سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1955ع

مضمون

صفحو :10

ليلا هينئر اڪثر اچڻ لڳي. منهنجي ۽ هن جي ملاقات روزمره جو دستور ٿي پيو. اسان هر موضوع تي بحث ڪندا هئاسون، ۽ آءٌ دل جو بار هلڪو محسوس ڪرڻ لڳس. زندگيءَ جون گهڙيون منهنجي لاءِ دلچسپ ٿيڻ لڳيون. ڪنهن وقت سوچيندو هوس ته جيڪڏهن ليلا جي بينائي قائم هجي ها، ته يقيناً هن جي سونهن ۾ اضافو ٿي وڃي ها! عورت جا ناز ڀريا خماري نيڻ ڪيڏو نه مدهوش بنائي ڇڏيندا آهن! جيتوڻيڪ انهيءَ باري ۾ رڳو ٻين کان ڳالهيون ٻڌيون هيم، پر اکڙين جي انهن جادو ڀرين ادائن جو ذهني طور پاڻ به قائل هوس. خوب ڄاتم ٿي ته منهنجي اُميد ڪيتري نه چريائپ واري هئي. جيڪڏهن ليلا کي اکيون هجن ها ته هوءَ دردر ڌڪا ڪين جهلي ها! جي پينو به هجي ها، ته به خيرات کان وڌيڪ مون کان ڪجهه وٺڻ لاءِ تيار نه ٿئي ها ۽ نه وري هن جون اکيون ڪڏهن به کيس مون وٽ آڻڻ لاءِ تيار ٿين ها، ۽ نه ئي وري ساڻس ڳالهائڻ جو موقعو ئي نصيب ٿئي ها.

ماڻهو اسان جي ملاقاتين کان واقف ٿي چڪا هئا، مگر ڪنهن به حسد ڪين ڪيو. ”باندر“ هئڻ ڪري هنن جي مذاق جو مرڪز ته اڳ ئي هوس. هينئر وري انڌيءَ جي عشق هڪواريءَ هنن کي کلڻ لاءِ وڌيڪ موقعو ڏنو. انڌيءَ ۽ بدصورت جي ميلاپ تي ڀلا ڪير نه کلندو؟

هڪ ڏينهن مون ليلا کان پڇيو، ”ليلا تون مون بابت ڇا سوچيندي هوندين؟“ هوءَ شرمائجي ويئي ۽ هن جي چپن تي مرڪ اچي ويئي. آءٌ خوشيءَ ۾ ڀرجي ويس.

”ها! ٻڌاءِ ليلا“، مون هن کي پيار مان چيو.

”ڇا، مان ڪڏهن چيو آهي ته تون خراب ماڻهو آهين؟“ هن مشڪندي وراڻيو.

جيتوڻيڪ منهنجو ارادو ڪين هو پر احساسات جي غلبي سبب مون هن کان پڇيو، ”ليلا! تون مون کي پسند ڪرين ٿي؟“ هن شرم وچان ڪنڌ جهڪايو ۽ مون محسوس ڪيو ته حياتيءَ جو لطف اُن منظر ۾ اچي چڪو هو. ليلا موڪلائي ويئي. ”ليلا!“ ”ليلا!“ مان ڪيترو نه خوش نصيب هوس جو هن هيڏيءَ ساريءَ بي وفا دنيا ۾ آءٌ به ڪنهنجو نالو پيار سان پڪاري سگهيس ٿي. حياتي، جا مون لاءِ اڳ وبال هئي، سا هينئر بدلجي جنت ٿي پيئي.

جيڪي مون تي کلندا آهن، سي منهنجا دشمن آهن. سمجهو کڻي منهنجي بدصورتيءَ بابت هنن ليلا کي اڳ ئي ڪجهه ذهن نشين ڪرايو هجي! ڇا هنن ائين ڪيو ته ڪين آهي؟ ڪهڙو اعتبار! پر هن ويچاريءَ کي ڪهڙي خبر ته خوبصورتي ڇا ٿيندي آهي، جڏهن جو هن کي رات ڏينهن جي پروڙ پئجي نٿي سگهي. آءٌ ائين ڪونه ٿو چوان ته هن جو ڄائي ڄم کان نابيانا هجڻ، منهنجي خوش قسمتي هئي. پر ڇا، اها هن جي بدبختي به هئي ڪيئن؟

ليلا ٻئي ڏينهن آئي. آءٌ شاديءَ متعلق سوچي رهيو هوس: ’ڇا اسان جو نڪاح ڪو ملان پرهڻ لاءِ تيار ٿيندو؟ هي خدا جا بندا ديني اصولن کي ٽوڙڻ لاءِ ڪيئن تيار ٿيندا! هنن جي شريعت موجب اسان جو ميلاپ ممڪن نه آهي. هو اسان جي مدد هرگز نه ڪندا! حالانڪ هنن کي خبر آهي ته مون جهڙي بدشڪل کي ليلا کان سواءِ ٻي وني ملڻ محال آهي. هو ضرور چوندا ته مان مسلمان آهيان: پر ڇا اها حقيقت آهي؟‘ مون هن کان پڇيو، ”ليلا، مون سان شادي ڪندينءَ؟“ هوءَ گهري سوچ ۾ غلطان ٿي ويئي. شايد منهنجو مسلمان هجڻ ئي هن جي سوچ جو موضوع هجي. ”ڇا ٿي چوين؟ ليلا، اهو ڪافي آهي جيڪڏهن تون صرف هي سمجهين ته آءٌ به هڪ انسان آهيان. الله تعاليٰ توکي منهنجي لاءِ پيدا ڪيو آهي. ذات پات ۽ هي مذهبي ڍونگ سڀ انسان جي دماغ جي پيدائش آهن.“

