سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سانجهي سمنڊ سپون

شيخ اياز

صفحو : 14

  

*

تون ڪاغذ تي ليٽي پئي آن، توکي امر بڻايو آ،

پاڻ ڪٿي تون آهين مون کي، تنهنجي سارَ ستايو آ!

*

جنهن وقت ڇٻر تي ليٽي تون ٿو، دور پيو آڪاسُ ڏسين،

تنهن وقت پرينءَ جو پاسي ۾ ٿو، سواسُ ٻڌين ۽ سواسُ ڏسين.

 

صحرائن ۾ توکي ڪيسين، آڻءُ پيو ڳوليان

چنڊ! ڪٿي آهين مان، ڪيسين واٽهڙيون ڦوليان؟

*

ڇو نه ڏسين ٿو تون هي منهنجا، تولئه ڏولاوا؟

آنءُ رڳو تولاءِ رُلان، هر جيءَ ڪيا جاوا!

*

ڪنهنجا ڪنهنجا چپَ چمياسين، ڪنهنجا ڪنهنجا هٿ،

ماضيءَ ڄڻ ته مٽائي ڇڏيا، هاڻي سارا سٿ!

*

ريشم جهڙيون رانون تنهنجون، هَٿ اڃا ٿا سارن،

منهنجي لاءِ سدا اوندهه ۾، ڄڻ ته ڏياٽيون ٻارن.

*

ٿو سورج پنهنجا تير چُٽي، ۽ رات ٽٽي آئيني جئن،

ڏس ڏينهن اُجالو آندو آ، هن جڳ ۾ منهنجي سيني جئن.

*

رات ٿئي ٿي ديپ هزارين، ڏينهن ٿئي هڪ ديپ،

ڀيٽ ڪجي سڀني کان بهتر، جوت ڏئي هڪ ديپ.

*

ٿو ڪيئن ڪَتي ڪاتيار اُڻتِ هي، هر شاعر کان نياري آ!

انگ اُنهيءَ جا گربيءَ جئن ۽ سوسيءَ وانگر پياري آ!

*

اُٿ هاڻ ته ڪافي ننڊ ڪئي، آهي تو سورج اُڀريوآ!

اُٿ پيرن کي ٿي ماڪ سڏي، ڏس گاهه ته ڪهڙو اُسريو آ!

 

ڇا تو ڄاتو ڪيڏا سِرها ڪُنڀرَ آويءَ ۾؟

تو ته ڪيو ٿي جو ڪجهه توکي، آيو ٿي جيءَ ۾!

*

ڇالاءِ ڪرين جاکوڙ، اجائي لوڙ ڪويتا کوڙ اَٿي،

ڪهڙو فرق پوي جي توکي، ٻيو ڪُجهه ڪو نه ڪروڙ اَٿي؟

*

اُجري اَنَ جيان هي مون ۾، بيتَ پيو جو ٺاهي،

ڪير ائين مون مَن ۾ ساندهه، ڳاهه پيو ٿو ڳاهي؟

*

هن ڌرتيءَ جي ڌوڙِ نرالي، مارُو سڀ مَڌ ماتا،

آنءُ مڪمل گيت ڪيان جي، ڪالهه اڌورا ڳاتا.

*

اي غالب! هي دنيا ساري، رانديڪي وانگر،

ماڻهو ٻارَ، متان هي ڊاهن، مون کي مَنَ هُر کُر.

*

شهر شهر جي لاءِ اُماڻيان، پنهنجا آنءُ سلام،

آهه جتي آزادي، بندش، ناهي مَٺِ ڪلام.

*

ڪالهه پئي ڪنهن نڙ تي، ڳاتو ڪوهياري، راڻو،

سجُ لڳو ٿي سنجها ويلي، ڪيڏو ويڳاڻو!

*

اوءِ ميان! اڄ ياد اَچي ٿو، تنهنجو سُر معذور،

اوءِ ميان! ٿي عمر اُڏامي، آڻءُ نه سوچيو مُور.

