سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1955ع

مضمون

صفحو :12

مضمون

سنڌو

احمد بشير

سنڌيڪار:عبدالرسول نظاماڻي

منڇر جون موجون

گورڌن محبوباڻي- اجمير

يادگيريون

ڊاڪٽر يو.ايم.دائود پوٽو

گداگري

ڪريم ڏنو راڄپر

ملوڪيت

محمد اسماعيل عرساڻي

ڪڇ جي عوامي شاعر جو ڪلام

دکايل

سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

منشي صاحب راءِ ”آزاد“

سيد حسام الدين راشدي

سنڌ جي اقتصادي تاريخ(1)

ڊاڪٽر س. پ ڇٻلاڻي

سنڌيڪار: سراج

سنڌي نثر جا مثالي ٽڪرا

چونڊيندڙ: م. د. سونيجي

-ابوبڪر

بمبئي ۾ ڪٺو ٿيل چوٿون سنڌي سميلن

ترتيب ڏيندڙ: موتيرام ايس. رامواڻي

آديسي اُٿي ويا مڙهيون مون مارين

غ. گ

تبصرا

غ. گ

پڙهندڙن جا پيغام

اداره

اديبن جو فرض

”اسين هن وقت هڪ نهايت نازڪ دور مان لنگهي رهيا آهيون. اسان جي زبان، اسان جو ادب، اسان جي تهذيب بلڪ اسان جو وجود خطري ۾ آهي. ڪاتي چم چيري هڏي کي ڪرٽي رهي آهي. چوڌاري نا اميديءَ جا ڪارا ڪڪر آگم ڪري آيا. اهڙي سمي ۾ به جيڪڏهن اکيون نه کوليون سين ته رهي کهي راند به هٿن مان هارجي ويندي، پر آگي جا لک احسان، جو اسان جي اميدن جي ٻيڙيءَ جا ناکوا هاڻ قدري سجاڳ ٿيا آهن، ننگرن ۽ ناڙين کي سوگهو ڪري، سرهائي جي ساحل تي ناتاريون هڻي رهيا آهن. الله تعاليٰ شل کين بازن ۾ سگهه وجهي، جو اسان جي موجن ماريل مڪڙي چيٺي چڱي ڪري، سندس سڙهه ساز سنواري، کيس اوڙاهه مان اڪاري منزل مقصود تي پهچائين.

اهڙي نازڪ وقت ۾ اسان سڀني کي گهرجي ته يڪمشت ٿي وڃون ۽ پنهنجي باقي مانده اباڻي ورثي کي چهٽي پئون، بلڪ ان ۾ اضافو ڪري ۽ ان کي سنباهي ۽ سهيڙي ڏيهه کي ڏيکاريون، ته اسين به ڪنهن شي جا مالڪ آهيون. اسان کي به ڪنهن چيز تي ناز آهي. وڇ ڪيري تي ڪڏندي آهي. اسان جو ڪيرو الڙيل هوندو ۽ وٿاڻ جا واهي ستل هوندا ته چالاڪ چور وڇ کي راتو ڌو اٺائي ويندا پوءِ ڪري هزار ڀنگ آڇين ته به وري پنهنجي وٿاڻ ڏي مشڪل ورندي. اڄ اردو ادب جا اداره دار، اسان کي للڪاري رهيا آهن، ته جيڪڏهن ڪجهه هڙ ۾ اٿو ته ڪڍي ڪريو ٻاهر، پر اسان جي هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي، سي ڇا ظاهر ڪنداسين. جيڪي هٿن ۾ هوسين، تنهن کي به ڏئي وٺي ويهي رهياسين، هاڻي ڪهڙو منهن مٿي کڻون پر اڃا به هاج هٿن مان نه ويئي آهي. وڏن جي وٿ به اسان وٽ موجود آهي. جيڪڏهن ان کي سيٽي ۽ سڌاري وري به واضح ڪريون، ۽ ان تي پنهنجي دماغ مان اصليت ۽ عبقريت جا انگ چاڙهيون، ته جيڪر اسانجو اداب به دنيا جي ادبن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگهي. ان جي بدران اٽلو اسان جا ڪيترائي نوجوان اديب اڄ نقالي ۽ تقليد کي چنبڙي ويا آهن، ۽ پنهنجو خداداد دماغ ڊوڙائي، پنهن جي نثر ۽ نظم ۾ ڪوبه معقول واڌارو نٿا ڪن. آڳاٽو ادب نهايت دلپذير، ججهو ۽ جالارو آهي. اسان جي زبان نهايت وسيع ۽ تونگر آهي، دنيا جون ٽي قديم شاهوڪار ٻوليون سنسڪرت، عربي ۽ فارسي سندس باجگذار آهن، منجهس هر ڪنهن قسم جي ادبي ۽ علمي خوبي ۽ صلاحيت آهي. پوءِ ڪيڏو نه انڌير چئبو جو اهڙي هٿيار هوندي به اسين اڌرننڌر ۽ اڀرا هجون ۽ اغيار اسان جي بيوسيءَ تي کلون ڪن ۽ ٺونٺيون ٺوڪين.“

