سيڪشن: شاعري

ڪتاب: سامي سج وڙاءُ

شيخ اياز

صفحو: 22

اياز! اسان کي افسوس آهي

 جيتوڻيڪ اياز کي ان جي ڪا به پرواهه ناهي ته گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ کان وٺي ڀٽ شاهه تائين ڇا ٿيو؟ پر جيڪو  ڪجهه به ٿيو، ان تي اسان جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو آهي. اسين سنڌ اسيمبليءَ کان شروعات ڪريون ٿا، پوءِ اديبن کان ٿيندي سنڌ يونيورسٽي، سنڌي ماڻهن ۽ ڀٽ شاهه تائين هلنداسين، جتي اياز ڀٽائيءَ جو سدائين لاءِ  پاڙيسري ٿي ويو آهي. اهو چوڻ ۾ اسان کي ڪو به شڪ باقي نه ٿو رهي ته جيڪڏهن اڄ سنڌ پاڻ وهيڻي  هجي ها ته اياز جو ڏک رڳو  هڪ حلقي ۾ محسوس  نه ڪيو وڃي ها پر هڪ درد جو درياءَ هجي ها، جيڪو سڄي سنڌ کي ٻوڙان ٻوڙ ڪري وڃي ها. پر سنڌ اڄ ٻين جي حوالي آهي.

ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اياز جا پڇاڙڪا سال ڪراچيءَ ۾ گذريا، جتي هن پنهنجا ڪيترائي ڪتاب تخليق  ڪيا. انهن ۾ ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ به هڪ آهي. پر ڪراچي اياز جو قدر نه ڪيو ۽ جيڪو مظاهرو گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيو، جيڪا سنڌي ماڻهن جي ڏکن ۽ سکن ۾ شامل ٿيڻ جي بلڪل اهل ناهي.اهو سنڌ اسيمبلي جي تاريخ ۾ هڪڙو ڪارو ڏينهن آهي.اياز ۽ ڊاڪٽر درشهوار تي ڳالهاڻن جي لاءِ ايوان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ ان ۾ ڪلاڪن تائين هُل هنگامو ٿيندو رهيو.اياز تي 60واري ڏهاڪي ۾ به ڳالهائڻ ڪو نه ڏنو ويندو هو ۽اڄ جڏهن حڪمران جمهوريت جي شان ۾ قصيدا پڙهي رهيا آهن،تڏهن به اسيمبليءَ اندر اياز تي ڳالهائڻ نه ٿو ڏنو وڃي.

ايم ڪيو ايم ته هونئن ئي سنڌي ماڻهن جي مرڻي پرڻي ۾ ڪنهن به ريت شامل نه ٿيندي آهي،پر هتي سنڌ اسيمبلي ميمبرن جا پرڪار ڏسجن ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته اُهي ڪجهه ڪرڻ جي اهل ناهن.اڄڪلهه ته اياز تي ڳالهائڻ جوکائتو ڪم نه رهيو آهي.پر جڏهن اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ شفخاد هلي رهيو آهي.تڏهن امير بخش ڀٽو،نادر حسين ڪماريو،اعجاز شاهه شيرازي ۽ جان محمد بروهيءَ سميت سرڪاري ڌر جا سمورا سنڌي ميمبر خاموش رهيا ۽ انهن مان ڪنهن به شيخ اياز توڙي ڊاڪٽر درشهوار سيد جي شخصيتن تي ڳالهائڻ جي خواهش ظاهر نه ڪئي.ڇا سنڌ اسيمبلي ان لاءِ آهي ته اُتي ميمبر اچي حاضريون لڳائي پنهنجون پگهارون سجايون ڪندا رهن؟يا ان کي پنهنجي بئڊ روم طور استعمال ڪندي ننڊون ڪندا رهن؟آخر ۾ جيتوڻيڪ سڀني گڏجي شيخ اياز ۽ ڊاڪٽر درشهوار سيد کي خراج تحسين لاءِ پيش ڪيل ٺهراءُ بحال ڪيو،پر اڳ ۾ ان جي به مخالفت ڪئي وئي.دراصل سنڌ اسيمبليءَ کي اهڙي خراب هلت هلڻ بدران سڄو ڏينهن شيخ اياز تي ڳالهائڻ کپي ها.پر انهن ائين نه ڪيو ۽ سنڌ اسيمبلي جي تاريخ ۾ اهڙي ڪاري باب جو اضافو ٿي ويو. سڀاڻي جڏهن ڪو شخص سنڌ اسيمبليءَ جي ڪارروائي جي رڪارڊ جا پنا اٿلائيندو،شيخ اياز ۽ ڊاڪٽر درشهوار بابت ٿيل اسيمبلي ۾ هنگامي واريون ڳالهيون پڙهندو،تڏهن هو سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن بابت ڪهڙي راءِ قائم ڪندو؟اسان ان جو جواب سنڌ اسيمبليءَ جي انهن ميمبرن تي ڇڏيون ٿا،جن اياز ۽ ڊاڪٽر درشهوار تي نه رڳو پاڻ ڪونه ڳالهايو پر ٻين کي به ڳالهائڻ ڪو نه ڏنائون.

اياز جي آخري رسمن دوران موجوده ٻه ٽي سؤ اديبن پاران جيڪا بدنظمي ٿي آهي،تنهن جون رپوٽون ته گذريل ڏينهن اخبارن ۾ اچي چڪيون آهن.پر ڇا ائين ٿيڻ گهرجي ها؟اياز جي جنازي نماز کان وٺي ان کي مٽيءَ ماءُ جي هنج حوالي ڪرڻ تائين جيڪو ڪجهه ٿيو.اهو انتهائي ڏکارو آهي.جنهن ريت جنازي نماز جي پهرين صف ۾ بيهڻ لاءِ افراتفري مچائي وئي ۽ وري سنڌ يونيورسٽي انتظاميا طرفان موڪليل گلن جي چادر چاڙهڻ واري اعلان تي گوڙ ٿيو،سو به ڪنهن به ريت مناسب ڪونه هو.اديب قوم جا سونهان هوندا آهن ۽ يونيورسٽيون ڏاهپ جا گهر هونديون آهن.پر هتي نه ته سنڌي اديبن سونهنِ وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ نه ئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظاميا اهو ثابت ڪيو ته انهن وٽ ڪا ذري جيتري ڏاهپ به آهي. پنهنجي اڳوڻي وائيس چانسلر جي آخري رسمن ۾ جهڙي ريت انهن مٿين دل سان شرڪت ڪئي،اهو نمونو اسان کي سمجهائڻ   لاءِ ڪافي مواد فرهم ڪري ٿو ته اياز يونيورسٽي وارن جي لاءِ ڪا وڏي معنيٰ نه ٿو رکي.پر ڇا سنڌ يونيورسٽي جو موجوده وائيس چانسلر يا انتظاميا ان حقيقت کان انڪار ڪري سگهندا ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي شيخ اياز ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ کان وڌيڪ ڏاها ماڻهو هن وقت تائين ڪونه مليا آهن.هينئر جيڪي آهن،اُهي ته ڏاهپ جي حوالي سان علامه ۽ اياز جي ڀرسان به ڪونه لنگهيا آهن.ڇا اياز جي آخري رسمن جو ڇا سنڌ يونيورسٽيءَ تي ڪو به حق ناهي؟’بهرحال‘”جو وڙي جڙي جن سين“

