سيڪشن: شيخ اياز

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

شيخ اياز:

صفحو: 4

مورَک (ب)

(1)

مايا مَنجِهه مَگنُ، مُورَکَ رَهَنِ مَتِ ري،

جُدا ڄاڻِي پاڻَ کي، ڌارِنِ نانا تَنُ،

سامي سِڪَ وارَنِ کي، مِليو آتَمُ ڌنُ،

اَنَڀئِه آتَمَ اَنُ، صَفا ڪَيائون سُرِتِ سان.

 

(2)

مايا مَنجِهه مگَنُ، مُورَکَ رَهَنِ مَتِ ري،

جُدا ڄاڻي پاڻَ کي، ڌَارِنِ نانا تَنُ،

سامي ماڻي سيجَ سُکُ، ڪو پِريمي پُورَنُ،

اَنڀَئِه آتَمَ ڌَنُ، گِهري لَڌو جَنهنِ گَهرَ مون.

 

(3)

مايا مَنجِهه مَگَنُ، مُورکَ رَهَنِ مَتِ ري،

ڀوڳي ڀوڳَ ڀَرَمَ جا، کوهِنِ مانُکَ تَنُ،

ڄاڻِي سُکُ سَروپَ جو، جاڳِيو ساڌُو جَنُ،

ميٽي سَڀُ مَنَنُ، سيتَل ٿيو سامي چَئي.

 

(4)

مايا مَنجِهه پَرِسَنُ، مُورَکَ رَهَنِ مَتِ ري،

ڀوڳي ڀوڳَ ڀَرَمَ جا، کوهِنِ مانُکَ تَنُ،

ماڻي سُکُ سَروپَ جو، ڪو جاڳيو ساڌُو جَنُ،

مَڃي سَڀُ مَنَنُ، سِيتَلُ ٿِيو سامي چَئي.

 

(5)

مايا مَنجِه مَسِتانَ، مُورَکَ رَهَنِ مَتِ ري،

ڪالُ نه ڏِسَنِ ڪَنڌَ تي، ڪَسِيو بيٺو ڪانَ،

وَرِتَنِ ويدَ وِچارُ سان، نيهي نِرَ اَڀِمانَ،

ڀڳَتِ ڏِني ڀڳوانَ، جَنهِن کي پرچي پانهِنجي.

 

(6)

مايا مَنجهه مَغرورَ، مورَکَ رَهنِ مَتِ ري،

سَتِ ڄاڻي سَنسارَ کي، سامي سَهَنِ سورَ،

ڪالُ نَه ڏِسَنِ ڪَنڌَ تي، ٿو ڪَري نِتُ ڪَلورَ،

راڻا راوَ مَزورَ، ماري جَنهنِ مِٽي ڪَيا.

 

(7)

مايا مَنجِهه مَغرورَ، مُورَکَ رَهَنِ مَتِ ري،

ڪالُ نَه ڏِسَنِ ڪنڌَ تي، ڪَندو چَڪِنا چُورُ،

سامي هَلَنِ حَلَيمَ ٿي، ڀاڳَوانَ ڀَرِپورُ،

تُرڪي تازي تُورُ، ڪُوڙا ڄاڻنِ ڪَلَپَ جا.

 

(8)

جَڳَ ۾ جيءَ جُکي، مورکَ مرن مت ري،

چال چَلَن اَڳيان جِي، بنا رَسَ رُکي،

ملي ٿيو محبوب سان، ڪو سامي سنتُ سُکي،

گَهِرِي گَرَمُکي، مُکِ رکِي مَوجان ڪري.

 

(9)

بِنا دُکَ دُکي، مُورَکَ رَهَنِ مَتِ ري،

پَرڇِنِ ڄاڻي پاڻَ کي، جَنِمَنِ مَرَنِ جُکي،

مِلي ٿِيو محبوب سان، ڪو سامي سَنتُ سُکي،

گَهِري گُرمُکي، مُکِ رَکِي مَوجان ڪَري.

 

(10)

سامي سَڀِ دُکي، مورَکَ رَهَنِ مَتِ ري،

چالِ چَلَن اگِيانَ جي، بِنا رَسَ رُکي،

مِلي ٿِيو مَحبوب سان، ڪو ساڌو جَنُ سُکي،

گَهرِي گُرَمُکي، مُکِ رکي مَوجان ڪَري.

