لائي ڏني. هوا جي هلڪن جهوٽن تي هيٺ مٿي
ٿيندڙ پاڻي چانديءَ جي ورقن وانگر چمڪڻ لڳو. قدرت
جا به ڪهڙا نه عجيب رنگ آهن!
اس نڪتي. گرمي ٿي. ٻيڙين مٿان ڪپڙي جو ڍڪ چاڙهيو
ويو ۽ کين هڪ هنڌ وچ پاڻيءَ ۾ بيهاريو ويو. روٽيءَ
کان پوءِ گپ شپ شروع ٿي.
آخر سج لڙيو. شام آئي. منڇر مٿان نچندڙ چانديءَ جا
ورق ڦري سونا ٿيا. خيال ڪيوسين ته هاڻي ”شاهه حسڻ“
جي ڳوٺ ڏي رخ رکون. پر مهندار منع ڪئي چي: ”سائين!
گهٽ آهي. شايد واچ چڙهي. اڳتي هلڻ آهي خطرو ڳنهڻ.“
پر سائين باندر ذات ڪٿا ٿي باز اچي. وٺي مهندار کي
مڇلايوسين. ”اصل ڪو ڏسڻ جو ڏيل آهين. ٻاهر بانڪو
بير، اندر مڙيوئي اڳڙيون.“ مهندار وراڻيو، ”اسان
کي ڇاهي؟ اسين جل جا جناور، اسان کي ڪو ڀؤ ڪو
ڀولو؟“
ٻيڙيون شاهه حسڻ ڏي وڌڻ لڳيون. اسان رڳ جي محفل
مچائي. آخر ميان مهندار کي به منٿ ڪئي سون ته:
’يار ڪا قهر جي ڪافي ٻڌاءِ.‘ هو مڙس به دل وارو
هو. چيائين، ”ٻيلي! مان ڇا ڳائنيدس؟ توهان ڳاتو،
اسان ٻڌو. هاڻي منهنجي نينگري نازان ڳائيندي. ذرا
اهو به ٻڌجو.“ سندس نينگريءَ جو نالو ته نازان هو
پر ’مهاڻيءَ جي من ۾ گيرب نه گاءُ.‘ هن جو ناز هو
هن جي نماڻائيءَ ۾. هن جي نزاڪت هئي هن جي
نهٺائيءَ ۾. شڪل جي صفا سانوري تڏهن به سلوڻي.
ونجهه ڇڏي وڃي پاڇل تي ويٺي. اکيون هيٺ. ڳائڻ شروع
ڪيائين. ڇوريءَ جو سر به ڪو سر هو. اصل ماکيءَ جي
ڌار ڦٽي ٿي نڪتي. سڀني تي گويا جادوءَ جو اثر ٿي
ويو. ونجهه بيهي ويا. ٻيڙيون ڍريون ٿي وييون ۽ اهو
مٺڙو سنهڙو آواز ڌيري ڌيري منڇر جي وسيع سطح تي
ڦهلجي ويو:
”ڪاري رات ڪچو گهڙو، اڻٽيهه اونداهي،
چنڊ نالو ناهه ڪو، درياهه دڙ لائي،
ساهڙ ڪارڻ سوهڻي، آڌيءَ ٿي آئي،
ايءُ ڪم
الاهي، نات ڪنن ۾ ڪير گهڙي!“
ڏوهيڙو پورو ڪري، هن ڪافي شروع ڪئي:
منکي ڪانه جهلي، سڀڪا پاڻ پلي،
آئون وڌڙي نينهن اڇلي.“
هيءَ سهڻيءَ جي سوز ڀري صدا هئي، جنهن اسان سڀني
جون دليون ڦيهي وڌيون. راڳ به هڪ انوکي ڪلا آهي،
جادو آهي جو انسان کي کلائي به سگهي ٿو ته روئاري
به سگهي ٿو. آلاپ بند ٿي ويو، پر ڪنهن ٻڙڪ نه
ٻولي. سوز سبب سڀ سانت هئا. پر ان سوز ۾ به ڪيڏو
نه آنند، ڪيڏو نه لطف هو. سچ! درد ۾ جو مٺاس آهي
سو کل خوشيءَ ۾ ڪٿي؟
اوچتو پاسي واريءَ ٻيڙيءَ مان ملاح رڙ ڪئي،
”استاد! شايد اولهه ٿو اُٿي!“ سڀني کان ڇرڪ نڪري
ويو. سچ پچ اولهه کان تيز طوفان اچي رهيو هو،
مانجهي مڙسن جا به منهن لهي ويا. ونجهن جا وارا
وڄائي ڏنائون، پر ڇوهو اچي ڪڙڪيو. پوءِ ته چوڌاري
چوٻول مچي ويو. دليون دهشت ۾ ڌڙڪڻ لڳيون. هينئڙا
هپائجي ويا. ماٺيءَ منڇر ۾ ڄڻ مانڌاڻي پئجي ويئي.
ڇولين جي ڇوهه سبب ٻيڙيون ائين لڏڻ لڳيون گويا
اجهي ٿيون اونڌيون ٿين. مصيبت ۾ ڀڳوان ياد ايندو
آهي. سڀ رام ۽ رحيم لاءِ رڙيون ڪرڻ لڳا. سمجهه ۾
ئي نه پيو اچي ته هاڻ ڪجي ڇا؟ اوچتو مهندار جي مغز
۾ تجويز تري آئي. رڙ ڪري چيائين، ”بچڻو اٿوَ ته
مڙسي ڪريو. سڀ جوان ٻيڙين کي جهلي لٽڪي پئو پاڻيءَ
۾!“ سندس چوڻ جي دير هئي، عمل ۾ ويرم ڪين لڳي.
اسين سڀ وڏا ڇوڪرا ۽ ماستر ڪپڙا لاهي چوڌاري ٻيڙين
کي جهلي لهي پياسين پاڻيءَ ۾. بس! پوءِ ته ڪا جٺ
به جٺ ٿي. لهرن جي لوڏن تي هر هر ٻوٿ وڃي ٻيڙين
سان ٽڪرجن پر تڏهن به هٿ وجهيو لنگورن وانگر لٽڪيا
پيا هئاسين. برابر اڌ ڪلاڪ اها جبري جٺ سٺيسين، پر
ٻيڙيون ٻڏڻ کان بچي وييون.