ڊاڪٽردائود پوٽو

اصل انگريزيءَ ۾ احمد بشير جو لکيل

سنڌيڪار: عبدالرسول نظاماڻي

”سنڌو“

مان انهيءَ عظيم ماءُ، مانسرور ڍنڍ، جي ڄائي آهيان، جيڪا لافاني هماليي جي عظيم پهاڙن ۽ انهن جي آسماني چوٽين جي وچ ۾، آد کان وٺي، هڪ بي انت سوچ ۽ ويچار جي دنيا ۾ گم رهندي پئي آئي آهي. اُهي شاهاڻا پهاڙ، منهنجي ان مانائتيءَ ۽ ماٺيڻيءَ ماءُ جي حفاظت ڪن ٿا، جتي هر شيءِ خاموش آهي، جتي ڪنهن به قسم جي ڪا ڀڻڪ ڪانهي جتي حسن حيرت، اثر ۽ طاقت، پوترتا ۽ پاڪيزگيءَ جي هڪ گنڀير، دل ڏاريندڙ، ڀيانڪ دنيا آهي. قدرت جي هڪ لاجواب ۽ لازوال چترڪاري آهي! ان جي نوراني نرملتا ايڏي ته آب تاب ۽ اثر واري آهي، جو خود مان، سنڌو، پڻ اتان کسڪي وڃان ٿي ته متان قدرت جي هن بيچون ۽ بي مثال نظاري جي بي عيب جڙت ۽ بناوت کي ڦٽائي نه وجهان! پوءِ مان زندگيءَ جي روح کي پنهنجي ساهه سان سانڍيندي، رستي جي هيٺانيهن مٿانهين، جبلن ۽ ٽڪرن، چُرن ۽ غارن مان ڇلانگ هڻندي، وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندي، ٽپندي ۽ ڪڏندي، نڪري ٻاهر ميدانن تي نروار ٿي ٿيان! برف جي ڇپن ۽ پهاڙن، جهنگن ۽ جهرن، ٻيلن ۽ چراگاهن، وڻراهن ۽ وڻڪارن جي وسيع ميدانن ۽ پٽن مان، اُس ۽ ڇانوَ مان، ڪڏهن تيز ۽ تڪڙو، ڪڏهن ماٺيڻي ۽ آهستي، ڇپن کي ڀڃندي، پٿرن کي لوڙهيندي، ڊاهيندي ۽ ٺاهيندي، نيست و نابود ڪندي ۽ وري جياريندي. لهرين پويان لهريون هڻندي، پکڙبي ۽ ملڪن کي پائيندي، موجون ماريندي، وڌندي وهندي وڃان ٿي! مان آهيان ”سنڌو“، جيون جي نشاني ۽ زندگيءَ جي علامت!

پنهنجي هن جوکائتي سفر ۾، مان پيلي پوشاڪ پهريل ڌرماتما لامائن کي هماليي تي، معصوم ۽ اٻوجهه ڪشميري ڪنئارين کي پنهنجا ڌڻ چاريندي، ماکيءَ کان مٺڙين هيرن کي پنهنجن رانجهنن لاءِ ڏوهيڙا ڏيندي، صوفين ۽ سنتن کي وڇوڙي جي ماريل سسئين جون بي شمار ڪافيون ڳائيندي، ٻڌندي ۽ ڏسندي آهيان. جئن ئي راتيون پنهنجي ڪاراڻ جي چادر رتيءَ جي مٿان وڇائي ڇڏينديون آهن، ته تارن ڀرئي آسمان هيٺ ٿڪا ماندا ڪڙمي ۽ ڪاشتگار منهنجي ڪناري تي آرام يا بندگي ڪندا آهن، ننڍڙا ٻارڙا سمهندا يا کيڏندا آهن، ۽ اڀرا ۽ ضيعف مانجهي ۽ مهاڻا مٺيون ۽ سريليون ڪافيون ۽ گيت ڳائيندا آهن. آءٌ انهن سڀني کي پنهنجي سيني تي پالي نپائي وڏو ڪريان ٿي. هنن جو مون سان پيار آهي، هو مون کان ڊڄن به ٿا، ڇاڪاڻ ته مان ”سنڌو“ آهيان، انهن ئي وانگر مهربان ۽ دياوان به، ۽ چيڙاڪ ۽ مست پڻ!

مان ڪيترن ئي جڳن کان هنن جي واقف آهيان. مون کي اڃا تائين انهن جا بدلجندڙ چهرا، انهن جو ننڍپڻ، نينگرائپ، ڦوهه جواني، پيري ۽ نستائي ۽ ڏٻرائپ سڀ ياد آهن. مان هنن سڀني کي سڃاڻان ٿي.