هڪ عرضدار جي حيثيت ۾ مان هن جي جنبش ۾ آيل چپن ڏانهن نهاري رهيو هوس. پنهنجي حيثيت ان خونيءَ جهڙي سمجهي رهيو هوس، جو جج اڳيان فتويٰ ٻڌڻ لاءِ منتظر هوندو آهي. ها.... هي فيصلو ليلا ئي ڪري سگهي ٿي ته مون کي هن دنيا ۾ رهڻ گهرجي يا نه؟ ليلا خاموش رهي. مان پنهنجي تقرير جاري رکندي دهرايو، ”ليلا! چئه، ڪجهه ته چئه: آءٌ توکي پنهنجي حفاظت ۾ رکڻ گهران ٿو. وعدو ڪر ته مون کي خوش رکندينءَ.“ ”آءٌ غور ڪنديس“. آخر هن وراڻيو. ”جڏهن مان ڪٿان لنگهندي آهيان ته ڪيترائي ماڻهو چوندا آهن ته ’هوڏانهن نهاريو باندر جي محبوبه وڃي رهي آهي.‘ هنن جي هن اشاري مان ظاهر آهي ته تون سهڻو ڪين آهين.“

”پر تون ڇا ٿي ڀانئين، ليلا؟“ مون نهايت ئي بيقرار ٿي پڇيو. ”آءٌ نٿي سمجهي سگهان ته حسن مان هنن جي ڇا مراد آهي، نه وري ڪو مان باندر ئي ڏٺو آهي. هو ڇا ٿا چون مونکي ان جي پرواهه ڪانه آهي. جيڪڏهن هو چون ها ته هن دنيا جي تختي تي تون هڪ حسين ترين شخص آهين تڏهن به آءٌ آخر ڇا سمجهان ها! مون هيءَ دنيا اکين سان نه، پنهنجي دل سان ڏٺي ۽ سڃاتي آهي. مان حسن ۽ بدصورتي پنهنجي دل سان پرکيندي آهيان. تون مسلمان آهين ۽ مان هندو استري. جيڪڏهن توکي اعتراض نه آهي ته مونکي به ڪينهي. مان سمجهو ٿي ته هن دنيا ۾ مونکي ڪنهن جي به محبت حاصل ٿيڻي ڪانه آهي. پر........“ ”ها.... ها... ’پر‘ ڇا؟“ مون انتظاريءَ سان کانئس پڇيو.

”هائو،.....پر....’پر‘ گهڻو ڪجهه آهي خاص طرح هن پنڻ جي ڌنڌي جي حالت ۾ مون ۾ پاڪ عورت ڪانهي جا توکي پيش ڪريان. اگرچ انڌي آهيان تڏهن به مون چاهيو ٿي ته مون سان به ڪو پيار ڪري. پر ساري ڏينهن جي ڌڪن ۽ ٿاٻن کان پوءِ، منهنجو پينن وارو خالي ڪستو منهنجي ۽ منهنجي ماءُ جي خالي پيٽ ڏانهن تڪي، شيطاني کل کلندو رهيو. مونکي ڪيترن ئي شهوت پرست انسانن اڳيان چپ رهڻو پئي پيو آهي. ڪوبه شخص هڪ نوجوان پينو فقيرياڻيءَ جي ڪستي ۾ رڳو خيرات طور پئسو نٿو اُڇلي! مون ٿي سمجهيو ته تنهنجي شروع ۾ همدردي به ساڳيءَ بنا تي آهي. مون کي معاف ڪج. اڄ سڀني انسانن کان وڌيڪ منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ عزت پيدا ٿيل آهي!“ منهنجا جهٽ پلڪ لاءِ ته تاڪ لڳي ويا. ڪجهه وقت خاموشي طاري رهي. آخر مون ان خاموشيءَ کي ختم ڪندي چپ چوريا، ”ليلا! اها ماڻهن جي مطلب پرستي آهي. مون کي ان جي پرواهه ڪانه آهي.“ هو خاموش رهي.

ڪجهه ڏينهن پڄاڻان، اهو وقت به اچي ويو، جنهن سموري ڳوٺ ۾ چوءٻول مچائي ڏنو. بنا ڪنهن ملان مولويءَ يا ٻانڀڻ برهمڻ جي ۽ بنا ڪنهن شاهد گواهه يا سفارش جي، هن ۽ مون- ليلا ۽ عبدالله خاموش وعدو ڪيوسون ته حياتيءَ جا باقي ڏينهن هڪ ٻئي جي سک ڏک جا ساٿي ٿي گذارينداسون.

