سيڪشن: شيخ اياز

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

شيخ اياز:

صفحو: 15

سِڪَ (ب)

(1)

بِنان سِڪَ سَڄَڻُ، ڪَنهِين پاتو ڪِينَڪِي،

ساکَ ڏِئـٖـي سُوڌِي سَچِي، نيهي پُرکُ نِپَڻُ،

مِٽِيو جَنهِن جي مَنَ مون، ڀولائو ڀَوَڻُ،

سَدا پاڪُ پُورَڻُ، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

 

(2)

بِنان سَمُجَهه صِدقَ، پَدُ پراپَتِ نَه ٿِئي،

وَڃي پُڇُ تَنِين کون، جَنِ کي سَچي سِڪَ،

مورَتَ مَحَبوبَنِ جِي، هَرِدَمُ ڏِسَنِ هِڪَ،

ٻِيا سَڀِ چَٽِنِ چِڪَ، مورَکَ جيءَ مَرَمَ ري.

 

(3)

سِڪَ ري صَفائي، اَچي نَه دِلَ دَرِپَنَ کي،

پُڇي ڏِسُ پِريمنِ کون، جَني لِنوَ لائي،

مورَتَ مَحَبوبَنِ جِي، اَنَڀَئِه ۾ آئي،

سامي سَدائي، ماڻِنِ دَورَ دَرِسَ جِي.

 

(4)

سچي سِڪَ آئِي، ساگَرُ تَرَڻُ سُگَمُ ٿِيو،

ڪَيائِين ڪَلَپتِ ڪوڙَ جِي، سارِي صَفائي،

چِنتا رَهِي نَه چِتَ ۾، پَنهِنجي پَرائي،

ٻانَڀڻَ چَئي ٻِيائي، ميٽيائِين مَنَ مون.

 

(5)

سَچي سِڪَ آئي، تَڏي ساگَرُ تَرَڻُ سُگَمُ ٿِيو،

اِئين چَوَنِ ٿا اَنڀَئي، ساڌو سَدائي،

پاڻُ وَرائي پاڻَ سان، جَني لِنوَ لائي،

ٻانڀڻَ! سڀ ٻيائي، ميٽي ويٺا مَنَ مون.

 

(6)

جَنِ کي سِڪَ سَچي، سي پاڻيهي پَڌرا،

ڪايا، مايا، ڪُلَ ۾، مَرَنِ ڪِينَ پَچي،

سَٽي وِڌائون سِرَ تون، ڪَلِپَتِ پنڊَ ڪَچي،

رَهيا رَنگِ رَچِي. سامي سُپيرينِ جي.

 

(7)

سِڪَ وارو ڪِينَ لِڪـٖـي، سورِجَ جان سَنسار ۾،

جَنهِن سِکِيا داتِ گُروءَ جِي، ٻَڌي ڳَنڍِ ڇِڪي،

ويٺو اَنڀَئِه تَخَتَ تي، دُشِمَنَ سَڀِ ڌِڪي،

سامي سِڪَ سِڪـٖـي، پورَنُ ڄاڻِي پيءَ جِي.

 

(8)

جَنِ کي سِڪَ سَچي، سي پاڻيهي پَڌِرا،

ڪايا، مايا، ڪُلَ ۾، مَرَنِ، ڪِينَ پَچي،

نِرتِ ڪَنِ نارَدَ جان، نانا ڀاءِ نَچي،

رَهِيا رَنگِ رَچي، سامي سُپيريَنِ جي.

 

(9)

جَنِ کي سِڪَ سَچي، سي پاڻيهي پَڌِرا،

ڪايا، مايا، ڪُلَ ۾، مَرَنِ ڪِينَ پَچي،

سُپَني جي سَنسارَ جي، ڄاڻَنِ ڪَلِپَ ڪَچي،

رَهِيا رَنگِ رَچي، سامي سُپيريَنِ جي.

 

(10)

توکي جي آهي، سَچي سِڪَ پريَنِ جي،

تَه ڇَڏي لوڪَ لَڄا کي، پَؤ پَڌَرِ ڪاهي،

سامي چَڙهُه سوريءَ تي، ڦُرِني ري ڦاهي،

پَٽُ پَرِدو لاهي، پَرِتکِ ڏِسُ پُورَنَ کي.

 

(11)

سِڪَ ڪَري سونهِين، عاشقَ هَلِيا عَجيب ڏي،

سامي ڏِٺائون ساڌَ سَنگِ، اَنَڀَئِه اُگُوهِين،

پائي ويٺا پَدَ ۾، دَرَسَنَ جي دونهين،

تَن ۾ تونهِين تونهِين، سُتَهَه ڪَنِ سامي چَئي.

 

(12)

سُڏڪي سَڏُ ڪَري، نارِ نِماڻي بِرهَڻي،

تُنهِنجيءَ سِڪَ اَلڳُ ڪَيو، پرِين ٿيءُ نَه پَري،

پُڇي پانڌيُرنِ کون، رُئان رَتُ ڀَري،

سگهان نَه ڌيرَ ڌَري، سُتَتِ مِلُ سامي چَئي.