مان انهن جي باري ۾ توکي سب ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿي. مان توکي اڳي اڳي جون ڪهاڻيون ۽ قديم زماني جا قصا ۽ بادشاهن ۽ راجائن، فاتحن ۽ حڪمرانن، هنن جي زندگيءَ جي لاهن ۽ چاڙهن، دک ۽ سک جا سمورا داستان ٻڌائي سگهان ٿي. اهي قصا، اهي داستان، اهي افسانا جي تو اڳ ڪڏهن به شايد نه ٻڌا هوندا. مان توکي اهو سڀ ڪجهه ڏيکاري سگهان ٿي جيڪي مون ڏٺو!..... چڱو، هاڻي هيڏانهن نهار! اجهو هو سامهون هنن جو شان ۽ هنن جي عظمت ڏس. اهو آهي مهن جو دڙو. مرد پنهنجن ٻنين ۾ هر ڏيئي کيتي ڪري رهيا آهن، زالون پنهنجن خوشحال گهرن جو ڪم ڪار ڪري رهيون آهن ۽ ٻارڙا راندين ۾ مشغول آهن. سڀ سکيا سهنجا خوش ۽ آباد. هنن جا گهر نهايت ئي سهڻا ۽ سلسليوار آهن. هنن جي بازارين جي ڌوڪ ڌوڪان، گوڙ ۽ هل کي ڏس! پوءِ وري هڪ وحشي قوم جو ڪٽڪ اچي ٿو. هي قداور ۽ خوبصورت ماڻهو آهن. هو اچن ٿا ۽ هنن اچڻ شرط بي رحميءَ سان قتل عام شروع ڪري ڏنو. مرد ڪري ۽ مري رهيا آهن، عورتون لڪڻ جي ڪري رهيون آهن ۽ ٻار ڦڙڦوت پوڻ ڪري ريهون ڪندا ڀڄي رهيا آهن، ۽ وري نماشام جي منهن اونداهيءَ کان اڳ سڀ ماٺ ٿي ويئي. نئون ڏينهن اڀري ٿو. هڪ نئين تهذيب جنم ورتو آهي ڇو ته اهو قدرت جو قانون آهي!.... هاڻي ٻڌ! پريان هو ڌڌڪيدار نغارن جو گجندڙ آواز ٻڌ. هنن جي صورت ۽ طاقت، جاهه وجلال کي جاچ. اهي سنڌ جي راجائن جون سنسٿائون آهن، جن کي مهاڀارت جي لڙائيءَ ۾ پانڊون خلاف ڪورون جي مدد لاءِ موڪليو ويو آهي. هنن جي عجيب غريب ويسين وڳن، هٿيارن پنوهارن ۽ رٿن ڏانهن نهار. وري هنن کي غائب ٿيندو ڏس، جئن ڌوڙيو مٿي آسمان ۾ گم ٿي ويندو آهي!.... ۽ هاڻي وري هو نوجوان جنگي جوڌو سڄيءَ دنيا کي فتح ڪرڻ جي خواهش دل ۾ کڻي نمودار ٿئي ٿو. هن خيبر کي فتح ڪري ورتو. هو هاڻي جهلم جي پورس راجا کي شڪست ڏئي اڳتي وڌي رهيو آهي. هن جي خوبصورت چهري ڏانهن نهار، ۽ هن جي مٿي تي زره جي رڪ واري جهرڪندڙ ڪلنگي ۽ هن جي ڊگهي ٻن ڌارن واريءَ ترار کي جاچي ڏس. هو وڙهيو ۽ هن فتح حاصل ڪئي. مگر هن جو بي انداز لشڪر هاڻي گهڻي وقت تائين وڙهڻ ڪري، ٿڪجي ماندو ٿي پيو آهي. هتي هو پنهنجن خوابن کي ڪوڙو ثابت ٿيندو ڏسي، مري وڃي ٿو، ۽ هن جا هٿ خالي ۽ اکيون کليل رهجي وڃن ٿيون!

هاڻي نهار.... سندس جرنيل نيروڪس واپس ورڻ جي سفر لاءِ آرماڙ کي گڏ ڪري رهيو آهي. هي پڻ هليا ويا!... هاڻي وري سفيد چمڙيءَ وارا هوڻ لوڪ حملو ڪن ٿا.... بي رحم ۽ قاتل.... هو واچوڙي وانگر تڪڙا اچن ٿا ۽ ملڪ کي ڦريندا ۽ ساڙيندا، چوڌاري پٽن تي پکڙبا وڃن ٿا، جيئن مان موجون ماريندي ميدانن کي ٻوڙيندي ويندي آهيان. پر اهي سڀ ڪٿي آهن؟ هليا ويا... سڀ هليا ويا اوندهه انڌوڪار ۾، موت جي اونداهيءَ واديءَ ۾. پوءِ ٿوريءَ مهل تائين سڀ ماٺ ٿي ويئي. هيءَ سر زمين ماٺيڻي آهي. آسمان تان گردو غبار صاف ٿي ويو، ۽ پوءِ هڪ اجنبي مست واٽهڙو اچي ٿو. هي هڪ چيني مسافر آهي، هيون تسيانگ،.... جيڪو علم ۽ سوجهري جي ڳولا ۾ رلي رهيو هو. هن کي سوجهرو ملي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هتي جيڪو به ان جي ڳولا ڪري ٿو، ان کي پائي ٿو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي هيءَ سرزمين علم ۽ سوجهري جي کاڻ هئي. ڪيترائي ماڻهو پنهنجن ڏوراهن ماڳن تان علم جي تلاش ۾ هتي ايندا هئا..... جڳ لنگهي ويا سوجهرو ۽ اونداهي... اونداهي ۽ سوجهرو.... سوجهرو ۽ اونداهي..... پر، زماني کان پوءِ وري ٻيا ماڻهو آيا جن هن زمين تي علم ۽ سوجهري جي نئين شمع آندي. هو عرب جي ريگستان مان اُڀريا ۽ دنيا تي ڇانئجي ويا ۽ آفريڪا ۽ هندستان جي اونداهين ڪنڊن کي علم جي سوجهري سان روشن ڪري ڇڏيائون.... هن جوشيلي عرب محمد بن قاسم ڏانهن نهار! هن جي گجندڙ منجنيقن ۽ طاقتور کانڀاڻين کي جاچ. هن سڄي سر زمين کي فتح ڪري ورتو، ۽ هاڻي هو سڄي ملڪ تي حڪم هلائي رهيو آهي، ڏاڍو پيارو ۽ عزيز آهي، ڇو ته جنهن وقت هو موڪلائي وڃي ٿو، هن جا هي نوان دوست هن لاءِ رڙن ۽ روئين ٿا. هن کان پوءِ شوخ ترڪ، قدا ور تاتاري، مغل، پٺاڻ ۽ انگريز اچن ٿا... هنن جي ڀڳل ترارين، ۽ ڦٽيل رت ڳاڙيندڙ دلين ڏانهن نهار!