سنڌ اسيمبلي،سنڌ يونيورسٽي ۽ اديبن جيان ڀٽ شاهه جي انتظاميا به گهٽ ڪونه ڪئي.جيڪڏهن هڪڙو معمولي صلاحڪار به ڀٽ شاهه اچي ها ته سڄي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي وڃي ها،رستا صاف ٿي وڃن ها،چُن هارجي وڃي ها.گند ڪچرو ٻهارجي وڃي ها.پر انساني تاريخ جو هڪ تمام وڏو نانءُ پنهنجي آخري سفر تي ڀٽ شاهه اچي ٿو ته اتي جي انتظاميا ان جو ڪوبه استقبال نه ٿي ڪري.اها هميشه جيان ننڊ جي نڀاڳ ۾ ورتل آهي.اهي ڀلي سڄي ڀٽ شاهه جي صفائي نه ڪن ها.پر جنهن رستي تان اياز پنهنجي آخري آرمگاهه ڏانهن وڃي رهيو هو، تنهن تان رڳو پٿر، ڀتر هٽائي کڏا کوٻا ته ڀري ڇڏين ها. پر هنن کان اهو به ڪونه پڳو ۽ اياز ورن وڪڙن واري آخري رستي تان پنهنجو آخري سفر ڪيو.

مٿي اسين جيڪو ڪجهه بيان ڪري آيا آهيون.موجوده حالتن ۾ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ممڪن هو،ڇاڪاڻ ته اڄ مٿين ليول تي ڪرپشن گهر ڪري وئي آهي.جيئن ته انهن اياز جو فڪر ڪونه ڪيو،اسيمبلي ميمبرن کي جيڪڏهن اها اميد هجي ها ته اياز تي ڳالهائڻ سان انهن جو ووٽ بئنڪ مضبوط ٿيندو ته اهي لازمي طور هڪٻئي کان اياز تي ڳالهائڻ ۾ پوئتي ڇڏڻ کان وسئون ڪين گهٽائين ها.پر اياز ته هاڻي هڪڙو ووٽ به نه رهيو هو، ان ڪري انهن پاران اياز تي نه ڳالهائڻ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ٿو.

سنڌ يونيورسٽي انتظاميا لاءِ به هاڻي اياز ڪو فائدي مند ڪونه رهيو هو.جيڪڏهن انهن کي اها پڪ هجي ها ته،اياز جي آخري سفر ۾ ان سان هلڻ سان وائيس چانسلري جي عرصي ۾ وڌيڪ واڌ اچي وڃي ها ته موجوده وائيس چانسلر سڄي انتظاميا سميت پيرين پنڌ ڀٽ شاهه تائين لانگ مارچ ڪري ها.پر ائين ٿيڻو ڪونه هو،ان ڪري نه ته اسيمبلي ميمبرن اياز جي مرتبي جو خيال ڪيو ۽ نه ئي سنڌ يونيورسٽي کي پنهنجو اڳوڻو وائيس چانسلر مناسب نموني سان ياد اچي سگهيو.

جيستائين اياز جي آخري سفر ۾ تمام ٿورڙن ماڻهن جي شرڪت جو سوال آهي،ته ان سلسلي ۾ تمام وڏو بحث شروع ٿي ويو آهي. هڪڙن جو خيال آهي ته اياز 60ع واري ڏهاڪي وارو اياز ڪونه رهيو هو،ان ڪري سنڌي قوم اياز جي جنازي ۾ ڄاڻي واڻي شرڪت ڪانه ڪئي.ان جو مطلب اهو ئي آهي ته سنڌي قوم شعوري طور تمام اڳتي وڌيل آهي ته ڪير سندن سڄڻ آهي ۽ڪنهن سڄڻ پائي ۾ ڪجهه گهٽتائي ڪئي آهي.جيڪڏهن واقعي ائين هجي ها ته اسان ان تي تمام گهڻو سرها هجون ها.پر جنهن قوم جي اڪثريت اڃا تائين ڪڪڙ ويڙهائڻ ۾ پوري هجي،سوئر جو شڪار انهن جو پسنديده مشغلو هجي،سائي ٻوٽي انهن جو پسنديده مشروب هجي،ڪمزورن تي ڏاڍ ڪرڻ انهن جي غيرت جو ثبوت هجي،وڏيرن جي چوڻ تي ڪنهن بنڊ کي ئي ووٽ ڏيڻ انهن جي روايت هجي،ڏاڍي کي سلام ڪرڻ۽ هيڻي تي رعب ڌارڻ ۾ انهن کي روحاني سڪون ملندو هجي،تنهن قوم جي باري ۾ اهو فرض ڪري وٺجي ته شيخ اياز جي آخري رسمن ۾ سوچي سمجهي شرڪت نه  ڪئي آهي ۽ ايڏي وڏي قومي هم آهنگي جو مظاهرو ڪيو آهي.اسان کي سوچ جي ان سادگي تي افسوس  ٿئي ٿو.دراصل اياز جي آخري سفر ۾ تمام ٿورن ماڻهن جي شرڪت سنڌ ۾ شعور جي غربت جو ثبوت آهي.هونئن به وڏا شاعر مستقبل جا شاعر هوندا آهن،اياز آئيندي جي به آئيندي جو شاعر آهي ۽ سنڌي قوم ته اڃا ماضي جي ياد کان به نڪري ڪونه سگهي آهي.ان کي پنهنجي حال جي به خبر ناهي ۽ جنهن قوم جا اڄوڪا ليڊر ئي اياز جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ
 ضروري نه سمجهن، تڏهن ان قوم تي ڪهڙي معيار رکي سگهجي ٿي. جيتوڻيڪ اياز چيو هو ته:

”شاعر انسانيت جي موت کان اڳ ۾ مري ويندا آهن،

انهن کي انسانيت جي موت جا پروڻ پوندا آهن،

۽ انڪري هو اهڙو اطلاع ملندي ئي،

پنهنجي بياض جو ڪفن تاڻي،

ليٽي پوندا آهن.“

اياز به پنهنجي بياض جو ڪفن تاڻي سدائين لاءِ ليٽي پيو آهي ۽ پنهنجي پويان اهو سوال ڇڏي ويو آهي ته اسان جي انسانيت جي موت جو پروڻ اياز کي پئجي ويو هو؟ ڇا اياز جي آخري سفر ۾ سنڌ جي ماڻهن ساٿ ان انسانيت جي موت جي پهرين قسط ناهي؟ بهرحال گذريل ڏينهن جيڪو به ٿيو،اهو سٺو ڪونه ٿيو.اياز!اسان کي ان تي افسوس آهي.

    29 ڊسمبر روزانه ’بختور‘

اڙي موت ميار، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان

اڄ جي اخبارن ان دکدائڪ خبر سان گڏ پڙهندڙن تائين پهچي رهي آهي ته سنڌ جو مهان شاعر،دانشور،نثر نويس ۽ عالم شيخ اياز هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.سندس مڙهه کي اڄ صبح جو سندس ئي وصيت موجب ڀٽ شاهه ۾ دفنايو ويندو.سندس آخري رسمن ۾ سڄي سنڌ مان سندس مداح،اديب،شاعر،دانشور ۽ ڏاها شريڪ ٿيندا. شيخ مبارڪ علي عرف شيخ اياز کي ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي جي مڊايسٽ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو،جيڪو پنهنجي طبيعت جي گهڻي ناسازي سبب نيٺ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو .

موت هڪ اٽل حقيقت آهي،جنهن بابت شيخ اياز پاڻ ئي چيو آهي ته :

ڇني گل گلاب جا ڪَيئي ڌاروڌار،

اڙي موت ميار! ايڏو ساڙ سڳنڌ سان.

پر سڄي سنڌ ان ڳالهه تي متفق آهي ته سندس هي وڇوڙو رڳو جسماني وڇوڙو آهي.باقي سندس فڪر،شاعري ۽ پنجاهه کن ڪتاب اسان سان گڏ آهن،جيڪي صدين تائين اسان کي شيخ اياز جي ساڻ هجڻ جو احساس ڏياريندا رهندا.شيخ اياز جي حياتي جي ڏينهن خاص طور تي سندس پڇاڙڪن سالن ۾ موت هن جي لکڻين جو وڏي ۾ وڏو موضوع رهيو آهي ۽ آخرڪار جڏهن هو وڃي موت جو مهمان ٿيو آهي،تڏهن به سندس جسماني غيرموجودگي جي وڏي حقيقت هجڻ جي باوجود موت جو قد هن جي اڳيان تمام گهڻو ننڍو لڳي رهيو آهي ۽ نه ٿو لڳي ته موت هن کي ملهه ماري چڪو آهي.جيڪڏهن اسان جو ان ڳالهه ۾ ويساهه آهي ته اديب ۽ شاعر پنهنجي تخليقي پورهئي جي روپ ۾ هميشه زنده رهندا آهن ته پوءِ اسان سندس جسماني جدائي جو ڌڪ آساني سان پچائي سگهون ٿا. اها ڳالهه پڻ هن وقت ڪنهن اختلاف جهڙو موضوع ناهي ته شيخ اياز هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو. سنڌ ۾ سنڌي قوم لاءِ سندس قلمي پورهيو صدين تائين مستقبل جي سفر جي روشن لاٽ رهندو.ان ڳالهه جو ثبوت اهو آهي ته اڄ سندس لاڏاڻي تي رڳو ادبي لڏو نه پر سڄي سنڌ ڏکاري آهي.

اسان اعتراف ڪيون يا نه ڪيون پر شيخ اياز سنڌ لاءِ مهان آهي ۽ رهندو.جهڙي ريت سنڌ صدين تائين شاه عبدالطيف ڀٽائي پيدا نه ڪري سگهي آهي،اهڙي ئي ريت سنڌ ايندڙ ڪيترين ئي صدين تائين شايد شيخ اياز جهڙي مهان ڪوي کان محروم رهندي ۽ سندس لاڏاڻي سان سنڌي ادب کي جيڪو هاڃو رسيو آهي انکي شيخ اياز جي لکڻين کان سواءِ ڪير به ڀري نه ٿو سگهي.هن موقعي تي جڏهن شيخ اياز جي خاندان سان گڏ سڄي سنڌ سوڳوار آهي ته اسان کي اهي لفظ نه ملي رهيا آهن ته سنڌ واسين کي ڪهڙي نموني آٿت ڏئي سندن غم کي گهٽ ۾ گهٽ ڪري سگهجي ٿو پر اسان سڄي سنڌ جيان هن تعزيتي تڏي تي مغموم آهيون.ايترو ضرور آهي ته 21صديءَ جي چائنٺ تي اسان20صدي جي وڏي شاعر کان محروم ٿي ويا آهيون ۽ ايندڙ صدي جي ادبي ۽ فڪري دنيا ۾ شيخ اياز جون تخليقون،شاعري ۽ فڪر اسان لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندا.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سندن سموري قلمي پورهئي جيڪو سندس حياتي جي آخري ڏينهن تائين جاري رهيو،سنڀالي ۽ ان کي پنهنجي راهه جي مشعل بنائڻ جو ڏانءُ سکي وٺون ۽ اهو سکي وٺون ته مهانن جي مهانتا کي ڪيئن سانڍيو ۽ ڪم آڻبو آهي. ان سان گڏ اها دعا ته خدا تعاليٰ شيخ اياز جي خاندان سميت سڄي سوڳوار سنڌ کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي قوت ۽ صبر ڏئي ۽ شيخ اياز کي پنهنجي رحمتن جي ڇانو ۾ رکي.

29ڊسمبر 1997ع،روزانه’سوال‘

سنڌي صحافت جي ڀيٽا

ڪالهه هيون ڪرڪنديون،اُڏري ساڻ ٻچن،

نظر ڪونه اچن،اڄ سي ڪونجون روهه ۾.

                                     (اياز)

سال 97ع ويندي ويندي سنڌ سان جيڪي ويل وهائيندو پيو وڃي،تن اهل علم، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ سنڌ جي گهڻگهرن کي گهوري وڌو آهي.پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر درشهوار سيد کان پوءِ هن صدي جو وڏي ۾ وڏو سنڌي شاعر، اديب، صحافي ۽ دانشور شيخ مبارڪ علي اياز اسان کان جدا ٿي ويو آهي،سندس عمر 75 سال هئي،کيس چار ڏينهن اڳ دل ۽ ساهه جي تڪليف ڪري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ پاڻ آچر ڏينهن صبح جو ساڍي پنجين وڳي لاڏاڻو ڪيائين، شيخ اياز پويان هڪ بيوه،چار پٽ ۽ چار نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن، شيخ مبارڪ اياز سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ شاعري ڪئي ۽ سندس 55 کان  وڌيڪ نثري ۽ نظمي تصنيفون موجود آهن. شيخ مبارڪ اياز ڦوهه جواني کان افسانه نگار جي حيثيت ۾ ادبي زندگي جي شروعات ڪئي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ مهان قوي جي حيثيت حاصل ڪري ورتي.سندس تصنيفين کي آمريڪا،چين توڙي مختلف ملڪي ادارن انعام ڏنا.سندس شاعري جو انگريزي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي،شيخ اياز پهريون ڀيرو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي کي اردو ۾ ترجمو ڪيو.شيخ اياز وڪالت جي پيشي سان وابسته رهيو ۽ سکر ۾ ڪافي  سالن تائين وڪالت ڪندو رهيو.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ کيس سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو.شيخ اياز جي مڙهه کي اڄ ڀٽ شاهه ۾ دفنايو ويندو.