 

(11)

پَرِميسَرُ پَري، مورَکَ ڄاڻَنِ مَتِ ري،

تنهن کي ڏِسَنِ ڪِينَڪي، جو سَڀَ کي سِڌِ ڪَري،

ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪڙو، سَمُجِهي اَجَرُ جَري،

جنهن تي هَٿُ ڌَري، سامي پورو سَتِگُرو.

 

(12)

پَڇَمَ کي پورَبُ، مورَکَ ڄاڻَنِ مَتِ ري،

ويٺا پِيرَ فقيرَ ٿِي، ڪَري ڪُوڙَ ڪَسَبُ،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، مَحَبتي مَطِلَبُ،

ڍولَ مِلَڻَ جو ڍَٻُ، جَنهِن کي ڏَسيو سَتگُروءَ.

 

(13)

جئين ٻيڙيءَ جو پورُ، تئين سَنگُ سَنسارَ جو،

تَنهن ۾ مَرَنِ مَتِ ري، مورکَ ٿي مَغرورُ،

ورِلي ڪَنهن سَهي ڪَيو، مَحَبتيءَ مَذِڪور،

جَنهِن کي نِرِمَلُ نورُ، سامي ڏِنو سَتگُروءَ.

 

(14)

ڪَري مَتِ مَيلِي، مورَکَ مُٺا ڪيترا،

سامي پِيا سَنسارَ جي، ڦاهيءَ مَنجهه ڦَيلي،

رَهي نِيارو نَڀَ جان، ڪو ساڌو جَنُ سَيلي،

جِئين مَجنون لَيلِي، لِنوَ سان لالُ گُلالُ ٿِيو.

 

(15)

ڪوڙِي ڪَلَپَ ڪَري، مُورَکَ مُٺا مَتِ ري،

ڀَوَنِ ڀَؤ ساگَرَ ۾، نانا روپَ ڌَري،

پَرِڇِنتا پاپڻِ کون، ڪو پِريمي رَهي پَري،

سامي ڏِسِي ٺَري، پانهِنجي اَکئين پاڻَ کي.

 

(16)

ڪَلَپَتَ ۾ ڪاهي، مُورَکَ  پِيا مَرَمَ ري،

چَڙهَنِ چوراسيءَ جي، ڦِرِي ڦِرِي ڦاهي،

سامي سَٽِي ڪَنهن سورَمي، پَرِڇِنُ پِنڊُ لاهي،

نَڪِي ڪِي چاهي، نَڪي کَڻي خوارُ ٿي.

 

(17)

ٻِيا سَڀِ مُوڙَ ڳَڻي، ڳڻَڻ وارو نَه ڳَڻي،

پُڇي، پُڪاري، سَڏَ ڪَري، هَرَ هَرَ هَٿ کڻي،

ڏانوَر جِئان پاڻَ کي، تاڻي مَنجِهه تَڻي،

ڄاڻايو ڄَڻي، تَڏِي سِيتَلُ ٿِيو سامي چَئي.

 

(18)

ڪَنِ مُورکَ مُلاجو، ڪايا مايا ڪُلَ جو،

وِرِلو ڪو گُرَمُکُ رَهي، اَٽَڪَ کون آجو،

سارِيو جَنهِن سامي چئي، ڏائِڻِ جو ڏاجو،

رَمي ٿِيو راجو، بيحَد پُرِ بيگَمَ جو.

 

(19)

مورَکُ پِيو پائي، ڀاڪُرُ پاڻَ ڀَرَمَ کي،

اَوِدِيا سَنِديءَ سِيرَ ۾، گوتا نِتُ کائي،

پَنان نِتُ پَرَتِيتِ ري، ويٺو واجهائي،

جَڏِي ڇُٽو ڇَڏائي، تَه سُکي ٿِئي سامِي چَئي.

 

(20)

مورَکَ مُلِ ڳِڌو، ڀُلي ڀوتُ ڀَرَمَ جو،

جَنَمَ مَرَڻَ جي دُکَ ۾، ٻَڌي پاڻُ وِڌو،

اِهو اشارو اَنَڀئي، ڪَنهن پِريميءَ پُرِڌو،

سَمِتا مَنجِهه سِڌو، سُوکَمُ ٿِي سامي چَئي.