 

(13)

موهَنَ مُنهنجو مَنُ، تُنهنجي سِڪَ سوگهو ڪَيو،

لُنؤ لُنؤ مَنجِهه لَڳِي رَهي، تَڪـٖـي تَڙڦـٖـي تَنُ،

پڇي پُڪاري سَڏَ ڪَري، سَهي سَڀُ وَچَنُ،

دُکيءَ کي دَرِسَنُ، سُتَتُ ڏي سامي چَئي.

 

(14)

سَڄَڻَ سورَ چَيا، وَڃنِ نَه وِڇوڙي جا،

تُنهنجيءَ سِڪَ اَندَرَ ۾، ڇيڪَ اَنيڪَ ڪَيا،

سامي چَئي چَڪورَ جان، سُڪِي نيڻَ رَهِيا،

ڪَڏي ڪَري دَيا، دَرِسَنُ ڏيندين داسَ کي.

 

(15)

ويٺِي وَنجهه کوڙي، سَڄَڻَ سِڪَ اَندَر ۾،

ڏيئي دِلاسو دِلَبري، نِيائين نِهوڙي،

اَچي ڏِسُ ڏُکيءَ کي، مهَرون مُنهن موڙي،

ڇَڏجانءِ نَه ڇوڙي، سامي چَئي ڀَوَ ڀيڙ ۾.

 

(16)

ڏاڍي لايئِه لورَ، جاني مُنهنجي جيءَ کي،

سَٽِيَمِ سُکَ سنسارَ جا، تو تؤن گهوري گهورَ،

اُٿندي وهندي نِنڊَ ۾، اورِيان تُنهنجِي اورَ،

اَچي مِلُ چتَ چورَ، سُتتِ ئي سامي چَئي.

 

(17)

دَٻــٖـي ديوانِي، سَڄَڻَ تُنهنجي عَشِقَ ڪَيو،

هَنيائين حيرَتَ جِي، قَهَرَ ڀَري ڪاني،

سامي سَڀُڪو ڀُلو، ڏِسي جڳُ فاني،

جِيئندي مِلُ جاني، ماري مِلندين ڪَنِ سان.

 

(18)

پَلَڪَ نَه ٿِئي پَري، سِڪَ تَه تُنهِنجِي سُپرين،

هَڻي نِتُ اَندَر ۾، بيحَدِ ٻاڻَ ڀَري،

سُتَتِ مِلُ سامي چَئي، ڪُٺيءَ، ڪَرَمُ ڪَري،

تَڏي جيءُ ٺَري، جَڏي ڏِسان هِنَنِ آکِنِ سان.

 

(19)

پَلَڪَ نَه ٿئي پَري، سِڪَ تَه تُنهنجي سُپِرين،

هَرِدمُ هَڻي هِنيانوَ ۾، بيحَد ٻاڻَ ڀَري،

سامي روئي رَتُ نِتُ، سگهي نَه ڌِيرَ ڌَري،

مِلَندين مهَرَ ڪري، ڪِي ماريندين مُئَن کي.

 

(20)

سَڄَڻَ سِڪَ مُڪِي، سامي سُرِتِ سکيءَ ڏي،

سا اَچي ويٺي اوچِتي، جُهڳـٖـي مَنجِهه جُهڪي،

نيئي مِير مَحَلَ ۾، ڪِيائين ڏِکَ ٻُڪي،

چِنتا سَڀ چُڪي، لانوان لَڌيون گهوٽَ سان.

 

(21)

سَڄَڻَ سِڪَ سِرڪِي، ڳولي لَڌو جَنهِن ڳوٺَ ۾،

سامي ماڻي سارُ سُکُ، سو پِريمي پُلِڪي،

وَڃـٖـي ڪِينَ وِسَنِ جان، طَمعَ ۾ تِرڪي،

ڄاڻي سو نَٽِڪي، هيٺِيون مَٿيون هِڪِڙي.

 

(23)

خُلقيءَ کي خُلقِي، مِليو مَنُ ڏيئي ڪَري،

پَرِچيو ڪَيائون پاڻَ ۾، پِرِيَنِ جو پُلڪي،

لڳَنِ باهِ بِرِهَ جِي، سَنڌَ سَنڌَ ۾ سُلِڪي،

مَري ٿِيا مُلڪي، ٻِيائيءَ ري ٻانڀَڻُ چَئي.

 

(24)

سِڪَڻُ سکَرُ ٿوڪُ، لِڪَڻُ تَنهِن کون اڳِرو،

سَمُجهـٖـي سَنگِ ساڌوءَ جي، ڪو نيهِي نِهِه سوڪُ،

مُکَ رَکِيو جَنهن مَنَ ۾، سامي سَمَ سَنتوڪُ،

لَکـٖـي سگهي نَه لوڪُ، مَوجان ڪَري مَمَتَ ري.