واچوڙو لنگهي ويو، هؤ مؤ ٽريو. ٽپي آياسين ٻيڙين
۾. ان مهل تؤ ۾ ته ڪجهه پتو ڪونه پيو پر جڏهن
موٽندي دانستر تان سامان سوڌيون سائيڪلون، گپ ڀريل
رستي تان گهلي، ٿڌ ۾ ڏڪندا ٿڙڪندا، آڌيءَ رات جو
اچي وڏيري شير خان جي اوطاق تي پهتاسين، تڏهن لڱ
لڱ ساڻو ٿي چڪو هو. پر وري به شڪر! جان ته بچي!
رستي تان ايندي، آءٌ اهوئي سوچي رهيو هوس ته:
”واهه ڙي منڇر تنهنجون موجون! تنهنجي ماٺيڻين لهرن
جا مزا ورتاسين، ته ڇتين ڇولين جا لوڏا به سٺاسين.
هڪ شيءِ جا ٻه روپ، هڪ ۾ راحت، ٻئي ۾ آفت! ساڳي
آهي من جي حالت!!“
”اديب“ ماضيءَ جي ڪلچر ۽ ادب جي صحيح وارث آهي. ۽
هو ”انساني تهذيب“ جي بهترين، آزادي بخش، صحتمند ۽
زنده روايات کي کڻي اڳتي وڌي ٿو.
سماج جي ”تاريخي ارتقا“ جي پس منظر ۾، هو پنهنجي
تهذيبي ورثي کي تنقيدي نظر سان پرکي ٿو، ۽ ڪلچر کي
قومي تعصب ۽ تاريڪ انديشي جي هم معنيٰ نٿو سمجهي،
بلڪ هو ان طرح جي سڀني پردن کي چاڪ ٿو ڪري. اهڙو
اديب ان کي هڪ ادبي فرض ٿو سمجهي ته هو پنهنجي
ادبي تخليق کي به اهڙن مٺن زهرن کان بچائيندو
رهي.“
شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو
يادگيريون
هينئر منهنجي ڄمار اڻونجاهه ورهين کان به مٿي آهي.
اگرچ ٻالاپڻ جو ٻوڪ دل تان لهي ويو آهي، ليڪن
گذريل پنجاهه سالن جي پوري سانڀر اٿم. انهيءَ
زماني جا تجربا ۽ مشاهدا، سک ۽ سور، چڱيءَ طرح من
تي اڪريل اٿم، ۽ اڄ به جيڪڏهن پنهنجي آتم ڪهاڻي
لکڻ وهان ته هوند ذهن جي تختيءَ تان اتارجي قلم
مان فرفر ڪري، ڪاغذ جي سطح تي نڪري نروار ٿين. هڪ
ڪڙميءَ جي ٻار جي نازڪ ۽ نرم دل تان ننڍڙائيءَ جا
نقش ڀلا ڪيئن اتري سگهندا؟
آهه! ڪهڙو نه پر لطف ۽ مزيدار زمانو هو. سڀ شيءِ
سهانگي هئي، ان پاڻي ججهو جالارو هو، ۽ ڪنهن کي
ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻي ڪانه پوندي هئي. هر هڪ جي گهر
اڳيان ان جون ڀريل گنديون نظر اينديون هيون. گويا
دنيا ۽ ماسوا جون سڀئي نعمتون وٽن موجود هيون.
پئسي دڪو مکڻ جو، ۽ اٺين آني نبار گيهه جو سير
ملندو هو. هينئر پنجين روپئين به صاف گيهه جو سير
ملي نٿو سگهي. افسوس جو ڳوٺاڻان به شهرين جون
علتون ۽ چالاڪيون سکي ڀڙ ٿي پيا آهن! ملاوت کان
سواءِ انهن جو به روح نٿو رهي. اڳي جوئر روپئي ٻه
اڍائي ڪاسا ۽ ڪڻڪ جو مڻ ملي، سا به ٻٽ ۽ ٻري. ڪهڻي
۽ رڙيءَ جو ته نالو ئي نه پڇ. سڳداسي چانور جن جو
سڳنڌ پري کان ايندو هو، سي اڄ اڻ لڀ آهن، ۽ سٺڙيا
چار سير به نه ٿا ملن. غريب غربو سائو ستابو هوندو
هو. زميندار هارين کي پنهنجن ٻچن جهڙو ڀائيندا
هئا. اگرچ واڻيا وڪال قرض خاطر غريب ڪڙمين کي گاهه
گاهي ڪورٽن جو منهن ڏيکاريندا هئا، ۽ سندن مال
لهڻي جي عوض ۾ ڪاهي، سندن ڀاڻ ڀينگيا ڪري ويندا
هئا، ته به اهي ڪراڙ هروڀرو محبت ۽ ماڻهپي کان
خالي ڪونه هئا. منجهن مرم، شرم ۽ ڀرم جا ماڻ ڀريل
هئا. ڪنهن به ويلي منجهن ڪم پوندو هو ته مهل نه
وڃائيندا هئا. اڄ اها حالت آهي جو ڀائر ڀائرن جو
چڪين ماس کائين ٿا. نفسا نفسي لڳي پيئي آهي. سڱ ۽
سياء جو سانگ ڪونهي. لوڀ ۽ لالچ جو ڀوت سڀني کي
گهيري ويو آهي. شرم حياء، لڄ ۽ پت سڀ لوڪ مان لڏي
ويا آهن، ديا ۽ ڌرم جا دروازا بنهه ٻوٽجي ويا آهن.
چوڌاري اوندهه ۽ انڌوڪار ڇانئجي وئي آهي.
سچائيءَ وفائيءَ سندو ڏيهه ۾،
پيو قحط قهري متو ڏس مهانگ.