ماڻهن لاءِ تماشو وڌندو رهيو. هو کلندا رهيا. جڏهن ليلا ۽ ماڻس مون سان اچي رهڻ لڳيون، تڏهن سماج جا نام نهاد ٺيڪيدار عجب جي نشانيءَ جهڙو حليو بڻائي تڪيندا رهيا. آءٌ ليلا جي دل ڏاڍي پرڀائيندو رهيس. ”ليلا، ڀل ته ماڻهو کلن... کلڻ ڏين.... هو چريا آهن.“

اسان هينئر باقاعدي زندگيءَ ۾ قدم رکيو. ليلا هينئر ماءُ ٿيڻ واري هئي. منهنجي بدشڪلي ۽ ليلا جي نابينائي ٻار جي پيدائش لاءِ ڪا روڪ ڪين هيون. هينئر مونکي اهي مسرتون حاصل هيون جن جو آءٌ زندگيءَ ۾ تصور ئي نه ٿي ڪري سگهيس. عاشق.... شوهر ۽ هينئر.... پيءُ ٿيڻ وارو هوس. واهه خدا، تنهنجا لک شڪرانا! تون وڏو آهين!

ليلا، ويم کان ٻه مهينا اڳ بيمار ٿي پيئي. ڊاڪٽر کي گهرايم ۽ هن کي التجا ڪيم ته ”مونکي ليلا بچائي ڏي.“ هن چيو ته ”تشويش جهڙي ڳالهه ڪانه آهي. اميد ته جلد ٺيڪ ٿي ويندي.“ ٿوري جهٽ رکي، ڊاڪٽر پڇيو ته ”ڇا هوءَ ‎ڄائي ڄم کان نابينا آهي؟ مان هن جون اکيون آپريشن ڪري ٺيڪ ڪري سگهان ٿو. البت هينئر آپريشن ناممڪن آهي. ويم کان بعد سولائي ٿيندي.“ ڊاڪٽر جي انهن لفظن منهنجي دل ۽ دماغ تي خوب وار ڪيو. ڇا هو چوي ٿو ته ’مان ليلال جون اکيون ٺيڪ ڪري سگهندس!‘ ڇا پوءِ هوءَ مون کان نفرت ڪندي! ان شخص کي... جنهن کي هوءَ محبت جي لائق تصور ڪندي آهي. ڇا روشني ملڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجو پيار ۽ مون لاءِ عزت قائم رکي سگهندي؟ مگر ڊاڪٽر آءٌ ڇا چوان! نه، ڀل ته هوءَ ائين ئي هجي! مون رڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ’ليلا، ڊاڪٽر ٿو چوي ته تنهنجون اکيون ٺيڪ ٿي وينديون‘! مان مٿيون جملو بار بار دل ۾ دهرائيندو رهيس. مان هن کي ڪيئن سمجهايان ته هن جون اکيون منهنجي تباهيءَ جو باعث بڻبيون. ليلا جنهن منهنجي دل کي چڱيءَ پر پرکيو هو، سا منهنجي جسماني ڪيفيت کان بلڪل نا واقف هئي. چيائين ته ”جيڪڏهن مان پنهنجي ديد واپس وٺي سگهان، ته ڏاي خوش نصيب چئبيس. جڏهن مان توکي ٻنهي اکين سان ڏسي سگهنديس ته تون پاڻ وڌيڪ مونکي پيار ڪندين.“ بيماريءَ جي باوجود به هن جو منهن خوشيءَ وچان ٻهڪيو ٿي. هي سڀ ان لاءِ ته هن کي نئين زندگي ملڻ واري هئي. ڊاڪٽر نسخو ڏيندي چيو، ”جڏهن ليلا ٺيڪ ٿي وڃي ته پوءِ تون مون وٽ اچج ته آپريشن متعلق وڌيڪ ڳالهائينداسون.“

ليلا خاموش هئي، مگر منهنجي دل ۾ طوفان ٿي اٿيا. منهنجو دماغ ڪيترن ئي وهمن ۽ وسوسن جو مرڪز بڻجي چڪو هو.

مان ورانڊي جي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺس. هيءُ گهر هو جتي منهجي آرام جو وقت گذرندو هو سو به هينئر ختم ٿيندو پئي نظر آيو. منهنجي دنيا تمام ننڍڙي هئي ’نه.... نه، تون ليلا کي بينائي نٿو ڏيئي سگهين. اڙي ڊاڪٽر! تون منهنجن دشمنن سان ساز باز ڪري مونکي تباهه ڪرڻ گهرين ٿو؟ پر ياد رک آءٌ پهريائين توکي ختم ڪندس. تو اسان جي آرام واريءَ زندگيءَ ۾ ڇو خلل وڌو آهي؟ پر، نه... تنهنجو ته اهو فرض آهي. تنهنجو ان ۾ ڪهڙو قصور؟ ڀل ليلا جون اکيون ٺيڪ ٿين ۽ ڀل ته هوءَ غريب ان نعمت کي ماڻي، زندگيءَ جون چار گهڙيون خوش گذاري. اها نعمت ته انسان کي غريب چاهي امير کي بنا ڪنهن امتياز جي عطا ٿيل آهي. پر مان جيڪر، ان کان اڳ، جو هوءَ محسوس ڪري ته باندر ڇا ٿيندو آهي، هن دنيا جي تختي تان هوند مٽجي وڃان. تڏهن ئي ته آءٌ هن جي يادگيريءَ ۾ هڪ انسان ۽ سچو محبوب ٿي گذاري سگهندس! ڇا هن جو پيار مون لاءِ پوءِ به ساڳيءَ طرح قائم رهي سگهندو؟‘ هاءِ، منهنجي دل.... ڏکي رهي هئي!