سمن ۽ سومرن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي بهادريءَ جي شان کي ڏس. پراچين ديبل، برهمڻ آباد ۽ قديم منصوره ۽ محفوظ ڏانهن نهار. اهي فنا ٿي ويا ۽ هن وقت سندن نشان به ڪونهي، پر مان اڃا تائين انهن جون پيهه پيهان واريون بازاريون، نون رنگن ۾، نون چهرن سان ڏسي رهي آهيان. مان اڃا تائين ڀنڀور ڏانهن لڙهندي، ننڍڙيءَ سسئي جو پينگهو پنهنجي ڪناري تي لڏندو لمندو ڏسي سگهان ٿي. مان پنهونءَ کي ڪيچ جي جبلن ۾ ڏسي سگهان ٿي، جنهن کي سندس دعاباز ڀائرن ڊوهه ڪيو، اٺ جي پٺيءَ تي ٻڌيو چاڙهيو وٺيو پيا وڃن. ۽ اجهو هو پريان عمر ڪوٽ جون مغرور محلاتون نظر اچي رهيون آهن، جن مان وڇڙيل مارئيءَ جي آهُن ۽ زارين جو پڙاڏو اچي رهيو آهي. مان اڃا تائين هنجي سوز ۽ فراق کي ٻڌي سگهان ٿي!... هو پريان... ڀٽ تي.... سهڻو سيد لال لطيف پنهنجن مٺڙين لاتين ۽ روحاني راڳن ۾ مست ويٺو آهي. هن وقت هو ڪونهي پر مان هن جا درد ڀريا بيت ۽ مٺڙا ڪلام اڄ به ٻڌي سگهان ٿي. مان اڃا تائين کيس اهڙو چٽو ٻڌي رهي آهيان جهڙو هن کي جيئري ٻڌندي هيس. هو هڪ لافاني روح، وسيع ۽ اتم، سخي ۽ ٻاجهارو، جذباتي ۽ مهربان آهي. هو خوبصورت قداور ۽ خوش اندام آهي. جيئن هو پنهنجون من موهيندر ڪافيون ڳائي ٿو، تيئن هن جون گول گول ڪاريون اکيون چمڪن پيون. جڏهن هو ڏکارن ڏوٿين کي دعائون ڪري ٿو، تڏهن هن جو چهرو ٻهڪي اٿي ٿو. هو مون سان مخاطب ٿي ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ ته مان هن کي سمجهي سگهان ٿي. مان هن کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهان. مون تهذيبون ۽ تمدن پيدا ٿيندي ۽ ختم ٿيندي ڏٺا، مون فاتحن جي سوارين کي ايندي ۽ ويندي ڏٺو، پر سنڌ جو فاتح فقط هو شاهه ئي آهي جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته ٻيا فاتح زمينون ۽ ملڪ فتح ڪن ٿا، پر هن ماڻهن جي دلين تي فتح حاصل ڪئي آهي، ۽ هن جي نينهن جو نياپو هن جي سهڻي سڳنڌ ڀري ساروڻي امر آهن.

هو مٺڙيءَ سنڌيءَ ۾ الاهي افضل ڳالهيون ڳائي ٿو. پنهنجي من موهيندڙ ڪلام سانهو ماڻهن جا رخ ڦيريو، تقديرون ۽ قسمتون بدلايو ۽ روح کي دائمي راحت ڏيو ڇڏي.

هن جي ڏينهن ۾ ماڻهو ننڍڙين ڪکاين جهوپڙين ۽ چونئرن ۾ گذارين ٿا. منجهائن جيڪي سکيا ۽ شاهوڪار آهن سي حوضن ۽ مڇين جي تلائن سان سينگاريل اوچن گهرن ۾ رهن ٿا. پر مان انهن جي گهر ۾ قرب ۽ اتساهه گهٽ ڏسان ٿي. مان انهن غريب مارو ماڻهن کي پسند ڪريان ٿي جيڪي واهڻن ۽ ننڍڙن ڳوٺڙن ۾ گذارين ٿا، جتي وچ ۾ هڪ ننڍڙي صاف سٿري مسيت آهي، جنهن جي ننڍڙن منارن تي موءذن چڙهي عبادت گذار بندن کي پنهنجي مولا جي بندگي ڪرڻ لاءِ سڏيندو آهي، جتي هڪ سرهاڻ پکيڙيندڙ سهڻو مندر آهي، جنهن جي سريلن گهنڊن جي مڌر آوازن تي پوڄاري سوير گهرن کان پوڄا لاءِ ٻاهر نڪري ايندا آهن. جڏهن گهر جا وڏا ڪم ڪن ٿا يا عبادت ڪن ٿا تڏهن زالون ڪچهري لايو ٽهه ٽهه پيون ڪن ۽ ننڍڙا من موهيندڙ ٻارڙا وري لڪ لڪوٽي ۽ اٽي ڏڪر راند پيا رهن. هر ڪنهن گهر کي پنهنجي مال لاءِ پنهنجو واڙو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌي مال کي پيار ڪندا آهن.