نهين ڏينهن سڀڪو جوڙيءَ جو ڪپڙو پائي خوش رهندو
هو. هاري ماڻهو ان کي نيروٽيءَ کان رنڱائي، صدريون
۽ سٿڻون گهران سبارائي پائيندا هئا. درزي ڪو ورلي
لڀندو هو. زالون وري سوسين جو ڪپڙو اوڍينديون
هيون. سٽ سستو ملندو هو. بافتو، پڻيو، ڏوريو ۽
ململ پڻ اڻ ميا ملندا هئا. هر ڪو پنهنجي هوند آهر
انهيءَ نعمت کان محروم نه هوندو هو. اڄ سٽ ملڻ
مشڪل ٿي پيو آهي. ڪورين جي اڏاڻن جو آواز بيهي ويو
آهي. مرد ۽ ڇوڪرا ٻاهر ليڙون لوڏيندا وتن، زالون ۽
نياڻيون اڌ اگهاڙيون پنهنجي جهي اندر ويٺيون آهن.
اگرچ شاهوڪار غريبن جو رت چوسي، پٽ پٽيهر پهري،
موٽرن ۾ موجون پيا ماڻين ۽ برقي پکن هيٺان ويهي،
برفي پاڻي پي ۽ ملذذ کاڌا کايو، وسرام پيا وٺن، پر
غريبن جي ڪير به سار ڪونه ٿو لهي، ڄڻ ته اهي مسڪين
ساڳئي خالق ۽ مالڪ جا خلقيل نه آهن، جنهن سائن ۽
سڃن کي هڪ جهڙو ساهه ڏنو آهي. حديث موجب ”سڀ مومن
ڀائر ۽ هڪ جهڙا آهن.“ پر سماجي فرق ايتري قدر وڌي
ويو آهي جو ونهيان ولهن کي حقارت جي نظر سان ڏسن
ٿا ۽ انهن کي پاڻ جهڙو نٿا سمجهن، گويا هو آسمان
تان لهي آيا آهن، ۽ هي ويچارا زمين جي سرڻن سمان
آهن.
سقيم ۽ بي بس سنڌ کي ته ڪو ڇٽو لڳو آهي. اڳي واهه
۽ نياڻ اگرچ ٿورا هوندا هئا ۽ مهراڻ پنهنجي مستيءَ
۾ وڃي کاري درياهه ۾ داخل ٿيندو هو، ته به مٿن
آبادي ڪافي ٿيندي هئي. ملڪ سرسبز ۽ آباد هو ۽
پيداوار ماڻهن جي حاجت کان وڌيڪ هئي. مينهن به مند
تي وسندا هئا، ۽ جتي ڪٿي سُڪار هو. هينئر ته اهڙي
ڪا ملڪ تي ڪمهري کتي آهي، جو باوجود براج، وڏن
واهن، شاخن ۽ سنهڙن جي، جي ملڪ جي ڀاڱي ڀاڱي ۾
جاري ۽ ساري آهن، غريب هارين کي پورو پاڻي نٿو
ملي. انجنير ۽ داروغا سڀئي ڪوراڙ بلا وانگر وات
ڦاڙيو ويٺا آهن، ۽ جيتوڻيڪ گهڻوئي ڪجهه ملين ٿو ته
به سندن شڪم ڀرجڻ جو ناهي. ”ڪين“ دريا وانگر وٽن
هميشہ ڪين لڳي پئي آهي. ”هل من مزيد“ جو نعرو هرجا
بلند آهي. روينيو کاتي جا ڇاڙتا ۽ پوليس جا پرمار
ڳجهن وانگر ڳاهه تي ڳارو ڪيو ويٺا آهن. ڪوبه وسوڙل
هٿ آين ته خوب راڱا ڪندا ۽ سندس الهو تلهو چٽ ڪري
ڇڏيندا. چڱن مڙسن جو ڪنڌ هيٺ آهي. بدمعاش ۽
پاٿاريدار زور آهن. ”صلح جي عادل“ جو لقب به انهن
لچن کي ملي ٿو، جي پوليس جي ڪارپردازن ۽ ٻين
ڪامورن جو پيٽ ڀرين ٿا. اشرافن کي اڄ ڪوبه ڪونه
پڇي:
دغابازن جي اڄ بازي، چغل خورن مان سڀ راضي،
تڙين جي آبرو تازي، عجب هي دور آيو آهه!
رشوت جي بازار گرم آهي. ڪهڙو به خسيس ڪم سواءِ ڏني
جي نه ٿو ٿئي. بيشڪ ڏنو ٻنو آهي، پر اهڙو انڌير
ڪڏهن به ڪونه ڏٺوسون. تحقيق اڳي به انسان ڪي فرشتا
ڪونه هئا. پئسي جي چوس ڏاڍي بڇڙي آهي. ڪي ڳاڻ ڳڻيا
فرد هوندا جي انهيءَ عيب کان آجا هجن، نه ته سڀ
ڪنهن کي جوفي ۽ جيفي جي لوري لڳي پئي آهي. پر هي
سمو ته سڀني سمن کان آڳ کڻي ويو آهي. روئي جي راند
آهي. ايمان ۽ شرافت الوداع چئي ويا آهن. ياالله!
ڪڏهن اهي سچائيءَ ۽ ديانت جا ڏينهن ورندا، جو
ماڻهو انهيءَ ڇتڪتائيءَ کان ڇٽي پون، ۽ صفائيءَ ۽
سٺائيءَ سان زندگي بسر ڪن؟
سنڌ آزاد ٿي، ۽ گورنر جو علائقو بني، پر سچا سنڌ
واسي آزاد نه ٿيا. اڳي فقط ڇهه ضلعا هوندا هئا ۽
ڇهن ڪليڪٽرن مٿان هڪڙو ڪمشنر راڄ ڪندو هو. تنهن
هوندي به ملڪ جو انتظام تحسين جوڳو هوندو هو.