آخر اسان کي پٽ ڄائو، سماج هن ناجائز ٻار جي پيدائش تي ٿرٿلي ۾ اچي ويو! ڪيترا ته گڏهه وانگر هينگي هينگي کلڻ لڳا. ڪهڙي نه عجيب چيز آهي هيءَ دنيا! ڇا اها حقيقت نه هئي ته بدشڪل پيءُ ۽ نابينا ماءُ جو هيءُ ٻالڪ معصوم هو! هن ۾ ليلا جي رعنائي، ۽ منهنجون اکيون هيون.

ليلا هينئر تندرست ٿي چڪي هئي. هڪ دفعي هن مونکي اها ڳالهه ياد ڏياري جا مطلب پرستيءَ منهنجي ذهن مان اُڏائي ڇڏي هئي. ”هاڻ ڊاڪٽر ڏانهن هلڻ نه گهرجي؟“ کيس ڪهڙي ڄاڻ ته سندس انهن لفظن، منهنجي اندر ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون انڌاريون ۽ طوفان پيدا ڪري ڇڏيا! مون ڪوڙ ڳالهائيندي، کيس دلداري ڏني ته ”مون کان ڳالهه وسري ويئي هئي. اڄ وڃي ڊاڪٽر سان ضرور ملندس.“ مان غوطا کائي رهيو هوس. ٻن ڪلاڪن جي بي مقصد چڪرن بعد اچي ليلا کي ٻڌايم ته ”ڊاڪٽر مري ويو آهي.“ ان کان وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهيس. مون ٿي ڀانيو ته شايد اهي لفظ به اُڪري نه سگهن. ليلا خاطر ههڙي ڀل مانس ۽ ڪمائتي ڊاڪٽر جي موت تي جيڪو ڏک مون کي ٿيڻ گهربو هو، رڳو ان جو ٺلهو ڏيکاءُ به ڪين ڪيم. مون پنهنجي دل ۾ خود مطلبيءَ کي ڇپائي رکيو. هيءُ سڀ ڪجهه آءٌ پنهنجي حفاظت ۽ دائمي آرام لاءِ ڪري رهيو هوس: مڄاڻ جو ائين ڪرڻ سان من کي هميشہ لاءِ اشانت ڪري رهيو هوس.

ڏکيا سکيا ڏينهڙا گذرندا رهيا هڪ ڏينهن جيڪي ڪجهه مون گهر پهچي ڏٺو، تنهن منهنجي دل کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو. ليلا جي ماءُ ٽامي جو ديڳڙو ڪمري مان کڻي پاسي ڪري ڪونه رکيو هو. ليلا، ٻار جي رئڻ تي جڏهن بنا لٺ جي پينگهي ڏانهن ڊوڙ پاتي ته ٿاٻڙجي وڃي در جي تاڪ سان لڳي. رت زور سان وهي رهيو هوس. مون کيس بنا ڪنهن دير جي اسپتال پهچايو.

زندگيون جلي رهيون هيون. ڇا، هاڻي کلڻ تي دل ٿئيو ٿي؟ آءٌ وڌيڪ شڪايت ڪونه ٿو ڪريان. ٻئي ڪندي منهنجي شڪايت جي پرواهه به ڪير ٿو ڪري؟

’ليلا! منهنجي زندگي!... منهنجي دنيا!‘ ڊاڪٽر مون کي سڏ ڪري ٻڌايو ته ”سخت ڌڪ آيل ٿو ڏسجي، حالت خراب آهي.“ مان ليلا ڏانهن ڊوڙ پاتي. هن جو سور کان برو حال هو. مان ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سڏڪا ڀريندي چيو، ”اوهان اچي ويا؟ مان موڪلايان ٿي. صرف هڪ حسرت دل ۾ کڻي ٿي وڃان ته اوهان کي ڏسي نه سگهيس.“ ليلا جي هيءَ آخري اُميد منهنجي همت جو امتحان هئي. ڇا هوءَ ان لاءِ افسوس ڪري رهي هئي ته ڊاڪٽر مري ويو آهي؟ ”ليلا!“ مان هن کي چيو، ”مون کي اکين سان ڏسڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه آهي. ڇا تو مون کي پنهنجي ڪشاديءَ ۽ پاڪ دل جي اک سان نه ڏٺو هو؟ مان سمجهان ٿو ته توئي مون کي هن دنيا ۾ چڱيءَ طرح ڏٺو آهي. ماڻهو هڪٻئي کي اکين سان ڏسي سگهن ٿا پر سڃاڻي بنهه ڪين ٿا سگهن. پياري... غم نه ڪر. تون جلدئي ٺيڪ ٿي ويندينءَ.“