 

اوءِ ميان! جو ڪالهه وَڄايُئه، دنبورو سُرندو،

ڪنهن ڄاتو ٿي من ۾، ساري عمر پيو ٻُرندو!

*

l ڪنهن لئه هي ڪنگور ڪپي، تون نڙ کي ٿو ٺاهين؟

ڪنهن سان عشق ٿيو آ تنهنجو، ڪنهن کي ٿو چاهين؟

*

ماني کاءُ ميان، آ هاڻي، سِجُ چڙهيو ڪانو،

موراکيون تون ويٺو مارين، اڄ ڇو نيرانو؟

*

ساري رات گذاري آهي، چپڙين ۽ يڪتاري تي،

جيسين پنهنجو راڳ پڳو آ، دورِ وهائوءَ تاري تي.

*

تنهنجو سِر آڪاش ۾ آهي، اوچي بَڙ وانگر،

lپير سندءِ ڌرتيءَ ۾ پيهي، ويا جَڙ وانگر.

*

پاڙين ۾ جُهمڪيون، هن کي نرڙ مٿان وينڊو،

ڇا اهڙي ڪا لوڏَ ڏٺي، ٻيءَ ڪنهنجي آهي تو؟

*

فيثا غورث کان اڄ تائين، سونجهيءَ وارا ڪيئي،

هن دنيا ۾ آيا جن کي، واءُ اُڏاري ويئي!

*

ڪيئي سال ٿيا جو آئون، ٻُران نه ٻيجل جِيئَن،

راڳ ته ڏيندو آهه حياتي، ڪَنڌُ ڪپيندو ڪيئن!

 

l کاري ڇاڻ پريان هُو چيٽا، دورُ ڏِٺئه ڀَل تي،

ماڻهو ڪيئن بڻائي سگهندو، اهڙي منظر کي.

*

سارو ڏينهن ائين، چُپ چاپ پيو گذري،

بينَ اُئين آهي، بن اَلاپ پيو گذري.

*

رات لڙي آ، ڪير پيو ٿو، ڳائي هي معذور،

منهنجي من کي دور نئي جو، دور نهايت دورُ؟

*

وري وري ٿو جلي پوي هي، ٻُجهي ٻُجهي ڏيئو،

لات ڏسي ٿي ڏات، اڳي کان اوچيءَ جو ليئو.

*

بيٺي جو هر ڪوئي آهي، اڻ- بيٺي جو ڪو نه،

اڄ شاعر کي ڪو به نه ليکي، پو فردوسِي ڇو نه!

*

آءُ گلن تي ماڪ پئي آ، اُٿي ڪِتابِي ڪيِڙا!

تنهنجو جيون ٿي ويو آهي، پڙهندي پڙهندي پيڙا.

*

ڪجهه به ڪتابن ۾ ته نه آهي، ڪتابي ڪيڙا!

جيِئڻُ پنهنجي ئي ڪمري ۾، آهي ڪيڏي پيڙا.

*

ٻار اچي ويا آهن گهرڙو، نانهه گلن جو ٻارو آهي.

ڪيئن نه پکين جئن چهه چهه ڪَن ٿا، ڪٿ هو سانت- منارو آهي.


 

تيل ڦليل، ڦلن جا سَهرا، مينديءَ رتڙا هٿَ،

سڀ سپني ۾ ائن آيا ها، جيئن تنهنجي نٿَ.

*

آنءُ ته صديون آهيان پل ۾، ڇو پرکين ٿو تون؟

مورک ليکڪ! مون تي فتويَ، ڪيئن ڏئين ٿو تون!

*

سج کي ڪيئَن نه ڦاسائي ٿو، ڪونجن جو زنجير،

سانجهي ڇانئي اڀ سڄي ۾، ڇلڪي ٿو ڄڻ نير.

*

تُنهنجي هاٺيءَ جئن موهي، ٿو ڪيسوڦل جو وَڻ،

رنگا رنگ نظارا جنهن جا، جڏهن وسي سانوڻُ.