 

پريم

 

(1)

آءُ نه پِياريانءِ، ڀَري پِيالو پريمَ جو،

سامي هِنَ اَوسَرَ ۾، تَنُ مَنُ سَڀُ ٺاريانءِ،

دَهَ دِسِ ڏيکاريانءِ، اَنَڀئِه پُرکُ اَکِنِ سان.

 

(2)

سَڀَ جي گَهرِ آهي، پِريمَ پَدارَٿُ رامَ ڌَنُ،

سامي ڏِسي ڪونَه ڪو، مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

سَتِ گُرُ لَکائي، تَه ڏِسي پَدُ اَکِنِ سان.

 

(3)

پِيتو جَنهن پِني، پاڪُ پِيالو پِريمَ جو،

سَٽيا تَنهِن سَنسارَ جا، ڇِڪا سَڀِ ڇِني،

سَدا رَهي سامي چَئي، ڀلڻـٖـي مَنجِهه ڀِني،

ويٺي مُلهه ڳِني، دِلِ ڏيئي دِلِبَرَ کي.

 

(4)

پريمِنِ پُڪاري، پَڙو گُهمايو پريم جو،

ٻُڌي ڪو ٻانڀَڻُ چَئي، ڌِيرَ سَچي ڌاري،

پاڻَ وَرائـٖـي پاڻَ کي، ڏِسي ڏيئو ٻاري،

نانَتَ نِواري، ماڻي دَورَ دَرسَ جا.

 

(5)

پريمِي پَسارو، ڪَري نَه ڪَتَرَ جيترو،

مِٽيو جَنهن جي من مون، اَوديا اَنڌارو،

پِرتک پُورَڻُ آتِما، ڏِسـٖـي ڏِهارو،

مِلِيو نِيارو، سدا رَهي سامي چَئي.

 

(6)

پريمِي پاڻَ اَچـٖـي، مُئنِ جي مجلس ۾،

کنيون خُلاصو ڪَري، جَنهِن کي شونقَ سَچي،

پَتنگَ جان پاڻُ ڇڏي، ڏِسِي مَچُ مَچي،

سامي رَنگِ رَچي، سُتهه سپيريُنِ جـٖـي.

 

(7)

پريمِي پِياسو، پياسَ رکِي پورَڻُ ٿِيو،

ڪَڏي ڪَري ڪِينَڪِي، پريتَمَ کون پاسو،

سامي رَهي سَنسارَ ۾، نَڀَ جان نِراسو،

ڪِنگِرُ ڪَورو، ڪاسو، ڄاڻي مولُ مٽيءَ جو.

 

(8)

جَنهِن جي پِريمُ پَلي، سَنمُکُ تَنهِن جـٖـي سُپرين،

سامي سُکُ سَروپَ جو، ڪَنهِن کي ڪينَ سَلي،

پَرچو رَهي پَدَ ۾، پَنجَئي دُوتَ دَلي،

هَلـٖـي اَئون چَلي، ڄاڻَ وَڃائي پانهِنجي.

 

(9)

پِيالي مان پريمَ جي، رَتِيائِي رَحمَتَ،

پيتِي جَنِ پِريتِ سان، سي ٿِيا مَتارا مَتَ،

سي ڪَٿِنِ ڪِينَ اَڪَٿَ، ريڌا رَهَنِ حالَ ۾.

 

(10)

ساميءَ ٺڳُ لَڌو، جَنهِن ٺڳَ ٺَڳِيو سَڀَ کي،

مُحَڪَمَ مَنَ ٿَنڀي سان، پِريمَ جي دامَ ٻَڌو،

وَلُ ڇَلُ ڇڏي پانهِنجو، ٿِيَڙو ٺڳُ ٿَڌو،

سَهَجـٖـي ساڳُ رَڌو، سو کائي، نِتُ خوشيءَ سان.

 

(11)

بِنان لَکَ لَنگهِي، وڃي نه اَوديا سنڌ مون،

لَهِرون مارن لوڀَ جون، نانا رَنگَ رَنگي،

ڪو پريمِي لَنگهي پار پيو، سامي لَتَ سَنگهِي،

صاحب سَرِ ٻَنگي، ڏٺو جنهن ديهيءَ ۾.

 

(12)

ٻانڀَڻُ ڪو ٻُجهي، بيحد ٻولِي برهَه جي،

توڙي سِياڻو سورمو، پڙهيلُ ڇو نَه هُجي،

ڪو جَنُ پريمِي پريتوانُ، سَمُجِهيو سُمُجهي،

موٽي ڪينَ مُنجهي، اَوديا جي اوندهِه ۾.

 

(13)

پُڃِي پُڃَ ڪري، ڀوڳي ڀوڳَ سُرڳ جا،

پاپي گهور نرڪَ ۾، روئَنِ رَتُ ڀَري،

سامي رَهن سڀ کون، پِريمِي پاڪُ پَري،

ڏسن ڌيانُ ڌَري، پرتک پورڻ آتما.