هن مون ڏانهن نهاريو ۽ چوء طرف خاموشي ڇانئجي ويئي. چمڪندڙ سج اڳ ۾ ئي غروب ٿي چڪو هو: ليلا ٿڌو ساهه ڀريو، ۽ اکڙين مان ڳوڙها ڳڙي هليس. منهنجي حالت خراب ٿيندي ٿي ويئي. منهنجو ڳجهه پڌري ٿي پوڻ تي هو. مان وڌيڪ بيهي نه ٿي سگهيس. ليلا جي ماءُ آئي ۽ ٻار کي ماءُ جي پاسي ۾ ليٽايائين. ننڍڙي جيتامڙي، روئڻ شروع ڪري ڏنو. مان وائڙو بنيو چپ چاپ بيٺو رهيس. ليلا جو پاڪ روح پرواز ڪري ويو. ياد نه آهي ته مون ان وقت ڇا ڪيو. هڪڙي دل بيهجي ويئي ۽ ٻيون دليون ڦسي پيون.... سج رخصت ٿي چڪو هو، ۽ اونداهي ڪاري ٿي رهي هئي.

ماڻهو جيڪي منهنجي بدشڪليءَ ۾ جذبا ۽ احساس نه ٿا پروڙي سگهن سي اڃان کلندا ٿم. آءٌ ڪڏهن سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن آءٌ به انڌو هجان ها، ته منهنجي هيءَ آتم ڪهاڻي ڪهڙو رخ وٺي ها!

محمد عثمان ڏيپلائي

شاهدي

(هڪ ايڪٽ جو ناٽڪ)

ڪردا

رئيس احسن خان

مدعي

قربان علي شاهه

شاهد

ايم- اي ماجد

مدعيءَ جو وڪيل

فيروز

مدعيءَ جي وڪيل جو منشي

شاهد علي خان

مدعاعليه

سرفرار حسين

مدعا عليه جو وڪيل

ان کان سواءِ جج، نائڪ، حاضرين وغيره

زمانو ۽ جڳهه!

انگريزن وارو ۽ پڻ هاڻوڪو- سنڌ ۾ جتي ڪٿي.

 

(ديواني ڪورٽ جي ورانڊي ۾ رئيس محمد احسن خان ۽ سندس وڪيل ويٺل کل ڀوڳ اندران منشي فيروز گهٻرايل حالت ۾ اچي ٿو)

منشي- حضور! طلم ٿي ويو!

وڪيل- ڪهڙو ظلم؟

منشي- حضور! جج صاحب ٻي شنوائي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. چو ٿو ته ”شاهد نه آيا هوندا ته دعوا ڊسمس ڪندس.“

وڪيل (کلي) اوهه! ڳالهه به اها؟

رئيس- (گهٻرائجي) سائين! توهين ته کلو پيا، هوڏانهن دعوا جو ڊسمس ٿيندي؟

وڪيل- دعوا ڊسمس ٿيندي، جو اڳيان ٻار آهن!

رئيس- پر سائين! شاهد ته ڪوبه ڪونه آيو آهي!

وڪيل- (مرڪي) ڪير ٿو چوي؟

رئيس- سائين مدعي ته آءٌ آهيان نه!

وڪيل- پر وڪيل به ته مان آهيان نه؟ (مرڪي) ڪڍو ويهه روپيه!

(رئيس- حيرانيءَ مان ويهه روپيا ڪڍي ڏئيس ٿو)

وڪيل. (منشيءَ کي) شاهه صاحب کي ته سڏي وٺ؟

(منشي، قربان علي شاهه کي وٺي اچي ٿو)

وڪيل- شاهه صاحب! (نوٽ ڏيئي) هي اٿو خرچي: بس سمجهي وڃو! (رئيس محمد احسن کي) رئيس، هي وٺو اوهان جو شاهد!

(نائڪ پڪاري ٿو.)

(نائڪ. رئيس محمد احسن خان مدعي حاضر آهي؟ (3 دفعا پڪاري ٿو)

شاهد علي خان مدعاعليه حاضر آهي (3 دفعا پڪاري ٿو)

(شاهد علي خان جو وڪيل، سرفراز حسين، خوش ٿيندو اندر وڃي ٿو. قربان علي شاهه به يڪدم وڌي اندر وڃي ڪورٽ کي سلام ڪري، شاهدن جي پڃري وٽ بيهي ٿو.)

رئيس (نهايت گهٻرايل حالت ۾) جناب! هن کي ڪجهه سمجهايو ته ها.

وڪيل- (مرڪي) سمجهائڻ جي ضرورت ئي ڪانهي.

رئيس پر سائين! هن کي اکين ڏٺو شاهد بنائڻو هو سو بنا سمجهائڻ جي ڪئن ”شاهدي“ ڏيندو؟

وڪيل- (مرڪي) رئسي صاحب! توهان اندر هلي رنگ ڏسو. هاڻي هلو اندر دير ٿي ٿئي.

(ٻئي اندر وڃن ٿا وڪيل ڪورٽ کي سلام ڪري اڳيان اٿي ٿو بيهي.)