هن ديس جا سپوت هميشہ کل مک ۽ خوشمزاج طبيعت جا صاحب ٿي رهيا آهن. ڪم ڪاڄ، پيار ۽ محبت، کل ۽ خوشيءَ، لئي ۽ رس جا ڪوڏيا. ميڙن ۽ ملاکڙن لاءِ هنن جو شوق ۽ پيار ملڪان ملڪ مشهور آهي. سندس عيدون ۽ هوليون گڏجي گذارن. انهن موقعن تي وڏيون وڏيون دعوتون ۽ مجلسون، گڏجاڻيون ۽ ڪچهريون ٿينديون آهن. زالون وري مٺايون ۽ گل ورهائينديون آهن. اهي پنهنجن ٻانهن ۾ عاج جون ٻانهيون ۽ وڏا چوڙا پائينديون آهن. هر چنڊ واري مهني جو پهريون جمعو ۽ هر سهائو سومار نهايت ئي وڏي ڌام ڌوم ۽ مزي سان ملهايو ويندو آهي. جڏهن وسڪارا ۽ برساتيون پونديون آهن، تڏهن ڳوٺن کان ٻاهر مجلسون ۽ محفلون ڪيون وينديون آهن جتي يڪتاري ۽ گهڙي تي سريلا ڪلام ۽ ڪافيون ڳايون ويندوين آهن. هتي مان پنهنجن اکين سان هنن جا رنگ برنگي ناچ ڏسي رهي آهيان. تنهن زماني ۾ به بلڪل اڄ وانگي،سگهڙن ۽ شاعرن، هن پنهنجي ملڪ جي سونهن سوڀيا ۽ حسن و نزاڪت منجهان ئي پنهنجي شاعريءَ جا مواد ۽ موضوع حاصل ڪيا. هنن منهنجي اٿلن ۽ سيلابن، مڇين پلن، واڳن ۽ سيسرن، ۽ منهنجي پورالي طبيعت جي هر روپ رنگ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو. هنن هن ديس جي اٺن ۽ اوٺيڙن، جتن ۽ جهانگيئڙن، لڏن ۽ قافلن، ڪارن ڪڪرن ۽ زرد رنگ بيابانن، ميهارن ۽ ريڍارن، ۽ چهچ چراگاهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو. هنن هن ديس جي لين ۽ لاڻن، ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن، ڪرڙن ۽ کٻڙن تي بيت چيا. هنن هن سهڻي ديس جي انهن نارين کي ڳايو جن جي ڪونج جهڙين ڊگهين ڳچين ۾ چانديءَ جون مالهائون ۽ هس ۽ سهڻين سنهڙين ڪاراين ۽ ڪنگڻ ۽ ننڍڙن نازڪ پيرن ۾ ڪڙيون ۽ پازيب پهريل آهن، سندن مٿي تي واسينگ نانگ جهڙن ڪارن، ڀنئور جهڙن وارن جون پيچدار چڳون ۽ گهنڊيدار ڳتون نڪتل آهن ۽ سندن مرگهه جهڙيون ڪجلدار ڪاريون اکڙيون مشعل وانگي ٻري رهيون آهن. شاعرن حسين نارين جي پيارن مڙسن ۽ پريمين جي انهن پتڻن ۽ ٻيڙين کي پڻ ڳايو جيڪي وڻجارن سنڌورڪين کي ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ واپس ماڳ موٽائي وٺي ٿي آيون. هنن، گهر ڌياڻين جي گهرڙن، چرخن ۽ آتڻن کي پڻ ڳايو... مطلب ته سنڌ جي هنن سدا حيات سگهڙن ۽ شاعرن پنهنجي سٻاجهيءَ سونهن ونديءَ سنڌ جي هر ڳالهه ۽ هر ادا کي هر دفعي ڳايو...

ڌرتيءَ جي کيڙيندڙ هارين پورهيو ڪيو ۽ پگهر وهايو ۽ زميندار ۽ شاهوڪار انهن جي پگهر واريءَ خسيس ۽ ٿورڙيءَ ڪمائي کي به ڳهندا، ڳڙڪائيندا، مچندا ٿلها ٿيندا ويا ۽ غريبن کي ٿونها هڻندا رهيا. مگر مفلسيءَ جي هر حال ۾ آسيسن ۽ دعائن حاصل ڪرڻ لاءِ، هنن پيرن ۽ سيدن سڳورن جي رڪيبن ۽ لغام جي واڳن کي هر وقت چمي سيني سان لڳايو. سنڌ جي لافاني شاعر، شاهه، هنن سڀني کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو، ڇاڪاڻ ته هو هنن جو هو. مان اڃا تائين هن جي روحاني ڪافين ۽ ڪلامن کي ٻڌي سگهان ٿي.

مان آهيان ٻلدان ۽ زور واري سنڌو... مان پاڻ سان داءُ رکڻ واري کي اڇلايو ڇڏيان. جن به مون سان شرط رکي، انهن هميشہ راند هارائي. جن به مونسان سينو ساهيو، پاڻ کي نيست و نابود ڪيائون. پر شاهه مونکي ماٺو ڪري ڇڏيو. مون هن جي آس پاس شانتي ۽ پيار حاصل ڪيو. مان هن جي دل جي گهرائپ ۽ شاعريءَ جي روانيءَ سان محبت ڪريان ٿي. مان هن جي مٺي ڪلام تي قربان آهيان. هو ڪيترو نه مون جهڙو ۽ ڪيترو نه مون کان اعليٰ هو!

