سيڪشن: شيخ اياز

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

شيخ اياز:

صفحو: 17

محبت

 

(1)

پُرجهي پائِجِ پيرُ، مَحَبَتَ جي ميدان ۾،

گَجي ٿو ازغيب جو، سَدا سُورِيو شير،

چَنبو هَڻِي چِتَ کي، ڊاهي ڪندُءِ ڍيرُ،

اَٿي ڦَندُ نَه ڦيرُ، سُپَتِ ڪيو سامي چئي.

 

(2)

پيرُ پُرجهي پاءِ، مَحَبَتَ جي ميدان ۾،

ڪُٺا ٻِيا ٿِي ڪيترا، جانيءَ لَڳِ تَنهِن جاءِ،

ڏِسي ڏهڪيــٖـن ڪينَ ڪي، سامي سِڪَ وَڌاءِ،

جِيئنديٖ پاڻُ جَلاءِ، تَه پَسَڻُ ٿئيئي پِرَ جو.

 

(3)

محَبَتَ جي ميدان ۾، عاشِقَ رَنگِ رَچَنِ،

پَوَنِ پَروانَنِ جان، اَڳِيون عَجيبَن،

سانگُ نَه وارِنِ سِر جو، توڙي مَچَ مَچَنِ،

ماسو ماس نَه تَنِ، بِرهُ جَنين جي بکُري.

 

(4)

مَحَبتَ جي ميدان ۾، مُئنِ ڪئي مجَلس،

ماهِلُ ٿِيا مَهِران ۾، چکي چاٽيءَ چَسَ،

موٽي موٽيا ڪِينَڪي، رڙِهيا مَنجهه رَهَسَ،

سامي پياري پُرَسَ، مَحَبتي مَستانُ، ڪِيا.

 

(5)

مَحَبتِن ميڙي، سنسا  سَٽِيا سِيرَ ۾،

چَڙهيا عِشقَ اَڀيدَ جي، ٻانڀَڻُ چَئي ٻيڙي،

لَنگِهيا پارِ سَمُنڊ کون، واڳان سَڀِ ويڙهي،

نَينَنِ کون نيڙي، سُتهَه گَڏيا سُپرين.

 

(6)

مَحَبِتن مِڙي، مَجِلسَ ڪئي پاڻَ ۾،

پِينِ پِيارنِ رامَ رَسُ، واڪَنِ ساڻُ وِڙي،

سُتهه پِيو سامي چَئي، چيتن چَنڊُ کِڙي،

رَهَتِ وانُ رڙهي، تَنهين ۾ تَدَ روپ ٿِيا.

 

(7)

مَحَبتن مِڙي، مَجِلسَ ڪئي پاڻَ ۾،

ٻولِنِ واڪَ ويساهه جا، سامي ساڻ رَهَسَ،

ماڻي دَؤرَ دَرَسَ، اِسٿِتِ ٿِيا آڪاس جان.

 

(8)

مَحَبتي مَستانُ، ٿِئڙا سَهَجَ سَروپَ ۾،

بِنان سِڪَ سَڄَڻَ جي، ٻي سُڌِ رَکَنِ ڪانَه،

اَرپيائون عَجيبَ کي، تَنُ مَنُ ڌَنُ پَتِ پرانَ،

سدا رَهَن غَلِطانَ، سامي سُپيرِيَنِ سان.

 

(9)

مَحَبتي مَستانَ، پَرچا رَهَنِ پاڻَ ۾،

بِنان سِڪَ سَڄَڻَ جي، ٻي سُڌِ رَکنِ ڪانَ،

اَٺئي پَهَرَ عرشَ ۾. جَپِنِ ريءَ زَبانَ،

جَڳُ ڄاڻي نادانَ، سامي ساکي سَڀَ جا.

 

(10)

مَحَبتنِ ماڙي، لَڌي لَکَ آگَمَ جي،

تَنهن ۾ لائي لالُ ٿيا، طَمَعَ ري تاڙي،

ڳالهِه نَه ڪَرِنِ ڳُجَهه جي، سامي اُگهاڙي،

ڏِسَنِ ڏيهاڙي، پَنهِنجي اَکئين پاڻَ کي.

 

(11)

بِنان پاڪيءَ پاڪُ، ڪَنهِين پاتو ڪِينَڪي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، مَحَبَتي مُشتاقُ،

چَڙهي جَنهن عرش تي، ٻُڌو وَحَدَتَ واڪَ،

ڇَڏي سَنسو ساڪُ، جُدا ٿيو جهان کون.

 

(12)

بانڀڻ جنهن ٻُڌا، ويهي واڪ ويدانت جا،

پرچي ڪئي تَنهن پانهنجي، محبتي مُدا،

پيئي پيئاري پُرِ ڪَري، سَڀَ کي سَمَ سُڌا،

جانيءَ کون جدا، ڪَنهِن کي ڄاڻي ڪِينَڪي.

 

(13)

ويدانتي سَڀِ واڪَ، ٻولِنِ بيحَدَ ٻوڌَ جا،

سمجهي ٿِيا سامي چَئي، مَحَبتي مُشِتاقَ،

چَڙهيا چيتَنَ چٽَ تي، خِيالَ ڪَري سَڀِ خاڪَ،

پَرچا رهن پاڪَ، پاڻُ ورائي پاڻَ سان.

