سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لَڙيَو سِجُّ لَڪَن ۾

شيخ اياز

صفحو : 6

 

هُو جي سيڻَ ڪَيام

ڪهڙيءَ واٽَ وَيام؟

آءٌ ته پُنَس پَنڌَ ۾!

 

جاڳِي جاڳِي، جِيئَڙيٖ

ڪا جا جَهپَّ لڳام

آءٌ ته پُنَس پَنڌَ ۾!

 

ڪُهه ڄاڻان هِنَ ڪوهَ ۾

پُنهوُنءَ سَڏَّ سڻيام!

آءٌ ته پُنَس پَنڌَ ۾!

 

هِتِ هُت هوتَ ٻروچ جا

پرجهي پيرَ کنيام،

آءٌ ته پُنَس پَنڌَ ۾!

 

دوُرِي هُن جي ديسَ جي

سوچيٖ نيڻَ ڀِنام،

آءٌ ته پُنَس پَنڌَ ۾!

*

 

 

 

*

ڪِئن ڪو ڪُوڪاريٖ-

مِڙِني ماٺِ اَچي وئِي

 

ڌَنوڻيون ڌِڱَّ ڇڏي ويا، ڳَٽَّ ٻه ٽي ڳاري-

مِڙِني ماٺِ اَچي وئِي

 

آهي ڌوُڙ ڌمالَ تي، هر ڪنهن اوتاري

مِڙِني ماٺِ اَچي وئِي

 

واڪـٖـي وَسُّ ڇڏي ڏنو، نعرٖي ناڪارٖي-

مِڙِني ماٺِ اَچي وئِي

 

هـٖـيلَ ته سائو پَنُّ ڀي، ڪونه ڇڏيو پاري!

مِڙِني ماٺِ اَچي وئِي

 

آهي ڪائِي چڻنگ جَا ٻارڻ کي ٻاري؟

مِڙِني ماٺِ اَچي وئِي

 

آهي ڪو ڪوهيارُ جو ڏوُنگر کي ڏاري؟

مِڙِني ماٺِ اَچي وئِي

 

ڌُٻڻ جئن ڌڌڪي پيو، ڪيـٖـر گِهري گاري؟

مِڙِني ماٺِ اَچي وئِي

 

ڇِپوُن ڪيهَرَ ڪَرُ ٿيون، چيلهه ڀڳِي چاري-

مِڙِني ماٺِ اَچي وئِي

 

ڄَڻُ ڪا ڏائڻ ڏيهه کي پيئي ڏهڪاري-

مِڙِني ماٺِ اَچي وئِي

 

هِيءَ وَسيهَر وِهُه نئين، ماري يا کاري-

مِڙِني ماٺِ اَچي وئِي

 

ڇو نه ڇڏين ٿو تون به اڄ وائيءَ کي واري!

مِڙِني ماٺِ اَچي وئِي

 

*

 

 

*

لڦوُن لالُ ليار،

ڪيرُ چُميندو چاهَه مان؟

 

ڳولـٖـي لڀن ڪونه ٿا، ڪُلهي ڪوڏيا يارَ،

 

جوٺـٖـي جَڳ جي او ميان ڪهڙي سارَ وِسارَ!

 

توڙي ڏونگَرَ ڏاکڙا، پنڌَ، پَراهان پارَ،

 

ڏاهـٖـي ڏُکَّ نه آئُڙيا ويڳاڻا ويچارَ،

 

مان ۽ مُنهنجو پنڌڙو، ٻـٖـي ڪنهن ڪوهُه ميارَ!

 

*

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org