 

(21)

مورَکَ ڀوڳن ڀوڳَ، رَڄَنِ نَه رَتيءَ جيترو،

توڙي پائِنِ تَنِ ۾، سامي نانا روڳَ،

رَهَنِ اَليپَ آڪاسَ جان، ڪي اَوڌوت اَسوڳَ،

جَپَ تَپَ، ساڌَن، جوڳَ، ساڌي جَنِ سِڌِ ڪَيا.

 

(22)

مُورَکَ مَنُ لائي، ڀوڳِنِ ڀوڳِ ڀَرَمَ جا،

ڪالُ نَه ڏِسَنِ ڪَنڌَ تي، جو خَرچُ ٿو کائي،

سامي بَچِيو ڪو سورَمو، ساڌوءَ جي سايي،

چِت چَوڪو پائي، اِسِٿِتِ ٿيو آڪاسَ جان.

 

(23)

مُورَکَ مَواسي، سَچُ سُڃاڻَنِ ڪينَڪي،

سامي پِيا سَنسارَ جي، ڦُرني ۾ ڦاسي،

جاڳي ڪَنهن جوڳيءَ ڪَئي، کِڻَ ۾ خَلاصي،

اَلکُ اَبِناسي، ڏِٺو جَنهِن اَکِنِ سان.

 

(24)

مُورَکَ مَواسي، کوهِ نَه مانُکَ ديهِه کي،

مِلي وَٺُ مَحَبوبَ سان، ڇَڏي هَٺُ هاسي،

مَتان اَچي اوچِتي، ڪالُ وِجهيئي ڦاسي،

ڀَوَندين چوراسي، سامي چويئي سانت ري.

 

(25)

مُورَکَ ڪَري مَمَتَ، کوهِه نَه مانُکَ ديهِه کي،

مِلي وَٺُ مَحَبوبَ سان، ڇَڏي هَٺُ حَرِڪَتَ،

مَتان اَچي اوچِتي، ڪالُ هَڻيئي لَتَ،

پوءِ پَوينَ پَرِبَتَ، پَسون ٿِي سامي چَئي.

 

(26)

مُورکَ گهڙي گهاٽَ، کوهِه نه مانُکَ ديهِه کي،

مِلي وَٺُ مَحبوبَ سان، لائي لِنوَ لِلاٽ،

مَتان اچي اوچِتي، هَڻيئي ڪالُ چَماٽَ،

پوءِ نَه لهندين واٽَ، سامي چَئي سَمَ ديس جي.

 

(27)

ڪَري ٺاهه ٺڳي، مَورَکَ کوهِ نَه تَنُ رَتَنُ،

مِلي وَٺُ محبوبَ سان، ساڌوءَ سَنگِ لَڳي،

اَڄُڪلَ اَچي اوچتي، وَٺَندُءِ ڪالُ وَڳي،

رُئندين پوءِ رَنگي، سِجَ لَٿي سامي چئي.

 

(28)

مُورَکَ ڇَڏِ مَخولَ، ڪوڙا مايا موهَ جا،

مِلي وَٺُ مَحبوب سان، ڪَري فِڪُرَ ڦولَ،

مَتان اَچي اوچِتي، هَڻيئي ڪالُ گَلولَ،

ٿيندين ڊانوان ڊولَ، سجَ لَٿي سامي چَئي.

 

(29)

مُورَکَ مَئِه ميرِي، مِٺي ڄاڻَنِ مَنَ ۾،

پِريتِ ڪَنِ پَرِتيتِ سان، پَرِچي پڪيري،

ڪالُ نَه ڏِسَنِ ڪَنڌَ تي، وَڳي ٿو ويري،

ڀَسَمَ جي ڍيري، سامي ڪَيو جَنهن سَڀ کي.

 

(30)

مُورَکَ سورَ کائي، ڪِري پِيا ڪَلَپَتِ ۾،

گوتا کائن غَئِبَ جا، سامِي سَدائي،

سارُ لَڌو ڪَنهن سورَمي، سَمَتا صَفائي،

وائي وَڏائِي، سَٽي ماڻي سانتِ سُکُ.

