سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: راڄ گهاٽ تي چنڊ

شيخ اياز

صفحو : 10


 

 

ماٽِيُن تي ماڻا

ڪينجهر، تنهنجي ڪَنڌئين

چولِيُن ۾ چاڻا!

___

مُنڌوُن منڌيئڙن

ولوڙڻ جي ويرَ ڄڻ

ٻَنگيو ٻاڻ هَڻن!

___

چِڪَّ منجهان چاڙهو؟

ڪنهن ڄاتو آهي ڪڏهن

هاڙهو ٿي ڳاڙهو!

___

آءٌ اوهان سان ڇونه؟

ميندي نانهه ملير جي

ٻي مان لايان ڪونه.

___

پرَّ کان پاڻُ نه پَلِّ!

سائي وڻ جي ڇانوَ ۾

گهوڙو گهوٽ نه جهَلِّ!

___

 

 

 

سنڌوءَ جو پاڻي-

بيڪس، ريشم- پَٽَّ جئن

ڄڻ هيءَ واياڻي!

___

وَلر ويو ڪنهن ڌاران؟

هي ڪنهن جو ڪُرلاءُ اچي ٿو

وڇڙي ڪونج قطاران؟

___

موتَ نه کاڌي ماتِ،

وري سِجُّ لُهو لُهان

راهوڪيءَ تي رات!

___

اڳتي تي سوچي،

آءٌ ڏسان ڇا لاءِ ٿو

جيوتي باسوءَ ڏي؟

___

ڪنهن کي ٿي ڳولي؟

پيئي اُتر واءُ ۾

سار سَڙيِ ٻولي.

___

 

 

 

پپر پيلا گُلَ-

ڪاريون ڪَٻريون ڇانوَ ۾

هيٺِ هُلاچا هُلَّ.

___

چانڊوڪيءَ ۾ چارا-

ٻانهَن ٻانهَن ۾، اڄُّ به آهن

تنهنجي سنگِ پسارا.

___

سانوَڻ جو جادوُ-

اڃا تائين ڀُرٽَ جي

کُرَن ۾ خوشبو!

___

اوٺِي اُٺَن تي،

ڄڻ چوڏس جو چنڊ آ

تن جي پُٺن تي!

___

هيءَ ڪولهِڻ ڪهڙي؟

روهيءَ واري مينهَن جي

چانڊوڪيءَ جهڙي!

___

 

 

 

تکا ويا توڏا،

ڏَئي ساري سنسار کي

لُريءَ ۾ لوڏا.

___

ٽَپن نه لوڙها-

ڪَتيءَ جي آڪاس ۾

ڪَڪَر به پوڙها!

___

ٻايَلِ ماڻيندين؟

روهيڙي جا گُلڙا

اَڄُّ  به آڻيندين؟

___

چؤنرا چمڪن ٿا،

مون کي ريٽي رات جو

ٽَهه ٽَهه ٽمڪن ٿا.

___

ڪيڏا ڏهرن ۾،

چَڙا چنگَ وڄن پيا!

واريءَ لهرن ۾!

___

 

 

 

هي جو روهِيڙو،

اهڙو ڪوئي ڏيهه ۾

آهي ڏوهيڙو؟

___

مٿان سَرءُ چنڊُ،

هيٺان تڏي تي اَمڙ

اڃان پينهين جنڊُ!

___

اونهارو، ليڪِن،

ٻيٽارين تي ٻگههَّ ڄَڻ

اُسَّ پَيا سيڪِن!

___

منهنجا کيتَ کرا،

ڇو هي فوجي وئن تي *

بندوقون، پَهَرا؟

___

ڄاڻو ڄاڻن ٿا،

ٻُڏيون اُڪاري ٻيڙيون

ڪنڌيءَ آڻن ٿا.

___

 

 

 

لَڪن پڙاڏا

پيرَن آهٽ، پنڌ ۾

ڏاڏا، پڙڏاڏا!

___

ويڙهوُٽا واسي،

هَلُّ سُهاڳڻ ننڊڙي

پرينءَ جي پاسي!

___

چَين به ڪهڙا چَين!

ٻيجل ٻه ٽي ڏينهڙا

سدا ناهي سَين!

___

ڪوئي آهي ڙي؟

اکيون ٻوٽي ڪو هتي

موٽيو ناهي ڙي!