 

(14)

جاڳي جَنهن ٻُڌا، وِڌِ سان واڪَ گُروءَ جا،

سَمُجهِي تَنهن سامي چَئي ڪِي مَحَبَتيءَ مُدا،

ڪَڏي ٿِئي ڪِينَڪي، جانيءَ کون جُدا،

ٻيا رَسَنِ مَنجِهه رُڌا، دُور رَهِيا ديدارَ کون.

 

(15)

جاڳي ڏِٺو جَنِ، دَرَسنُ دِبَ عَجيبَ جو،

سي مَحَبتي مُشِتاقَ جَنَ، پَلَڪَ نَه پاسو ڪَنِ،

ڄاڻَ وڃائي پانهنجي، لُنوَ لُنوَ سِڪَ سِڪَن،

رَتا رَنگِ رَهَنِ، سامي سُپيرِيَنِ جي.

 

(16)

مَحَبَتَ مِٺائي، مِلي مُلهَه اَپارَ سان،

وَڃي پُچو تَنِ کون، ڏِٺِي جَنِ کائي،

چَڙهيا اَنڀَئه اَڇَ تي، وِڃائي وائي،

سامي سَدائي، سَنَمُکُ ڏِسَنِ سُپرِين.

 

(17)

محبت جي ماکي، چَٽي ڏٺي جنهن چِتَ سان،

سَٽي وِڌي تَنهن سِرَ تون، هيبَتَ هَلاکي،

ڄاڻي سَڀُ ڪَرتا ڪري، راتِ ڏينهن راکي،

سامي ٿِي ساکِي، ماڻي مَوج مُڪِتِ جي.

 

(18)

ڏِٺي جنهن کائي، مٺائي مَحَبَتَ جي،

مِٽي تَنهِن جي من مون، پَچَرَ پَرائي،

پاڻَ وَرائي پاڻَ سان، لِنوَ سَچي لائي،

سامي سَدائي، ماڻي سُکُ سروپَ جو.

 

(19)

محبت جي مِصِري، کاڌو جنهن گُرَگِياتِ سان،

سامي سُکَ سَنسارَ جا، تَنهن کون وِيا وِسري،

ڪَلَپَتَ ڪالَ ديوار کون، پِيو پَرچي پارِ ڪِري،

اَچي ڪِينَ ڦِري، جَنَمَ مَرَڻَ جي دُکَ ۾.

 

(20)

محبت جي ميندي، لاتي جنهن لڱِنِ کي،

سا سامي سُپيرِنِ ڏي، ويساسِڻِ ويندي،

پَرچِي پيراٺِيُنِ جون، مِنٿون مَڃِيندي،

سُتَهَه ٿِي سينڌي، سُمَهَندي سُکُپَت سيج تي.

 

(21)

محبت مَنجهه مَرَمُ، ڄاتو جنهن گُرگِياتِ سان،

واريو تَنهن وَجودَ ۾، ديواني جان دَمُ،

ڏِٺائين اَکِنِ سان، اَلَکُ عَينُ آگَمُ،

سامي سَڀُ عالَمُ، آهي جنهن جي آسري.

 

(22)

مَحَبَتَ ٻاريو مَچُ، عَجائِبُ اَندَرَ ۾،

سَڙي وِيو سامي چَئي، ڪوڙو ڪَلِپَتَ ڪَچُ،

سيکَ رَهيو هِڪُ سَچُ، ساکي سَنسارَ جو.

 

(23)

مَحَبَتَ مَستُ ڪَري، عاشِقَ نِيان اَسِگاه ۾،

پَرچي ڪِيائون پانهنجو، سامي پَٽُ پَري،

ڏِسي مُنهُن مَحبوبَ جو، ويٺا ڌِيانُ ڌَري،

پِريِن پاڻَ ڀَريٖ، ڏئـٖـي پيالو نور جو.

 

(24)

مَحَبَتَ مَستُ ڪَري، عاشقَ چاڙهيا عرشَ تي،

جِتي ڏِيو تيل ريءَ، آگَمَ جوتِ ٻَري،

ڄاڻَ وِڃائي پانهنجي، ويٺا ڌِيان ڌَري،

پَلَڪَ نَه ٿئي پَري، سامي سُپيرِنِ کون.

 

(25)  

مَحَبَتَ جَنِ جي مَنِ، سي سَدائي سَنِرا،

سامي سُپيرِيَنِ کون، پَلڪَ نَه پاسو ڪَنِ،

اَندر ٻاهَرِ دَهَ دِسان، سَمَ سَروپُ ڏِسَنِ،

رَتا رَنگِ رَهَنِ، مَمَتَ مِٽائي مَنَ جي،

 

(26)

مَحَبَتَ جَنِ جي مَنِ، سي پاڻيهي پَڌِرا،

پِيئن پِيارِنِ پريمَ رَسُ، ٻِيائي ڏيئي ٻَنِ،

سامي سَدا رَهَنِ، اَنَلَ جان آڪاسَ ۾.

 

(27)

مَحَبَتَ جَنِ جي مَنِ، سي پاڻيهي پَڌِرا،

هَٿين پرين پيٽَ ڀَرِ، سامي سدا رِڙَهن،

جِيَڻَ مَرَڻَ دُکَ سُکَ جو، سَنسو سوچُ نَه ڪَنِ،

وَڃي پِرين پَسَنِ، لَنگهي اَوِدِيا سِنڌُ کون.

