سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:هيِنئَڙو ڏاڙهونءَ گُلَ جِئن

شيخ اياز

صفحو : 10

 

هيءَ جا ماکيءَ مَکَ، ڄڻ مان اڳينءَ جوڻِ ۾،

چوي پَئي چَکَ، سارا ڦولَ ڦَلار ۾!

 

جهَڙو جاڳَ پَسوُن تهڙو آهين نِنڊَ ۾،

متان ڪڏهن تون ناهَرُ ٿِي اُڀري اَچين!

 

ڪاوَڙ ايئَن نه ڳُهه سانڍي پنهنجي ساڙَ کي!

*ڪيڏِي تو ۾ وِههُ آهه وَسيهر وانگيان!

 

تو ۾ تُنهنجي ڪَهل ئِي اڳتي جي آٿَت،

تون جو سِسئيءَ لَت،ڏيئِي آڙِيءَ کي ڪُهين!

 


 

 

 

مَتان اُٿي واگههَ جئن، وِرانگهُون پائين،

ڇو ٿو اُچائين، جيڏا، پنهنجي جيئري!

 

*گسِّ نه ڍٻيءَ ۾ ڇِڪي اُن کان اُڏارون،

اِن جون ميارون اُڏرن ٿيون آڪاس ۾.

 

 **هِي جنهن کي ڏونگهو مَٿو آڙِي ڦاسائي،

***اُن کي سِسيءَ سيرَ ڏئِي، ويٺو ڦَٿڪائي،

اُن کي الائي اڳتي ڇاهي ڀاڳ ۾!

 

ڪِن کي سُونهن سَريِر جِي چانديءَ چمچو واتِ،

ڪِن جي ڪَٽي ڪنبندي رِليءَ بنان راتِ،

ڇا هيءَ تُنهنجي ذاتِ،آهي ٻِئي ٻِئي روپَ ۾؟

 

 

 

*ڇوريُنِ ڄڻُ ته ڇَڻاٽَ، ٻَرن پيا ٻاٽ ۾،

ڏوُر وڃي ٿي ڏاهه کان ڪيڏو منهنجي واٽَ!

پُٺ تي مُڙي ڳاٽَ، ڪونه نهاريو ’نانهه‘ ۾.

 

پاڻُ ته آ پهراڻُ، مان لاهي اِن پاڻَ کي،

بس پائيندس ڄاڻُ جيِوَن نئون چولڙو.

 

ڇا تون ڊاهي ساز کي سُر کي ڊاهيندين؟

توڙي چاهيندين سُر تنهنجي وَس ۾ نه آ.

 

ڀٽائيءَ کان پوءِ مان تنهنجون صديون هان،

متان تون مون کان ٻوڙِيءَ ٻوُجَهه لنوائئين!

 

 

 

آءٌ چوان ٿو موتَ آ، نئين حياتي،

ڪيرُ چوي ٿو موت آ مُنهنجي مَماتي؟

سَڀُ منهنجا ڀاتي، اج ڇا لئه سَهمي ويا؟

 

*هِي جيڪو سَنگرار جهونُجهاڙي هر جيءَ کي،

اِنهيءَ جو اِسرارُ ڳوڙُهو آهي ڳُجهه ۾.

 

**ساديون سُوديون ٻولڙيون تِن ۾ هوندس آنءُ،

گڏجاڻيون، گهَر، گانءُ، مون کي ڳوليندا گهڻو.

 

مون جو گهر ۾ پوکيو ايڏو ٿِي ويو وَڻُ،

اُن جِي ڇايا ڄَڻُ آ ساري سنسار تي!

 

 

 

ڇا هي کُٽڻو ڪو نه آ تو مون ۾ ويِڇو؟

رهندين تون پِيڇو مُنهنجو آدِجُڳاد کان؟

 

ساجُهر جاڳي ننڊ مان وَرتم تُنهنجو نانءُ،

مُنهنجو پَنهنجو آنءُ پيهي ويو پاتار ۾.

 

اڳتي اِتيئي، سڀَڪجهه ڦيرو سمجهه جو.