 

(14)

پريمُ پريمُ سَڀِ ڪنِ، پريمُ پُرکُ پَرِماتما،

مَنَ ٻُڌِ واڻيءَ کون پَري، لکايا لهنِ،

ٻيا سَڀِ بادِ بَڪَنِ، سَمُجَهه ري سامي چَئي.

 

(15)

سامي جَنهِن چکِيو، گُرگَمَ پِيالو پِريمَ جو،

اَڳِيون تَنهِن عَجيبَ جي، لاهي سِرُ رَکيو،

سَڀَ ۾ سارُ لَکِيو، ڄاڻَ وِڃائي پانهنجي.

 

(16)

سامي سَنڀاري، پريمِيءَ کي پريتَمُ سَدا،

ڀڳَتِ ڏيئي پانهِنجي، لُنؤ لُنؤَ سَڀَ ٺاري،

اَوِديا پَٽُ پَري ڪري، دَرِسَنُ ڏيکاري،

ويٺو نِهاري، سَنَمُکُ سَدا سُپِرين.

 

(17)

لَکين هَزاريٖ، ڳالهيون ڪَنِ ويدانت جون،

سامي سَودو پِريمَ جو، وِرلو ڪو ڌاري،

جو وِهي اَنَڀئه هَٽَ تي، نانَتَ نواري،

پَرِچي پِياري، سَڀَ کي ڀيدَ ڀَرَمَ ري.

 

(18)

بِرِهَنِ کي ڀَڙڪِي، لڳِي باهِه بِرِهَه جي،

روئي رَتُ اَکِنِ مون، سَڏَ ڪري سُڏِڪِي،

اَچي مِلُ مُئيءَ سان، لالن پوءُ نه لِڪي،

ويندو ساهُه سُڪي، تڏِي کَڻَندين مَيلُ مَٿي تي.

 

(19)

بِرَهِي روئي رَتُ، اَٺئي پَهَرَ اَکِنِ مون،

سَڄَڻَ تُنهنجي سِڪَ ڪِيو، مَنُ منهنجو موهَتُ،

ٿي بيحد بانوَري، ڀُلِي سَڀُ جڳَتُ،

سامي چَئي سُتَتُ، اَچي مِلُ مُئيءَ سان.

 

(20)

بِرهڻِ نيڻَ ڀَري، روئي رَتُ اَکن مون،

پُڇي پانڌيُرِنِ کون، سُڏڪي سَڏَ ڪري،

سامي چَئي سُپرين، پيرُ نه ٿيءُ پَري،

تڏِي جيءُ ٺَري، جڏِي ميلو ڪري مُئيءَ سان.

 

(21)

بِنان واچَ وَڄِي، مُرِلي مَنَ مَندَر ۾،

تنهن ۾ لکي لِنوَ جِي، ڪَتِڻِ کي ڪاتي،

ٻُڌَڻ سان ڀانڀَڻ چَئي، وَڍِي سَڀَ ڇاتي،

جُهڳي ۾ جهاتي، مَنُ پائي مگَنُ ٿيو.

 

(23)

موهَنَ وڄائِي، مُرلي ڪَدلِي بَنَ ۾،

رَکِي ڌُنِ ڌيرَجَ  سان، تانَ تِکي لائي،

گوپُينِ ۽ گوالنِ جِي، سُڌِ ٻُڌِ ڀُلائي،

سامي سدائي، رهنِ سُکَ سنتوش ۾.

 

(24)

مُرلي مڌَ ڀَري، ڪانَ وَڄائي ڪونجَ ۾،

مَها مِٺي موهڻي، ڌُنِ اَپارُ ڌَري،

ٻُڌي ٻِن ڪَنَنِ سان، لنؤ لنؤ سَڀَ ٺَرِي،

سُڌِ ٻُڌِ سڀ وِسَري، سامي چَئي سنسار جي.

 

(25)

بيحَدَ وَڄائي، موهَنَ مُرلي مَڌَ ڀَري،

ٻُڌي ٻُڌِوانَنِ کي، ڀَلي ڀَتِ ڀائي،

ڇَڏي خام خِيالَ سَڀِ، لِنوَ سَچي لائي،

سامي سدائي، مَسِتُ رَهي مَهِراڻَ ۾.

 

(26)

نارِدَ سَڀُ قَبولُ، ڀَتُ پاڻي ڀڳِتنِ جو،

جَنين ڏِنو مان کي، مَحَبَتَ سان مَنُ مولُ،

لَئِه ڪَيائون لنوَ سان، سوکم ۾ اَسِٿولُ،

تون ڀي وَڃي جهُولُ، پريم هِندوري تَنِ سان.