اوهان جي هن ملڪ ۽ اوهان جي ڪچي وارن ميدانن جي هن زمين ڪيترين ئي صدين تائين پنهنجن ماڻهن کي لنگهڻ ۽ فاقا ڪڍرايا ڇو ته پاڻي ڪونه هو. منهنجو پاڻي ڪيترن ئي ويران برن ۽ ساڙيندڙ ميدانن کي آباد ڪري سگهيو ٿي، پر وقت جي راجائن ۽ فاتح حڪمرانن ڪا خاص پرواهه ڪانه ڪئي. انهن مان ڪن ٿورڙن ڪي ننڍا ننڍا ۽ ڪي نماڻا واهه کڻايا. پر ٿوري ئي عرصي کان پوءِ منهنجي لٽ ۽ ريٽ جي واريءَ انهن کي لٽي ڇڏيو. اڄ پهريون دفعو انهن ماڻهن لاءِ چاهه ڀريل سچيءَ پچيءَ دل واري ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪي منهنجي نالي پويان سڏجن ٿا. سکر وٽ هڪ زبردست براج منهنجي پيٽ ۾ سوگهو بيٺل آهي. آءٌ اوهان کي اوهان جي ڪم ۾ ساٿڙو ڏيئي رهي آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجو اوهان سڀني سان پريم آهي ۽ اهو اوهان جي ئي فائدي لاءِ آهي. ڪوٽڙيءَ وٽ پڻ اوهين منهنجي ٻل واري گهوڙِ تي سنج وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو. مون انهيءَ لاءِ اوهان کي اجازت ڏني آهي. پنهنجن زمينن ۽ ٻنين کي آباد ڪريو. مان چوانوَ ٿي. سونهري ڪڻڪ پيدا ڪريو. کيڙيو ۽ کائو، پيئو، پهريو، ۽ خوش گذاريو. مان اوهان کي نه روڪينديس. منهنجو پاڻي کڻي وڃو ۽ مون کي اهي قديم ۽ اڳي اڳي وارا خوشيءَ جا ناچ ۽ راڳ رنگ ڏيکاريو. مون کي اهي ٽهڪ ٻڌايو جيڪي دلين مان اڌاما ڏيئي نڪرندا هجن. مان اوهان کي سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏيندس، جيڪي ڪجهه مون وٽ آهي... ۽ مون وٽ ان کان تمام گهڻو آهي، جيتري جي اوهان کي گهرج آهي، ڇاڪاڻ ته مان آهيان ٻلدان ۽ طاقتور سنڌو... مان آهيان اجيت ۽ امر سنڌو، مان آهيان اٽڪ، مان آهيان جهلم، مان آهيان چناب، مان آهيان راوي، مان آهيان بياس، مان آهيان ستلج، مان آهيان مهراڻ، انهن سڀني جي اپت ۽ جوڙ مان آهيان ”سنڌو“... مان آهيان مها ٻلوان، اجيت ۽ امر سنڌو....

اديب تيسين ترقي نه ڪري سگهندو، جيسين ”عوام“ جو توجهه پاڻ ڏانهن نه ڇڪائي سگهيو آهي، ۽ جيسين منجهس اعليٰ درجي جي ”سماجي مقصديت“ نه پيدا ٿي آهي.

اديب ”عظيم انساني قدرن“ مان نور حاصل ڪري ٿو. امن سان محبت، جنگ کان نفرت، قومن ۾ دوستانه تعلقات پيدا ڪرڻ جي خواهش، سرمايه داري جي لٽ ڦر کي ختم ڪرڻ جو عزم ”انساني دوستيءَ“ مان ئي پيدا ٿي سگهن ٿا. ادب عظيم اخلاقي مقصد جو مطالبو ڪري ٿو. جئن سڀ اديب پنهنجي تحرير ۾ سنجيدگي پيدا ڪن، تاثر ۽ خلوص پيدا ڪن، ۽ ان کي مقبول ۽ خوبصورت بنائين. جئن اسان جي قوم انهن سان محبت ڪري سگهي، انهن مان جوش حاصل ڪري سگهي ۽ انهن تي فخر ڪري سگهي.

عوامي ادب ۽ ڪلچر جو مستقبل اديبن سان ئي وابسته آهي. ۽ هي ثابت ڪرڻ به انهن جو ئي فرض آهي ته ”مستقبل معتبر هٿن ۾ آهي يا نه؟“

گوورڌن محبوباڻي- اجمير

منڇر جون موجون

سو سائين، نيٺ سفر جو سعيو ڪري، اسين آراضيءَ مان اسهياسين. ساڻ هيوسين سائيڪلون جي شاهي سڙڪ تان سرڙاٽ ڪري هلڻ لڳيون. ساوڻ جو سهڻو، من مهڻو مهنو، سو ڀلا اسان ’ڇوڪر ڇتيءَ ذات‘ کي ڪٿي ٿو سڪول اندر آرام اچي! الک در اهائي پئي التجا ڪئيسين ته ”موليٰ مينهن وساءِ ته ڪانئر ڇٽن ڪم کان!“ نيٺ الله عرض اگهايو. منڊل منڊيا، وڄن وسڻ جا ويس ڪيا. ڪڪرن ڪيهون ڪيون، ته اسان به آزي نيزاري ڪئي. چي: ”سائين! هلو ڪنهن سير سفر تي.“ ماسترن جي مهربانيءَ سان هيڊ ماستر صاحب به ”ها“ ڪئي. بس! پوءِ ته مڪتب ۾ مهيءَ ولوڙ مچي ويو. فيصلو ٿيو ته منڇر جي موج وٺجي. منڇر آراضيءَ کان ٻه ٽي ڪوهه پري بوبڪن ڀرسان وڏي ڍنڍ آهي. ٻئي ڏينهن ئي قافلي ڪوچ ڪيو.