*

ڪالهه پئي ڪيڏا نه ڏٺا مون، فلم سُميتا پاٽِل جا،

ڪئن چئجي ڇا دل تي گذريو، حال نه پڇ دل جا!

*

ڪاش ته مون تي چمڪي ڪوئي، تخت ستارو پيريءَ ۾،

غالب تو جئن ڪو نه ٿيان مان، شال هچارو پيريءَ ۾.

*

لالڻ! لک لهين تون، منهنجو پاندُ ته آهي خالي،

چنڊ لڳي ٿو مون کي چارڻ، تنهنجي لاءِ سُوالي.

*

تون جهولَ ڀٽائيءَ وانگر جهل ۽ ٻولَ بُلهي جا ٻولِ سدا،

جي چاهين هيڏي ڳجهه منجهان، ڪو پيٽي تنهنجي جهولِ سدا.

 

هي شاعر دنيا ساريءَ جا، پل لاءِ پرندا ٿي سارا،

تن وَٽ آهن ٻول ٻه ٽي، تولاءِ ڦلن جا سَو کارا.

*

هن ڦلواڙيءَ ۾ ڦولَ نه ڇڏ، وڃ وجهندو تن کي کاريءَ ۾،

تو هونءَ ته سارا ڦول ڇِنا، بس باقي ٿورا ٽاريءَ ۾.

*

ٿي ننڊ ڦٽي ۽ گيت اَن، ڪيڏي نه انوکي ڪوتا آ،

ٻي ڪنهن ته لکيو پر ڪئن چئجي، هي هَٿ اکر ڄڻ تُنهنجا ها!

*

ٿي ننڊ ڏنا لامارا توتي، گيت بچائيه ڪئن اُن کان،

ڪيڏا نه ڀريندو وئين پڃرا، هي پک بچائيه ڪئن اُن کان؟

*

ٻيهر تون بيدار ٿيو آن، ننڊ منجهان اُٿ لک!

جيڪو ڏانءُ ڏئي تنهن اڳتان،  تون نهٺائي سِکُ!

*

اهڙو ڏينهن به ايندو جو تون، نيٺ ڇڏيندين ديهي،

جيڪا به وِٿي ڪنهن آهه رٿي، تون چُپ ڪري لک ويهي!

*

درياه مٿان ٿو سجُ ٻري، ٿي سنڌو ٻوڙان ٻوڙ وڃي،

ڏسجي ٿو اُن جو پنڌ پڄي، ويو آهه اِجهو ٿي توڙ وڃي!

*

اي ڪارونجهر! اي ڪارونجهر! تولاءِ گهڻو مون ڳاتو آ!

ڪئن چئنجي ڪهڙي  طرف مڙين، ڪنهن ان جو انت نه پاتو آ!

 

اي ٿر! ڪيڏا سال ٿيا، تولاءِ دعا مان گهرندو هان،

مان ماروئڙن جا ڏک ڏسي، ڪيڏو نه انهن لئه ڪُرندو هان.

*

l   مان تنهنجي لاءِ پيو ڳوليان، نذرل نه نجنِسڪي آهيان مان،

هي جڳ منهنجي لاءِ نه آهي، ڪا دنيا ئي ٻي آهيان مان!

*

لحظي منجهه لهي ويا ڏکڙا، پَهتس تنهنجي در

ڪنهن چيو ”گيت چيا ٿي ڪافي، هاڻي ماٺ به ڪر!“

*

سرسوَتيءَ ستار وساري، راڳيءَ تانَ ٻُڌِي،

اَڻ ٿيڻيءَ کي حيرت آئي، ٿيڻيءَ جا امڪانَ ڏسِي.

*

ميران! تو جئن درد نه تنهنجو، اڄڪلهه ڄاڻي ڪوئي،

ساري عمر اڪيلو ڀوڳيو، آ مون دُک سنوئي.

