سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:هيِنئَڙو ڏاڙهونءَ گُلَ جِئن

شيخ اياز

صفحو : 4

 

وائي

 

ڍَوَ تي ڍوري مان پيو پاريهر پيئي،

آرهيڙيءَ جي اوڏڙو.

پاڻيءَ ۾ جنهن جي ڏٺو لِڪي ٿي لِيئي،

پاريهر پيئي،

آرهيڙيءَ جي اوڏڙو.

جَر ۾ ڏنو ٽُٻرڪو ڏوراهين ڏِيئي،

پاريهر پيئي،

آرهيڙيءَ جي اوڏڙو.

ڇو ٿو مارين چيڳرا هِن کي ڇڏ، جيئي!

پاريهر پيئي،

آرهيڙيءَ جي اوڏڙو.

 


 

 

 

وائي

 

ماڻهو اَهڙو ئي،

جهڙو اَڳ جَڳ ۾ هيو.

پوءِ به چوي ڪونه ٿو اناالحق ڪوئي!

ڪيڏو ٻهڪي ٿو پيو جنهن جي هَٿِ ڏوئَي!

توڙي لُقمو موت جو ماڻهو مِڙيو ئي،

سَپنا هن سنار جا ڪُوڙا سَڀو ئي.

 


 

 

 

وائي

 

هُنَ جنهن مانيءَ ڀورِ

ڪُتي ڏانهن ڦِٽي ڪئي،

تَنهن ڄڻ هن سنار تي وڌي پنهنجي ڏورِ،

جِيڪي به پولار ۾ اُنَ سان ايئين اورِ،

هُو جو پاڻَ اُٽَل ڏِئي اُن سان تورَنه تورِ.

 


 

 

 

وائي

 

هِي جو سَٽيلُ سِيءَ جو وَريو آهي وانڍِ،

تون ته سُڃاڻين ڪونه ٿو.

هُن ۾ ڪيڏي ڪَنبڻي ڍُرڪيو ڀرسان ڍانڍِ!

ٻهراڙيءَ جي ٻاٽَ ۾ آيو ڪَهڙيءَ ڪانڍ؟

گيت گلابيءَ رُتِّ جا هُن وٽ، تِن کي سانڍ!

وَريو آهي وانڍِ،

هِي جو سَٽيلُ سِيءَ جو.

 


 

 

 

وائي

 

سِجّ لٿي چُون چُون

 

لهرائي ٿو ننڊ کان

هُو فانوسو چَنڊَ جو

ٻوٽيان ٻُنڀو رات جو

 

وَڻَ ۾ ڪيِڏي ٿِي وَئِي!

ڇا لئه مُنهنجو ”مون“

ڪنهن لئه ٻاريائون؟

يا اچڻو آن تون؟

 

 


 

 

 

وائي

 

تون جيڪو مون کان ڍَڪِين مُنهنجون اوڻايون،

توکي ڪيئن وساريان!

پِپل جئن پولار ۾ توکي ڏٺو مون،

توکي ڪيئن وساريان!

اُڀيون جنهن جون اُڀّ ڏي ٻانهَنِ جئن ٽاريون،

توکي ڪيئن وساريان!

آنءُ نه روئان ماڪ جئن نيٺِ ته ايندين تون!

توکي ڪيئن وساريان!

 


 

 

 

وائي

 

ڪُنا ڪاسا ڏيِنِ ٿيون ڪي ڪي سوئائون،

سَرتا! هن سنسارَ ۾.

وِهڪِي ويئون ڪيتريون ڏوُڀُ نه ڪيائون،

سَرتا! هن سنسارَ ۾.

آڳانجهي اسرار جو ڄاڻون نه آئون،

سَرتا! هن سنسارَ ۾.

جِن سڀُڪجهه سمجهو پئي، ڪِٿي مُڪائون؟

سَرتا! هن سنسارَ ۾.

 


 

 

 

وائي

 

هِيءَ جا ٽانڊنِ ڪِرِ

ٻَرِي پئِي ٻاٽَ ۾.

ڇا هِيءَ وسامِي وَڃي، ڇو ايڏي ڪِر ڪِر!

*پَروَسيڪِي نينگري نيٺ ته پهچي پِر،

آهي اُتَر واءَ ۾ نڪتي ننگي سِر!

