سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: راڄ گهاٽ تي چنڊ

شيخ اياز

صفحو : 11

 

لاڙ ۾

ڪوئي ٻارڙو

ڇانهينءَ جي ڦار

کائي رهيو آهي

يا وات سان

ڳاڙهو باجو

وڄائي رهيو آهي.

 

 

اَبد جي ڪٻاڙخاني ۾

اصغر گونڊويءَ جي عينڪ

۽ مولانا آزاد جي

چاءِ جي ڪٽلي نظر اچي رهي آهي،

۽ مولانا چاءِ پي

سوچي رهيو آهي

ته ’اصغر گونڊويءَ جي مجموعي ڪلام تي

مُهاڳ ڪيئن لکان؟

ڇا، مان اُها عينڪ لڳائي

اصغر گونڊويءَ وانگر

ڪائنات کي ڏسي سگهان ٿو؟

 

 

 

ڀٽائي کي

او منهنجا مرشد!

مان ڪٿي هجان

جي ازلُ ۽ ابدُ

منهنجي دسترخوان جي ويجهو نه هُجن-

ازلُ ۽ ابدُ،

جي منهنجي شاعريءَ جا ٻه غلام آهن

۽ جي غلام گردش ۾

رستو روڪي بيٺا آهن

موت جو،

جنهن جي حملي کان

ورلي ڪو بچيو آهي.

 


 

 

 

منهنجن لؤڻن ۾

چانديءَ جون تارون اچي چڪيون آهن،

مان چاهيان ٿو

ته پنهنجو بياض ٻوٽي رکان

۽ اِتي ختم ڪيان

ان افساني کي،

جنهن جي نه ابتدا آهي

نه انتها آهي

۽ ائين چپ چاپ

ڪائنات کي ڏسان

جيئن ڀٽائيءَ

ڪراڙ جي ڀر تي ويهي

پاڻيءَ ۾ تارَن جي پاڇي تي

رسالو ڦٽي ڪري،

آسمان ڏانهن ڏٺو هو.

 


 

 

 

مان پنهنجي رسالي تي جهُڪيل آهيان،

موت پٺتي موٽي رهيو آهي

۽ چوڏهينءَ جو چنڊ

هن جي شڪست تي کِلي رهيو آهي

۽ درياهه ۾ پاڻيءَ جا بُدبدا

پنهنجون اکيون پٽي،

هن کي حيرت سان ڏسي رهيا آهن!

 

 

هي نيلو پيلو گهاگهرو

جنهن جي ڪورَ ڪيسرَيِ آهي،

هي سنڌ نگر

۽ اُن جي وانڍين ۾ ويلا

مون کي ڪيترا نه پيارا آهن!

مان جو دنيا گهُمي موٽي آيو آهيان،

پنهنجي ماتر ڀوميءَ ڏانهن،

۽ اُن جي پيرن وٽ

مون پنهنجي ڪوتا ڦُلن جي ڇاٻ وانگر

ڀري رکي آهي،

سوچان ٿو ته دنيا جا

سارا مهان ڪوي به ته آخر مٽي ٿي ويا،

پرواهه نه آهي

جي دنيا منهنجي اُنهن سان ڀيٽ نه ڪري!

منهنجي امرتا ته اِنهيءَ مٽيءَ ۾ آهي

جنهن ڏانهن آءٌ موٽي آيو آهيان،

جنهن کي ائين ڳائي

مان اُن ۾ سمائڻو آهيان

جيئن ڀاڳُوڀانَ وڳهه ڪوٽ کي ڳاتو هو.

 

 

 

ڇا تون مون کي اجازت ڏيندين

ته مان

اندرا گانڌيءَ جي موت تي ڳوڙها ڳاڙيان؟

تو کي شايد معلوم نه آهي

ته اڳ

مون جهانسيءَ جي راڻيءَ جي موت تي به رُنو هو

۽ اُها تلوار

جا هُن جي ڪپيل هٿ مان ڪري پئي هئي

مون صاف ڪري

پنهنجي شاعريءَ جي مياڻ ۾

سانڀي رکي آهي،

۽ ڪنهن ڪنهن وقت

اُن کي ڪم آڻيندو آهيان

ته جيئن اُن تي ڪَٽُ نه چڙهي وڃي!

مون ايترو ڏک ڏٺو آهي

جو منهنجي اکين ۾

ڳوڙها سُڪي ويا آهن،

پر جي اندرا گانڌيءَ جي موت تي

منهجين اُڃايل اکين ۾

ڳوڙها ڀرجي اچن

ته ڇا تون مون کي اجازت ڏيندين

ته پنهنجن ڳلن ۾ ٻرندر باهه تي

ٻه ڇنڊا وجهان.

 

 

مون کي ياد نه آهي ته هن پنهنجي صدريءَ

جا ٻيڙا تڙتڪڙ ۾ پاتا هيا يا نه!

مون کي ياد نه آهي ته جڏهن هن تلوار مياڻ

مان ڪڍي هئي، ته هن اُن کي چُميو هيو يا نه!

مون کي ياد نه آهي ته هن واگهه وانگر ڇال

ڏَئي گهڻا انگريز ماريا ها!

مون کي ياد نه آهي ته جڏهن هن کي ٻَڌو هيائون

تڏهن هن جي بدن تي گهڻا گهاوَ هيا!