 

(31)

ڀُلي ڌارِنِ بيکُ، مورکَ بيکُ اَصُل تي،

اُلٽِي ڏِسَنِ ڪِينَڪي، اَندَرِ پُرِکُ اَليکُ،

جو سِڌِ ڪري ٿو سَڀ کي، سُتَهَه ساکي سيکُ،

جاڻِجِ مِينُ نَه ميکُ، سُپَتِ سان سامي چَئي.

 

(32)

سَهَسين سَودائي، بيــٖـکَ ڀري بيحالُ ٿيا،

نانگُ ڏِسي نوڙيءَ ۾، ڀَڳا ڀَؤ کائي،

سامي سَمُجهنِ ڪِينَڪي، سُتَهَه صَفائي،

ڇاڻي نِتُ ڇائي، پائِنِ پَرِڇنِتا جِي.

 

(33)

جيڪي طَمعَ تِکَ، لوڙي لَهوارا ڪَيا،

سي ڪَڏي وِهَن ڪِينَڪي، ماٺِ ڪَري مُورِکَ،

ائين چَون ٿا اَنڀَئي، سُجاکا سالِڪَ،

سامي جَنِ جا سِکَ، لِنوَ سان لعل گُلالُ ٿِيا.

 

(34)

وادي آئون وکَئِي، سَچُ سُڃاڻَنِ ڪِينَڪي،

ڀَوَنِ ڀَو ساگَرَ ۾، پانهِنجو پاڻَ پَئي،

اِئين وِيا اَڀِمانَ ري، سامي سَنتَ چَئي،

 

(35)

سَهَسين سِياڻپَ، ڪَري جيءَ جَڏا ٿِيا،

ويٺا ڳَڻِنِ واتَ سان، گِيانَ، ڌِيانَ، جپَ، تَپَ،

جاڳي پَنهنجي جيءَ مون، ڪَڍَنِ ڪينَ ڪَلَپَ،

سامي جئين سَپَ، وِکُ ويڙهي وِيا ڪُلُ ڪِيا.

 

(36)

جيڪو اُٿاري، اَچي اَوِدِيا ڀوتَ کي،

موهي تنهن مورَکَ کي، مُنجهائي ماري،

سامي بَچِيو ڪو سورَمون، سَتِگُرُ سَنڀاري،

نانَتَ نِواري، سُمِهيو سُکَپَتِ سيج تي.

 

(37)

پَرِڇِنتا پِٽائي، ماري مورکَن کي،

پاڻُ پَنهنجو پاڻَ ۾، ويٺا وِڃائي،

سُتَهَه سِڌِ سِياڻَنِ ڏٺو، اُلٽي لِنوَ لائي،

پورَنُ پَدُ پائي، سامي ماڻِنِ سانتِ سُکُ.

 

(38)

بِنا گِياتِ غُلامَ، مورَکَ مايا جا ٿِيا،

هَرِدَمُ هَٿَ ٻَڌي ڪَري، سامي ڪَنِ سَلامَ،

رَهَن اَليپَ آڪاسَ جان، ڪي نيهي نِرَٻاڻَ،

جَنِ کي رَمِتا رامَ، پاڻَ لَکايو پاڻَ ۾.

 

(39)

راتِيون ڏينهنَ راکِي، مُورَکَ ڪَنِ ماياجي،

ڪالُ نَه ڏِسَنِ ڪَنڌَ تي، ڪَرِڙو ڪَٽاکي،

سَمُجهي سَٽِي سِرَ تون، ڪَنهن هَرِجَنَ هَلاکي،

سامي ٿي ساکي، وَرتي وِڌِ ويچارَ سان.  

 

(40)

ڦاهيءَ بِنا ڦَٿو، سَڀڪو مايا موهَ ۾،

سَتِ ڄاڻي سَنسارَکي، مُورَکَ هَڻَنِ مٿو،

وِرِلي ڪَنهن گُرَمُکَ جو، سامي ڀَرَمُ لَٿو،

لوئي، شالَ، کَٿو، ڄاڻي اَنَڀَئِه اُنَ جو.

 

(41)

بِنان ڏَرَ ڏرِي، مُورَکَ مَرَنِ مَمَتَ ۾،

مِرِگَهه تِرِشنا جي جَلَ جي، سَگَهنِ نَه سِنڌُ تَري،

سِياڻَنِ کي سامي چئي، پيئي خَبَرَ کَري،

سَٽي ڀَرَمَ ڀَري، ماڻِنِ سُکُ سَروپَ جو.