شيخ اياز جي زندگيءَ جا ڪيترائي رخ آهن،هڪ قومي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سندس مڃتا هئي.جڏهين 70ع واري ڏهاڪي ۾ جيل مان آزادي ماڻي ريل رستي سکر تائين ويو ته سنڌ اُٿلي پئي ۽ هر هنڌ سندس پيرن جي مٽي کڻي پنهنجن مٿن ۾ وڌي. شيخ اياز جو هڪ روپ اهو به هو جو مذهب جي خلاف ڪجهه شعر چوڻ تي هن خلاف مهم هلائي ويئي،شيخ اياز لطيف ثاني سڏيو ويو، سندس شاعري جي اوچي معيار ڪري،سنڌ جي ماڻهن جو ساڻس ڄڻ ٻٽيهه دليون ٿي ويون.هو اڪيلو شاعر هو،جيڪو سنڌين جي ٻڍن، ٻارن ،نوجوانن ۽ عورتن ۾ مقبول رهيو.سندس ڌرتي سان محبت ڀريا گيت نظم ۽ ڪلام ماڻهو جهونگاريندا هئا ته ڄڻ ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄاڻ ڏاڍ ڏري پوندا.شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح کان پوءِ شيخ مبارڪ اياز ئي واحد شاعر آهي،جنهن کي سنڌ،هند ۾ ايتري مڃتا ملي.شيخ اياز جو هڪ نئون روپ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلري جي روپ ۾ سامهون آيو،شاگرد تنظيمن جي سياست ۽ سياسي جماعتن جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ وڌنڌڙ سرگرمين شيخ اياز جي وائيس چانسلري واري عهدي کي تڪراري بنائي ڇڏيو،ان عهدي ماڻڻ تائين شيخ اياز کي سائين جي ايم سيد جي جانشين سمجهيو پيو ويندو هو.ان بعد ڪجهه عرصي لاءِ شيخ اياز صاحب گوشه نشيني اختيار ڪئي پر پنهنجي شاعري،تحريرن ۽ تخليقن عمل کي جاري رکيو،برسات رسالي جي ايڊيٽر مسٽر يوسف شاهين،شيخ اياز کي ڇاپڻ شروع ڪيو.ان بعد هُن جا ڪيترائي ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيا.شيخ اياز جو هڪ نئون روپ روزانه ”برسات“ڪراچي ۾ چيف ايڊيٽر طور سامهون آيو،سندس لکيل ايڊيٽوريلن ڪافي هلچل مچائي،جنهن ۾ هن پهريون ڀيرو ايڊيٽوريل جي تحرير کي نظم جي انداز ۾ پيش ڪيو.چيف ايڊيٽر جي حيثيت ۾ روزانه ”برسات“ڪراچيءَ کي مڃتا ڏيارڻ ۾ شيخ اياز جو وڏو هٿ رهيو،بعد ۾ صحت خراب رهڻ ڪري اخبار کان ڌار ٿي پنهنجي تخليقي ڪم ۾ رڌل رهيو.اهو سفر زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين جاري رکيو.

شيخ اياز ۽ سنڌ هڪ شيءِ جا ٻه نالا رهيا آهن ۽ سنڌ جي وڇوڙي تي اڄ سڄي سنڌ غمگين آهي. اهڙا پٽڙا مائرون روز ته ڪونه ٿيون ڄڻين، سنڌ ۽ اياز جي ناتي کي اڄ تائين نه ڪير ٽوڙي سگهيو آهي ۽ نه آئينده ڪو ٽوڙي سگهندو.

       (29 ڊسمبر روزانه،آفتاب)

شيخ اياز ۽ ڊاڪٽر درشهوار جي لاڏاڻي جو صدمو

ڊاڪٽر درشهوار سيد جي وڇوڙي جو ماتم اڃا ختم ئي نه ٿيو ته  هي نڀاڳي خبر آئي آهي ته سنڌ جو مهان شاعر ۽ اسڪالر شيخ اياز هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

ان الله و اِنا اليہ راجعون

ڊاڪٽر درشهوار سيد ۽ شيخ اياز فقط ٻن ڏينهن جي وڇوٽيءَ سان وفات ڪئي، ايڏين وڏين شخصيتن جي هڪٻئي  پٺيان  وفات سنڌ  واسين جي ڏک ۽ صدمي کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. شايد قدرت کي اهو ئي منظور هو. جيڪا رب جي رضا. ”هيءَ ڪميڻي ڪير جا امر کي آڏو ڦري“. هن دنيا ۾ به سندن واٽ  هڪڙي ئي هئي. سنڌي قوم جي جاڳرتا جو درد ۽ ولوڙ ٻنهي ۾ هڪ جهڙي ۽ هڪ جيتري هئي ۽ هنن عدم  ڏانهن سفر هڪ ئي وقت  شروع ڪيو آهي. ڊاڪٽر درشهوار  سيد جي علمي خدمتن کان ڪير واقف  نه آهي. هوءَ سنڌ جي عظيم  مدبر ۽ ننڍي کنڊ جي نامياري  قوم پرست سياستدان  سائين جي ايم سيد  جي نياڻي هئي. سندس  ئي گود ۾ پرورش ۽ تربيت حاصل ڪئي. سنڌ جي سيد گهراڻن ۾ نياڻين کي علم جي زيور سان آراسته  ڪرڻ کي عيب  سمجهيو ويندو آهي، پر هن لنڊن جي جڳ مشهور  ادارن مان تعليم حاصل ڪئي. اتان پوسٽ گريجوئيٽ ڊگري ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. هوءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائي  تي ڊاڪٽريٽ ڪندڙ پهرين سنڌي خاتون هئي. پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن  پاڻ کي علم ورهائڻ واري خدمت  سان وابسته ڪري ڇڏيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾  عرصي تائين خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ سندس  ڪوششن سان ڪراچي  يونيورسٽيءَ ۾ شاهه لطيف چيئر قائم ٿي جنهن جي پاڻ ڊائريڪٽر ٿي رهي. جيتوڻيڪ ٻنهي تعليمي ادارن ۾ وقت جي حالتن ساڻس سٺو ورتاءُ نه ڪيو، تنهن هوندي به عوام، علمي ادبي حلقن توڙي شاگردن ۾ کيس عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. محقق جي حيثيت  سان سندس علمي لياقتن کي هر هنڌ مڃتا ملي، رڳو بي قدر حڪمرانن کيس اهميت نه ڏني. جيتوڻيڪ هن سنڌ جي برک سياسي گهراڻي ۾ اک کولي پر هن سياست کي خانداني ورثو بنائڻ بدران علم ۽ تحقيق کي سنڌي قوم جي نئين نسل ۾ علمي شعور پيدا  ڪرڻ کي پنهنجو مقصد  بنايو  ۽ شاهه عبداللطيف  جي ڪلام کي ملڪان ملڪ متعارف ڪرايو. اهو ساڳيو مشن شيخ اياز واري ٻي طرح سان هٿ ۾ کنيو. جيتوڻيڪ پاڻ پيشي جي لحاظ کان وڪيل هو ۽ اعليٰ پائي جو اسڪالر هو، پر پنهنجي ڏات سان هن سنڌي شاعريءَ کي نئون رخ ڏنو. سندس جذباتي ڪلام نوجوان سنڌي نسل ۾ نئون روح  ڦوڪيو ۽ پنهنجي شناخت  جو ولولو  پيدا ڪيو. سندس ڪلام هٿو هٿ کڄڻ لڳو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هو جديد  سنڌي شاعريءَ جو ابو بنجي ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان  پوءِ واري دور ۾ سنڌ ٻيا به اعليٰ پائي جا شاعر ۽ اديب  پيدا ڪيا پر شيخ اياز واري  منزل ڪير به ماڻي نه سگهيو.1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن ۾ سڄي سنڌ اندر شيخ اياز جي ڪلام جي گونج ٻڌڻ ۾ ايندي هئي.