صبح جو سهاونو سمو، آڪاس تي ابرن جي اڇ رکي رکي بوندن جي برکا پئي ٿي. سارنگ جا ساز سرندا ۽ سائيڪلن جا سرڙاٽ ٻڌي، دل جي دهل به ڌمڪ ڌمڪ ڪرڻ شروع ڪئي. دل از خود الاپيو:

”اڄ پڻ اتر پار ڏي، تاڙي ڪي توار،
هارين هر سنباهيا، سرها ٿئا سنگهار،
اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا!“

ڀلا من تي هئي مستي چڙهيل، سو مني ڪلاڪ ۾ ئي اچي بوبڪن جي بند تي ٺڪاءُ ڪيوسين. وڌي وڏيري شير خان جي اوطاق تي آياسين. هو ملوڪ مڙس ان وقت اوطاقت جي اڱڻ ۾ محفل مچايو ويٺو هو. اسان کي ڏسي اٿيو. کلي کيڪر ڪيائين. چي: ”ڀلي آيا ڀلارا! اڄ ساجهر ئي اوهان جو سنيهو مليو. اسان سڀ بندوبست ڪيو آهي.“ سائيڪلن کي هڪ هنڌ سٽي، اسين ٿوري آرام لاءِ اندر وياسين. خان جي خاصخيلين اسان جي خاصي خذمت ڪئي. شير خان، هو به برابر شير دل. اسان لاءِ سڀ سامان ميسر ڪيو هئائين. ٻاهر ٽانگا به تيار بيٺا هئا. اسين ٿورو ٿڪ ڀڃي، ٻاهر آياسين. ٽانگا ڪل ٽي. ٻن ۾ ويٺا بزرگ ۽ هڪ ۾ سامان. باقي باندر سئنا سائيڪلن تي. ٽڪ ٽڪ ڪري ٽانگا هليا. بوبڪن جي پسگردائي پار ڪري اچي دانستر واهه تي دنگ ڪيوسين. اتي ٺيڪيدارن جون لانڍيون لڳيون پيون هيون. جن ۾ مڇين جا مڻ ۽ برف جا ڍير لڳا پيا هئا. اسان سامان لاهي، ٻيڙين ۾ رکيو ۽ پاڻ به ٿي منجهن ويٺاسين. ٻيڙيون هليون. پاڻيءَ ۾ لهرون اٿيون، ته من ۾ امنگ. هيٺ ڇل ڇل ڪندڙ ڇوليون: مٿان برساتي بانولا بادل، نظارو عجيب هو! دانستر پار ڪري ٻيڙيون منڇر ۾ گهڙيون. سامهون نهار ته:

”سانده سڀ درياه، ڪانهي ڪنڌي پار جي.“

سانوڻ جي مند ۾ ته منڇر ميلن ۾ ڦهلجي ويندي آهي، پر پاڻيءَ جي گهرائي ڪٿي مڙسان تار ته ڪٿي فوٽ ٻه چار. اڃا ٿورو اڳتي وڌ ياسين ته پريان ٿالهين جي جهن جهناهٽ جو پڙلاءُ ڪنن تي پيو. سمجهيوسين ته مهاڻا مڇين مارڻ لاءِ اهو غلغلو مچائي رهيا هئا.

منڇر ۾ مهاڻن جي مڇي مارڻ جو نمونو به مزيدار آهي. جتي پاڻي تانگهو هجي اتي هڪ وڏي گول ۾ اُڀا ونجهه کوڙي وڃن. انهن ۾ هيٺ گول سمهيل ڄاري لڳائين، ۽ ونجهن جي پاسن کان به ٻه ٽي فوٽ اڀي ڄاري ويڙهي وڃن. ان طرح گويا ڄاريءَ جو هڪ وڏو گول کوهه ٺهيو پوي، جنهن کي چون ”ڀن“ پوءِ بتيلن ۾ چڙهي. پن جي چوڌاري اٽڪل سڏ کن پنڌ پري کان ٿالهيون وڄائي، وٺي شور غل مچائين ۽ ڌيري ڌيري چڪر هڻندا وڃن پن کي ويجهو پوندا. هيڏو هل هلاچو ٻڌي موڙهل مڇيون ويچاريون ڊپ جون ماريون وٺي ڀڄن ڀن ڏانهن. جڏهن ڀن جي ڄاريءَ وٽ پهچن، تڏهن اڳتي وڌڻ جي واٽ نه ڏسي وٺي جو ڇوهه مان ڇلانگ مارين ته ڌو وڃي پون ڀن ۾. پوءِ ته مهاڻا کين پڪڙي سندن منڍيءَ مان سوء لنگهائي، وڃننن هڪ سنهڙي رسيءَ ۾ پوئيندا ڄڻ مڇين جي مالها ٺاهڻي اٿن.