 

(28)

مَحَبَتَ جَنِ جي مَنِ، سي پاڻيهي پَڌِرا،

دَرِ دَرِ ديوانَن جان، ڀُلِي ڪِينَ ڀَوَنِ،

سامي ساڌَ سَنگَتِ سان، مِلي مَوجان ڪَنِ،

رَتا رَنگ رَهَنِ، سَدا سُپيرِنِ سان.

 

(29)

مَحَبَتي مَشَهور، لِڪي ڇپي ڪِينَڪي،

چَڙِهيو جَنهن جي گَهرَ ۾، آتَمَ اَنڀِئَه سُورُ،

سامي سنَتنَ سان مِلي، چيتُ ڪيائين چُورُ،

جيئن نئنن ۾ نورُ، تيئن ساکي ڏِسي سَڀَ ۾.

 

(30)

مَحَبَتَ جَنِ جي مَنِ، سي رَهَنِ نِماڻا جڳَ ۾،

سامي سُپيرَينِ جِي، سَدا ڀَئِه رَکَنِ،

لابالِي ڄاڻي ڪري، ڪينو ڪِبرُ نه ڪَنِ

آگِيا مَنجِهه رَهَنِ، ڄاڻَ وِڃائي پانهنجي.

 

(31)

مَحَبَتَ جو مَذِڪورُ، ٻڌو جَنهِن ٻِيائيءَ ري،

اَچي تَنهن جي جيءَ ۾، جاڳِيو ڀڳَتِ انگور،

ديهِه اَڀمانُ ڇَڏي ڪَري، ٿِيو گَگن ۾ گَرِ ڪورُ،

حاضران حُضور، سامي ڏِسي سُپرين.

 

(32)

مَحَبَتِنِ مَذِڪورُ، ويهي ڪيو پاڻَ ۾،

اَوِدِيا جو اَندَرَ مون، سَڀُ ڪَڍِيائون سورُ،

حاضُران حُضورُ، سامي ڏسن سُپرين.

 

(33)

مَحَبَتَ جي ماڙِي، لَڌي جَنهِن لوڙي ڪَري،

لَڳي تنهِن کي عِشقَ جِي، طَمعَ ري تاڙي،

ڏِسي ڏِهاڙي، سامي سُپيرِيَنِ کي.

 

(34)

محبوبَنِ مُڪي، شِيشي شَونقَ شُرابَ جي،

سامي پِيتو ساڌَ سَنگِ، ڪَنهن پياسي پُلڪِي،

کڻي سَٽيائين سِرَ تون، اَوِديا پِنڊَ اُڪي،

جُهڳي منجهه جُهڪي، ماڻي دَورَ دَرَسَ جا.

 

(35)

محبتي ميٺاجُ، سَچو رَکنِ سَڀَ سان،

ڪُوڙو ڪَوڙو مُنهَن مون، ڪَڍن ڪِينَ اَواجُ،

پورَڻ ڄاڻي پيءَ کي، ماڻِنِ اَنڀَئِه راجُ،

سدا بي محتاجُ، سامي رَهَنِ سُڀاوَ ۾.

 

(36)

محبتي مُسِتاقَ، روئَنِ رَتُ اَکِنِ مون،

دانهون ڪَنِ دَردَ سان، ڦَٽِيا عَشَقَ فِراقَ،

سَڄَڻ تُنهنجي سِڪَ ڪيا، لِنوَ لِنوَ مجهه سوراڪَ،

ويَهُڻ نه ٿِئي واڪَ، سُتَتُ مِلُ سامي چَئي.

 

(37)

مَحَبَتَ منهنجو مَنُ، تُنهنجي سِڪَ سوگهو ڪَيو،

لونئن لُونئن مَنجِهه لڳِي رهيو، تَڪي تُنهِنجو تَنُ،

پُڇِي پُڪاريٖ سَڏي ڪَري، ٻُڌي سَڀُ وَچَنُ،

دُکيءَ کي دَرِسَنُ، سُتَتُ ڏي سامي چَئي.

 

(38)

محبتي مُشتاقَ، پاسي ٿِيَنِ نَه پيءَ کون،

ڪَيائون ڪَلپَ ڪَڍي ڪَري، اَکِنِ ۾ اوطاقَ،

سامي سِڪ سَچيءَ سان، پرِچا رَهَنِ پاڪَ،

ٻولِنِ بيحَدَ واڪَ، عَينَ اَڀيدُ اَنڀئِي،

 

(39)

مَحَبَتي مُشِتاقَ، لِڪَنِ ڇِپَنِ ڪِينَڪي،

پائي ويٺا پريم سان، اَکِنِ مَنجِهه اوطاقَ،

سَدا سُپيريَنِ سان، پَرِچِيا رَهَنِ پاڪَ،

ٻانڀَڻَ ٻولِن واڪَ، دَردَ ڀَرِيا ديدارَ جا.

 

(40)

نِرِمَلُ نيـٖـتِ ڏِسِي، ڌيرَجُ آيو دِلِ کي،

جاڳي اَوِدِيا ننڊ مون، ويٺي هيءَ وِسي،

پاسو ڪَري وِيو پاڻَهِين، سامي هَٺُ هِرسي،

مَحَبَتَ ساڻُ مِسي، کائِي رَهـٖـي خِيالَ ۾.