ڪيڏانهن به دانهن ڪوڪ ڪانه هئي. چوريءَ چڪاريءَ
کان امن هو. ڪامورا ڪڙا برجستا ۽ پنهنجن فرضن تي
محڪم هئا. حڪومت جي سرشتي جو خرچ کاٻار پڻ واجبي
هو. انصاف ستت پلءِ پوندو هو. گورنري راڄ شروع
ٿيو، ته ان سان گڏ گورنر جو اٽالو ۽ طوفان به آيو،
خرچ وڌي ويا. ماڻهن مٿان ڍلن جا بار ڏينهون ڏينهن
ڍرندا ويا، ۽ غريب پيڙبا ويا. هوا ۽ پاڻيءَ تي به
رائڙ پئجي ويو، ۽ قدرت جون مفت نعمتون مهانگيون ٿي
ويون. پر اڃا به ڪجهه ساڃاءِ باقي رهي. گورنر صاحب
کي اٽالي هوندي به شروعات ۾ فقط 2 صلاحڪار هئا، جي
هڪ ورهيه جي قليل عرصي بعد ڦري پنج ڇهه وزير ٿي
پيا. هاڻ ته ماشاء الله سنڌ جي نظام شمسيءَ جا
ٻارنهئي برج ڀرپور آهن انهن کان سواءِ سندن
سيڪريٽري ۽ صلاحڪار ۽ ميمبر سڀئي پنهنجي حيثيت آهر
پگهاردار آهن. اسيمبلي ڪوٺجي يا نه ڪوٺجي، پر
ميمبرن کي هر ماهه اڍائي سوء روپيا ضرور جيب ۾ پون
اهڙي اسراف اسان جو ڏونگهو ڏر ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
وري دعويٰ ته ’اسين پنهنجي ديس جي خالص خدمت ٿا
ڪريون. ليڪن چونڊن تي جو ايڏا خرچ ڪيا اٿئون، تنهن
جو به ته ڪجهه معاوضو ملڻ گهرجي يا نه؟‘ حقيقت ۾
ديش جي ڪابه شيوا ڪانه ٿي ٿئي. سڀ ڪو پنهنجي پيٽ
جو مريد ۽ سڀ ڪو پنهنجن ڪمن ڪڍائڻ ۾ مشغول آهي.
باقي ملڪ جو واهي الله. ماڻهو ڦرجي وڃن ته ڀل
ڦرجن، ٻين تي ظلم ٿئي ته ڀل ٿئي، پر ميمبر صاحبن
جا ڪارج ضرور سر ٿين. ويچارا وزير هي سارو وقت
انهن ڦرندڙ گهرندڙ ميمبرن جي رضامندي حاصل ڪرڻ
لاءِ آتا آهن، تن کي وطن جي خدمت ڪرڻ جو وجهه ڪٿان
ملندو؟ ڪوبه تعميري پروگرام پيش نظر ڪونهين، جنهن
تي عمل پيرا ٿين. انڌيءَ گهوڙيءَ جيان وتن ڪل ۾
الغارون ڪندا. رڳو زور اٿن سکڻيءَ اشتهار بازيءَ
تي. خدا شل انهن ”چونڊن“ جو خانو خراب ڪري، جنهن
اسان جي سونهاريءَ سنڌ کي ڏولائي ۾ وجهي ڇڏيو آهي!
انهيءَ هوندي به شل اتحاد ۽ اتفاق جي ڏوري هٿان نه
ڇڏي، نه ته اسان جا هوشيار حريف جي تارا ڦاڙيو
ويٺا آهن، سي سنڌڙيءَ کي ساڻ سلهاڙي ڳچيءَ سوڌو
ڳڙڪائي ويندا. پوءِ نڪا وزيري رهندين نڪا مشيري.
سنڌ وئي ته سڀ ويو؟ اسين جيئرا ئي تڏهن آهيون جڏهن
سنڌ جيئري آهي. اسين ڀل مرون، پر سنڌ جيئري رهي:
هوءِ مر هوت حيات، آءٌ ميائي گهوريي.
من و دل گرفنا شديم چه باڪ، غرض اندر ميان سلامت
اوست.
وقت آيو آهي جو پنهنجيون عبرت جون اکيون کولين، ۽
ماضيءَ کي وساري، حال کي سڌاري پنهنجو استقبال
اجارين. پر جيڪڏهن شخصي طمعون ۽ انفرادي غرض اڳئين
وانگر قائم رهيا، ته پوءِ خير جي اميد رکڻ اجائي
آهي.
مطلب ته اڳيان پويان ظلمات آهي. ڌڻي آهي جو پنهنجو
رحم فرمائي ۽ ڪرامت جو ڪڪر وسائي. ههڙو ڏڪار ۽
ههڙي اڻ هوند گذريل پنجاهه سلان ۾ ڪٿي ڪانه ٻڌي
سين. سڀڪا شي چوڻي پنجوڻي مهانگي ٿي وئي آهي. اڳي
هندو واڻيا ۽ واپاري رپئي تي ٽڪو آنو وياج وٺندا
هئا، پر نوان مسلمان مارواڙي جيڪي ڀارت ڇڏي
پاڪستان ۾ آيا آهن، سي هڪ روپئي جي راس المال تي
پنج ڇهه روپيا فائدو وٺن ٿا. ڇا اهو منافعو وياج
کان ابتر ناهي؟ ا اسلام پاڪ جو فرمودو آهي ته
ايترو کٽيو کائو؟ جتي ڪٿي مشتريءَ تي مار آهي.
نتيجي ۾، اسفل ۽ اوسط طبقي جا ماڻهو وڃن زبون
ٿيندا، ۽ رڳو ڪي ٿورا اعليٰ طبقي جا ماڻهو پيا
الوليون ڪن، جن ۾ ڪو به ايثار ۽ خود قربانيءَ جو
انگ ڪونهي. پوءِ به اونڌيءَ کوپريءَ وارا سياستدان
چون ته زندگيءَ جو معيار بلڪل مٿاهون ٿي ويو آهي!
زندگيءَ جو صحيح معيار ته هي آهي ته سڀئي ماڻهو،
شاهوڪار توڙي غريب، سکيا سهنجا ۽ آسودا هجن، ۽
انهن کي ڪنهن به قسم جي توڻ نه هجي. شال رب تعاليٰ
کين سنئين سمجهه بخشي، جو چڱي مٺي جو امتياز ڪن!
شل پاڪستان جي پاڪ زمين تي عنايت جي ابرن جي اوريڪ
ٿئي، ۽ ان سان گڏ سونهاري سنڌ به سرسبز ۽ شاداب
رهي.