 

(42)

ڀَڳِوَتُ ڀُلائي، مُورَکَ مُٺا ڪيترا،

ڀَوَنِ ڀَو ساگَرَ ۾، ڪوٽَ جَنَمَ پائي،

سامي بَچِيو ڪو سورَمو، ساڌوءَ جي سايي،

مَمَتا مٽائي، اِسِٿت ٿِيو آڪاسَ جان.

 

(43)

ويدَ پَڙِهي وادِي، مُورَکَ ٿِيا مَرَمَ ري،

سامي سَنڀارِنِ ڪينَڪي، مُوڙِي مُرادي،

پَرِچِيو رَهي ڪو پيءَ سان، ماهِلُ مُتادي،

اَنَڀَئِه آبادي، سُتَهَه ڏٺي جَنهن سُڃَ ۾.

 

(44)

وائي وَڏائي، مُورَکَ ڪَنِ مَرَمَ ري،

سَتِ ڄاڻي سَنسارَکي، ڇاڻِنِ نتُ ڇائي،

سِياڻَنِ سَچِي سامي چَئي، هَرِ سان لِنوَ لائي،

ڪَلَپَنا ڪائي، رَکَنِ نه رَتيءَ جيتري،

 

(45)

حَيرتَ آئون هاسِي، اَچي هِڪَ اَچِرَجَ تي،

سامي رَهنِ سَريرَ ۾، مُورَکَ مَواسِي،

ڪالُ نه ڏِسَنِ ڪَنڌَ تي، جوکَنيون ڦِري ڦاسي،

کِنَ ۾ خَلاصي، ماري ڪِي جَنهن مُلڪَ جي.

 

(46)

مُورَکَ ڇِڪي ڇِڪَ، ڦاهيءَ ڦاسَنِ پاڻَهين،

ڀوڳِنِ ڀوڳَن سان مِلي، نانا ڀَئِه نَرِڪَ،

ڏِٺو اَنَڀئه آتما، اُلٽِي، ڪَنهن عاشِقَ،

مِهَرَ ڪَئي مالِڪَ، سامي جَنهن تي ساڌَ سَنگِ

 

(47)

مُورَکَ ڪَري مَمَتُ، ڀَوَنِ ڀَو ساگَرَ ۾،

پَرِڇَنُ ڄاڻي پاڻَ کي، رُئندا وَتن رَتُ،

اُلَٽِي ڪنهن عاشِقَ ڏِٺو، تَنَ ۾ تُرِيا تَتُ،

واري کاتو کَتُ، سامي ماڻي سانتِ سُکُ،

 

(48)

هَرَ هَرَ هَٿُ هَڻي، مُورَکُ مَنَ کينهونءَ کي،

ڀُلِي لوڪَ پَرلوڪَ جون، ڳالهِيون نِتُ ڳَڻي،

ڏانورَ جِئان پاڻ کي، تاڻي مَنجهِه تَڻي،

جاڳِي هَٿُ کَڻي، تَه سُکي ٿِئي سامي چَئي.

 

(49)

هَرَ هَرَ هَٿَ هَڻَنِ، مُورَکَ مَنَ کينهونءَ کي،

اوٿاريٖ اَوِدِيا جـٖـي، ڀَوَڻَ مَنجهِه ڀَوَنِ،

سَمُجهي ڪي جَنَ سورَما، سامي سُکِ سُمَهنِ،

جاڳي ڏِٺو جَنِ، پَنهنجي آکئين پاڻَ کي.

 

(50)

بيحدِ بُکَ بَڇِي، مايا مورکَن کي،

سامي سگَهِن ڪِينَڪي، ڀَري پيٽَ پَڇِي،

کائي سَمَ سَنتوک جِي، ڪو ساڌو سَت رَڇي،

اَنَڀَئِه لَکَ اَڇِي، جَنهِن کي ڏِني سَتِگُروءَ.

 

(51)

وادِ وِوادِ بَڪِي، مُورَکَ مَرَنِ مَرَمَ ري،

ڇَڏي سُکُ سَروپ جو، پِيهَنِ چاهَ چَڪي،

ڪوڙِنِ مون ڪَنهِن هِڪڙي، لَڌو ٿانءُ ٿَڪي،

جَنهِن کي پِريتِ پَڪي، سامي ڏِني سَتِگُروءَ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org