وڪيل- ڪورٽ سڳوريءَ کي معلوم آهي، ته هيءَ پنجن هزار رپين جي دعوا، رئيس احسان علي خان مرحوم تي، رئيس محمد احسن خان جي ڪيل آهي، ۽ جئن ته رئيس صاحب فوت ٿي ويل آهي، ان ڪري ان جو نابالغ پٽ شاهد علي خان سندس وارث جي حيثيت ۾ آهي....

جج- مگر انهيءَ ڊيگهه جو ضرور ڪهڙو؟ توهان پنهنجو شاهد پيش ڪريو.

وڪيل حاضر جناب، اسان جو شاهد نمبر پهريون، سيد قربان علي شاهه، پڃري وٽ بيٺل آهي پيش ٿيڻ جي اجازت ملي.

جج اجازت آهي.

(”شاهد نمبر پهريون“ جي لفظن تي رئيس ڪجهه گهٻرائجي، وڪيل ڏي ڏسي ٿو. مگر وڪيل کي ڪوبه خيال ڪونهي انهيءَ تي هو وري منشيءَ سان سرپر ڪري ٿو)

رئيس منشي صاحب! ٻيو شاهد ڀلا ڪير آهي!

منشي ٻيو ڇا لاءِ؟

رئيس هي جو وڪيل صاحب چيو ته ”شاهد نمبر پهريون“ سو؟

منشي انهيءَ جي معنيٰ اها، ته ڪورٽ سڳوري کي جيترا شاهد کپن اوترا ڏبا.

رئيس (وائڙو ٿي) پر اهي آهن ڪٿي؟

منشي رئيس صاحب! ڪورٽ هن هڪڙي سان ئي مس منهن ڏيئي سگهندي، ٻئي جي ضرورت پوي ئي ڇو ٿي؟....

(انهيءَ وچ ۾ شاهه صاحب کنگهڪار ڪري، تمام اطمينان سان پڃري ۾ بيهي ٿو. مدعاعليه جو وڪيل خوش ٿي مرڪي ٿو)

ناظر (شاهه کي) نالو ڇا اٿيئي؟

شاهه قربان علي شاهه.

ناظر ولد؟

شاهه حضرت سيد سبحان علي شاهه وارثي، چشتي، قادري، قدس الله سره العزيز.

ناظر هڪڙو اکر چوء؟ ايڏو ڊگهو نالو ڪئن لکبو؟

شاهه جناب! نالو ته هڪڙوئي آهي، بزرگن جو احترام ڪرڻ هرڪنهن حلاليءَ جو اولين فرض آهي.

ناظر مگر مان ڇا لکان؟

شاهه توهين نوان آهيو. نه ته هتي هرڪو شخص سائين وڏي جي نام نامي اسم گراميءَ کان واقف آهي.

جج (تڪڙ مان) ميان! لک ”سبحان علي شاهه“.

ناظر ڪلمو پڙهه!

(شاهه صاحب، نهايت مخرج سان ڪلمئه شهادت پڙهي ٿو)

ناظر چوء ته ’خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي سچ چوندس.‘

شاهه آءٌ الله پاڪ جل جلالہ عم نواله کي حاضر ناظر سمجهان ٿو، ۽ بلڪل سچ چوندس.

ناظر ’ڪوڙ نه ڳالهائيندس.‘

شاهه ڪوڙ کان الله تعاليٰ اسان جي خاندان کي پناه ڏني آهي.

(مدعيءَ جو وڪيل ساڻس مخاطب ٿئي ٿو)

وڪيل شاهه صاحب! توهان مدعي رئيس محمد احسن خان کي سڃاڻو؟

شاهه ها معمولي طرح، هو اسان جي مرحوم و مغفور دوست رئيس احسان علي خان خدا بخشيس، جي واقفن مان هڪ آهي.

وڪيل هونئن اوهان سان ذاتي دوستي ڪانه اٿس؟

شاهه نه سائين، اسين مولائي مڙس، وڏن ماڻهن سان دوستي رکون ئي ڪونه!

وڪيل پوءِ رئيس احسان علي خان سان ڪئن دوستي هئو؟

شاهه (کلي) رئيس مرحوم به ڪو وڏو ماڻهو هو؟ اڙي سائين، هو ته مسڪينن ۽ اڀرن جو يار هو، غريبن جو غمگسار هو، هن کي مولا پاڪ ڏيندو هو ته هو ان کي غريبن جي امانت سمجهندو هو.

وڪيل چڱو، ته ڀلا هن رئيس محمد احسن کان پنج هزار رپيا اُڌارا ورتا هئا؟

شاهه ها سائين، هو غريبن جي مدد لاءِ ڪنهن کان به پئسا اڌاري طور وٺڻ ۾ عار ڪونه سمجهندو هو.

وڪيل توهان روبرو پئسا وٺندي ڏٺا؟

شاهه ڳڻي ته رئيس محمد احسن رهيو هو. هو مولائي مڙس اهڙن چچين مارڻ مان ڪونه ڄاڻندو هو. هن وٺي کڻي کيسي ۾ وڌا.

وڪيل (جج کي) بس جناب! مون کي ايترو ئي پيش ڪرڻو آهي.

جج (مدعاعليه جي وڪيل کي) آڏي پڇا اٿو؟

وڪيل ها حضور!

جج چڱو: پڇو!

