سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سانجهي سمنڊ سپون

شيخ اياز

صفحو : 12

 

*

شهد ڪنان ماڻهوءَ لئه مِٺو، جيون جو ٺُوٺو،

ماڻهوءَ پيار اَجايو آهي، جڳ سارو جُوٺو!

*

ڪوڙڪيِن سڀني تان ٽپي ويو، ڪير هيو ڦاڙهو؟

شام شفق توڙي ڌُنڌلائي، رنگ هيو ڳاڙهو.

*

ڏاڍو وَسُ ڪيائون ڦاٿِي، ڪو نه ڍَٻيءَ آڙِي،

ڪئين اَلاجي اڏري ويئي، موتَ گهڻو تاڙِي؟

*

باهو! هي جڳ راتاهو آ، ڪئن نه ڦري ٿو هُو،

موهه ويو سڀ مان ماڻهوءَ جو، جئن تو آکيو هُو.

 

ڪنڊڙيءَ وارا ڪير هيا، جن تنبوري تِڻ تِڻ،

ٿي آڪاس نچايو سارو ۽ ڌرتيءَ کي پِڻ.

*

رات ڏٺو شهباز قلندر، آيو هو در تي،

باک ڦٽي جو ڪيف عجب ڪو، ڇايو هو در تي.

*

رومي دسترخوان مٿان جو ويٺو هو مون سان،

تنهن فرمايو، ”موت گِرَهه جئن آهي ڄڻ تو مان.“

*

عشق الله سان سچل لاتو، سڀ تنبورا سَٽي!

هڪڙو ئي آواز ته آهي، جنهن سان ٻيا ڪئن مَٽي.

*

بُلهي شاهه اچي گهر منهنجي، روز هڻي ٿو سَئنَ،

جيڪا من تان مونجهه هٽائي، جيڪا چت ڏي چئن.

*

تون تبريز ڇڏي ڇو مون ڏي، آيو آهين شمس؟

ٻيهر هيٺ گهرايون سج کي؟ ڇا ٿو چاهين شمس؟

*

حافظ! تُنهنجي رِندي مون کي، راس نه آئي ڇو؟

آه ڍُڪ تري ۾، مَئه ڇا لاءِ بچائي تو؟

*

ننڊ ته مون کي ڪا نه اچي ٿي، آهي آڌي رات،

ڪيڏا ماڻهو ياد اَچن ٿا، موت ڪيا جي مات

 

گِرهه گِرهه تي مُهر پرينءَ جي، پَهر پَهر تي مَهر

ڳوڙهو وڃ ته هن جا آهن، قَهر به ڪهڙا قَهر.

*

هي جو قلندر لال پيو ٿو، سيوهَڻَ منجهه سُجهي

هُن جا پيرَوڪارَ بڻايا، ڪهڙي ڳجَهه ڳجهي

*

تنهنجي ربُوِبيتَ ۽ وحدت ڪئن، جُهلائي ڪوئي

خوشبو هر رابيل ۾ ساڳي، آهه سمائِيِ توئِي

*

حسن ڏسِي يا عشق ڏسي، ڇا موت مُڙيو آهي ڪنهن کان،

جهول ڀَري ٿو، بکاري جيونَ جنهن، تنهن کان.

*

ڪنهن به ڀَلائي ڀالُ ڪَئِي تو، پنهنجي لاءِ چڱائي آ،

ٻُڌ اي مائيءَ لال! چڱائي هر ڪنهن لاءِ سجائي آ!

*

ڇو عمر وڃائِي تو ايڏي آ، هاڻي سجُ پهاڙن ۾!

ڇالاءِ جواني ڪاٽي تو، پنهنجن اونداهن لاڙن ۾؟

*

مون ڀانيو درويش، فقط هي دلق نه آ درويشي!

پنهنجو ڪو به حساب رکيو ٿي، پاڻ اڳيان ڪا پيشي؟

*

هونءَ ته تو وٽ آهه عدالت، منهنجا گهاوَ ته ڏس،

بات بات ڄڻ تير ٿئي ٿي، خلق سڀاوَ ته ڏس.

 

هي آهه حياتي ماڪ جيان، جي پتي تان ٽپي ته وئي،

تون اِن تي بانور ڪر نه ميان، جي ٿوري اک جهپڪي ته وئي

*

هي ڌرتي آهه ازل جي بُکي ۽ آهه گرهه جئن جان ميان،

تون ويندو رهندين هٿ ڇنڊي، ڇا لاءِ اهي سامان ميان؟

*

هي ٿورو وقت سَراءِ اَٿي، بس رات گذاري نڪري وڃ!

جو وقت اٿي هٿ جاءِ اٿي، بس رات گذاري نڪري وڃ.

*

جا ويل وئي سا لهر جيان، ٻيهار نه موٽي اچڻي آ،

آ ڪارو ڪارنڀار پريان، هي دنيا اچڻي وڃڻي آ.