*

ميران! مون کي يڪتارو ڏي، هاڻ ٿڪِي آهين.

آنءُ به ساڳي ليءَ چاهيان ٿو، جا تون ٿي چاهين.

*

شعر ته ناهي تنهنجو پيارا، مورُ پرن تي اُڏري ٿو،

ڪنهن وقت ترايون تارِ ڏسي، ڪنهن وقت تَرن تي اڏري ٿو.

*

اوءِ اَمارو! تنهنجي سندري، آنءُ اڏائي آ،

ڪوتا منجهه سڳنڌ اُنهيءَ جي، هيل سمائي آ.

 

منهنجي من ۾ ازخود پهچي، ڪيڏا گيت ٺهن ٿا،

مانسروور تي سجَ اُڀري، جيئين هنس لهن ٿا.

*

هي وڻج سجايو آ تنهنجو، پر ڪئن چئجي! او ڪئن چئجي!

رهندو هي گيت سدا تنهنجو، پر ڪئن چئجي ڪئن چئجي!

*

ڪؤتا پيڙا کي سپني ۾ ڪئن پيئي بدلائي،

ڪوئي ڀيد نه پائي اُن جو، ڪوئي ڀيد نه پائي.

*

سر تي ٻهڙن کي ٺاهيندو، پنهوارين ٽولو،

ڀِٽ اُنهن جو پاڻ پَسايو، جئَن لڳو جهولو.

*

اَنب پچڻ جئن ٽاريءَ تي، تئن هُن جو هو چولو،

ڪيڏو تيز لڳو ٿي من ۾، جوڀن جو جهولو.

*

ڪئن ٿي تيز وِکون هُن پاتيون، سج سنهري وارِيءَ تي!

اُڏري جيئن پکيئڙو ڪوئي، ٽاريءَ کان ٻي ٽاريءَ تي!

*

ويجهو ڏس ته ويٺا ڪيئي، ٻگهه هيا ٻيٽاريءَ تي،

ڏوران ڏِسُ ته ائين لڳا ٿي، جيئن ڪرڻا واريءَ تي!

*

اڃا ته ڪنهن جي دل به، نه سُرڪي آهي ساغر تي،

علي الصباح اچي ٿو ڪوئي، مئخوارو در تي.

 

lگَڙنگَ اندر ڌنار ڏٺوسي، مينهِن پُٺيءَ تي ويندو،

گهر ڏي ٻارن ڏانهن تڪيندو، ڪُمَن جهولَ ڀريندو.

*

گَڙنگَ منجهان جو گس وڃي ٿو، تنهن تي هُو پوڙهو،

ڌيءَ ڏسي ٿو اوسيئڙي ۾، ڏور اڃا لوڙهو.

*

l  سانورڙي، چانهڪ مان هيءَ، سَر تي گاهه ڀريءَ سان ڪيرَ؟

چنڊ ڦڪو ٿي ويو آ اُڀ ۾، جهونجهڪڙي جي ويرَ!

*

lچنڊ چِڪَڻ ۾ آهه، لُڙئي پاڻيءَ ۾،

سوجهرڙو ڪجهه آهه، اڃا سومهياڻيءَ ۾.

*

تانگهي پاڻيءَ ۾ هو پاچا، مَٿ ڪري ٿيون نڪرن،

پنوهاريون سڀ اڄ ته پليءَ سان، پاند ڀري ٿيون نڪرن.

*

جڏهن جُهڪي ٿي هوءَ هارياڻي، کيت منجهاران ساڳُ پَٽي،

ڄڻ واءُ ٿڙن تي هن جي، چولي کي ٿو ڪئن نه ڪُٽي!

*

ٿو ٻارُ چٻاڙي جيئن ڳڀو، ڪئن ڪانءُ ڏسي ٿو ٽاريءَ تان!

پر هُن کي ڪيڏو چئن نه آ، ڪنهن لاٿي بُک بکاريءَ تان!