مون کي ڏَنءُ ڏيئي مون کي ڄاڻَ ڇَڏي وَئِي!

 

*نيٺ ته وَهٽُ وُجود جو ٿڪجي ٿو بيهي،

ڀل تونُ ڏِسُ گيِهي چَهو هڻي چِتَ جو.

 


 

 

 

سَڀَڪائِي شيءِ ٿي وَڃي ٻُڙيءَ ٻُڙيءَ تائين،

ڇو ٿو ماپائين صديون مون کان سانت جون؟

 

لَنبي وڃي ٿِي ڪيڏي واٽَ وجود جي!

ڪِٿي ڪا نه کُٽِي ڀيرو ڀَڃي وِچَّ تي!

 

ڇا لئه بَتِي گيان جي تو مون ۾ ٻارِي!

مان توتي وارِي پاڻ لڪائي ڇو وَئين؟

 

ڪئن چئجي آهين ڪٿي، آهين يا ناهين؟

مون ۾ پَرانهيِن، تُنهنجِي پَرجهه اُڇاتري!

 


 

 

 

ماڻهو پاڇا موت جا جيئڻ کي چُهٽَن،

سُڏڪا سارا سانت جا ناهن تِن جي ڪَن،

ويجهو ڪو نه ڏِسَ اَنڌ پنهنجي اَنت کي!

 

رُنڀِي وَئين رات ۾ ٻارڻ کي ٻارَڻ،

ڪَويتا ڪارَڻ، هيڏي ساري سيءَ ۾!

 

تاڙو تَنواري پيو، آرَ پَئِي گوُنجي،

هيلَ به، پَر تُون جي، ڪونه وَسين ٿو مينهڙا!

 

جِن جي لاءِ سَجائِيا رَتا گُل روڙي،

تِن جو مُنهن موڙي، او شل، مون آتَڻَ ڪرين!

 


 

 

 

نَگر تُنهنجون نينگريوُن جڏهن اُڃَّ مَرن،

ڪيڏا لُڙڪَ تَرن تِن لَئه مُنهنجي اَکئين!

 

ڪَپڙا لِيڙوُن لِيڙ ۽ نڪتل هَڙٻاٽُون،

پو به جبلَ جاٽوُن پيرَ نه پُٺ تي پَنڌَ ۾!

 

جِيئين هوا مَنگهه مان تِيئين تُنهنجو نانءُ،

جنهن سان مُنهنجو هانءُ وَر وَر ٿئي وائکو.

 

تو جو چُوڻو پاٽِ ۾ پَکين لَئه آندو،

مُنهنجو مَنُ ماندو ماروئڙا سوچي ٿيو.
 

مُنهَن تي ڀاوَ گهڻا آيا ويا مُنڌَ جي،

وِجهِي ڪَڻڪ ڪڻا پَکين ڪارڻ پاٽ ۾.

 

تون به ته پنهنجيءَ ڪُنڊَ مان ٻاهَر نڪري آءُ!

ڪيڏو نانهه الاءُ مانحو پهتا چنڊ تي!

 

تون جي ٿئين ”تون“ هر شيءِ تنهنجي وس ۾.

تنهنجي لاءِ پٿون سارا سانگ پهاڙ جا.

 

چانڊوڪي توڙي چِٽِي،سُکِ نه ڪوئي انگُ،

ڇڪي ٻَڌُ تون تنگُ، سِرڪي پيو پاکڙو.

 


 

 

 

نيٺ ته نئون ڪوٽُ، اچڻو آهي اوٺيو!

متان چئو موٽُ، وارياسي جي واٽ تان!

 

پنهنجا ڪَڍِي مون، پراوا پَنهنجا ڪَيا.

اَڻڀوُو نيو آهي ڪيو مون کي ڌِڪيّ ڀوُن،

اڄ منهنجي رونُ رونُ، ڄٺڻ مون تي ئي ٿي کلي!

 

تنهنجي لاءِ اُڏام مُنهنجا پر کوهي وِڌا،

آهي تُنهنجي مامَ پوءِ به ڄَڻ مون کان پَري!