 

(41)

هَلي هَٺُ ڇَڏي، مَحَبَتي مَرمَ ۾،

واد، وڏائيءَ، لوڀَ کون، رَکي پاڻُ جَهلي،

ڪَنهِن کي ڪِينَ سَلي، سامي سِڪَ پرَيَنِ جي.

 

(42)

مَحَبَتي مَري، دَرَسَنَ ڪارَڻِ دوسَ جي،

جِئين مڇلي نِيرَ کون، پَلَڪَ نَه ٿِئي پَري،

چاتِرِڪُ ڪارَڻ مينگَهه جي، سَدا وِرِلاپَ ڪري،

سامي ڌِيانُ ڌَري، سِپَ رهي سُنواتيءَ جي.

 

(43)

مَحَبَتي مِهِماڻُ، سَدا ڄاڻي پاڻَ کي،

ڏِسي ڪالُ ڪُلهنِ تي، راتيان ڏِينهان ساڻُ،

رَکي نَه رَتيءَ جيترو، مَنَ ۾ مَمِتا ماڻُ،

پائي پَدُ نِرِٻاڻُ، سِيتَلُ ٿِيو سامي چَئي.

 

(44)

مَحَبَتيءَ مُلِڪُ، جيتِيو سَڀُ جُڳِتِ سان،

دُئيتُ ڪَڍيائين دل مون، رَکي سَمَ صِدِقُ،

اَندَر ٻاهَرِ هِڪُ، سامي ڏِسي سُپرِين.

 

(45)

مَحَبَتيءَ مُلِڪُ، سامي سَڀُ ڪيو پانهنجو،

رکيائين گُرگِياتِ ۾، سَنسي ريءَ صِدِقُ،

هوتُ ڏِٺائين هِڪُ، چَڙهي نورَ مَحَلَ تي.

 

(46)

مَحَبَتي ماندو، ڪَڏي ٿِئي ڪِينَڪي،

جَنهن جوڙي جيءُ جُڳِتِ سان، اَنتَرمُکِ آندو،

وِس وِس کون واندو، سامي سَدائين رهي.

 

(47)

محبتي ماندو، ڪَڏي ٿِئي ڪِينَڪي،

جَنهِن موڙيٖ مَنَ پَوَنَ کي، اَنتَرِ مُکِ آندو،

سُتَهَه لڌائين سُنَ مون، هَرِ ڌَنُ هيڪاندو،

ويٺو ٿي واندو، سامي چَئي سَنسارِ کون.

 

(48)

مَحَبَتي مُڪِتو، ڪوڙِن ۾ ڪو هِڪِڙو،

جَنهن کي ڏِنو سَتِ گُروءَ پَرِچي پِريمَ پَتو،

ٻِيو سامي ڄاڻي ڪونڪو، مَنَ ۾ مَنتِرَ مَتو،

رهـٖـي رنگِ رَتو، سَدا سُپيرِيَنِ جي.

 

(49)

مَمکُ محبتي، مَسِتُ رَهي مَهِراڻَ ۾،

چَڙِهي جنهنجي چتَ ۾، محبت جي مَستي،

سوکَمُ ٿيو سامي چَئي، ماري مَنُ هَسِتي،

ڄاڻـٖـي سُڃَ وَستي، رَهي اَليپُ آڪاسَ جان.

 

(50)

محبتي مُريدَ، پاسي ٿِيَنِ نَه پيءَ کون،

جَنِ کي مِلي مَهما نگري، دِٻَ درسَنَ جي دِيدَ،

مَري ٿِيا مجلس ۾، سامي چَئي شَهيدَ،

اَٺئي پهر عِيدَ، مِلي ڪن محبوبَ سان.

 

(51)

جي ڦَٽيا درد فراق، سي محبتي مستان ٿيا،

روئِن رَتُ اَکِن مون، ڇَڏي دَورَ دِماڪَ،

سامي لائي سانتِ ٿيا، خاموشيءَ جي خاڪَ،

اَلله منجهه اوطاقَ، پيهي ڏٺائون پاڻهِين.

 

(52)

مايا ڪري مَجبورَ، ڇَڏيا جيءَ جَهانَ جا،

وَڃَنِ مَتِ مَرَمَ ري، وِشَيَنِ ڪاڻِ وَهَلور،

رَهـٖـي پانهنجي حال ۾، ڪو محبَتي مامورُ،

جنهن کي نِرمَلُ نورُ، سامي ڏنو سُتِگروءَ.

 

(53)

محبتي مَستانُ، ڪوڙِن ۾ ڪو هِڪِڙو،

جو ڪَڇي چَڙهيو  قلوبَ تي، ڌرتي ۽ آسمانُ،

پِرتکِ پَرَڇنتا ري، ڏسي اَنَڀَئِه ڀانُ،

جاڳِي سَڀُ جَهانُ، سامي ڄاڻـٖـي سُپِنو.

 

(54)

محبتي مَستانَ، رهن گُهورَمَ گَهرَ ۾،

جَنِ کي پرچِي پانهنجِي، ڀڳتِ ڏِني ڀڳوانَ،

سامي چَئي سنسارَ جي، ڪَلِپَتَ رَکَنِ ڪانَ،

نِپَٽُ ٿِي نادانَ، وَرِتَنِ وِڌ نِکيدَ ري.