وڪيل (کنگهڪار ڪري، مرڪي) شاهه صاحب! اوهان ڪڏهن جيل کاڌو آهي؟شاهه صاحب! اڄ ڪلهه ملڪ جو ڪهڙو چڱو مڙس ۽ سڌاري جي چاهنا رکندڙ اهڙو آهي جنهن جيل نه کاڌو هجي؟ هي پير ڏسو، هي مير ڏسو، هي وزير ڏسو، هي ليڊر ڏسو، هي ديش ڀڳت ڏسو، هي محبان وطن ڏسو، هي شيواڌاري ڏسو، هي خادم خلق ڏسو، سڀ پيا جيل وڃن: منهنجي خيال موجب ته اهو شخص قوم جي خذمت ۾ اڃا پڪوئي نه ٿيو آهي جنهن جيل نه کاڌو هجي، ان ڪري ته حضرت سيدالعارفين ڀٽائي گهوٽ (رحمہ الله عليہ فرمايو آهي ته:

اڃا تو منجهاءُ، ڪک ڇتي رت نڪري...

ناظر اڙي ميان بس ڪر! ڪورٽ ڪا بيتن ۽ ليڪچرن لاءِ نه آهي!

شاهه حاضر سائين!

وڪيل ڀلا توهان ڪهڙيءَ ملڪ جي خذمت ۾ جيل کاڌو؟

شاهه (فخر سان) آءٌ ته شاهديءَ جي قانون کي نهايت ناقص سمجهان ٿو، انهيءَ جي اصلاح جي ڪوشش ۾ جيل مليو هو، پر اپيل ۾ منهنجي ئي فتح ٿي.

وڪيل (ڪورٽ کي) جناب! هي ڪوڙ ٿو ڳالهائي، هن کي ڪوڙيءَ شاهديءَ سبب جيل مليو هو، ان ڪري هن جي شاهدي وزنائتي ناهي.

جج توهين انهيءَ ڪورٽ جا نقل وٺي پيش ڪريو ته ڪورٽ غور ڪندي، پر هينئر شاهدي ته رد ڪري ڪانه سگهبي.

وڪيل چڱو، حضور! (شاه کي) اوهين مرحوم احسان علي خان کي سڃاڻندا هئا؟

شاهه واه سائين، سڃاڻڻ جي به ڪا ڳالهه آهي؟ خدا مرحوم کي جنت نصيب ڪري، اسين ته بادام جي ٻن ڦارن وانگر هڪ جان ٻه جسم هئاسون. نه هن کي ڪڏهن مون کان سواءِ قرار هو، نه مونکي!

وڪيل ڀلا سندس عمر گهڻي هئي؟

شاهه اهائي ٻه ٽي ويهون!

وڪيل اهو ٻه ٽي ويهون چوڻ سان ڪم نه هلندو صاف ٻڌايو ته هو گهڻن ورهين جو هو؟

شاهه اها ورهين جي پوري خبر ته اسڪول ماستر يا آدمشماريءَ وارن کي هوندي: ٻهراڙيءَ ۾، ماڻهو پنهنجي عمر جي ئي داخلا ڪونه رکن، حضور!

وڪيل ڀلا پوڙهو هو يا جوان؟

شاهه عمر جي لحاظ کان ته پوڙهو ڪونه هو، پر اڪثر صحت خراب هجڻ سبب وڏو پيو معلوم ٿيندو هو.

وڪيل وار اڇا هئس يا ڪارا؟

شاهه نزلي سبب وار اڇا ٿيل هئس، پر جڏهن ڪيس لڳائيندو هو تڏهن جهڙو جوان!

وڪيل رنگ ڳورو هوس يا ڪارو؟

شاهه هو بلڪل عمدي ڳوري رنگ جو هو، پر پوين ڏينهن ۾ بيماريءَ جي دور سبب مڙس البت ڪاراٽجي ويو هو.

وڪيل ڊگهو هو يا بندرو؟

شاهه نڪي تمام ڊگهو ۽ نڪي تمام بندور بس پوري پني قد جو هو. بيماريءَ کان ڪمر ڪجهه جهڪيل هئيس، سو جڏهن سنئون نئون ٿي هلندو هو، تڏهن ڪجهه مڙيئي ڊگهو پيو ڏسبو هو: ۽ جي جهڪي هلندو هو ته بندرو پيو ڀانئبو هو.

وڪيل (تکو ٿي) سوال جو جواب صفا ڇو نٿا ڏيو! اهو ڇا، ’پوڙهو به هو ته جوان به هو، ڳورو به سنورو به، ڊگهو به بندرو به، وار اڇا به هئس ته ڪارا به ڀلا انهي مان صورت جو ڪهڙو پتو پوندو؟

شاهه (نهايت نرميءَ سان) خانصاحب! رنج ڇو ٿا ٿيو! ڪا هڪ ڏينهن جي ملاقات هجي ته انهيءَ ڏينهن جي خاص حالت جي خبر ٻڌايان، ورهين جا ورهيه رات ڏينهن جي سنگت رهي پوءِ جهڙين حالتن ۾ ڏٺم اهڙين ئي حالتن ۾ ٻڌايان ٿو، مون کي ڪورٽ سڳوريءَ جي احترام ۾ صاف سچ ڳالهائڻو آهي، ڪو ڪوڙ ته ڪونه ويهي گهڙيندس!