 

جنهن وقت اُٻڙڪا ڏي ٿي رَس، جنهن وقت تَئيءَ ۾ چاش پچي،

ڳڙ جيسين اُن مان تيار ٿئي، ڄڻ مُنهن ۾ ٿو ميٺاج اچي!

*

اُٿ جاڳ ميان او وڻجارا، اُٿ باقي پنڌ به ڪرڻو آ،

هي وڻج ورهائين تون جيسين، اڳ ۾ ته نه توکي مرڻو آ!

*

ڪاري ڊاک نه پَٽِ پکيئڙا، ڪاري ڊاک نه پَٽ!

جوڀن جاڙ ڪري ٿو سڀ سان، ڇڏ ڇڏ ميووهَٽ!

*

صديون ٿيون ته کجورين تي آيا هر سال وَهيا

ڪير چوي هو پيڙهيءَ پيڙهيءَ، تن ڏي ڪيئن ڪَهيا؟

*

ويا اڏامي سارا هيڙها، سوچي ٿو شهتوت،

ڪالهه پئي کاڌائون ميوو، ڪهڙو آهه ثبوت؟

*

آءُ وري اونهارو آيو، آءُ پکيئڙا پنڌ ڪري!

ٿي آرهڙ جي اس ٻري، اِئن جيئين سَچو سونُ ٻري.

*

هر ڏينهن اٿي ٿو آنءُ چوان، هئن ڏينهن نه ڪوئي آيو آ،

ٿو سجُ ٻري اڳ کان به گهڻو، ۽ اُن ۾ سون سَوايو آ.

*

اُٿ سيءُ ويو، آ باک ڦُٽي، ڪنهن جاءِ بسنت ٽِڙيو آهي،

هي اُن جا احسان ته ڏس، جو جهونو ڦٽ مڙيو آهي.

 

جنگ جدل ۽ موت اچن ٿا، پو به حياتي بيٺي ناهي،

پوءِ به نم جي ڇانوَ ٿئي ٿي، پو به سرنهن ۾ خوشبو آهي.

*

ڪيڏا پَن ڇڻي ويا آهن، ڇا طوفان لڳو آهي؟

قدرت ننگي ڀاسي ٿي ڪِٿ، اُن جو سبز وڳو آهي؟

*

هي جي تارا آهن گويا، سونيءَ رات رَتيون،

رب! وِسائي سگهندو آهين، تون سي اُڀَ- بتيون.

*

شام، ڇاڇرو، ٿورو پرتي، ڪيڏا ڪَنڊيءَ وَڻ!

واهيري جي ويرَ ورن ٿا، گهر گهر ڍورن ڌڻ.

*

ڇانهين کاءُ نه ڇورا، تنهنجا ريڳاڙا وَهندا!

ڪو نه وري تولاءِ نوان، ٻيا ويس وڳا ٺهندا.

*

l ڀُرڙ منجهان ٿي نڪري، ڏس هِن گهايل آڙيءَ کي!

ڄڻ ته تماشو آهي، ڪائي ڪهل نه لاڙيءَ کي!

*

سانجهه لٿي پاڻيءَ مان ٻاهر، آندي مُنڍي مينهِن،

سجُ سڱن تي چائي آئي، ڄڻ ڪا ڪُنڍي مينهِن!

*

ڪِرڙ ڪَڪوريا آهن، من تان مونجَهه لهي ويئي،

ڪيڏو ڏور اُنهن جي، خوشبو آهه ڪهي ويئي!

 

جنهن وقت صنوبر جي وڻ تي، ٿي ڪانوَ ڪئي ڪان ڪان،

سج لٿي ڏي ائن سانده، ڇالاءِ نهاريو مان؟

*

سج لٿو زيتون وڻن ۾، پيلي تي پيلو،

نيرِي چانهه اُڏائي ڀرسان، اُڀ هيو نيلو.

*

سانا ماري سمنڊ منجهان، هو وڃي پئي ٻيڙي،

سانجهي ٿي آ، اڃا نه ٿي سا، آهي گهر ڀيڙي.