پاڻ ڪجهه  وقت لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به ٿي رهيو. هيلتائين سندس ڪلام ۽  نثر جا ڪئين ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. شاهه عبدللطيف ڀٽائي جي رسالي جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو  سندس وڏو ڪارنامو آهي. پر سندس ورهاڱي کان اڳ واري  اردو شاعري به  هڪ شاهڪار آهي جيڪا ٿورن ماڻهن جي نظر مان گذري هوندي. شيخ اياز  ڪجهه عرصو صحافت کي به ڏنو ۽ پويون  ڀيرو روزانه برسات ڪراچي سان ٿوري وقت لاءِ وابسته رهيو، پر وڏي عمر واري ضعيفي کيس ڪم ڪرڻ نه ڏنو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن  جي مڃتا طور کيس ڪئين ايوارڊ ڏنا ويا. هاڻ شيخ اياز اسان وٽ ڪونهي. هو پنهنجي خالق  حقيقي سان وڃي مليو آهي. هي سال سنڌ لاءِ ڏاڍو ڳرو ثابت ٿيو آهي، جنهن ۾ اسان کان ڪيترائي عالم، محقق ۽ علم دوست دانشور  ماڻهو وڇڙي  ويا آهن جن ۾ ڊاڪٽر فيروز، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر اياز قادري، عبدالرحمان نقاش، ڊاڪٽر مرتضيٰ شيخ ۽ محبت ٻرڙو شامل آهن. سنڌ ۾ ڏاهن، محققن، فلاسافرن ۽ دانشورن جي اڳ ئي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي. هاڻ شيخ اياز ۽ ڊاڪٽر درشهوار سيد به اسان کي ڇڏي ويا آهن. موت برحق آهي. هڪ ڏينهن هر ڪنهن کي هلڻو آهي، پر سنڌ واسين  تي اڄ ڏک ۽ غم جا ڪڪر ڇانيل آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪو  خال پيدا ٿيو آهي، اهو  مشڪل سان ڀرجي سگهندو. ڊاڪٽر درشهوار  ۽ شيخ اياز  جهڙا ماڻهو هاڻ ڪٿان ايندا؟ ڪڏهن پيدا ٿيندا؟ اسين مرحومين جي ڏکويل خاندانن ۽ سنڌ جي عوام سان ڏک ونڊيندي  دعاگو آهيون ته شال الله تعاليٰ  سندن مغفرت ڪري ۽ جنت ۾ جايون ڏئي. آمين

(29- ڊسمبر روزانه هلال پاڪستان)

LEGANDS NEVER DIE!

شاعر جو موت: (2- مارچ 1923ع – 28 – ڊسمبر 1997ع)

هي سال ويندي ويندي، 28- ڊسمبر واري خشڪ، اونداهي ۽ ٿڌي صبح جو، سنڌ جي چاڪ چاڪ فضا ۾ هڪڙو اهڙو ڏيهاڙو ڇڏي ويو آهي، جيڪو اسان کي سدائين ’ڪاري ڏيهاڙي‘ طور ياد رهندو. هڪ اهڙو ڏيهاڙو، جنهن تي اسان پنهنجي شاعر کي پنهنجي دلين وانگر  وڃايو. ائين آهي ته هن جو موت رڳو ’دل جي موت‘ وانگر آهي، پکيءَ جي موت وانگر آهي، ٻارڙي جي موت وانگر آهي، محبت جي موت وانگر آهي، اکين جي روشنيءَ جي موت وانگر آهي، هڪ دعا جي موت وانگر آهي!

اياز: هي نالو، هڪ اهڙي ’دؤر‘ جو نالو آهي، جنهن جو تسلسل پوري اڌ صديءَ تي مشتمل آهي، انهيءَ لحاظ کان هن جو موت، دراصل ‘هڪ دؤر جي موت‘ وانگر آهي. ۽ هو هڪ اهڙي رش ڪندڙ، هلڪڙي، ڪتابن کان ٽهندڙ، مرده پرست ۽ پنڪين ۾ رهندڙ ديس ۾ ڄائو، جنهن ۾ ‘سوچ‘، ’پڙهڻ‘ ۽ ’محسوس‘ ڪرڻ، پاڳلپڻو چورائي ٿو. هتي يا ته جهالت ۽ بيخبري آهي، يا سياست آهي! پوري سنڌ جا ماڻهو، هڪ جهالت ڀري خاموشي ۽ بيخبريءَ ۾ رهن ٿا- ۽ ٻئي پاسي سياست ڪندڙن جي مفادن  ڀري بڪواس آهي گروه بنديون ۽ ننڍڙيون دليون آهن. اهڙن ماڻهن جي رش ۾، جيڪڏهن ڪوئي اياز ٿي پئي ٿو، ته اهو به اهڙن ماڻهن جي ’پٿرن‘ جي بارش کان بچي نه ٿو سگهي. پٿرن جي سنگ باريءَ ۾ هڪ ماڻهوءَ جي دل، جيستائين ڀوڳي، ڀوڳي سگهي ٿي. اياز جي دل به ايترو ئي ڀوڳيو ۽ پوءِ وقت آيو، جو ڄڻ ته اياز پنهنجي ئي شعر وانگر چيو:

”اي دل هاڻي بس ڪر!

گهڻي پٽ کوهه ڪئي سين!“

۽ جڏهن صبح جو 5- وڳي ڌاري ڊاڪٽرن مڊ ايسٽ اسپتال ۾ شاعر جي ڪمري جو دروازو کوليو ته، ان جو هٿ پنهنجي دل واري پاسي ’اشارو‘ ڪري رهيو هو ۽ اوڏانهن مُڙيل  هو. هن جي دل، جيڪا 74- سالن تائين نڀائيندي آئي هئي، آخر ۾ وڌيڪ هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو- ۽ باقي سفر، ڀٽ شاهه تائين هو، جيڪو سڏڪن ۽ تعظيم- لائق گلن جي ورکا ۾ پورو  ٿيو ۽ هن کي ڀٽائي جي مقبري سامهون ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي ابدي ننڊ ڪرڻ لاءِ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنهن ’مٽيءَ‘ لاءِ پاڻ چيو هئائين:

”مٽي اول، مٽي آخر، مٽي زنده آباد“.

هن جي 50 – ڪتابن، جيڪي شاعري، ڊائرين، خطن، انٽرويوز ۽ ڪٿائن تي مبني آهن. ۾ اوهان کي هن جو سارو فڪر، ننڍي کنڊ جي پسمنظر ۽ وحدت ۾ ملندي. دراصل اياز جي فن ۾ ننڍي کنڊ جي مشرقيت ۽ مغربيت جو هڪ پيارو سنگم آهي ۽ هو جنهن جي سڄي عمر، ڪتابن جي سنگت ۾ رهي ۽ مغرب جي شاعري، فن ۽ فلسفي سان سندس آشنائي، سنڌ تي ڪنهن به ماڻهوءَ کان، هن کي وڌيڪ هئي. هن سنڌ کي جيڪو ڏنو، هاڻ اهو رڳو سنڌ نه پر ننڍي کنڊ ۽ ايشيا جو ورثو آهي ۽ جيڪڏهن اندر ” جون بدنيتون“ ڪڍيون وڃن ته، ان ورثي کي ايشيا ۽ دنيا  تائين پهچائي سگهجي ٿو.

