سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: راڄ گهاٽ تي چنڊ

شيخ اياز

صفحو : 9


 

 

*ڏکڻَ مينهن ڀلي وسي، ٻوڙي ته ٻوڙي

ها، ها ڀل ٻوڙي

ڀائو، ڀل ٻوڙي!

اُڀري سِجَ اُلهي ويا، ڪيسين ڪو لوڙي؟

ڪيسين ڪو لوڙي؟

ڀـــائــو، ڪــو لــوڙي؟

راههَ ملي ڪا رُڃ مان،ڪيسين ڪو ڊوڙي!

ڪيسين ڪو ڊوڙي؟

ڀـــائـــو، ڪــو ڊوڙي؟

زنجيرون زندان جون ٽوڙي ڪو ٽوڙي!

ها، ها ڀل ٽوڙي

ڀائو، ڀل ٽوڙي!

ڏکڻ مينهن ڀلي وسي، ٻوڙي ته ٻوڙي.

 


 

 

موت کي مات ڏني آهي ڪنهن

چاتر گياني سوچي-

انت ته ساڳو آهي، ڪهڙي

آنا ڪاني؟ سوچي-

نهر اُتي ئي، لهر ته آهي

آني جاني! سوچي-

پر هيءَ ڪؤتا مرڻي ناهي

ڪا مَن –ماني سوچي-

چاتر گياني سوچي.............

 

 

 

غزل

سانوريون نينگريون پنڌ ۾ ٿَڻَ لُڏن،

ڄيٺ ۾ ڄڻ پيا انب جا وَڻ لُڏن.

 

دور ريٻاريون ڄڻ وڻنِ ٽاريون،

وائري ۾ پيا ڪيترا ڌَڻ لُڏن!

 

ڇا اُتر جي تپت تو وساري ڇڏِي؟

روز جهولا لڳن انب جا وڻ لُڏن!

 

پيار تنهنجو پرين ايترو ويجهڙو!

دل دَهڪِجي وَئي ڪئن نه ڏانوَڻ لُڏن!

 

هيءَ به آ شاعري جنهن سَرءُ ڪانه آ،

روز بادل وسن روز سانوَڻ لُڏن!

 

 

 

غزل

پاڻ کان ڪنهن هَرڻ جيان نه ڀڄو

رڻ ۾ رهڻو آ وَڻ جيان نه ڀڄو

 

سِڪَّ ۽ ڇِڪَّ ۾ رهي ويڇو

ٻار جي مُنهن ڏي ٿَڻ جيان نه ڀڄو.

 

آسمانن ۾ شور ٿي گهاريو

وِڄُّ وانگر وَسڻ جيان نه ڀڄو

 

نه ڌڻي آ نه ڪو ڌنار آهي

مينهَن جي ڏينهن ڌَڻ جيان نه ڀڄو

 

پيرَ کوڙي رهو پهاڙن تي

پَٿّرن جي ڪِرَڻ جيان نه ڀڄو

 

رَٿَّ روڪي وِڙهو ’اياز‘ اڃان

ڪانئرن جي ڀَڄڻ جيان نه ڀڄو-

 

 

ٽه سٽا

 

 

هاڻ ته سڀڪجهه ٿو ٻَري،

رات پتنگا مون ڏٺا

ٻارَڻ کان اوري پَري.

___

ترس ميان ڪپڙا مَٽيون!

موت ته ٻيو ڪجهه ڪونه آ

بس، ٿوري ساهي پٽيون.

___

ڇا نه ڪبير جي واڻي!

”رام ڪرشن مرندو ڏٺو،

چارئِي ويدَ ڪَهاڻي.“

___

واهه ڪبير جي واڻي!

”مالا ڪاٺُ ته ٺاڪُر ٺِڪّرُ،

تيِرٿ تُڻُ پاڻِي“

___

مِينهُن ڪيو آ ماڳُ،

روهِي اُٺڙي يار فريدا

هاڻ ته نِنڊان جاڳُ!

___


 

 

 

ڏوُر نه تُنهنجي ڏِکَّ!

توکان اڳتي آهه ڇا

تون به ته هڪڙي وِکَّ!

___

گيت نه پَر کيَئه ڍولَ!

ڪرشن چَڪَر جئن ويا

جن جا سارا ٻول.

___

سمجهو ٿا لوڪو!

راهُو مرڻو ڪونه آ،*

مري ويو ٻيو ڪو.

___

ماروءَ ڏنا ويڻ!

جن سان ڪِرڙ ڪڪوريا

ڪنهن سي ڏٺا نيڻ!

___

جُڳ ٿي ويا بيٺي،

هاڻ ته آرتيون ڇوليون

آيون مٿي تي!