*

تنهائي، تنهائي ڪيڏي، تنهائي آهي،

هاءَ جواني جاڙ ڪري وئي، پيري آئي آهي!

*

مسجد مندر ۾ مان توڙي، گرجا گهر ۾ تنها،

مون جئن توکي ڪو به نه ملندو، نگرنگر ۾ تنها.

*

آ عمر وئي گذري، ڪيڏي نه ڪشاڪش ۾!

ڇا ڇا نه نظر آيو، فانوس جي گردش ۾!

*

اڃا ته ڪيئي بادل وسندا، ٿيندا ميگهه ملار،

مٿان حياتيءَ مان گهٻرائين، ڪڏهين ڏک نه سارِ.

*

نَم نه اڃا ٿي آهي ڌرتي، جيڪا آزرخيز،

تيز ڪيو وسڪارو بادل، تيز اڃا ڪجهه تيز!

 

اَڃا پنڌ پريرو آهي، متان ٿڪجين تون!

ڇا تون دُرو ڏسين ٿو ڪيئي، سائي رنگ نِمون؟

*

اُٿ باک ڀليڙي آئي آ، ۽ ڏينهن ٿيو آ راتِ جُدا،

ڪجهه سوچ ته اڄ ڇا ڪرڻو آ، هڪ ڏينهن ڏنو آ ٻيو به خدا.

*

ڏينهن لهي ٿو، رات ٿئي ٿي، عمر پئي گذري،

پو به ته پهريءَ ويرا مون کان، ڪو نه اڃا وِسري!

*

شام لٿي ڪيڏا نه پکيئڙا، آهن لامن تي!

سج لهي ٿو تن کي گهوري، ڪنڊيءَ ڪامن تي.

*

هي اوچو آهه پهاڙ، ڏٺو ڪنهن نانهه، اُنهيءَ جي ٻي پاسي،

معلوم نه آهي ڇِڪ ڪئي، تو لاءِ ڪٿان ٻارنهن ماسي؟

*

جنهن وقت ڪُتن ڀونڪار اچي، تون سمجهه ته ڪو رمتو آهي،

هي ڪئن چئجي ڪنهن رمتي سان،ائن ساڙُ ڪتن کي ڇو آهي؟

*

هرڻي نه وري ڪا ورڻي آ، تون واٽهڙي ڀل وهندي رَهه،

ٿو وارياسي ۾ سج ٻڏي تون، دور ريت ۾ ڪهندِي رَهه.

*

تيز هوا ۾ هوڙها، تن تي، ڪيڏيون روهاکيون،

مڙس سهاري جَڏي مهاڻيءَ، هٿ ۾ ويساکيون.

*

 

lساندارو ڏئي، نيٺ ته، ڪنڌيءَ تي، آهين تون پهتو،

lهُيو نه تنهنجيءَ اوليءَ، اولو ههڙو هاليسو!

*

پاڻي هيل ته گهٽجي ويو آ، ساريال ساريِن،

lکاري ڇاڻ ۾ ڳاڙها چانور، اُڙد دال سارِين.

*

زوران زور اچي ٿي ڪامهه، ٽَڪرن ٿيون ٽاريون،

ڄڻ آهن مجذوب، اُٿن ٿيون، ڪئن نه نِمي ساريون.

*

ٿا طوطا وَل ٽيون ٽيون ڪَن، ٿي جيسين هيٺان ڊاک پچي،

پوءِ اُڏرن ٿا آکيرن ڏي، ٿو ڏاڍو سانوڻ مينهن اچي.

*

هو ڪانوَ صنوبر جي وڻتي،ڇو ڪان ڪان ڪن ٿا سانجهيءَ جو،

مهمان ته ڪو اچڻو ناهي اڄ، هن سانجهيءَ ميرانجهيءَ جو.

*

lباک ڦٽي آ، سجُ شڪاريءَ جئن کُڏڻي تي آيو آ،

ڪرڻن جا پنجوڙ اَڏي، هُن سڀني کي ڦاسايو آ.

