سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لَڙيَو سِجُّ لَڪَن ۾

شيخ اياز

صفحو : 9

 

 

*

وارٖي پنهنجو پاڻُ،

آءٌ اَمرُ ٿي گيت ۾!

ڪَرمَنڊلُ ۽ ڪيِنرو

سانڀ نه ٻيئي ساڻُ،

آءٌ اَمرُ ٿي گيت ۾!

راڳُ رڳو گهُر ڀاڳَ کان،

ڄَر ئي سڀڪجهه ڄاڻُ،

آءٌ اَمرُ ٿي گيت ۾!

جهر مر تارا جيءَ ۾

ننگو جيئن نياڻُ،

آءٌ اَمرُ ٿي گيت ۾!

تولئه ٻيو سَڀُ ڪارڻِي

مدائيءَ جو ماڻُ،

آءٌ اَمرُ ٿي گيت ۾!

سَنسو ساکَ ڪُساکَ جو

ايـــــاڻــــن اُهـــڃـــاڻ،

آءٌ اَمرُ ٿي گيت ۾!

 

*

 

 

*

ڪيچَ وَڻَن ڪوُنجوُن-

شام لٿي آهي

واريءَ منجهه وڃائيا تُنهنجا پيرا مُون-

شام لٿي آهي

آءٌ اُئين ئي پنڌ ۾ توڙٖي پـير پٿون-

شام لٿي آهي

اڳريون آهن اڳُّ کان ڏونگَر ڏاڍايون-

شام لٿي آهي

ڪيڏو ڏوُر لڳين،پيو ويجهو هوندين تون!

شام لٿي آهي

 

*

 

 

*

بَرَّ نه سـٖـي بوتا، وَڃو، وَڃو هوتا،

مان ۽ پاڙو پَرٽ جو!

مُون هي ميرا ڪَپّڙا عمر سڄي ڌوتا،

مان ۽ پاڙو پَرٽ جو!

اَڄُّ به آؤٺا ڪالهه جئن چُنيون ۽ چوتا،

مان ۽ پاڙو پَرٽ جو!

ڪيڏا آيا ڪيچ مان کَر ڪاهي کوتا!

مان ۽ پاڙو پَرٽ جو!

 

*

 

*

تُون ئي نانهه مليِرُ

آءٌ اُها ئي مارئِي!

توئِي وِهُه تي واريو پنهنجو پاڪُ پنيِرُ،

آءٌ اُها ئي مارئِي!

آهه اُڃايل اڳ جيان مُنهنجو ساهُه سريرُ،

آءٌ اُها ئي مارئِي!

هاءِ، اڀاڳي ماءُ تو کاريو پنهنجو کيِرُ،

آءٌ اُها ئي مارئِي!

اوڳي!تون ڇا اُگهندينءِمُنهنجي نيڻان نيِرُ،

آءٌ اُها ئي مارئِي!

 

*

 

 

*

جانّ جانّ جِيان آنءُ

تانّ تانّ تنهنجو نانءُ

مون کان مُور نه وسري-

ڏاڍا تتا ڏينهڙا

لات نه لنوي ڪانءُ!

واجهُه نه وجهـٖـي اوپرو

توتيٖ هرکِي هانءُ!

ٿَرُ ڪُڄاڙو تو بنان!

مون ڪهڙو ٿِرُ ٿانءَ!

ڏات به تو بن ڏنءُ ڏنو

ڏانءِ نه آيو ڏانءُ!

تو بِن آنءُ نه آنءُ

ساجن! تنهنجو نانءُ

مون کان مُور نه وسري-

 

*

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org