زندگيءَ  جي آخر لمحن ۾ هو تصوف جي دنيا جو باشندو هو. اسر ويل هو ميران ٻائي جا ڀڄن، يا رجنيش جا ڊسڪورسز ٻڌندو هو، يا ”سائين مرنا“ جون ڌنون، پرنس ڪامپليڪس  ۾ هن جي فليٽ جو ڪمرو، سندس لفظن ۾ ”هڪ ٻيو ڀٽ شاهه“ هو ۽ سندس ئي چواڻي، ”ڀٽ شاهه سڄي ڪائنات تائين ڦهليل هو.“ ائين اياز جا آخري ڏيهاڙا ” پيهي جا پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ“ وانگر هئا ۽هن سموري پوئين  عرصي ۾ پنهنجي زندگيءَ، فن ۽ محبت، آزادي ۽ سچ جهڙن اسرارن  تي سوچيو، پڙهيو ۽ لکيو. جيڪڏهن اسان اياز جي پهرئين ۽ پوئين فڪر کي ڏسنداسين ته، اهو ڪائنات ۽ زندگيءَ جي ڀرپور اسرارن سان سلهاڙيل نظر ايندو ۽ هن شخص بهرحال ايترو ڪجهه ڏنو آهي، جو صدين تائين اسان جي پياس اجهائيندو رهندو۽ ايندڙ دؤر، هن کي اڃان وڌيڪ پرکيندو.

اڄ جيڪي عقل جا انڌا، اهو چون ٿا ته اسان اياز کي ڊسڪور (دريافت) ڪيو آهي ”ڪنن آنن“ وانگر ٿي ويندا ۽ اياز جو ايندڙ دؤر، اياز پڄاڻا اڃان وڌيڪ سونهرو هوندو. عظيم ماڻهو حال ۾ نه پر مستقبل ۾ پرکبا آهن- جيئن دنيا جي سڀني جينئس ماڻهن  سان ٿيو آهي، يا جيئن ڀٽائي جي معاملي ۾ ٿيو.

اياز ڪي سال اڳ لکيو هو:

”باغي شاعر شيخ اياز،

آيو ڪيئن ڀٽائي ڀاڻ“!

تڏهن اياز کي ڪهڙي خبر هئي ته سڀاڻي هو ڀٽائي جي ڀاڻن تي ئي دفن ٿيندو ۽ اياز ته پنهنجو آخري ڇپيل ڪتاب” ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ ڀٽائي کي منسوب ڪيو هو ۽ ان ۾ لکيو هو: ” تنهنجي جُتيءَ جي مٽي – شيخ اياز“. ڀٽائي ۽ اياز سنڌ جا ٻه  وڏا سچ آهن، اهڙا سچ جن کان انڪار، اصل ۾ پنهنجي ”هئڻ“ کان انڪار ٿيندو. اچو ته هن شخص کي سڃاڻون، جيڪو ويندي ويندي به سنڌ کي پنهنجي ڏات ۽ دعائون ڏئي ويو، ۽ جنهن جي شاعري ئي، سنڌ جي حفاظت  ڪندي، سندس ئي لفظن ۾ : ”مان سنڌ جي چوڌاري پنهنجي شاعري، ديوار چين وانگر کڙي ڪيون ٿو وڃان، جنهن کي ڪوئي اورانگهي نه ٿو سگهي.“

(پهرين جنوري- عبرت مئگزين)

ڪهڙي موت ميار . . . . . !

هيءُ سال سنڌ واسين لاءِ ڏاڍو نڀاڳو ثابت ٿيو آهي، جنهن پنهنجي موت کان اڳ اسان کي نه رڳو سنڌ بلڪ دنيا عظيم شاعر شيخ اياز جي وڇوڙي جي جيءَ جهوريندڙ خبر ٻڌائي ڇڏي. جنهن عظيم شخص جو آواز  صدين تائين پڙاڏا  ڪندو رهندو، اهو اڄ پاڻ هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو. سڄي سنڌ پنهنجي سڀاڳي پٽ شيخ اياز جي موت جي غم ۾ ٻڏل آهي. هر طرف رڳو سڏڪن ۽ تعزيتن  جا آواز ٻڌڻ ۾ پيا اچن. اسان جو قلم  سنڌ جي هن عظيم ڏاهي ۽ داناءَ پٽ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ کان قاصر آهي. ان ۾ ايتري طاقت ۽ سگهه ناهي جو لفظن سان انصاف  ڪري سگهي. بس هن وقت اسان  پنهنجي عظيم شاعر جي عقيدت ۾ ڪجهه  لکڻ کان اڳ هٿ ادب جا ٻڌي معافي وٺي رڳو اهو چونداسون ته

محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن

تن جو صرافن اڻ توريو اگهايو- (شاهه)

موت به فوج وانگر اهڙي وقت واردات ڪئي، جنهن وقت سڄو لوڪ ستل هو ۽ سج اڃا ڌرتيءَ کي روشن ڪرڻ جا سانباها  ڪري رهيو هو. موت کي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ شيخ اياز جي اکين ۾ اکيون ملائڻ جي جرئت نه ٿي، جڏهن ته شيخ اياز موت سان اکيون اکين ۾ ملائڻ کان ڪڏهن به ڪو نه گهٻرايو. ان جي گواهه سندس پڇاڙڪي شاعري آهي، شيخ اياز هن ڌرتيءَ جو سورهيه پٽ هو. جنهن دور ۾ ادب جي ميدان  تي سنڌ دشمنن  مورچا سنڀالي ساڙ، نفرت، ڪيني، بغض ۽ تعصب  جا تير پئي وسايا، تڏهن شيخ اياز اڳتي وڌي اهي سڀ پاڻ ڏانهن موڙيا، شيخ اياز جيڪڏهن موت کان ڊڄڻ وارو هجي ها ته هو ڪڏهن به شاعري، ادب ۽ فلسفي جي ميدان ۾ پير نه وجهي ها.

شيخ اياز جو تعلق جيتوڻيڪ ننڍڙي قوم ۽ ننڍي ٻوليءَ سان هو، پر هو نه  رڳو، سنڌ، سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر هو، بلڪ هو پاڪستان ۽ دنيا جو وڏو شاعر هو. شيخ اياز جي مان مرتبي ۽ وڏائيءَ کي به هن زماني تائين محدود نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته هو هن زماني جو قيدي نه هو. هو آزاد فضائن ۾ رهڻ وارو شخص هو. هن جيڪا شاعري ڪئي اها به ايندڙ ڪيئي زمانن جي  وڏي شاعري هوندي. عظيم شاعر ٻين زبانن ۾ به گذريا آهن، بلڪ سڀني زبانن عظيم شاعر پيدا ڪيا هوندا، پر جيڪڏهن فلسفي، ادب ۽ شاعريءَ جا پارکو انصاف پسنديءَ سان شيخ اياز جي شاعريءَ جو جائزو وٺن، ته شيخ اياز يقيناً عالمي ۽ تاريخي سطح جي شاعرن جي اڳينءَ صف ۾ نظر ايندو.

شيخ اياز جي سوچ سان سوين اختلاف ٿي سگهن ٿا ۽ ڪيترن  ئي اديبن ۽ شاعرن ساڻس حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي اختلافن جو اظهار ڪيو، پر سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي جيڪا خدمت شيخ اياز ڪئي، تنهن کي ڪنهن تعصبي ڪنهن ننڍي دماغ واري ماڻهوءَ ئي  نظر انداز ڪيو هوندو. جڏهن ايوبي آمريت  واري دؤر ۾ سنڌ جا ماڻهو ڏهڪاءَ ۾ ورتل هئا، تڏهن شيخ اياز جي گيتن، واين، غزلن سنڌين  جي رڳن ۾ نئون جوش ۽ جذبو ڀريو هو ۽ سنڌ کي آڳ بڻائي ايوبي آمريت  جي آڏو کڻي آڻي بيهاريو هو. شيخ اياز رسول بخش پليجي، ابراهيم جوئي، سراج الحق ميمڻ، جمال ابڙي، غلام رباني آگري، غلام محمد گرامي ۽ رشيد ڀٽيءَ ۽ ٻين اديبن  پنهنجي قلم جي زور سان سنڌي سماج کي جمود واري حالت مان ڪڍيو هيءُ اهو دور هو جڏهن پوري سنڌ شيخ اياز جي گيتن سان گونجندي هئي.