*

هيءَ ٽپهري مڌ وانگر آ، ننڊ ته آڻي ٿي!

آرهڙ ۾ آڪاس بٺي، جا ڪرڻا ڇاڻي ٿي؟

 

اُڀ ۾ دور کنوڻ چمڪي ٿي، هي کيڙيءَ ۾ اوڏَ،

سمنڊ جيان ٿو مَنڊ لڳي ۽ ماڻهو ڀرتي ڪوڏَ.

*

lهاڻي خواب خيال جيان آ، پنجهٺ، سکر جيل،

اڳ جئن اون رهي ڪا ناهي، ڪهڙو پوتا ميل؟

*

اڄ پيريءَ ۾ ياد اَچن ٿا، شاهي باغَ، تُرنجَ،

ڪيڏي عمر وئي آ گذري، ڏينهن ٿيا مَس پنج!

*

ڪالهه حسن ابدال مان ويندي، کاڌا آنءُ لڪاٽ،

هاڻي ڪيئن چوان سو سچ هو؟ جوٺي ساري جاٽ.

*

مون کي ياد اچي پيئي، اڄ نند ڪوٽ ۾ شامَ،

مومل سان گڏ سومل آئي، ڪيئن نه منهنجي دامَ!

*

ڪالهه جواني ڪيئن، گذاري هُئي بٺوري ۾،

ڪڏهن ته ڪنهن سان من ريجهي، ويو پنهنجو موري ۾.

 


 

l  نَڙُ ڪنگور جي ڪاٺيءَ مان ٺهندو آهي.

l  ڀَل: آلڙ کان پوءِ جا زمين درياهه ۾ ظاهر ٿي بيهي، تنهن کي ڀَل چوندا آهن.،

l  ڀَل: آلڙ کان پوءِ جا زمين درياهه ۾ ظاهر ٿي بيهي، تنهن کي ڀَل چوندا آهن.،

l                   نذرل:- قاضي نذر الاسلام جو زندگيءَ جا پويان ويهارو سال پاڳل ٿي پيو هو.

l                   نجنسڪي:- روسي رقاص، جنهن کي لنڊن ۾ ديوانگيءَ جا دؤرا پوندا ها.

l              گڙنگ: ڪچي ۾ ڦٽل درياهه جو گس، ٻوڏ جو پاڻي لهي ويندو آهي پر گڙنگ ۾ پاڻي بيٺو هوندو آهي

l              نوٽ: ميهار مينهن جي پُٺيءَ تي چڙهي گڙنگ جو پاڻي اُڪرندا آهن. اُن وقت ڪُم پٽي جهوليون ڀريندا آهن.

l              سانورڙو، چانهڪ،ڇٻر، ڀتر وغيره اهي گاهه آهن. جي ٻوڏ جي لهي وڃڻ کان پوءِ ڦٽندا آهن.

l              نوٽ: چڪڻ ۾ ڪجهه لڙيو پاڻي دُٻن ۾ رهجي ويندو آهي.

l  ڀُرڙ: گاهه جو هڪ قسم جو ڍنڍ ۾ اُڀرندو آهي

l   ساندار ڏيڻ: درياهه پار ڪرڻ.

l  اولي ۽ هاليسو: وَنجهه جا قسم.

l  اُڙد دال: دال جو قسم

l  نوٽ: کڏڻي جو شڪار گهڻو ڪري صبح جو ٿيندو آهي. ماڻهو ڪڇن ۾ بندوقون کڻي ڪنڊين تي کڏڻا ٺاهي ويهندا آهن ۽ پنجوڙ اڏيندا آهن. جيڪي جانور پنجوڙ ۾ ڦاسندا آهن ته انهن کي پڪڙي وٺندا آهن.

l   نوٽ: سال اُڻويهه سؤ پنجهٺ، جڏهن مصنف سکر جيل ۾ هو.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org