 

(55)

مَحَبَتَ مَستانا، پاسي ٿِيَنِ نه پيءَ کون،

ڇَتِرَ سَنگهاسَنَ راجَ سُکَ، تِياڳي جَنِ ڏِنا،

ڄاڻَنِ سَڀُ سُپَني جِي، نانا روپَ رَچنا،

ڀاڻـٖـي منجهه ڀِنا، سَدا رَهَنِ سامي چَئي.

 

(56)

محبتي مَلَنگُ، ڪوڙنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

ڏيئي ڪَنڊِ ڪَلِپَ کي، ڪيو جنهن سَتِسَنگُ،

اَندر ٻاهَرِ آتما، ڏِسي عَينَ اَڀَنگ،

لُونءَ لُونءَ لائي رَنگُ، سامي لالُ گُلالُ ٿِيو.

 

(57)

مَهِرون ڪَئي محبت، مُرشد خاص مُريدَ سان،

لائي لالُ گلالُ ٿيو، رَحَمَتَ جي راحت،

سڀ گَهٽَ ڏسي سُپرين، بِنان هِيرَ حجت،

وحدت ۽ ڪثرت، اوري ڄاڻي عَينَ کون.

 

(58)

مَحَبَتي مگَهَن، رهن پنهنجي حال ۾،

پاتا جَنِ پَرِتِيتِ سان، گَهَرا گيانَ اَنجَنَ،

سامي ڏِسَنِ سَروَ گَتِ، پر ميشوَرُ پورَنَ،

ميٽي سڀ مَنَنَ، مُشڪن ڪُشڪَنِ ڪِينَڪي.

 

(59)

محبتي مَلَنگَ، مليا رهن مَحَبوبَ سان،

جِيئن جَلِي جوتِ سَروپُ ٿِيا، ڏيئا ڏِسي پَتَنگَ،

ساماڻا سامي چئي، جل ۾ جَلَ تَرَنگَ،

سَدا اَليپُ اَسَنگَ، رهن وِديهي ديهِه ۾.

 

(60)

محبتي مَلَنگَ، ڪاڻِ نَه ڪَڍَنِ ڪنهن جي،

پيتِي جَنِ پرتِيتِ سان، عَينَ اَنڀِئَه ڀَنگَ،

سُمهِيا سُکپت سيجَ تي، ٽَنگَ تي رکي ٽَنگ،

راتيان ڏِينهان رَنگَ، مِلي ڪَنِ محبوب سان.

 

(61)

محبتي مَسِلا، ڳَڻي ڪِينَ اَندَرَ ۾،

چَڙهي نورَ مَحَلَ تي، ڪِيائِين سَڀَ تَسلِيٰ،

ڇَڏي غيرُ گِلا، واصُلُ ٿِيو وحدت ۾.

 

(62)

مَحَبتي مَسِتانُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪڙو،

جو رَهي پانهنجي حالَ ۾، سَدائي غَلِطانُ،

چَڙهي ويٺو چَؤڏولَ ۾، ڪَڍي غَيرَ گُمانُ،

ڪِيائين سِرُ قُربانُ، مَيخاني جي موجَ تون.

 

(63)

محبتي معمورُ رَهَنِ پانهنجي حالَ ۾،

مُرِشدَ جي مِهَرَ سان، چيــٖـتُ ڪيائون چُور،

سو ڪِيئن سَلِنِ سورُ، جَنهِن ڪارَڻِ جوڳي ٿِيا.

 

(64)

محبتي مَعمورُ، رَهَنِ پانهِنجي حالَ ۾،

ڪايا مايا ڪُلَ ۾، وَڃنِ نَه وَهَلورُ،

ڄاڻَن سنَڀَ سَنسارَ کي، جَئين ٻيڙيءَ جو پورُ،

حاضران حَضور، سامي ڏِسَنِ سُپرين.

 

(65)

مَحَبَتي مرِي، جِيئندٖي پِيا سَڀُ جڳَ ۾،

سامي جَنِ کي سَتِگُروءَ، گياتِ ڏِني گَهَري،

ڏِٺائون اَڀيدُ ٿي، بيحَدَ جوتِ ٻَري،

سَٽي ڀَرَمَ ڀَرِي، ماڻِنِ دَورَ دَرِسَ جا.

 

(66)

محبتي مطلَبُ، ڪَنهن سان رَکَنِ ڪِينَڪي،

رَهـٖـي جَنِ جي روحَ ۾، راتِيان ڏِينهان رَبُ،

سامي ويٺا صافُ ٿي، ڇَڏي ڪوڙُ قَلَبُ،

لائي لوڪُ لَقَبُ، تان ڀي مَستُ رهن مهراڻ ۾.

 

(67)

مَحَبتيءَ ميلو، ڪَيو ڪَلِپَتَ ري يارَ سان،

رهـٖـي پانهنجي حال ۾، سَهَجي سُهيلو،

وَقَتُ ۽ ويلو، سامي ساڌيٖ ڪونَڪو.