(ڪورٽ ۾ هلڪو ٽهڪڙو مچي ٿو وڃي. جج صاحب ميز تي مترڪو هڻي ’آرڊر‘ ’آرڊر‘ چوڻ ٿو فرمائي).

وڪيل ڀلا رئيس مرحوم کي ڏاڙهي هئي؟

شاهه هو هڪ قلندري طبيعت وارو مولائي مڙس هو، آيس پور ته سڀئي وار چٽ، وري ڪڏهن آئي موج ته ڏاڙهي خواه زلف ائين وڌائيندو هو جهڙو خضر صورت!

وڪيل اجائي بڪواس جو ضرور ڪونهي، فقط هائو يا نه جو جواب ڏي، اسانکي ساريءَ دنيا جي قصن ۽ آکاڻين جي گهرج ڪانهي.

مدعيءَ جو وڪيل (ڪورٽ کي) حضور!

شاهه حاضر جناب! اڳتي حڪم موجب انهن ٻن اکرن ۾ ئي جواب عرض ڪندس.

وڪيل احسان علي خان مرحوم ڪٿي رهندو هو؟

شاهه جي ها.

وڪيل اهو ’جي ها‘ ڪهڙو! آءٌ پڇان ٿو ’ڪٿي رهندو هو؟‘ چي ’جين ها‘ اهو به جواب آهي؟

شاهه- سائينءَ جي ئي فرمايو هو ته ’جواب ۾ فقط هائو يا نه چئج، فضول بڪواس نه ڪج‘ آخر سائينجن جو به حڪم ته ضرور مڃڻو آهي.

وڪيل مون ڪو هر ڪنهن سوال لاءِ اهي ٻه اکر ٿوروئي چيا هئا، خير هاڻي ٻڌاءِ ته ڪٿي رهندو هو؟

شاهه پنهنجيءَ جاءِ ۾.

وڪيل (چڙي) لاحول ولاقوت، اڙي ميان! شهر ۾ رهندو هو يا ٻهراڙيءَ ۾.

شاهه ڪڏهن شهر ۾، ڪڏهن ٻهراڙيءَ ۾.

وڪيل ٻهراڙيءَ ۾ سندس جاءِ ڪهڙي طرف کي سامهين هئي؟ اوهين ته اتي به ويندا پيا هئا نه؟

شاهه جي ها، حضور! سدائين پيو ويندو هوس.

وڪيل اصل سوال ته اوهين کائي ويا، مون سدائين وڃڻ جو ڪونه پڇيو، پڇيم ته سندس ٻهراڙيءَ واري جاءِ ڪهڙي طرف کي سامهين هئي؟

شاهه (مرڪي) طرف؟ اي سائين! پاڻ شهرين جو مٿو ٻهراڙيءَ ۾ گهڻو ڪري ڦريل هوندو آهي، مون کي ته نڪو اتي ڪڏهن طرف جو پورو پتو پيو، نه ڪا ضرورت هيم جو کڻي ڪنهن کان پڇان يا ويهي غور ڪريان.

وڪيل اهي رپيا هن ڇا لاءِ ورتا هئا؟

شاهه ضرورت لاءِ ٻيو ڇا لاءِ؟

وڪيل ڪهڙي ضرورت؟ اهڙي ڪا خاص ضرورت اچي پيئي هئس ڇا، جو قرض کان سواءِ ڪم نٿي هلي سگهيس!

شاهه- هو هڪ نهايت دلير مولائي مڙس هو، هن لاءِ خاص ۽ عام ضرورتون هڪ جهڙيون هونديون هيون،هو پاڻ وٽ ٻه چار هزار رپيا رکڻ به ضروري سمجهندو هو.

وڪيل هن اهي پئسا ڪڏهن ورتا هئا؟

شاهه جڏهن ضرورت پيس.

وڪيل انهيءَ کي گهڻا ڏينهن ٿيا؟

شاهه هڪ سال ۾ ٽي سو پنجهٺ ڏينهن ٿين ٿا، هاڻي حساب ڪرڻ ۽ سڀ ڏينهن جوڙ ڏيڻ اهو ته ذرا مشڪل ڪم آهي.

وڪيل آءٌ اوهان کان ڏينهن ڪونه ٿو پڇان، سال ٿو پڇان.

شاهه سال ته جيڪي دستاويز ڏسڻ موجب ٿيندا، سي هوندا.

وڪيل ته صاف کڻي چئو ته مون کي ياد ناهي.

شاهه خير ياد ته مون کي پنهنجون ته ڇا پر منهنجي عمر وارن سڀني صاحبن جي ننڍپڻ جون به ڳالهيون آهن، پر مطلب اهو آهي ته لکڻ پڙهڻ ڇڏئي ڪي ورهيه ٿيا. هاڻي اهي حساب ليکا ته ياد رکڻ واپارين جا ڪم آهن.

(گهڙيال جا ٺڪاءُ ٿين ٿا، وڪيل گهٻرائجي تڪڙ مان اهو سوال ڇڏي ٻيو سوال ٿو ڪري.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com