 

(27)

سامي سَمُجهي جَنِ، ٻُولي ٻاوَنَ ٻاهِرين،

پِيالو پريمَ آگَمَ جو، پَرچي پِيتو تَنِ،

سَدا سُپيريَنِ جي، رَتا رَنگِ رَهَنِ،

ڪَنهِن کي ڪِينَ سَلنِ، اَنَڀَئِه سُکُ اَندَرَ جو.

 

(28)

اَچـٖـي پيئي ٻاڻَ، سامي رامَ ملڻ جي،

لُونءَ لُونءَ ۾ هَرِ رَسَ جِي، ڦِري ويئي آڻَ،

رَهي نه رَتيءَ جيتري، مَنَ ۾ مايا ڄاڻَ،

پيهي آيا پاڻَ، سَڄَڻَ گَهرِ خوشيءَ سان.

 

(29)

اَٿي مَهانگو، سامي سَودو پريمَ جو،

جي تو خواهش خَريدَ جي، ته سَٽِ سِرَ جو سانگو،

پرِچي پاءِ ڳِچيءَ ۾، گِلا جو گهانگهو،

لَنگهي پَؤ لانگهون، ته مَطَلبُ ٿيئي مَنَ جو.

 

(30)

پِريمُ خَريدَ ڪَرين، ته سِرُ لاهي وِجُهه ڪاڻِ ۾،

ڏيئي دِلِ دَلالَ کي، سامي اَجَرُ جَريــٖــن،

جيڪي ڄاڻي پانهِنجو، سو سَڀُ ڀيٽَ ڌَريــٖـن،

تَنهن کون پوءِ ڀَريــٖـن، مُڪتا ڀارَ ڀَنڊار مون.

 

(31)

گهٽِ وَڌ پرِيتِ نه لاءِ سامي سُپيريَن سان،

رَهِجي ويندين راهَ تي، پير پُرِجهي پاءِ،

جِيَڻَ مَرَڻَ دُکَ سُکَ جِي، چِنتا چاهَ چُڪاءِ،

جته گَهٽَ گَهٽَ مَنجِهه لَکاءِ، مورَتَ مَحَبوبَنِ جِي.

 

(32)

بيتِي سا بيتِي، باقي رَکُ رَهَتِ سان،

پُڇي وَٺُ پِريمِنِ کون، سَچي رَسَ ريتي،

سامي ساواڌانُ ٿي، بازي جَنِ جيتي،

پاڪي پَلِيتي، لَنگهي چَڙهيا لَکَ تي.

 

(33)

پرچِي جنهن پَڙي، پٽي پريم آگم جي،

ڏٺو تنهن سڀُ آتما، چيتَنَ چِٽَ چَڙي،

مري نه مايا موهه ۾، رسن ڪاڻِ رَڙي،

ڀڃي ڀرم گَهڙي، سامي ماڻي سيجَ سُکُ.

 

(34)

پرچي جنهن پَڙهيو، پورو اَکرُ پريمَ جو،

ڏيئي ڪَنُ ڪَلِپَتَ کي، ڪرپا ساڻ ڪَڙهيو،

ڇڏي ڀيدَ ڀرم کي، وَڃي چِٽَ چَڙهيو،

سُتهه اَڻَ گهڙيو، ديوُ ڏٺائين ديهه ۾.

 

(35)

پرڇنتا پلِيتُ، ڪَيا جيءَ جَهان جا،

سامي ٿيو ڪو ساڌَ سَنگِ، پريمي پرم پُنيِتُ،

جاڳي جنهن جُڳت سان، جِيتِيو مَنُ اَجِيتُ،

تَنَ ۾ تُرِيئاتِيتُ، پَرتک ڏِسي پاڻ کي.

 

(36)

پرچي پِيتو جَنِ، پِيالو پريم آگمَ جو،

اَندَرِ ٻاهَرِ آتِما، هِردي منجهه ڏِسَنِ،

پَرڇَن ڄاڻِي پاڻ کي، ڪينو ڪِبرُ نَه ڪَنِ،

سدا غَرِقُ رَهَنِ، سامي سمتا پَدَ ۾.

 

(37)

جنهِن کي پِريمَ پِياسَ، سامي لائِي سَتِ گُروءَ،

سَهَجـٖـي تَنهِن جي جيءَ مون، ڀُلي اَوِديا ڀاسُ،

رَهي مَنجِهه آڪاسَ، اَٺَئي پَهَرَ اَنَلَ جان.

 

(38)

پريمِي سي چئجن، جن کي اَمُلُ اَکَنڊَ جو،

سِرُ سَٽي سَودو ڪري، پيالو پيتو تَن،

پائي مُنهُن مِهراڻ ۾، سدا غَرقُ رَهَنِ،

پَرچي ريءَ پرين، سامي سارِن ڪن کي؟

 

(39)

پِريميءَ کي پَڙِلاءُ، سُتَهَه پِيو سَروپَ جو،

ٻُڌائين ٻاوَنَ ري، گَگَنَ ۾ گوگاءُ،

ميٽي دُتيا ڀاءُ، سيتَلُ ٿِيو سامي چَئي.