___

پهچي ساڳي پَڳِ،

ڪنهن هي تنبُو تاڻيا

اسان جي ڳَڙهه لَڳِ؟

 

 

 

 

نثري نظم

 

تون ۽ مان اُن وقت مليا هياسين

جڏهن کوهه سُڪي رهيا ها،

۽ ٿَر- ٻاٻيها اُڃ ۾ اُڏري ٿڪجي پيا ها؛

جڏهن ٿريچاڻيون پارَ ڪڍي رهيون هيون

۽ تازيون بُٺيون اڃا ڪونه سُڪيون هيون:

جڏهن کوهن ۾

تارن جا ٽُٻڪڙا نظر نه ٿي آيا،

مون تو کي سڏ ڪيا ها

۽ تون مون کي ائين ملي هئينءَ

جئن سارنگا سَڏوَنت کي ملي هئي!

 

 

 

مون سپنو ڏٺو هو ته تون اچي رهي آهين؛

اُهو سپنو ڀٽائيءَ جي واين ۾ هو؛

اُنهن گلاب جي گلن ۾ هو،جي توکان سوا ٽڙي اجايا ٿي لڳا؛

سج لٿي جو ورندڙ ڍورن جي چنگن چڙن ۾ هو

جن جي لار اُن ڌرتيءَ تي ٻُري رهي آهي

جنهن تي انڌيارو ڇانئجي چُڪو آهي؛

سپنو، جو اُن جي سَرءُ جي واءُ ۾ آهي،

جو بسنت جي ڳولا ۾

وائڙو ڦري رهيو آهي.

 

 

 

اِن ۾ ڪوئي شڪ نه آهي

ته اسان کان وڌيڪ

ڪوئي وڇوڙيل نه آهي

ديوار برلن ڪنهن ڪَرٽ وانگر

گوئٽي کي

اڌو اڌ ڪري وڌو آهي

۽ بيٿوون ۽ باخ جا نغما

هوائن ورهائي ورتا آهن،

پر پوءِ به جرمنيءَ جا رهواسي

بجليءَ جون تارون ٽَپي

هڪ پاسي کان ٻئي پاسي وڃن ٿا؛

۽ مان ويزا جي انتظار ۾

گهر کان ٻاهر کَڙي اجنبيءَ کي

چتائي ڏسي رهيو آهيان

۽ سوچي رهيو آهيان

ته هو ڪو سي. آءِ. ڊيءَ وارو ته نه آهي!

 

 

 

گيتا

(لنڊن ۾)

جيئن طوفان کان پوءِ

گهمسان ۾ سَرَ ٻڏي ويندا آهن

ائين هُن جي شڪل صورت

منهنجي روح جي گهراين ۾ ٻڏي وئي هئي.*

ڪيئي سال ٿيا

زندگيءَ جي انوکيءَ آزمائش ۾.

ڪائي لهر

هُن کي لوڙهي آئي هئي

جو هوُ بيچ تي **

سڌو منهنجي آغوش ۾؛

۽هاڻي مان هن کي الوداع ڪري وڃي رهيو آهيان

(زندگيءَ جو جبر مون کي ڌڪي رهيو آهي)

هيٿرو ايئرپورٽ ڏانهن،***

۽سوچان ٿو ته جُدائي ٻنهي کي کائيندي رهندي

ٻنهي جي هڏن مکُ کي

لارا ۽ زواگو وانگر.****

 

 

ڪونجن جو وڳر

اُڏاڻو

ته گاههُ

ائين غشيءَ ۾ اچي ويو،

جيئن سَر ۾ وهنجندي

ننَگيءَ نؤ ورنيءَ جي

ڪنهن تاڪُوءَ تي

اوچتو نظر پوي

۽ هوءَ وسامي وڃي.

 


 

*  وَئن Van =

*  پهريون بند روسي شاعر پيسٽرنڪ جي هڪ نظم تان ورتل آهي.

**  جو هُو بيچ = بمبئيءَ ۾ ساحل جو ڪنارو

***  هيٿرو ايئرپورٽ = لنڊن جو ايئرپورٽ.

****  لارا ۽ زواگو = پيسٽرَنڪ جي ناول ڊاڪٽر زواگو جا ٻه ڪردار.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org