 

(68)

محَبتيءَ لايو، مُرچو پنهنجي من سان،

ڪري آچمن آگست جان، ساگَرُ سُڪايو،

سامي سَمَ سيتَلُ ٿي، مَڌَ ۾ مَٺُ ڇايو،

کائي اَگهايو، سُتَهَه اَمِرَتُ اَنڀئي.

 

(69)

محبتيءَ مولو، ڪَيو پنهنجي يارَ سان،

جَنهن ۾ آهي ڪونَڪو سامي ڀَئِه ڀولو،

ڪَڍِي سَڀُ رولو، ماڻـٖـي دَورَ دَرسُ جا.

 

(70)

محبتيءَ ماڻڪُ، لَڌو پنهنجي گهر مون،

اَندر ٻاهر آتما، هَرِ هَنڌِ ڏِسي هِڪُ،

سَهَجـٖـي ٿيو سامي چئي، ڦُرني کون ڦارڪ،

لِنوَ سان ڪڍي لِڪُ، پَلِ پَلِ پِيئي پريم رَسُ.

 

(71)

مَحَبَتِنِ مارِيو، غَيبي گوتو گَهرَ ۾،

اَنَڀَئِه لعلُ لَهي ڪري، جيءُ جُسو ٺاريو،

نِرِکِي نِواريو، سامي ڏِسَڻُ ڏيهَه جو.

 

(72)

جن کي مَتِ محبت، سامي ڏِني سَتِگُروءَ،

پَرچي لَڌي تَنِ پورِبي، گهر مون دِبَ دَولتَ،

ماڻِنِ مَوجَ مُڪِتِ جِي، ميٽـٖـي سڀ مَمَتَ،

رهن منجهه جڳَتَ، سدا اَليپُ آڪاسَ جان.

 

(73)

لوڙي لَڌو جَنِ، سامي سُپيريَنِ کي،

سي ڇَڏي دَرُ دوسَنِ جو، هڪَ پَلَڪَ نه پاسو ڪَنِ،

سَنَمُکُ سَدا رَهَن، ڪَلِپَتَ ڪَڍي جيءَ مون.

 

(74)

محبتي مَسِتانَ، جُهولَنِ جَهروڪَنِ ۾،

سامي سُپيرَينِ ري، ٻِي سُڌِ رَکَنِ ڪانَه،

پَلِ پَلِ پِينِ پِريمَ رَسُ، ڪَڍي اَوِدِيا آنَ،

رَهَنِ مَنجِهه جَهانَ، سدا اَليپ ڪَنوَلَ جان.

 

(75)

محبتي مَسِتانَ، رَهَنِ پانهِنجي حالَ ۾،

بِنان سِڪَ سَڄَڻَ جي، ٻي سُڌِ رَکَنِ ڪانَه،

جِئين ٻالَڪَ نادانَ، سامي رَهَنِ سَنسارَ ۾.

 

(76)

مَحَبتي مَسِتانَ، رَهَنِ پانهِنجي حالَ ۾،

سامي سُپريَنِ ري، ڪَلپَتَ رَکَنِ ڪانَه،

جئين ٻالَڪَ نادانَ، رَهَنِ اَلڳُ اِنڇا ريٖ.

 

(77)

مَحَبتي مگَهنُ، رَهن پانهِنجي حالَ ۾،

سامي ڄاڻَنِ ڪونَڪو، سِڪَ بِنان ساڌَنُ،

ڪِيائون وَسِ ويساهَ سان، پَرچي مَنُ پَوَنُ،

سَڀَ اَنگيــٖـن سَنپَنُ، ڏيو ڏِٺائون ڏيهِه ۾.

 

(78)

محبتي مَطِلَبُ، ڪَنهِن سان رَکَنِ ڪِينَڪي،

رَهـٖـي جَني جي روحَ ۾، راتيان ڏِينهان رَبُ،

ڳالِهيون ڪَنِ عَرشَ جون، عَجائِبُ عَجَبُ،

توڙي لائي لوڪُ لَقَبُ، ته ڀي مَسَتَ رَهَنِ مَهِرانَ ۾.

 

(89)

مَحَبتي موٿاجَ، ڪَنهِن جا ٿِيَن ڪِينَڪي،

رَکَنِ نَه رَتيءَ جيتري، بِنان دَرِسَنَ حاجَ،

پَرچي ڪِيائون پانهنجا، سامي چَئي سَڀِ ڪاجَ،

اَنَڀَئِي آواجَ، ڀِنا ڪَڍَنِ ڀاوَ سان.

 

(80)

مَحَبتنِ مَذِڪورُ، سامي سڀ سَهي ڪيو،

ڏِٺائون ڏيهيءَ ۾، قِبِلو ۽ ڪوهِنورُ،

ڪَهين اَڳيون ڪَڻِ جيترو، پَڌِرو ڪَنِ نَه پورُ،

سو ڪِيئن سَلِنِ سورُ، جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا.

 

(81)

محبتِنِ پرماڻُ، پرچي لَڌو پوربي،

جتي تون مان ناهِه ڪا، نَڪو دانُ اِستانُ،

نَڪو جيءُ نه اِيشُ ڪو، نَڪو گِيانُ ڌِيانُ،

سامي چَئي سَمانُ، پُرکُ وَسـٖـي پرماتما.

