سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لَڙيَو سِجُّ لَڪَن ۾

شيخ اياز

صفحو : 11

 

 

ڀيڄ ڀنيءَ ڀَڃ گهَڙَ-

پويان پاڇا رات جا

ڪيڏي ڪاري رات آ

ڪيڏي لنبي ڪڙ!

پويان پاڇا رات جا

اوندهه، اُتر واءُ ۾

پاڻيءَ تي پَن- جَهڙَ-

پويان پاڇا رات جا

مان ۽ پنهنجو پيچرو

وِکَّ نه ڄاڻي وَڙَ-

پويان پاڇا رات جا

 

*

 

 

*

آرٽِ نه اوبيهءِ اُنَّ

 

اَڄُ ڇا کان ڪاپائتي؟

 

چَرخو ڇو هِئن چُپّ آ؟ اڱڻِ ايڏي سُنَّ!

 

ڪالهوڪيون ڪاپائتيون ڳرڪايون ڪنهن ڪَنَّ!

 

ويـٖـهُه نه وِنگيءَ ٽَڪُّ سان، چپَن لائي چُنَّ.

 

*

 

 

*

ساوَڪ رُت ۾ سانورا هيل نه آئين تون،

آيا سَرءُ ڏينهڙا

هَنجَ اُڏاڻا، سَر سُڪا، ڪُڄاڙيون ڪوُڻيون!

آيا سَرءُ ڏينهڙا

آهن اُتر واءُ جُون آتڻ ۾ اوتُون،

آيا سَرءُ ڏينهڙا

مان ۽ آرٽَ اُٻاڻڪا، چار جڏيون جيڏيون!

آيا سَرءُ ڏينهڙا

 

*

 

 

*

توکان سوا مينڌرا ٻي ڪنهن کي چاهيان؟

آءُ ته مُنهن مُرڪي کڻان!

ڪيسين ٻاري ڏيئڙا سنجهي ڪَرَ ساهيان؟

آءُ ته مُنهن مُرڪي کڻان!

مون جي مُگرا پاند ۾ ڪنهن سان وراهيان؟

آءُ ته مُنهن مُرڪي کڻان!

ڪيسين ساريءَ لوءِ سان لاڳاپا لاهيان؟

آءُ ته مُنهن مُرڪي کڻان!

جُٺياري ٿي جڳَّ ۾ ڪيسين نباهيان؟

آءُ ته مُنهن مُرڪي کڻان!

تو ايندي مان آهيان، تُون ناهين، ناهيان،

آءُ ته مُنهن مُرڪي کڻان!

 

*

 

 

*

هِيءَ جا ڏَؤنرن ڏات،

لـــوئــــڙيــــارن لات،

منهنجي مُلڪ ملير جِي!

روڪي روڪيان ڪيترو

وائِي آڻي وات،

منهنجي مُلڪ ملير جِي!

سونَ سَريکا سِجَّ جا

سُپنا ساري رات،

منهنجي مُلڪ ملير جِي!

گُونجِي مُنهنجي گيت مان

پڌرِي ٿي پرڀات

منهنجي مُلڪ ملير جِي!

 

*

 

 

*

ڄاريُن ڀَر ڄايوُن

پنهنجون پرايون

ڳالهه مڙيوئي هِڪّڙي

هر ڪو هر ڪنهن جا وتَي

ڳَٽَّ ڳچيءَ پايوُن

ڳالهه مڙيوئي هِڪّڙي

ڳالهه ته آهي وَڍَّ جي

ڇا به هُجن وايُون!

ڳالهه مڙيوئي هِڪّڙي

هِيڻَن هِيڻاين مٿان

ڏاڍن ڏاڍايُـــــــون،

ڳالهه مڙيوئي هِڪّڙي

تُنهنجا ڳوڙها مون رُنا

تو کي ڳَر لايوُن،

ڳالهه مڙيوئي هِڪّڙي

 

*

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org