سانيم سدائين ڪريين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
ڪراچي
14، آگسٽ 1954ع
ڪريمڏنو راڄپر
گداگري!
مئي جو ماهه پهريون سومر هو، ڪراچيءَ جي صدر واري
حصي ۾، ڪوريءَ اُس ۾، هڪ فقير کي رستي جي پاسي ۾
آنهون ۽ دانهون ڪندي ڏٺم! پگهر ۾ ڇل، وار ڀنڊ،
مٽيءَ ۾ ڀڀوت، ڳل تان ڳوڙهو نه سڪي، سڏڪا به پيو
ڀري ۽ چوي پيو ته ”آهي ڪو، جو الله جي نالي منهنجي
بکين ٻچن جو پيٽ ڀري؟ آهي ڪو الله جو بندو جو
منهنجي حال تي رحم ڪري؟ يا الله! يا الله! توکي
معلوم آهي ته منهنجا ٻچا به تنهنجائي بندا آهن، ٽن
ڏينهن کان اَن اکين نه ڏٺو اٿن!“
اهي ۽ ٻيا اهڙي قسم جا گهائيندڙ جملا، هن جي واتان
ٻڌي، لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويم، ۽ دل ڀرجي آيم،
پڇڻ لاءِ فقير ڀيڙو ٿيس ته هڪ پوليس واري سائيڪل
تان لهي سڏ ڪري چيو ته ”حضرت! هن بدمعاش جي مڪر ۾
نه ڦاسو. انهيءَ طريقي سان هيءُ گهڻن کي پيو ڦري
اڄ هن رستي تي پيو آهي ته سڀاڻي وري ڪو ٻيو گهٽ
تاڙيندو.“ عجب به لڳو ۽ ڏک به ٿيو. سوچ ۽ ويچار ۾
پئجي ويس.
هن حقيقت کان ته ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي، ته مسجد
يا مندر، دائرو يا قبر، واهڻ يا شهر، پينن سان پر
آهي. فقير کي ته مان ڦٽو ڪري، ڪراچيءَ کان ڪوچ
ڪيو. پر انهيءَ فڪر مونکي ڦٽو نه ڪيو. جيڪو به
گداگر منهنجي سامهون آيو ٿي، ته اُن جي صدا منهنجي
اندر ۾ پئي گونجي! اهڙا مرد ۽ عورتون مشڪل لڀندا،
جي ڪنهن به وقت سائل جي سڏ تي لبيڪ نه چون. ڇا هي
سڀ فقير، جيڪي ڦري رهيا آهن، سي ”فقيري ته ڦند نه
ته نسورو گند“ جو ثبوت ٿا ڏين؟ يا انهن ۾ ڪي اهڙا
به آهن جيڪي انگ اُگهاڙا ۽ پيٽ بکيا آهن، ۽ لاچار
ٿيا ٻين اڳيان هٿ ٽنگين! ڇا هنن لاءِ سوال منهن جي
ترار نه آهي؟ يا پني ڳنهي پڪا ٿي ويا آهن. ائين به
ٿي سگهي ٿو ته هري مري حس وڃايو اٿن، ۽ هاڻي عادت
کان مجبور آهن.
فقير ڪو انڌو آهي ته ڪو منڊو، ڪو لولو ڪو لنگڙو،
ڪو ضعيف ڪو زخمي، ڪو عرب ڪو عجمي، ڪو مقيم ڪو
مسافر، ڪو ڇڙو ڇرمل ته ڪنهن سان ڪير شامل آخر ڪيئن
حاجتمند گروهه جو ٻئي گروهه کان امتياز ڪجي! قرآن
۽ حديث ۾ خيرات ۽ صدقات جو تاڪيد سڀڪنهن کي معلوم
آهي. ڀلا جنهن نموني سان هينئر خيرات ڏيئي رهيا
آهيون، ڏبو اچجي، يا ان ۾ ڪي اوڻايون آهن ۽ ڪو ٻيو
حل ڳولجي؟ اهي خيال پئي دماغ ۾ آيا ۽ ويا. فقير
سوال ئي اهڙي نموني ٿا ڪن جو انڪار جي گنجائش ئي
نه رهي. مثلاً: ”آ صبح جا سائين، ٻيڙا ٻني لائين،
ڪنهن جو ڪين وڃائين! آ، رئيس جا ٻڄا جيئن! ڪا
نانگي کي خدا جي نانؤ تي ڪانچڙي ڏيار! ڀيڄ قلندر،
ڀٽائي گهوٽ، شاهه گودڙيا، حق حق! رئيس انهيءَ ٻچڙي
مان ڪيچ ٿيندءِ! ڪوتري ڪونه پٽيندءِ! ڏنو ٻنو آهي
سائين“ رئيس نه سمجهي ٿو ته صبح جي مهل آهي، نه
اَن لڳو آهي نه پاڻي ڪير فقير کي موٽائي!
بؤلا شاهه جو چوهو، ڪن وڏا ۽ مٿو ننڍو، بدن ٿلهو ۽
آواز سنهو، در تي اچي بيهي ۽ ان سان گڏ هڪ ملنگ،
پنهنجو معاملو شروع ڪيو ڏئي: ”درويش جي هنئين ڪير
موٽائي؟ هن کي جنهن موٽايو سو سنئينءَ نه هوندو!
اما، ڀر ٿالهي اَن جي، جيجل درويش در تي آيا
اٿيئي، اَڏجي ويئينءَ، سڀ دک درد دفعي، هيءُ درويش
سڪا ساوا ڪيو ڇڏي!“
جتي مانجهي مردن جا پير نڪري ٿا وڃن، اتي ڀلا
ويچاري وسوڙل عورت ڪيئن بيهي سگهندي؟ سوچڻ جهڙي
ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي فڪر ۾ مدهوش
هجي، ۽ اوچتو پاسي کان دانهن ٿئي، ”او سائين!!