سال 1997ع سنڌ لاءِ ڏاڍو ڳرو ثابت ٿيو آهي، ڇو ته هن سال اسان کان علم، ادب ۽ شاعري جي ميدان جون ڪيئي قدآور  شخصيتون کسجي ويون جن ۾ شيخ اياز، ڊاڪٽر فيروز احمد، ڊاڪٽر درشهوار سيد، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، ممتاز مرزا ۽ عبدالرحمان نقاش شامل آهن. ههڙي ادبي ۽ علمي ڏڪار واري دؤر ۾ ههڙين شخصيتن  جي وڇوڙي جي ڪري سنڌ کي جيڪو نقصان پهتو آهي ان جو پوراءُ ويجهڙ ۾ ٿيڻ ممڪن نٿو لڳي.

اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان جي اها بدنصيبي آهي ته اياز جو صحيح ادراڪ  نه ٿيو آهي جيئن  ته اياز شناسي پنهنجي جاءِ تي الڳ  مقام رکي ٿي ان ڪري پاڪستان جي ادب، علم ۽ شاعريءَ جا طالب علم، جن کي اياز متعلق  پوري خبر ناهي، اهي پاڻ کي خوش نصيب نه سمجهن ۽ اهي اهو نه سمجهن ته اهي پاڪستان جي علم ادب يا شاعريءَ کان پوريءَ ريت واقف آهن. ان ڏس  ۾ ڪرڻ وارو اهم ڪم اهو آهي ته سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ اياز چيئر قائم ڪئي وڃي، جيتوڻيڪ اهم ڪم تمام گهڻو اڳ ٿي وڃڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اياز جو فن اييترو محدود به ڪونهي، جو ان تي تحقيق لاءِ ڪنهن سوچ ويچار جي ضرورت پيش اچي. اسان يقينن خوش نصيب آهيون، جو اسان اياز جي دؤر ۾ ساهه کنيو آهي، اياز کي ڏٺو اٿئون، اياز سان ڪچهريون ڪيون اٿئون، اسان جا ايندڙ نسل ضرور اهي مثال پيش ڪندا، ته اسان جو فلاڻو وڏو، وڏڙو ان دور جي عظيم شاعر شيخ اياز سان مليو هو. اياز شناسيءَ  جي ڏس ۾ آڊيو ويوئل لائبريري  قائم ڪرڻ به وقت جي اهم تقاضا آهي.ٿيڻ ائين گهرجي ته اسان مان جن دوستن وٽ اياز جون ، اياز سان تصويرون، وڊيون ۽ آڊيو البم هجن، سي هڪ هنڌ گڏ ڪيا وڃن، جيڪي اڳتي هلي سندس فن ۽ شخصيت کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڏيندا.

سنڌ ان لحاظ کان ڀاڳن ڀري ڌرتي آهي، جنهن جي ڌڻين کي اڻويهين صديءَ ۾ شيخ اياز جهڙو مهان شاعر نصيب ٿيو، جنهن جي شاعريءَ مان ايڪيهين صدي اڃا به ايندڙ صدين تائين جوت ۽ رهنمائي ماڻي سگهندي.

(29 ڊسمبر روزانه جاڳو)
 

شيخ اياز بابت اديبن ۽ شاعرن جا ويچار

ترتيب: وسيم سومرو

مولانا آزاد جي مرتبي تي تبصرو ڪندي برٽئنڊرسل چيو هئو ته، عظيم فليسوف ڦيثا غورس کان پوءِ دنيا جي هڪ عظيم ۽ سوچيندڙ  فقير جو لاڏاڻو ٿيو آهي. انهي سلسلي ۾ اسين چئي سگهون ٿا ته لطيف سائين کان پوءِ اڄ اسان کان سنڌ جو سڀني کان وڏو ساهتڪار جدا ٿيو آهي. ان هوندي به اها حقيقت آهي ته شيخ صاحب جي وڇوڙي سان گڏ سندس بي مثال فن، پنهنجي منزل ماڻي چڪو آهي. جيڪو مستقبل ۾ کيس بيشمار زندگيون بخشيندو.

-انعام شيخ

 * شيخ اياز جي هڪ پراڻي همسفر ساٿي جي حيثيت  ۾ صرف ايترو چوندس ته سنڌ جو ادبي- تاريخي باب، اياز کان سواءِ نامڪمل آهي. سندس شاعري ۾ سنڌ جي ڌرتي ۽ ان جي رهواسين جي جذبن جي چٽسالي ٿيل آهي.شايد ههڙا نظارا هاڻ ڪير پسائيندو. ”رات آئي وئي تون نه آئين ڪهي، ماڪ ۾ مينڌرا ڪاڪ روئندي رهي.“ شيخ اياز جي وڇوڙي جو ڏک سڄي سنڌ جو ڏک آهي.

حميد سنڌي

*پيڙائن جو سمنڊ جهاڳي اڪوهين صدي جي آڳر تي بيٺل سنڌ سڏڪي پئي ۽ هر هڪ اک ۾ اٿلي پئي آ برسات پر شيخ اياز جا گيت آٿت بڻجي جياپي جي واٽ ۾ لاٽون بڻجي ڏيئا ڏيئا ليئا ڳاٽ بڻجي گونجڻ لڳا آهن.

-زيب نظاماڻي

*موت ماڻهو کي ماريندو آهي پر جنهن موت کي ماريو آهي، اهو شيخ اياز آهي.هن موت کي ماريو آهي.اياز مرڻو ناهي. هو جيئرو رهندو جيستائين هي ڌرتي آهي. هن جي شاعري جا ٻول هن جون صدائون فضائن ۾، ڪتابن ۾،هر سنڌيءَ جي دلين ۾ سمايل رهنديون.شيخ اياز کي ائين ڪڏهن به وساري نٿا سگهون.اياز تي اسان کي فخر هو.۽ سدائين رهندو.

-نذير ناز

*ٻي خبر ناهه پر مرڻ کانپوءِ تو سان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون.مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي ۽ وڌيڪ ٻڌائي نٿي سگهان.ڇو ته مون هن کي هڪ پل لاءِ پاڻ کان ڌار نه سمجهيو آهي.

-جيجي زرينه بلوچ

*شيخ اياز سنڌي ادب جي واحد شخصيت هئي، جنهن جي حياتي ۾ ئي سندس تخليق جي حوالي سان گهڻو لکيو ۽ ڳالهايو ويو. اياز، سنڌي ادب جي ميدان ۾ ٿڌڙي هير به هو ته هڪ طوفان به هو.سنڌي ادب جي تاريخ اياز جي ذڪر کان سواءِ اڻپوري رهندي.اڄ سڄي سنڌ ۽ هند اياز جي وفات تي روئي پئي.