 

باکَ ڦُٽيءَ جو ٿو کڙي سورج مُکي جيئن.

سَپنو ساڀيا تيئَن نيٺ ته ٿيندو ساٿيو!

 


 

 

 

آءٌ ته هاڻي ئِي ڏِٺو سِجُّ پيو اوڀري،

آهه اڃا توتي توڙي ڪارِي راتڙِي.

 

ڪارونجهر جي ڪورَ جئين اوچو مُنهنجو چاههُ،

آءٌ اٽل ويساههُ لُڏِي لُڏان ڪينڪِي.

 

اوچو آن هر خواب کان تون جو مُنهنجو خوابُ،

آهي عَينُ عذابُ تو بِن مُنهنجي جندڙي.

 

تُنهنجِي کِل کِلڻي وسري وسرِي ڪينڪي،

ٻيهر تون مِلِڻي ڇا مون ناهين جيئري؟

 


 

 

 

چپَّ ڪچي ناريل جي آهن ڳُر وانگُر،

۽ هِي جي ڀُر ڀُر، چوِليءَ هيٺان ٻينڊيون!

 

ساروڻيُنِ وَلهارَ تي وَر وَر وسايو،

ياد پئي آيو توتي ڦوٽهڙو پرين.

 

ساروُڻيون ساڻيهَه جون وِکِڙي وَيون جي.

او شل سَميٽي آڻيان عالم جي اڳيان!

 

*سرتا! شاهي باغ ۾ انبن جي هيٺان.

او شل ٻُڌان مان ٽپ ٽپ سانوڻ مينهن جي.

 


 

 

 

ڇا هو وهندي واهَه ۾ تُنبَن تي ترندا،

وَرِي نه وَرندا، ڏيهي مُنهنجا ڏيهَه ۾!

 

ڌَرتيءَ تي ڌرڻو ڪري تيسين شَل تَرسان،

*جيسِين ميڙاڪا ڏِسان لَکِي در ڀرسان.

ڇِڳل ڪَنڍيُن جان، جيڪي ڇُڙ ڇُڙ ٿي ويا.

 

جنهن مان رستو ٿي وَيو تُنهنجي گهَر تائين،

**ڪارِي نهِائين، وِسرِي وِسرِي ڪينڪي.

 

ساروڻيون ساڻيهه جُون سُر ۾ سمويان،

شَلَ، موتي پويان، ڇِڄِي جي ڇُڙ ڇُڙ ٿيا!

 


 

 

 

سَرتيون! سانوَڻَ ۾ چَين نه پائي جيئڙو،

جيڪر اڱڻ ۾ ٻوُٽا ٻه ٽي پوکيان!

 

جهُڙ جِي جهاڳ اَجهاڳ آ، وَڏَ ڦُڙي وَسِڪارَ،

اَڄ پڻ مُنهنجي يارَ مون ڏي مُڪا مينهڙا.

 

اَڄ پڻ پنهنجي پاڻ ۾ سانجهيءَ رنگَ ڏسي،

پيو هانءُ ڦِسِي آيا سانوڻ مينهڙا.

 

تون بادل جي بُرج جئن اُڀري آئِي آن،

مون تي ڇائِي آن اَڄڪَلهه سانوڻ مينهن جئن.

 

يادِ وَرِي آيون توسان سانوڻ راتڙيون،

پِيريءَ پرڇايون جن ۾ جوڀن ڏينهڙا.

 


 

 

 

 


 

*  وسيهر ڪاريهر نانگ

*  ڍٻي - ڪوڙڪي

**  ڏونگهو مَٿو مَٿو جو ويٺل نه هجي

***  سيِر ڏيڻ - ڪُهڻ

*  ڇَڻاٽ - ڇمڪاٽ

*  سَنگرارُ جهنگ ٻلو

**  گانءُ - ڳوٺ

*  چَهو - لڪڻ

*  شاهي باغ شڪارپور جو هڪ باغ

*  لکي در شڪارپور جو هڪ چَؤسول

**  ڪاري نهائين شڪارپور جي هڪ گهِٽي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org