تنهنجا دستگير بادشاهه پير، ڀٽائي گهوٽ، پنج تن
پاڪ، دل جا مطلب پورا ڪندو. جاڏي پير تاڏي خير،
سخين جا ٻيڙائي پار سخي، هڪڙو آنو رب جي نانوء تي
ڏيو وڃ!“ ته پوءِ في الحال ماڻهو لرزجي نه ويندو؟
جنهن وڪيلن کي ڪئين ويهون ڏنيون آهن، شاهدن جي فقط
مانيءَ تي ساوا نوٽ خرچ ڪيا آهن، سو دل ۾ خيال ڪرڻ
شروع ٿو ڪري، ته آنو کڻي ڏجيس، ڪهڙي خبر، هن غريب
جون دعائون مصيبت ٽارڻ ۾ ڪم ڏين؟
اُس ۾ ڪانوَ جي اک پيئي نڪري، ۽ فقير، ڦاٽل رلهيءَ
۾ ويڙهيل، ڪنڌ هيٺ ۽ هٿ مٿي ڪيو، صابرين ٿيو ويٺو
هجي. ڀر مان لنگهڻ وارن اهل دل جي دل، پاش پاش ٿيو
پوي ۽ کيسي ۾ هٿ هڻي آنو ٻٽو ڏيو پيا وڃن. هاڻي،
سوال آهي ته فقط هن ملڪ جا باشندا جذبات جو شڪار
ٿا ٿين، يا سڄيءَ دنيا جو اهو حال آهي؟ ڪير اهڙو
ڪٺور دل هوندو جو ٻئي کي تڪليف ۾ متلا ٿيل ڏسي،
خوش ٿئي ۽ ڀنجرئي نه ڀريس مگر، مغربي ملڪن هن ڏس ۾
به تفتيش ڪئي آهي. جڏهن پينن جو آمريڪا ۾ آزار مچي
ويو، ته سياڻن سوچڻ شروع ڪيو، ۽ انگ اکر ڪٺا
ڪيائون. حقيقتن جي تهه ۾ ويا، هن لاءِ ته معلوم
ٿئين ته جن پنڻ کي پيشو ڪري اختيار ڪيو آهي، سي
واقعي مجبور به آهن، يا عوام جي جذبات تي کيڏي،
ناڻو ڪٺو ڪري رهيا آهن! جيڪڏهن هنن کي پيسو ڏيڻ
بند ڪيوويو، ته هوء فاقه ڪشي ڪندا ڇا؟ ڇا پارڪ ئي
هنن لاءِ سمهڻ جي سيج آهي؟پنجاهه هزار فقير جا انگ
اکر ڪٺا ڪيائون، جن مان معلوم ٿين ته سچ پچ خيرات
وٺندڙ خواهه خيرات ڏيندڙ، ٻنهي کي، حتيٰ ڪ ساري
سماج کي هن مان نقصان آهي.
جن ماهرن هي انگ اکر ڪٺا ڪيا تن فقيرن کي ٻن گروهن
۾ تقسيم ڪيو. هڪڙا اُهي جن کي نه گهر نه گهاٽ، نه
ٻار نه ٻچو پنهنجو من گهڙت دردناڪ واقعو ٻڌائي پيا
خلق خدا کي ڦرين. ۽ ٻيا هي جيڪي باقاعدي عيالدار،
گهرگهاٽ وارا آهن، ۽ ٻئي ڌنڌي ڪرڻ بدران پنڻ کي
پنهنجو پيشو ڪري اختيار ڪيو اٿن. پهرينءَ ٽوليءَ ۾
اُهي فقير اچي ٿا وڃن، جن کي يا ته انگور جي مچايل
رس يا آفيم سان اُلفت آهي. يا ته هو عمل جا عامل
آهي. هنن کي اَٽي ٻاٽ کاڌ خوراڪ جي آڇ ڪبي، ته
ڦيرو کائي روڪڙ لاءِ رڙ ڪندا. ضرورت ته پوري ٿيڻ
جي ئي ڪانهي. ڪو چار پيسا ڏيئي پاسو وٺي بيهي
لقاءُ ڏسي ساڳيو داستان سڀ ڪنهن اڳيان پيو دهرائبو
۽ ساڳئي طريقي سان.
ٻئي گروهه جو ته ڄڻ ابي ڏاڏي جو ورثو آهي. شهر ۾
باقاعدي گهر گهاٽ ۽ شهريت جا حق حاصل فقط روزگار
لاءِ هو ٻاهر نڪري وڃن ٿا، ۽ مهل يا ڪمهل اچي گهر
ڀيڙا ٿين ٿا. اکين جي ڇپرن کي کونئر سان قابو ڪرڻ
يا منڊڪائي هلڻ ته ماڻهو رحم کائي ڪجهه ڏين اُتي
جي فقيرن ۾ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. جيڪڏهن ڪا هٿراڌو
ٽنگ اٿس، ته پيچ ڪڍي ٿو ڇڏي. نه فقط ايترو، پر
مزوريءَ تي ماڻهون رکي، ڦيٿن واريءَ ڪرسيءَ تي پاڻ
کڻايو پيو هلي. عجيب عجيب طرقن اختيار ڪرڻ ۾ فقيرن
به ڪافي فڪر ڪيو آهي، ۽ دماغ هلايو آهي. اهڙي
نموني سان ڄنگهه ۽ ٻانهن بنائڻ، جو هلڻ سان ائين
معلوم ٿئي ته هن کي اڌ رنگ آهي، هنن جي ڏائي هٿ جو
کيل آهي. ٻانهن ڪلهي کان نڪتل لڳي، ۽ هٿ جون
آڱريون مڙيون پيون هجن، اهڙا به پينو اُتي پيا
آهن!
پينو عورتون، هڪ بوٽ جي کڙي ڊگهي ته ٻئي جي ڇوٽي
رکي، منڊڪائي هلڻ سان ماڻهن جي همدردانه طبيعت تي
سهڻو وار ڪن ٿيون. ٽاليڊو ائني (Toledo
Annie)
نالي هڪ عورت جي صورت ۾، آمريڪا جي پوليس کي هن
نموني جو هڪ بهترين مثال دستياب ٿيو. هن جي عمر
ٽيهن سالن کان به هيٺ هئي، سونهري فريم واري عينڪ
پهري جا هلندي هئي، ته ائين پيو معلوم ٿيندو هو ته
ڪنهن سڪول جي ماسترياڻي آهي، ۽ هيتري هلڻ چلڻ ۾
تڪليف جي باوجود قوم جي خدمت ۾ مصروف آهي نه فقط
ايترو پرٽنگ کي دڏ کان ٻاهر ڪڍي هلڻ جي اهڙيءَ ته
استعمالي هيس جو ڪير به سمجهي نه سهگندو هو ته
هيءَ سڀ هٿ جي هنئين آهي.