___

 

 

وهوا وَنُّ اَننت جو!

واچوڙو وڻراهه ۾

آهي ڄڻ ته بسنت جو!

___

پاڻيءَ تي ڦوٽو

ڪيئن چوان ڪيڏانهن ويو؟

باقي هي فوٽو!

___

هونئن ته هي ڍايَل،

توکي ڏسي پو به ڄڻ

اکيون بکايَل!

___

ڪيسين نچي مورُ؟

ٻيهر آيون ڇو ٺهي

گهٽائون گهنگهورُ!

___

اکيون پٽيو ڙي!

سيءَ جا باک بسنت جي

اُٿي جهٽيو ڙي!

___

 

 

اکيون کوليو ڙي!

هي جي وڻ ٽڻ موريا

تن سان ٻوليو ڙي!

___

هي جَڳ مَڳ جِيونُ-

ڇاڇا هن سنسار جو

سهسين رنگُ سُپن!

___

متان آڻين مَنِ

هي جو پَنَّ سُڪي ڪِريو

سهسين ساوا پَنَّ!

___

هيءَ ڪنهن جي آ تاتِ؟

جيءَ جهروڪي مان ٿي اچي

پيئي ڪائي لاتِ!

___

ڪنهن هي ڪالهه چيو

”ڦول نه ڦُٽو ٽار تي

منهجي پاندِ پَيو!“

___

 

 

اهڙو اونهارو!

چنڊ مٿانهون مونجهه ۾-

پاڻيءَ جو وارو.

___

روجهڙيون ڀيڙيون-

سج لهي ٿو سانت ۾

سامهون ڳيدوڙيون.

___

اڄ به سانڀَرِ ۾!

ڳاڙها گُلَ ڦلاريا

روهيڙي گهَر ۾!

___

 

وسي پيو ٿَرُ

ڇيلا ڇُپن ٿا پيا

ڪُونڀٽَ، ڪاورنجهرُ!

___

ڪيئن وساريان؟ ڪيئن؟

ڄاريِنُ پيروُن مٺڙا

ڪنهن جي چُمين جيئن!

___

 

 

تنهنجو ڪهڙو سَنگُ!

”لڳو لاهوتين سان

روحَل! تنهنجو رنگُ“

___

چؤ تون ڪهڙي ڀُون؟

منهنجون سِڪن اکيون،

ڪٿي آهين تُون؟

___

مان جنهن ٽوليءَ ۾،

تنهن وٽ ڳاڙهي سجَّ جون

ڳاهُون ٻوليءَ ۾.

___

آيو، آيو ڍولُ،

سونُ- سَريکو سُپرين

جنهن جو تولُ نه مولُ!

___

سورج نديءَ تي

رَوِي! تو ڇا ٿو ڏسين؟

دونهون هُگليءَ تي!*

 

 

ڪيڏو سانت- سَٽاءُ!

سُنَّ وسي ٿي روههَ تي،

ڪونجن جو ڪُرلاءُ-

___

ٻي سڀ جَڏي ڳالهه،

ڪُهاڙيا، ڪوڏاريا،

گوڏِر وڏيِ ڳالهه!

___

اڃا آهين باندِ!

ساڳيو ڪَسو ڪَرَم ۾

ساڳي ڏورِي ڏاندِ!

___

بيهون، نه بيهون؟

ليڙا لَسَّ وڃن پيا

ڪيچَ- ڌڻيءَ ڪيِهُون!

___

چڙن جي چُرَ چُرَ-

ڪَنڊيون چَريا ڇيلڙا

مٿي کڻي کُرَ.

___

 

 

وَريا ڇو نه وَلَرَ؟

ننڊ نه آئي رات ڀَر

ڪَنّ پَيئي ڪُوڪَرَ-

___

هي ڇا ٿو چاهيان؟

ڏنل ڏاڏاڻن جي

لوئي ڪيئن لاهيان!

___

متان ڪجهه واري،

ٿَرن ۾ ٿڪجي پوان

پَهون پيئاري!

___

هاڻي تن جي سارَ

جن موتين کي مُلهه ڏنو

وَيا سي وينجهارَ.

___

آرهِي ڪَنٺ ڪَلا!

وري مينهن پون پيا

گُونجن اڄ ته گَلا!

___

 


 

*  ڏکڻ مينهن نه وسڻا، وسي ته ٻوڙي. (هڪ چوڻي)

*  راهو – شهيد فاضل راهو

 

”ميان بُليا، اسان مرڻا ناهين، مرگيا ڪوئي هور“(بلهي شاه)

*  هُگلي = ندي جا ڪلڪتي مان وهندي آهي.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org