ڪيڏيون چوٽون واٽَ تي جي هيءَ گُٿِي تِر!

 


 

 

 

وائي

 

چَؤ، هِئن ويجهِي ڪيرَ آن مُنهنجي ڀرسان تون

توکي پائي مون

سڀُڪُجهه پاتو آ پرين!

ڪِيڏيون پوئين پهر ۾ اُتر جون اوتون،

توکي پائي مون

سڀُڪُجهه پاتو آ پرين!

ڇا تون مان سنسار ۾ وڇڙي وينداسُون؟

توکي پائي مون

سڀُڪُجهه پاتو آ پرين!

وِسرِي وينديون ڳالهڙيون مُون سان جي تُنهنجون؟

توکي پائي مون

سڀُڪُجهه پاتو آ پرين!

تُنهنجي مُنهنجي اَنت ۾ هونديون اونداهيون!

توکي پائي مون

سڀُڪُجهه پاتو آ پرين!

 


 

 

 

وائي

 

سِٽُون اُفق پارَ جون جرڪي چَوَن ”جاڳ“

لِکُّ اَڃا ڪجهه جيئڙا!

”متان اوڳا! تو هتان تِرڪِي وڃي ماڳُ

”آهي ويري ننڊ جو لُنءَ لُنءَ ڪوئي لاڳُ

”هر شيءِ تُنهنجيءَ مُٺ ۾ سارو ڀاڳُ نڀاڳُ

”جاڳُ، اڃا ڪجهه جاڳُ

لِکُّ اَڃا ڪجهه جيئڙا!

 


 

 

 

وائي

 

پنهنجو پاڻَ اَچن،

*سَتُر لاهي ٿيون سِٽون.

**ڏوران مُنهنجي مُونگهڙي اَچي ناچُ نچن

پڌرو ٿي پولار مان ڇاڇا مُنهنجي مَن!

سارا ڌرتيءَ دُکّڙا لحظي منجهه لهن.

پنهنجو پاڻَ اَچن

سَتُر لاهي ٿيون سِٽون.

 


 

 

 

وائي

 

جِيئين پرڏيِهي پِکي،

سِٽون اِئين ساهه ۾

ڪنهن ڏورانهين ڏيهه تان آيون آسَ رکي،

ڪوُنجون ڪُڻڪيون روهه تي ۽ پو باک بَکِي،

مُنهنجي پوئين پهر جِي ڪنهن هئن ساکَ رَکِي!

 


 

 

 

وائي

 

ڏاتِ- ڏياريءَ ۾ هُيا ڪيئي ديپَ اَمرُ،

جِن ۾ جوت جلي پَئِي.

چانڊوڪيءَ ۾ چَنڊ جي جِيئين جَرڪي جَرُ،

سَڀَ جو ميڙائو ڪَيو مون کولي دَرُ دَرُ،

ماڻهو! تُنهنجو ماڻهپو تُنهنجو ڀيڻي ڀَرُ.

 


 

 

 

وائي

 

جِيئَن نموريون نِمُّ ۾، جهِنجهي ڇڏي چيٽُ،

تِئن تُنهنجون ساروڻِيون.

چانڊوڪيءَ ۾ جئن اَچي اُڀرِي ڪوئي ٻيٽُ،

تِئن تُنهنجون ساروڻِيون.

جِيئين چهري تي چڳون جڏهن مَٿي ميٽ،

تِئن تُنهنجون ساروڻِيون.

جِيئين جَرڪي سونِ جان پُٺِي توڙي پيٽ،

تِئن تُنهنجون ساروڻِيون.

 


 

 

 

وائي

 

سورج مُکيءَ کي

جيڪر اَڄ چئجي،

اکيون کڻي سِجَ ڏي!

ڪونهي سڳاو وائُرو

جنهن ۾ ڪَنڌُ جهُڪي

سورج مُکيءَ کي

جيڪر اَڄ چئجي،

اکيون کڻي سِجَ ڏي!

پَر هِي ساري کيت کي

ڪيرُ پيو ڀيلي؟

سورج مُکيءَ کي

جيڪر اَڄ چئجي،

اکيون کڻي سِجَ ڏي!

 


 

 

*  پَروَسِيڪِي - پَرَوَس

*  سَتُر - پردو

**  مونگهڙو - ڳِلو

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org