 

(82)

مَحَبَتنِ کون مِيتُ، پلڪ پَراهون نه ٿِئي،

لَکَ لَکائِي سَتِگُروءَ، جَنِ تي پَرمُ پُنِيتُ،

ڏيئي ڪَنڊِ ڪلپَ کي، ٿيا سِيتَلُ سُرِجيتُ،

گِرستَ منجهِه اَتِيتُ، سَدا رهن سامي چَئي.

 

(83)

مِٺو لڳو ماروُن، مَحَبَتِنِ جي مَنَ کي،

سَمجهائون سامي سَچِي، دَرِسنَ جو دارون،

تارَ مَنجهون تارون، لَگهيا لَکَ آگَمَ جي،  

 

(84)

وِيَڙو ڪوڙُ ڪَپَٽُ، محبتيءَ جي مَنَ مون،

لائي لِنوَ سَچيءَ سان، اونهون اَوِدِيا پَٽُ،

پرچي ڏِٺائين پاڻ ۾، پِرِيَنِ کي پَرگهٽ،

ڀَڃِي مَمَت مَٽُ، سامي مليو سَروپَ سان.

 

(85)

وِئَڙو ڪوڙُ ڪَپَٽُ، مَحَبتيءَ جي مَنَ مون،

لاٿائِين گُرگِياتِ سان، سامي اَوِدِيا پَٽُ،

پَرِچي ڏٺائين پاڻَ ۾، پِرِيَنِ کي پَرگَهٽُ،

ڪَڍي ويٺو هٽُ، سودي سارَ اَپارَ جو.

 

(86)

مَحَبَتِنِ جو مَنُ، سيتَلُ رَهي سُڀاءَ ۾،

سامي ڪَنِ سَروپَ جو، بِنان ڀيدَ ڀَڄَنُ،

گَهٽِ وَڌِ واڻيءَ واچَ کي، ڪَلپِي ڏِيَنِ نَه ڪَنُ،

ڪَڍِي ڪانو پَنُ، ڏِسَنِ اَنَڀَئِه اَنَ کي.

 

(87)

مَحَبتِن سَڀ مَتَ، لئِه ڪَيا تَنهِن لکَ ۾،

جَنهن ۾ تون مان نانهِن ڪا، نَڪي پَنجئي تَتَ،

حَدَ پَري بيحَد، پاتو پَدُ ٻانڀَڻُ چَئي.

 

(88)

مَحَبَتِنِ مارِي، ٽُٻِي دِلِ دَرياهَ ۾،

لعلُ لڌائون اَڻَ مُلهو، ڀَرَمَ ري ڀاري،

سامي وِسُ ساري، ڄاڻَنِ تيجُ تَنهين جو.

 

(89)

لوڀَ لَهَر لوڙهـٖـي، ڪوڙين نيا ڪيترا،

سامي رَکِيو سُکانَ کي، ڪَنهِن مَحَبتيءَ موڙي،

ٻَنڌنَ سَڀِ ٻِيائيءَ جا، ڇَڏِيائين ڇوڙي،

ويٺو جَنگِ جوڙي، لَنگهي پارِ پِرِيَنِ سان.

 

(90)

ليکي منجهه لُڙِي، جيءَ جَهان جا،

اَندَرِ ڏِٺو اَليکَ کي، ڪَنهِن مَحَبتيءَ مُڙي،

سامي جَنهن جِي ساڌَ، سَنگِ، اَوِدِيا ڳنڍِ ڇُڙي،

جاڳي رهيو جُڙي، پاڻُ وَرائي پاڻَ سان.

 

(91)

ويا سڀ لوڪ لُڙي، اَوِديا جي آڙاهه ۾،

جنهن مون لَڀي نَه هڪڙي، سامي جَلَ ڦُڙي،

چَڙهيو چيتَن چِتَ تي، ڪو محبتي مُڙي،

جنهن جي ڳنڍ ڇُڙي، پَئي ساڌَ سَنگَتِ ۾.

 

(92)

ڪوڙي ڪَٿَ ڪَٿي، سامي سَڀ لُڙهي وِيا،

رَکنِ سِڪَ سَمُجَهه ري، ڪاڳَر ڪوٽَ سَٿي،

مکَڻُ ڪڍيو من مون، ڪنهن محبتيءَ مَٿي،

ليکي لَٿي پَٿي، شـٖـيشُ ڏِٺائين سُپرين.

 

(93)

وِرِلو ڪو آهي، مَحَبتي مُشتاقُ جَنُ،

جو مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

ڄاڻَ وِڃائي پانهنجي، لُنوَ لُنوَ لِنوَ لائي،

مَمِتا مِٽائي، سامي ڏِسي سَروپَ کي.

 

(94)

وِرِلو وِلوڙي، ڪو مکَڻُ ڪَڍي مَنَ مون،

ڪري مانڌاڻي مَحَبتَ جِي، ٿِرتا ٿَنڀُ کوڙي،

سيلـٖـي پائي سَچَ جي، جُڳِتِ سان جوڙي،

ڏِسـٖـي مُنهُن موڙي، پانهنجي اَکئين پاڻَ کي.

 

(95)

سَنتَنِ ساپُرسَنِ، هوڪو ڏِنو حَقَ جو،

ٻُڌو تَنهن ٻانڀَڻُ چَئي، مَحَبَتَ جَنهِن جي مَنِ،

ٻِيا سَڀِ ڏيئي ٻَنِ، دَرُ ودائين دوسَ جو.