منڇر ۾ مڇين تي مارو ته هر مند ٿئي، پر پکين جو شڪار رڳو سياري ۾. ڪيترائي آفيسر سياري ۾ سير ۽ پکين جي شڪار لاءِ منڇر تي ايندا آهن. هو گهڻو ڪري بندوق سان شڪار ڪن. پر پکين جي شڪار لاءِ مهاڻن جا طريقا تعجب خيز آهن.

عام طور منڇر ۾ آڙين ۽ بدڪن جو شڪار ٿئي. بدڪن ڦاسائڻ لاءِ مهاڻا ڏاڍي چالاڪي ڪن. هوبهو بدڪ جي شڪل جهڙو بوتو بڻائين ۽ اهو ٽوپلي وانگر مٿي ۾ پائي، ڇپ ڇپ ڪري، وڃي بدڪن جي جهنڊ ڀرسان بيهن. نڪ کان هيٺ بدن پاڻيءَ اندر رکن، جئن بيوقوب بدڪون سمجهن ته ڪا سندن ئي ادي ڀينڙي ڀرسان بيٺي آهي. مهاڻا سياڻا: پوءِ خوب خبرداريءَ سان بدڪن کي ڄنگهن کان جهلي وڃن اندر پاڻيءَ ۾ ڇڪيندا ۽ انهن جون ٽنگون ٽوڙي کين چيلهه ۾ ٻڌل رسيءَ سان ٻڌندا.

آڙين جو شڪار اڪثر اونداهين راتين ۾ ڪن. ٻه لنبا ونجهه اڀا کوڙي، ان ۾ ڄاري لٽڪائين، گويا پاڻيءَ جي وچ ۾ ڄاريءَ جي هڪ وڏي اوچي ديوار ٺهي پوي. پوءِ ان ڄاريءَ اڳيان ٻه ننڍا لڪڙا کوڙي، ڄاريءَ جو هيٺيون پاسو انهن تي اهڙيءَ طرح اٽڪائين جو ڄاريءَ جي ”جهول“ ٺهيو پوي. ان کان پوءِ ڄاريءَ جي سامهون سڏ کن پنڌ پري وڃي، دٻا، ٽين ۽ ٿالهيون کڙڪائي وٺي گوڙ مچائين. آواز تي آڙيون وٺي سامهون اڏامن ۽ اونده سبب سڌو زوم سان اچي ڄاريءَ سان ٺڪاءُ ڪن ۽ ڦهڪو ڪري هيٺ ”جهول“ ۾ ڪري پون، جتي ڪيترا مهاڻا بيٺا هوندا آهن اهي آڙين کي هڪدم پڪڙي وڃن سندن منڍيون مروٽيندا.

سو سائين، ڳالهه ٿي ڪيم ته ٻيڙيون هاڪاري اسين به اچي ڀن ڀيڙا ٿياسين. مهاڻا ويچارا، بدن اگهاڙا، ’مال جنين جو مڪڙيون، ٻيا ڄارا ۽ کارا‘، ڏاڍيءَ محنت سان مڇيون ماري رهيا هئا. ڪيڏي نه غربت، ڪيڏي نه جفاڪشي ۽ پريشاني! پهرڻ لاءِ گند ڀري گوڏ ۽ اجهي لاءِ ٻيڙيءَ ۾ ڇنل ڇپر يا ڪپر تي پراڻو پکو. ته به هو مست هئا. نڪو هون فڪر يا ڦرنو نڪا ڳڻتي يا غم. ڪم سان گڏ ڪنڌ ڌوڻي پئي هونگارون ڪيائون. لاشڪ، سچي راحت نڪي آهي محلن ۾، نه ماڙين ۾، نه ڌن ۾، نه دولت ۾، نه اجائي مان وڏائيءَ ۾، نه جوٺي مرتبي ۾، پر جيڪڏهن آهي ته آهي محنت ۾، سچ جي پورهئي ۾.

منجهند اچي ٿي هئي، سو مهاڻن کان مڇيون ۽ پوپرا خريد ڪياسين. پوءِ روٽيءَ جي تياري ٿيڻ لڳي. اسان واري ٻيڙي سڀني کان وڏي هئي. هلائڻ وارو به هو ميربحرن جو مهندار. ساڻس گڏ سندس زال ۽ ننڍي ڌيءُ به ونجهه هلائي رهيون هيون. ٻيڙيءَ اندر چلهه ٺهيل هئي. اسان ان تي پوپرا پچائڻ شروع ڪيا. تريل مڇيءَ جي سڳنڌ مان اسان ماس کائن کي ته مزو ٿي آيو، پر وئل هو ويچارن ويشنن سان. ٻوٿ ٻڌي، نڪ ٻوساٽي وڃي ڪنڊن ۾ قابو ٿيا. ڀر واريءَ ٻيڙيءَ ۾ مولو مذاقي ويٺو هو. ساوڻ جي جهڙ ۽ صبح واريءَ ڦڙ ڦڙ هن جي دل ۾ دونها دکائي ڇڏيا هئا، جي هينئر طعامن جي طراوت تي ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪري آيا. ڏاڍي امنگ مان هن سارنگ ڳائڻ شروع ڪيو.

”مينهان ۽ نينهان، ٻئي اکر هيڪڙي،
جي وسڻ جا ويس ڪري ته ڪڪر ڪن ڪيهان،
بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جا ڪرين!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com