ڪي فقير وري اهڙي طريقي سان رستي تي ويهي ٿا رهن.
ڄڻڪ هنن کي هڪ يا ٻئي ٽنگون ڪونهن. خاموشيءَ سان
هڪ هنڌ، بنا رلڻ جي پيئي ڪمائي ٿئي. مسٽر چيسٽر
ارونگ جي چوڻ مطابق ڪي ته اُستاد اهڙا آهن، جو
بغلن هيٺان گهوڙيون پاسي تي اُڇلي، اهڙيءَ طرح کڻي
ٿا پاڻ اُڇلين، جو هڪدم ماڻهو هنن جي ٽنگن جو اهڙو
ضعيف حلا ڏسي، رحم کائي پئسن جو مينهن وسائين ٿا.
نيويارڪ جي پوليس کي هڪ ڏٽو مٽو مڇن وٽيل، ۽ سيني
اُڀريل پهلوان هٿ آيو، جو گذريل وڏيءَ لڙائيءَ جو
زخمي ٿيل سپاهي هو. هن کي لڙائيءَ ۾ مٿي جي پوئين
حصي ۾ چوٽ لڳي هئي، جنهن کي ڊاڪٽرن هڪ چانديءَ جي
پٽ سان حفاظت ۾ رکيو هو. جيئن وقت گذرندو ويو،
تيئن چانديءَ جي پٽ تي کل به ٿورو پاسن سان ڪنهن
حد تائين چڙهي آئي. هيءُ ڇا ڪندو هو جو رستي تي
هلندي هلندي، ڀر وارا ماڻهو جاچي اوچتو دانهن ڪري
کڻي پاڻ ڦٽو ڪندو هو. تان جو ڪيپراٽي فرش تي وڃي
اهڙيءَ طرح لڳندي هئس، جو اهو پٽ وڄڻ لڳندو هو! بس
پوءِبلڪل بيهوشيءَ وانگر مڪر ڪري بنا چرڻ پرڻ جي
ڪو وقت پيو هوندو هو، تان جو سندس رازدان ڇاڙتا
اچي کيس کڻندا هئا، ۽ پر فريب همدردي ڪندا هئا. جي
ڪو پڇندو هو ته ڪيئن ڪرئين؟ ته گهٻراهٽ سان چوندو
هو ته شايد بک جو اورٽ اچي ويو، ته ماڻهو سمجهڻ
لڳن ته ويچاري کي ڪجهه کائڻ لاءِ به ڪونهي. اهڙي
ڦند ۾ گهڻيئي ڦاسن ٿا، مگر ڳنڍ جا ڳوڙها مت جا
موڙها ته جهولي حاضر رکن ٿا. هن پوليس سان سچي ڪئي
ته اهو پٽ هن کي ڏاڍو ڪم ڏيندو هو.
ارونگ ته ايستائين به وڃي ٿو ته جڏهن اوهان گمان
ڪرڻ لڳو، ته ڪم از ڪم هيءُ ماڻهو ته امداد جو
مستحق آهي، تڏهن به توهان کي يقين سان گذشته تجزيي
مان ٻڌاءِ سگهبو ته گهڻي قدر اوهان غلط آهيو. ممڪن
آهي ته جنهن کي اوهان مسڪين سمجهو آهي، سو اوهان
کان به روزانو زيادهه ڪمائيندو هجي. نيويارڪ ۾ هڪ
ٻاويهن سالن جو فقير هو، تنهن کي هوٽل جي نوڪر،
هوٽل ۾ اندر اچي پنڻ نه ڏنو. هن غصي ۾ اچي نوڪر کي
ڪجهه زخمي ڪري وڌو. پوليس هن کي پڪڙيو، ۽ هن جي
باري ۾ معلوم ٿيو ته هن کي شاهوڪارن جي محلي ۾
پنهنجي رهائش جو مڪان آهي، ۽ بئنڪ ۾ به ٽيهه هزار
کن روپيه جمع اٿس. لاس اينجلس
LOS) (ANGELES
۾ هڪ فقير وٽان پاس بڪ هٿ آيو
جنهن ۾ هن جا 25 هزار رپيه جمع ٿيل نظر آيا. هت
آمريڪا جي پوليس کي هڪ ته اهڙو فقير هٿ آيو، جنهن
کي هڪ لک پنڌرهن هزاررپيا هئا اُتي ويهه في ڪلاڪ
فقير جي ڪمائي ته رواجي ڳالهه آهي. پر، اهڙا
هوشيار ۽ چالاڪ فقير به هٿ آيا آهن، جن کي ڪلاڪ ۾
ٻه سو رپيا کن مليا آهن.
مسٽر گيٽس (Mr:
Gates)،
جو پينن ۽ انهن جي مڪرن کي سمجهڻ ۾، دنيا ۾ پنهنجو
مٽ پاڻ آهي. خود فقير ٿي ڪو وقت هليو. هو صاحب
فرمائي ٿو ته ڏهن ۾ فقط هڪ به مشڪل سان ٿو هٿ اچي،
جو پنهنجي صحيح حقيقت ۽ حڪايت پيش ڪري. هڪ فقير جي
ڳالهه ٿا ڪن ته هن ٻيا به گهڻيئي ڌنڌا اختيار ڪيا،
پر پنڻ جهڙو سڻڀو ڌنڌو ٻيو ڪونه ڏٺائين. هڪڙي
سائينءَ جي سنوارئي سائل کي، ته ڪئين وڏا وڏا شراب
جا گتا نيويارڪ جهڙي شهر ۾ آهن.