-حفيظ ڪنڀر

 *شيخ اياز هن جڳ جو گرو ”ڌورڻ آچاريه“ هو جنهن جي ڏات ڪيترائي ”اڪاويه“ اجاري اڇا ڪيا.

-ارشاد ساگر

*شيخ اياز پنهنجي  شاعراڻي  ڏات  ۽ فڪري بلندي جي حوالي سان  عالمي مرتبي جو شاعر هئو. هو سنڌ جي حال ۽ مستقبل تي صديون ڇانيل رهندو.

-غلام حسين رنگريز

 

شيخ اياز هن ڌرتي جو اهڙو شاعر آهي، ماضيءَ جي دؤر ۾ جيئن موسيقي جي دنيا ۾ تان سين رهيو آهي.

-عبدالغفور سومرو

شيخ اياز سنڌ جو سر موڙ شاعر هو. آئون گهٽ روئيندو آهيان، پر اڄ الائي ڪهڙي ڪيفيت مون کي روئاڙي وڌو.

-غلام نبي ناشاد

*جيترو جلد ٿي سگهي، شيخ اياز جي لاڏاڻي واري ”ڏک“ کي وسيع ڪري ”فخر“ ۾ بدلائي ڇڏجي.

-شمشير الحيدري

* شاهه لطيف ۽ ڪشن چند بيوس کان پوءِ سنڌ جي تاريخ جي شاعريءَ جي اهم ۽ مضبوط ڪڙي شيخ اياز هو، جنهن پنهنجي شاعري جي موضوعاتي پکيڙ کي ايترو  ته وسيع ڪيو آهي، جو شيخ جي شاعري جي موضوعاتي دنيا ايندڙ ٻن صدين تائين پنهنجا اثر برقرار رکي سگهي ٿي. شيخ اياز ان ڪري وڏو شاعر نه آهي ته هن گهڻي شاعري ڪئي آهي، جيئن عام طرح شاعرن بابت ڇيد ڪيو ويندو آهي. دراصل شيخ اياز ان ڪري هن صدي جو وڏو ۽ اهم شاعر آهي جو هن جي شاعري پنهنجي فن ۽ فڪر ۾ اها مڪملتا ماڻي آهي، جا زندگي جو رياض آهي، جنهن مان ايندڙ دنيائون هميشه لاءِ نغمگي ۽ مقصديت ماڻينديون رهنديون. شيخ اياز جي نظر هڪ ئي وقت پنهنجي ماضيءَ جي ڪائنات جي گوناگون حسين رنگن جيان پنهنجي شاعري جي حسن کي بين الاقوامي رنگ جي حسن سان ملائيندو رهيو ۽ جنهن کي سڄي دنيا جا ماڻهو ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهن ٿا.

-سوز هالائي

 شيخ اياز جو موت جتي سانحو آهي، اتي هن جو موت سندس شاعري جي سمجهه جا اسان تي نوان دروازا کولڻ لاءِ اسان جي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪري ٿو. جيتوڻيڪ محسوس ائين ڪيو ويو آهي ته شيخ اياز موت کان مرعوب ٿي ويو هو، جنهن ڪري هن باقي زندگي گهڻو تڻو موت بابت گيت پئي لکيا پر منهنجي سوچ ۾ اها هن جي موت کي قبولڻ بابت هڪ گرانڊ ريهرسل  هئي. جنهن کي هن جي وڇوڙي تي عطيه دائود کان وٺي اياز گل ۽ تنوير عباسي جي اکين تائين مون لڙڪن جي بارش ۾ ڏٺو آهي. ڇا هنن لڙڪن جي بارش پويان ڪوئي مستقبل جو سنديش لڪل آهي.

دراصل شيخ اياز جي شاعري ئي اهو سنديش آهي، جنهن کي ڳائي اڄ وري سنڌ جي ستل هوائن کي جاڳائڻ جي ضرورت آهي. اڄوڪي سنڌ جو نئون شعور شيخ اياز ۽ سندس شاعري کان سواءِ نامڪمل آهي. ان جي مڪملتا لاءِ ضروري آهي ته اسان اياز جي گيتن کي بار بار ورجايون، وري وري ورجايون.  جو خود شيخ اياز جي روح جي به ته اها ئي تمنا هوندي هئي.

-وسيم سومرو

* شيخ اياز ويهين صدي جو سڀ کان وڏو شاعر آهي. اياز جو موت جيتوڻيڪ سندس فقط جسماني موت آهي، پر لڳي ٿو ڄڻ ويهين صدي اڄ مري وئي آهي.

زيب سنڌي

 * شيخ اياز موجوده ويهين صدي جو وڏي ۾ وڏو ڪوي آهي. اياز جو موت سنڌي شاعري، سنڌي ادب جي هن دور هن صدي جو وڏي ۾ وڏو سانحو آهي. اسان جو ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي ته شيخ اياز سنڌي ادبي سنگت سنڌ جا پنجاهه سال اکين سان ڏٺا پر ان جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ڏسي نه سگهيو، پر وڏي ڳالهه ته اها گوللڊن جوبلي ڪانفرنس به سندس ئي نان تي وڃي ٿي. جيڪا شيخ اياز سان سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ڪميٽمينٽ آهي.

-معشوق ڌاريجو

* منهنجي لاءِ هي دکدائڪ خبر ڪنهن وڏي زلزلي کان گهٽ ڪونهي. خبر ٻڌڻ سان لڙڪ پنهنجو پاڻ نڇاور  ٿيڻ لڳا. دعا ڪريو سڀ گڏجون ته جيئن سنڌي ادب تي ننڍي کنڊ جي وڏي ڪوي جيڪو، سج جيان سدا روشن رهيو، جي وڃڻ سان جيڪو ادب کي گرهڻ لڳو آهي، سو هٽي وڃي ۽ اسين ان سج جا ڪرڻ بڻجي باک جي ساک کڻي سندس مقصد سان ساٿ نڀايون.

-سميع بلوچ

* اڄ 28 ڊسمبر 1997ع تي اسين خبر ناهي ڇا سوچي سنڌي ادبي سنگت  جي پنجاهه ساله جوبلي جي حوالي سان ڀرپور احساس ۽ خوشين جا جذبا کڻي  آيا هئاسين پر هال ۾ پهچندي ئي مانواري اياز گل پنهنجن ڀنل نيڻن سان اها دکدائڪ  خبر ٻڌائي ته، شيخ اياز جي روح جو پکيئڙو هن عنصري قفس مان  پنهنجي ازلي ابدي آرام گاهه ڏانهن  پروانو ڪري ويو آهي. خبر ڇا هئي؟ دل جي دنيا تي ڄڻ ڪو ايٽم بم ڪري پيو. اياز هن صدي جو تمام وڏو عوامي، انقلابي ۽ ڌرتي ڏانهن جوابدار شاعر ۽ ڏاهو ۽ سرجڻهار هو. هن جي موت جو غم اسان سڀني جي دل جي گهرائين ۾ بڙڇي وارو گهاءُ بنجي ويو آهي. اياز علم، فڪر، ڏات ۽ ڏاهپ جو اهو هماليه جبل هو، جنهن جي ڊيگهه ۽ ويڪر اسين ماپي به نٿا سگهون. هو زنده آهي، هو پنهنجي ڏات ۽ فن جي حوالي سان هميشه زنده رهندو.

- عبدالحڪيم ارشد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org