 

(40)

پَڙهي پُرِجهو ويدُ، اَکَرُ لَڌو جَنِ اَنڀئي،

مِلي ٿِيا محبوبَ سان، سي سامي عَينَ اَڀيدُ،

پِيئن پيئارِنِ پِريم رَسُ، بِنان وِڌِ نِشيدُ،

توڙي ڪَنِ اَسِميدُ، تان ڀي سيتَلُ رَهَنِ سڀاوَ ۾.

 

(41)

دوست جو ديرو، سُڃَ وَسَنوَ جي وِچَ ۾،

ڄاڻَنِ سِڪَ سَمُجَهه ري، اَنڌا اَوکيرو،

سامي سُجاڳن کي، پرتک ٿيو پيرو،

ڦُرنـٖـي جو ڦيرو، ميٽي ويٺا من مون.

 

(42)

ڏِني لِنوَ لَجَتَ، ستهه جنهن ساڌوءَ کي،

سو رَهي وادِ وِوادِ کون، اَٺئي پهر اَپِرَتَ،

ڄاڻـٖـي سُکَ سنسار جا، سڀ ڪوڙا ڪَلِپَتَ،

حَدَ پَري حَيرَتَ، بيحَدَ ڏِسي ٻانڀَڻُ چَئي.

 

(43)

دوست جو ديرو، سُڃَ وَسنوَ جي وِچَ ۾،

پنهنچـٖـي ڪو پرتيت سان، پريمي پَڪيرو،

مِٽيو جَنهِن جي من مون، سامي مِئميرو،

وَسِي وَسيــٖـرو، سهِي ڪري سُمير جان.

 

(44)

ڪاٺيءَ کي ڪِيئين، کائي جيئن خلاصُ ڪيو،

ڪوري ڪَڍُ ڪلپنا، اَندَرَ مون اِيئين،

پيالو پريم آگمَ جو، پُر ڪَري پِيئين،

جِيئين جو تِيئين، سامي ڏِسن سُپرين.

 

(45)

ڪَنهن پريميءَ کي پيرُ، سَتُگُرَ ڏَسيو سَروپَ جو،

ڏيئي ڪَنڊِ ڪَلِپَ کي، گِهيڙي لَڌو تنهن گهيرُ،

ماڻـٖـي دَورَ دَرَسَ جا، ٿي نِرَڀَئَه نِرَويرُ،

سامي جِيئن سُميرُ، سِيتلُ رَهي سڀاوَ ۾.

 

(46)

رمتا رام وَسـٖـي، سدا اَليپُ اَڪاش جان،

تَنهِن کي پريم پَرِتيتِ سان، ڪو پورَڻُ پُرشُ پَسي،

جنهن کي گُرو ڪرپا ڪري، اَنڀَئه اوٽَ ڏسي،

ڦِرِي ڪينَ ڦَسي، سامي هِنَ سنسارَ ۾.

 

(47)

پِريميءَ کون پريتَمُ، پَلَڪَ پَراهون نَه ٿِئي،

شيوَڪَ جو شيوَڪُ ٿي، ڪَري سَڀوئي ڪَمُ،

سَدا ساپرسن جو، رَکي مَنِ مَرَمُ،

سامي هِڪِڙو دَمُ، هَرِ ڀڳَتَنِ ري نَه رهي.

 

(48)

پِريميءَ پِرولي، ٻُڌِي بيحَدَ پَدَ جي،

سَدا سپيرِيَنِ سان، ڪيئن ڪَجي هولي،

سڀاويڪ سامي چَئي، خِلِوَتيءَ کولي،

ٻاوَن ري ٻولي، سَمُجهِي رهيو سُنَ ۾.

 

(49)

پِريمي ٿِيو پريتَمُ، اَچي پريمَ نگَر ۾،

پاتائين پِريَن جو، سامي سَهَج مَرَمُ،

ڀُلائي ڀَرَمُ، پاڻُ نه ڏِسي پاڻَ ۾.

 

(50)

پريمَ اَکَرُ پاڙهي، سَتِ گُرَ مَنُ سيتلُ ڪِيو،

سامي ڇَڏيائين ڇِنَ ۾، سَنسا سَڀِ ساڙي،

چَوٻاريءَ چاڙهي، ساکِي ڪِيائين سَڀَ جو.

 

(51)

پريمَ پَرواهُ وَهيو، ويئي ٻُڌِ ٻُڏي ڪَري،

بِنان دَرِسَنَ دوسَ جي، سامي ڪِينَ رَهِيو،

جيڪي سَنتَ چَيو، سو حاضُرُ ڏٺو هَٿَ تي.

 

(52)

پريمُ پِساچُ لَڳو، دُئيتُ نَه رَهِيو دِلِ ۾،

وِڌ نِکيدَ وَهِنوارَ جو، سَنسو سَڀُ ڀڳو،

سامي پِيڇو آڳو، روڪي ويٺو رِندُ ٿي.