*

ڪجهه وقت حياتيءَ تي ايڏو، ڇا لاءِ تڏهين ٿو اي باهو!

تو کَٽَ پپر جي ڇانو وڌي، ڇالاءِ وساريو الا هوُ؟

*

اي بلها تون الله ٿئين، ان کان ته اڳي انسان هجين،

ٿو دور ٻُڍو ڪاٺير وڃي، بهتر آ ان جو بار ونڊين.

*

تون آنهه ڪرائي دار جيان، ڪُجهه وقت انڌيريءَ گهٽيءَ ۾

آ باک ڦٽي ۽ عمر کُٽي، اٿ هل ته هلون ٻيءَ گهٽيءَ ۾.

*

اُٿ پوئين گهنٽيءَ کان پوڀي، مڪتب نه ڇڏين ٿو دنيا جو!

ٿي ڏاڍي دير وئي آهي، ڪو اُلڪو توکي عقبيٰ جو؟

 

ڇا لاءِ پيو تون ائن چُھٽين، اي يار جياپي پَل پلَ سان؟

اک ٻوٽ ته ڪيڏو چئن آهي، بس جان ڇُٽي هر مَرجهل کان!

*

هي دنيا آ رين- بسيرو، پوءِ ڪٿي آکيرو؟

ڪئن چئجي تون اڏري مون وٽ، ٻيهر ڏيندينءَ ڦيرو!

*

اُٿي پرهه ٿي آهي، هاڻي اُٿي نه! هٿ منهن ڌوءَ!

ٻيو هڪ ڏينهن خدا آڇيو آ، ڪهڙو گيت چيوءُ؟

*

جيڪي به وَيا هُن پار اتان، سي موٽيا ناهن،

هِن پار پُڄائن ڪَنڌيءَ تي، ڇا ڪي ٻيڙا آهن؟

*

جنهن وقت پتڻ ڪو پور ڪَيو، چئجانءِ ته مان ڪو نه آهيان،

درياهه پُڇي جنهن وقت پتو، چئجان ته مان ڇو نه آهيان!

*

هر موت اچانڪ جهٽڪو آ، ڄڻ گهوگهي ڏيئي ماري ٿو

هر ڪوئي انکي ٽاري ٿو، پر ڪيسين ڪوئي ٽاري ٿو؟

*

هر چيز کسي ٿو ماڻهوءَ کان، ٿو موت اچي ڌاڙيل جيان

حيران نه ٿي ايندو آهي، هُو اڳ ۾ طئي ٿيل ويل جيان.

*

اُٿ هاڻ هلون او وڻجارا، سڀ وڻج وڪامي ويو آهي،

اڄ سيءُ وڌي ويو آهي، هر ڍانڍ وسامي ويو آهي.

 

اٿ ته اڏامون اي پنڇي! تو ڪيڏي لات ڪئي آهي

رابيل ڦٽا آهن ڪيئي، بس! ٿوري رات پئي آهي

*

توکي به ته مرڻو آهه ميان! هي رنگ رليون ڪيسين تائين؟

گهَر گهاٽ اهي ڪيسين تائين، هي ڳوٺ ڳليون ڪيسين تائين؟

*

هن گهر جا در جئن ٿو کولين، ٿا تاڪ اُنهيءَ جا بندِ ٿين،

ڪو ڳالَهوءُ ناهي ڳڀرن جو، ٿا واڪ انهن جا بند ٿين.

*

اي ڪونجَ وڳَر، تون ڪنهن ته نگر، هي پنک پساري وڃڻو آن

هي تل تلاءَ ڇڏي سارا،جهر جهنگ وساري وڃڻو آ

*

هر ڪنهن ڪيتو ڏيڻو آهي،ڪرڻي ڀرڻي آهه

آهه نَدي ۾ تِک، اڪيلي پار اُڪرڻي آهه.

*

lتو ڪوئي گرجيف ٻُڌو، آپئرس واسي هو؟

هن دنيا جي انڌياري ۾، پورن ماسي هو.

*

ڪئن چئجي تون رويا هئينءَ،يا سچ پچ ماڻهوءَ روپ هئينءَ!

پر ان ۾ شڪ آهه نه مون کي، تون ڪوئي روپ اَنوپ هئينءَ.

*

ڇا هي دل ۾ چاههُ اَٿي،تون مسجد جو مينار ٿئين،

جنهن وقت گهٽا گهنگهور، تون اُن ۾ ڪارونڀار ٿئين.


 

ڀل ڏِسُ منهنجي رهڻي ڪهڻي،پوءِ فريدا ساکي ٿيءُ!

ڏسِي پرائِي چوپڙي، منهنجو ڪڏهن نه آهي هرکيو جيءُ.

*

ڇا مان ڪوئي ڪيڙو آهيان؟ پنهنجي من ورتي ۾،

هڪڙي ڪاري رات وڌايان، برف پوش ڌرتيءَ ۾.