مون کي رڳو اِهو ياد آهي

ته جڏهن تانتيا ٽوپي ڦاسيءَ جي رسي ۾ لڙڪي

رهيو هو

۽ مون هن جا ٿڌا پير چميا ها

تڏهن منهنجي تن بدن ۾

آزاديءَ جا لکين آڙاهه ٻري پيا ها.

 

 

هي ڪير آهي؟

ڪوئي مسافر آهي؟

ڪوئي خبطي آهي

يا ماياڪووسڪيءَ وانگر

ڪوئي ’شاعر آهي،

جنهن جي تيز نگاهه

ڪنهن ماهر جراح جي تکي اوزار وانگر

تاريخ جي سيني کي

چيري رهي آهي!

هو ڪنهن ڪنهن کي

بنواس ڪاٽي

موٽندو ڏسي رهيو آهي؟

هو ڇو ٿو چاهي

ته نئين دور جو ويدوياس ٿئي؟

هو ڇو ٿو چاهي

ته ڪُر کيتر واري جنگ

ٻيهر لڳي؟

ڇا هُن به جوئا ۾ ڪائي املهه شيءَ هارائي

هئي؟

ڇا هن به جوئا ۾ ڪائي املهه شيءِ هارائي

هئي؟

 

 

سبطِ حسن

دليءَ ۾ مري ويو

۽ هن جو لاش ڪراچيءَ کڻي آيا

۽ هن کان ڪنهن پڇيو به نه

ته ”تو کي ڪٿي پُوريو وڃي؟“

 

 

ڇا تون ماضيءَ جا دروازا بند ڪرڻ چاهين ٿو؟

لاهور ۽ دليءَ جي رستن تان

رَتُ ڌوپي چُڪو آهي

۽ اُها رُتِ ويجهي آهي

جنهن ۾ مالتيءَ جا اڇا پُشپَ

من جي پوترتا وانگر ٽڙي پوندا آهن.

ڇا تون اڃان چاهين ٿو

ته ابُو سمبل جي مندر وانگر

نانڪاڻا صاحب کي

ڌرتيءَ تان پٽي

اَمرتسر نيو وڃي؟

يا توکي يقين آهي

ته سنت جرنيل سنگهه مُئو نه آهي

۽ دليءَ جي رستن تي

رت جا نوان تلاوَ ڀرجڻا آهن.

۽ تون پاڻ سان گڏ

مون تي به ماضيءَ جا دروازا بند ڪرڻ چاهين ٿو

ته جيئن دروازن جي ٻئي پاسي

مان مالتيءَ جا اڇا پُشپ

ڏسي نه سگهان!

 

 

ماڙي پٺيان

اُڻويهه سو ستيتاليهه جو

لهندڙ سِجُ،

وسڪيءَ جي ٽٽل گلاس وانگر

لڳي رهيو آهي.

منهنجي من ۾ ايتري نراسائي ڇانيل آهي

جو مان چاهيان ٿو

ته ساري رات پيئان

جئن کيپ جي ڇولين ۾

منهنجو اٿاهه دُک

ٻُڏِي وڃي.

مان ٽپو ڏَئي

ٽرام تي چڙهي ويهان ٿو

۽ وڃان ٿو نيپئرروڊ ڏانهن

ٺَري جي بوتل وٺڻ لاءِ؛

ٽرام

رستي تان

ڪيئي مزدور

۽ ڪيئي خلاصي

کنيا آهن

جي موٽي رهيا ها

ڪياماڙيءَ تان.

شايد اُهي به وڃي رهيا آهن.

ٺَري لاءِ،

پنهنجو ٿَڪُ مٽائڻ لاءِ.

ٽرام ۾

ڪيڏي نه پيهه آهي!

 

 

منهنجا ڪلها گسي رهيا آهن

مزدورن سان

۽ خلاصين سان،

اُنهن جي ماٺ ۾

ڪيڏي نه سگهه آهي!

اُنهن ۾

ڪائي نراسائي نه آهي،

۽ اُهي ٻئي ڏينهن کان

مون وانگر

هراسيل نه آهن.

شام جو ڪراچي

ايئن وڃي رهي آهي

جيئن ڇوڙَ وٽ سنڌو وهندي آهي؛

۽ دُکُ

منهنجي من ۾

ڪويل وانگر،

ڪُوڪِي ڪُوڪِي،

ساڻو ٿي پيو آهي.

 

 

منهنجي ديس جا

چين نواز اشتراڪي سوچن ٿا

ته ڇا مائُو يِنانَ ۾ مري چڪو آهي؟

ڊينگ آمريڪا جا جوتا چٽي رهيو آهي

پر اڃا هو اِهو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن

ته مائو مري چڪو آهي!

هُو اِهو نٿا سمجهن

ته ڪنهن به پيغام کي ابديت نه آهي،

ته جو پيغام صليب تي چاڙهيو نه ويندو آهي

پنهنجي موت مري يندو آهي،

ته پيغام به فاني آهي

انسانن وانگر.

اي ڪنفيوشس!

تو ڪَن ڇو کَڙا ڪيا آهن،

ڇا تون مون کي ٻُڌي رهيو آهين؟

 

 

جيئن کجين جا

ڀرپور گوشا

لڙڪندا آهن،

ائين

ڦاسيءَ جا ڦندا ٽڙي پيا آهن،

۽ اُنهن ۾

ڪنڌَ لُڏي رهيا آهن.

اي آزاديءَ جي رُت!

تون اچي وئي آهين

تون اچي وئي آهين!

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org