 

(53)

اِڇا ڪري اَڌِين، ڇڏيا جيءَ جَهان جا،

سَدا ڀَوَنِ سامي چَئي، مورکَ مَتِ مَلينَ،

سَٽِي پِنڊَ مَٿي تؤن، ڪنهن پريميءَ پَرٻِين،

جاتي ڪوئي ڪِينَ، تاتي ڪيائين تَڪِيو.

 

(54)

اَپيريءَ جو پيرُ، پَرچِي ڪنهن پريميءَ لَڌو،

آهي جَنهِن جي آسري، سَڀُئي سَيرُ سُميرُ،

سامي سَڀُ سو ڪَٽي، ٿِيو نِرڀَئه نِرِويرُ،

سُوريَه مَنجهه اَنڌيرُ، ڏِسي نه آدِ جڳادِ جو.

 

(55)

ڪَٿي ڪَلِپَتَ ڪَٿَ، لَکين لوڪَ لُڙِهي ويا،

پَهُچي سگَهنِ نَه پَدَ ۾، هَڻي بيٺا هَٿَ،

ڪي پريمي لنگهي پارِ پِيا، سامي سَمَرَٿ،

جَنِ کي هَرِ هِمَٿَ، پرچي ڏِني پانهنجي.

 

(55)

ڪَٿي ڪَلِپَتَ ڪَٿَ، لَکين لوڪَ لُڙِهي ويا،

پَهُچي سگَهنِ نَه پَدَ ۾، هَڻي بيٺا هَٿَ،

ڪي پريمي لنگهي پارِ پِيا، سامي سَمَرَٿ،

جَنِ کي هَرِ هِمَٿَ، پرچِي ڏِني پانهنجي.

 

(56)

ڪَڏي ڪينَ ڪَري،  پرين پاسو مون کون،

اَکيون اَکِنِ ۾ رَکِي، ويٺو ڌِيانُ ڌَري،

اُٿندي وِهَندي نِنڊَ ۾، پَلَڪَ نه ٿئي پري،

ڏِسي جيءُ ٺَري، سايم سُپرِيُنِ کي،

 

(57)

پِريمَ بِنان پرڪاسُ، ڪَنهِن کي ٿِيو ڪِينَڪِي،

اِئين چَئي ٿو نامُديو، ڪبيرُ اَئون رَوِداسُ،

ڪَري ڏِسُ ڪَلِپَتَ ري، سامي اَنَنَ اَڀِياس،

ته چيتَنُ چِدَ آڪاسَ، پَرگَهٽُ ٿيئـٖـي پاڻَهين.

 

(58)

پريمَ وَرائي پَدُ، ڪَنهِين پاتو ڪِينَڪِي،

پُڇي ڏِسُ تَنِين کون، جَنِ پِيتو مَحَبَتَ مَدُ،

مائِلُ ٿِيا مَهِرانَ ۾، ميٽي دُکُ دَرَدُ،

حَد پَري اَنَهدُ، سامي ٻُڌَنِ سَمَ ٿي.

 

(59)

پريمَ وَرائي پَدُ، ڪَنهين پاتو ڪِينَڪِي،

وڃي پُڇُ تَنين کون، جَنِ پيتو مَحَبَت مَدُ،

مائِلُ ٿِيا مَهرانَ ۾، ميٽي دُکُ دَرَدَ،

اَدُئيتي اَنَهَدُ، سامي ٻڌَنِ سَمَ ٿي.

 

(60)

غيبَ منجهان آيو، ٿيندو گُمُ غيبَ ۾،

اِيهو اِشارو اَنَڀئي، ڪنهن پريميءَ پچايو،

اَڳسِتَ جِيان آچمن ڪري، ساگَرُ سُڪايو،

نَڪي وِڃايو، نَڪي پاتو پَرڇن پاڻَ ري.

 

(61)

جنهن کي رَسُ آيو، سَچو ساڌ سَنگتِ جو،

تنهن پريميءَ پرَتِيتِ سان، محَڪم مَنُ لايو،

پُورَڻُ ڄاڻي پيءَ کي، سَڀُ سَنسو مِٽايو،

سامي سَمايو، جَلَ بُدِبُدو جَلَ ۾.

 

(62)

اَلکَ پُرِشَ آڻي، رَچِنا رَچي رَنگَ ڀَري،

مورِک مَرَنِ مَتِ ري، تنهن ۾ تاڻَ تاڻي،

سَهي ڪَيو سامي چَئي، ڪنهن پريميءَ پُراڻي،

مَوج مِلي ماڻي، پاڻَ وَرائي پاڻَ سان.

 

(63)

 اَنڀَئه ري علاج، ڪونهين اوديا روڳ جو،

پُڇي ڏِسُ پِريمِن کون، ڪَري دِلِ دَراجُ،

جوڙي ويٺا جڳ ۾، جيڪي ڀڳَتِ جَهاجُ،

ڪرِنِ بيمُحَتاج، پارِ لنگهائي پاتڻِي.