*

چاهين ته جهروڪو بند رکين، چاهين ته اهو کولين،

تون ئي آن پرواز پرن جو، مون ۾ ٿو ٻولين.

*

ڪو ڪيئن ويو ڪو ڪيئن ويو،تون ڪنهنجو پيڇو چاهين ٿو؟

ايڏانهن ته سڀ جي منزل آ، جيڏانهن پيو تون ڪاهين ٿو.

*

تنهنجا ٿورا ايڏا جيڏا، باک ڦٽيءَ جو ماڪَ ڦُڙا،

ڪرني ۽ رابيل مٿان جي، اُڏري ويا افلاڪَ ڦُڙا.

*

تنهنجا ڪئن احسان وساريان، توئي زندهه رکيو آ،

موت ته مون سان چؤ راهي تي، ڪيئي ڀيرا ٻکيو آ.

*

ڪيڏانهن ائين پرواز ڪَري، هي عمر اُڏامي پيئي،

ڪيڏي جڳ کي جوت ڏئي، هي وَٽ وسامي پيئي؟

*

ڪاريون ڪُنڍيون، بگيون، مينهن رنگِ رنگ دنيا،

ڇانئين شام، شفق جون رکُون، تنگ تنگ دنيا.

 

اُن کان ڪيسين بچڻو آهي، نيٺ پڄاڻي اچڻي آ،

پوءِ اچانڪ، اچڻي آ، يا ڄاڻي واڻي اچڻي آ.

*

ڌرتي ٿي ڳڙڪائي سڀ کي، ڀِڀُ نه اُن جو ڀرڻو آ،

جي سڀ ڪنهن کي مرڻو آ، پو اُن کان ڪهڙو ڏرڻو آ.

*

عمر ائين جئن لهر نديءَ جي، مور نه ترسي، آئي ويئي،

ڪي چوندا ته اَجائي ويئي، ڪي چوندا ته سجائي ويئي.

*

موت وڏو پيراڍو آهي، ڪيسين اُن کان پيرو ڍڪجي!

ڪير چوي ٿو ڪاريهر جي، ڪَر کڻي ته نه اُن کان ڏڪجي؟

*

تنهنجو موت به اچڻو آهي، ڪانگ تڙ جئن بيٺو آن،

باقي ٿوري دير اَٿيئي، سج لڙي جئن بيٺو آن.

*

ڪير سڀاڻي جو سوچي ٿو، هاڻي ڏسِ ڇا ٿيڻو آهي،

جيڪي آهه ڪَئي جو ڪيتو، سو هاڻي ئي ڏيڻو آهي.

*

ڪائي ازل جي خاموشي آ جيڪا سڀ سمائي ٿي،

وارا وير وڄائن ٿا جي، تن ڇاتيءَ سان لائي ٿي.

*

موت سوا ٻي ڪا به حقيقت، هن ۾ ناهي

ڇا ڪوئي چنگيز ڏسين ٿو، ڪوئي هلاڪو آهي؟

 

ڪهڙو سڪو هن دنيا ۾، آهه جو کوٽو نانهه؟

موت اڳيان ڪهڙو ماڻهو آ، جيڪو ڇوٽو نانهه؟

*

انت مٽيءَ ۾ ڪيڙا آهين، ڇاتي پاڻ پڏائين ٿو،

ڪيڏو دک ۽ پيڙا آهين، ڪيئن کِلي ڳالهائين ٿو.

*

ائن ته نه آهي ڪنهنجي سِرَ تي، پنهنجا پير هڻان ٿو،

جڏه به ڌرتيءَ تان گذران ٿو، سوچي پير کڻان ٿو.

*

موت پيو منڊڪائي توکي، پيڙا ڏانهن وڌائي،

مٽيءَ ۾ ليٽائي توکي، توتي گل وجهائي.

*

ڪوئي ان ۾ خاص نه آهي، هر ڪوئي بس عامي آ،

چار ڏهاڙا آهي دنيا، سمجهين ٿو ته دوامي آ.

*

ڪيڏانهن پئي تقدير ڇڪي، سو ڪئن چئجي سو ڪئن چئجي!

ڇا لئه ٿو سوچڻهار لڪي، سو ڪئن چئجي سو ڪئن چئجي!

*

هر ڪو ابدي خاموشي ۾، ڪوئي اڳي ڪوئي پوءِ

سوچي پيئي ماڻهوءَ هيٺان، ڄڻ پيرن جي لوء!

*

پويان لفظ چيائين هي، سڀ ڪجهه ڪوڙ اَٿي،

هيٺان مَٿان هر ماڻهو جي، ڌرتيءَ ڌوڙ اَٿي.

 


 

l  گرجيف:- ڪرستان اسرار پسند(صوفي) جنهن انقلاب روس کان اڳ روس ڇڏيو ۽ جنهن جو مشهور روسي فلسفي اوس پنسڪيءَ تي ڪافي اثر هو.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org