 

(96)

وِرِلو ڪو آهي، محبتي مهمانُ جَنُ،

جو مِلِي ساڌ سَنگَتِ سان، مَمِتا مِٽائي،

ڄاڻَ وِڃائي پانهنجي، رَهيو رَنگُ لائي،

مُنهن مڙهيءَ پائي، جُڙيو رَهي جڳديسَ سان.

 

(97)

ڪارجُ ڪينَ سَري، سامي سِڪَ سَمُجَهه ري،

اِيئين چَوَنِ ٿا اَنَڀَئِي، سَڀَ کي ساکَ ڀَري،

سَدا جَنِ جي جيءَ ۾، مَحَبَتَ مَچُ ٻَري،

پَلَڪَ نَه ٿِيَنِ پَري، سُتهه شُڌِ سروپَ کون.

 

(98)

صفائيءَ ري سُکُ، ڪَنهين پاتو ڪِينَڪي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، محبتي مانکُ،

ڪَٽِيو جنهن ڪَلِپَتَ جو، دانائيءَ سان دُکُ،

صفائيءَ سَنِمُکُ، رَهي سارَ سروپَ جـٖـي.

 

(99)

مَحَبوبَن جِي موڙ، سَمُجهِي جَنهن سامي چَئي،

مِٽي تَنهِن جي مَنَ مون، سَهَجـٖـي سوڙه سَنگهوڙَ،

ٻَنڌَنَ سَڀِ ٻِيائيءَ جا، ڇوڙي ڇَڏيائين ڇوڙَ،

لِنوَ وَرائي لوڙَ، رَکـٖـي نَه رَتيءَ جيتري.

 

(100)

رَهي هوتُ حَضورِ، سامي سَڀَڪَنهين جـٖـي،

ڀَرَمَ مَنجِهه ڀُلِي ڪري، مورَکَ ڄاڻَنِ ڏورِ،

راتيون ڏينهَن مَرَمَ ري، مَرَنِ سَنسي سورِ،

چَڙهي پَڪـٖـي پورِ، ٿِيا مُقابِلِ مَحَبتي.

 

(101)

اَپيريءَ جو پيرُ، پيراٺِيُنِ پرچي لَڌو،

ڏيئو ٻاري ڏيِلَ ۾، ڪَڍيو جَنِ اَنڌيرُ،

ويٺا اَنَڀَئِي تختَ تي، ٿي نرَڀَئِه نِرَويرُ،

رائِي ۽ سُميــٖـرُ، سَمَ ڄاڻن سامي چَڻي.

 

(102)

اَپيريءَ جو پيرُ، پُرِجهي ڪنهن پريميءَ لَڌو،

آهي جنهن جي آسري، ساگَرُ سَرُ سُميرُ،

سامي سَڀُ سو ڪَٽـٖـي، ٿيو نِرڀَئِه نِرويرُ،

سوريَه منجهه اَنڌيرُ، ڏِسـٖـي نَه آدِ جُڳادِ جو.

 

(103)

انَڀَئه لَکَ اَپَروک، سَنتَ لَکائِنِ سَڀَ کي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، مَحَبَتي مَموکُ،

پَرِچي ڏٺو جنهن پاڻ کي، نِتُ نِرمَل نِرَ دوک،

سَچارِي سَنتوک، مُک رکي موجان ڪري.

 

(104)

انَڀَئه لَکَ اَپَروک، سَنتَ لَکائِنِ سَڀَ کي،

سَمُجهـٖـي ڪو سامي چَئي، محبتي مَموکُ،

ڪَٽي ڪالَ ڪَلپنا، ٿيو نِرَمَلُ نِرَدوک،

سَچاري سَنتوکُ، مُک رکي موجان ڪري.

 

(105)

انَڀَئه لَکَ اَپَروک، سَنتَ لَکائِنِ سَڀَ کي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، مَحَبتي مَموکُ،

جو جيءَ ۾ ڪَڻَ جيترو، رَکي نَه راڳ دوکُ،

صفائي سنتوک، مُکِ رکي مَوجان ڪري.

 

(160)

جِيئين ڇَنڊي  ڇَڄُ، ڪَڍيٖ ڪِنُ ڪوَنڊيءَ مون،

تِيئين ڪَڍايو قُرانَ مون، مَحَبتنِ مگَجُ،

رَکَنِ نَه رَتيءَ جيترو، ڪنهن جو گَمُ گَرَجُ،

سامي هَردَمُ حَجُ، مِلي ڪَنِ مَحبوبُ سان.

 

(107)

جِيئين سورُ سَتِي، سانگو نَه رکن سر جو،

تِيئين مِليا مَحبوبَ سان، مَري مَحبتي،

جَن کي ڏِني سَتِگُروءَ، سَچي رَهَتِ رَتي،

پائي پَرَمَ گَتي، سامي ماڻِنِ سيجَ سُکُ.

 

(108)

تَنهِين سَڀُ ڏِنو، جَنهين مَنُ مُحَبوبَ کي،

اَوِدِيا ڀَرَمَ اَندَرَ مون، سَڀُ ڇِڪيءَ ساڻُ ڇِنو،

پاڻيءَ منجهه ڀِنو، جيئن کيلوڻو کَنڊُ جو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org