هيءَ ڳالهه قبول ڪرڻ کان بعيد ڪانهي ته، ڪئين فقير
ڀڃ چٽو آهن، جو اڄ مليو سو اڄ هضم. مگر اها ڳالهه
يقيني آهي ته ملي بيشڪ جام ٿو. هتان جو فقير
جيتوڻيڪ آمريڪا جي فقيرن جيترو نٿو ڪمائي، مگر
هتان جي حالتن مطابق منهنجي قياس موجب، ڪو گهٽ انگ
ڪونه هوندو. هيءُ ته آمريڪا جهڙن ملڪن جا ’مشڪ از
نمونه خروار‘ واقعات آهن. جيڪڏهن سڀ يا قريب قريب
سڀ واقعا بيان ڪجن ته جيڪر هڪ مستقل ڪتاب ٺهي پوي.
مون کي هن شاهوڪار ملڪ آمريڪا ۾ سنه 1953ع ۾، ڇهه
مهينا رهڻ جو موقعو مليو، ۽ اوهان کي هيءَ ڳالهه
ٻڌي تعجب لڳندو ته سواءِ هڪ يا ٻن ماڻهن جي مون
کان ڪنهن به پيسو نه گهريو، ۽ نه ڪو نطر چڙهيو.
ائين ته چئي ڪونه سگهبو، ته ڪو هن ملڪ ۾ گداگري
آهيئي ڪانه، مگر ايترو ته چئي سگهبو ته گهٽ مڙيئي
آهي. هن نحوس کان، نه انگلنڊ نه هالنڊ، نه ايران
نه افغانستان، نه هندستان نه پاڪستان آجا آهن. فرق
شايد ايترو هجي ته ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ. پنهنجي ملڪ
پاڪستان جا فقير جيڪي رنگ ۽ ڍنگ اختيار ٿا ڪن سي
داهرائڻ به مصلحت کان خالي ڪين آهن.
”سائين! ڀاڙي ۾ فقط چار آنه کڻي پيا آهن. روڪ نه
ڏيو ٽڪيٽ وٺي ڏيو. اسان نوان ماڻهو، رات هڪ دليچو
منهنجا پيسا ڪڍي ويو“ نه سج کٽي نه ٻِچ کٽي هن
درويش جي اها هر روز جي تنوار آهي.
”سائين ڀلي سونهاري پڙهڻ جو رات ڏينهن شوق آهي،
ٻيا پيسا هٿ ڪيا اٿم، مٺائيءَ ۾ هڪ رپيو کٽي پيو
آهي“ ماڻهو دل ۾ خيال ٿو ڪري ته مون کان ته پڙهڻ
نٿو ٿئي، ڪم از ڪم جو پڙهي ٿو اُن جي ته مدد ڪيان.
”السلام عليڪم! حضرت پاڙي ۾ هڪ لا وارث شخص فوت ٿي
ويو آهي، هن جي ڪفن دفن لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪئي اٿم.
اوهان کان به جيڪي سري سگهي رپيو ٻه ڏيو.“
”سادات آهيان بابا! خيرڙو ڏيار ۽ ٻين وٽان به ڳوٺ
مان خير وٺيو اچ!“
”موءمن مولائي! ٿيندئي سڻائي، ڏئي وڃ نالي الله
جي!“
”آهي ڪو هن ڪچهريءَ ۾ مرد موءلا، جو سائينءَ جي
نالي تي هڪ رپيو ڏئي. فقط هڪ رپئي جو سوال آهي.
کائيندي خرار کٽي ويا. ڪئين سڪندر ۽ دارا هليا ويا
ڏهه دنيا ستر آخرت، ڏنو ٻنو آهي بابا!“
الفي ڪنڌ ۾ زنجير ڄنگهه ۾، هڪ طرف پيو ڏسجي ته
مرلي ۽ نانگ، باندر ۽ ڏانگ ٻئي طرف طرف ڊاڪٽر مس
ڪلير (Dr:
Miss Kcller)
جا اکين کان معذور، ڪنن کان ٻوڙي ۽ زبان کان گونگي
آهي. انڌن ٻوڙن ۽ گونگن کي دنيا ۾ رهڻ لائق بنائڻ
لاءِ دنيا جي دوءري تي نڪتي: ته ٻئي طرف فقير،
جيڪي حمال جهڙو بدن رکن ٿا، رپئي جيڏيون مهرون
هڻايو پيا ملڪ ڦرين! هڪڙا سفيد پوس نؤجوان نوان
نوان واقعا بيان ڪري، پيا شڪار ڦاسائين: ته ٻيا
پينشن وٺڻ بعد، گل ناز شاهه بادشاهه سڏائي، مٿي تي
گل ٻڌي پيا ملڪ لٽين.
ان ۾ ته شڪ ڪونهي ته حاجتمندن جي حاجت روائي ڪرڻ
لازمي آهي. پر ڇا انهيءَ نموني تي، جو هميشه جي
واسطي هو هن دنيا جي تختي تي بيڪار پرزا ثابت ٿين!
پنهنجي غيرت ۽ خودداري، حلم ۽ بردباري، سمجهه ۽
سنو پرائي وڃائي ويهن ڪم کان عار ڪن، ۽ ٻين مٿان
بار ٿين قدرت جي ڏات ۽ امانت جي قدرشناسي ۽ صحيح
مصرف ئي نه رهي، هنن کي جڏهن پنهنجي حال تي ڇڏيو
ٿو وڃي ته نه فقط قوم جي پيداوار ۾ اضافو نٿا ڪري
سگهن، پر قوم جي ڪمائيءَ تي هڪ قسم جو بار ثابت ٿا
ٿين. اُهي فرد بلڪل ٿورا آهن، جيڪي ڪم ڪرڻ جهڙائي
نه آهن. جيڪي ڪم ڪرڻ جهڙائي نه آهن، انهن لاءِ ته
قوم تي واجب آهي، ته هنن جي واسطي هڪ انسان وانگر
رهڻ لاءِ خوراڪ، پوشاڪ، رهائش و تعليم جو مڪمل
انتظام ڪري! پر جيڪي قوم کي ڄور وانگر لڳي، چوسي
چٽ ٿا ڪن، اُنهن کي راهه راست تي آڻڻ جو انتظام
ڪرڻ گهرجي. |