 

(64)

اَڻَ هوندِي راندِ رَچي، مايا موهَه مَمَتَ جي،

تنهن ۾ مَتِ مَرَمَ ري، مورِک مَرَن پَچي،

ڪو پِريمي مِليو پيءَ سان، بلا کان بُچي،

جَنهِن کي سَمُجَهه سَچي، سامي ڏِني سَتِگُروءَ،

 

(65)

بيگَم پور شَهَرُ، اَٿي عَينَ آڪاسَ ۾،

مَنَ ٻُڌِ واڻيءَ واچَ کون، آگَمَ اگوچَرُ،

کَڻي پريمَ پَرِتيتَ سان، سامي سَهَجه سَمَرُ،

ته انڀئَه پُرک اَمَرُ، ڀيٽي وَڃِي ڀَرَمَ ري.

 

(66)

ٻانڀَڻَ ڪو ٻُجهي، ٻولي ٻاوَنَ ٻاهِرين،

توڙي سِياڻو سورِمو، پَنڊِتُ پَڙهيو هُجي،

ڪو پريمي پرتيت وان، سَمُجهايو سَمُجهي،

سو موٽي ڪِينَ مُنجهي، اَوِديا جي اونداهِه ۾.

 

(67)

مَڌُرَ مَڌُر مُرلي، ڪانَ وَڄائي مُکَ سان،

ٻُنڌي گوپيءَ گوارَ جي، سامي سُرِتِ ڀُلي،

اَوديا ڳَنڍِ کُلي، ڏِسي مَنهُن مَحَبوبَ جو.

 

(68)

چاهَه ڪَيا چيرا، موهي جيءَ جَهانَ جا،

پرڇن ڄاڻي پاڻ کي، پائِنِ نِتُ ڦيرا،

ماڻِنِ سُکُ سروپَ جو، ڪي پريمي پَڪيرا،

نرملُ نِرِويرا، سامي رَهن سڀاوَ ۾،

 

(69)

جو پريمي پورَنُ، سو جوڳيشوَرُ جڳَ ۾،

پاتو جنهن پَرتِيتِ سان، گَهِرو گِيانَ اَنجنُ،

گِهڙي لَڌائين گَهر مون، اُنِڀئه آدي ڌَنُ،

ميٽي سَڀُ مَنَنُ، سامي ماڻي سيجَ سُکَ،

 

(70)

مهان چَترُ پِربيِنَ، پِريمَ ڪيا وَسِ پانهِنجي،

مانُ وَڏائي سَڀَ ڇَڏي، ٿِيا عاشِقَ لنوَ لِينَ،

ڀوپا پُڄَنِ ڪِينَ، سامي پريمَ پِساچَ سان.

 

(71)

راتِيُون ڏينهَن جَري، ٿي بِرَهِنِ ڪارَڻِ پيءَ جي،

جِيئن ڪارَڻِ سُئـٖـيت جي، سِپَ وِرِلاپَ ڪَري،

چَڪوي ڪاڻِ چَڪورَ جـٖـي، سُڏِڪي ساهَ ڀَري،

پِياسَ نَه مِٽي مِينَ جي، بِنا نِيرَ مَري،

تڏِي جيءُ ٺري، جڏِي سامي ملي سپرين.

 

(72)

رَهي ڪِينَ سَگهي، هيءَ داسي درِسَنَ ري،

تِکو تيرُ عَشقُ جو، ويو لُنؤ لُنؤ مون لنگهي،

سامي چِتُ چاترِڪَ جان، سُنواتي بوُندَ مَنگي،

اچي رَنگ رَنگي، دَرِسَنُ ڏيئي پانهنجو.

 

(73)

جيڪو جَن پِيئي، پِيالو پِريمَ آگَم جو،

پورُڻُ ڄاڻي پيءَ کي، جُڳ جُڳ سو جِيئي،

ساکَ ڏِني سامي چَئي، خُلاصي کيِئي،

جيئين جاڳئي ڏِيئي، اَنڌيرو اَڀاءُ ڪَيو.

 

(74)

جِيئين هِرِکي هِيرَ، رانجهي سان هِڪَ رَسِ ٿي،

تِيئين  مِلي محُبوب سان، لَنگهي لَڪَ لَڪيِرَ،

ڄاڻي سَڀ سُپني جا، سامي چَئي سَريرَ،

گيانوان، گُرَ پِيرَ، لَکَ لَکائِنِ اَنڀَئي.

 

(75)

جَنهن پريميءَ، پُرڌيِ، اوُنهِين ڳالهِه عَشِقَ جي،

گَهرَ مون کاڻِ خوشيءَ جي، لوڙي تَنهِن لَڌيِ،

سامي سِڪَ سَچيءَ سان، ڇِڪي ڳنڍِ ٻَڌي،

گهٽي ۽ وَڌي، وڃـٖـي ڪِين وَهنوارَ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org