سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي

شيخ اياز

صفحو : 2

ڪئينس روڊ، سکر

1 جولاءِ 1961ع

 

ادا،

ڀنڀرڪي جو اٿي، مان پراڻي سکر لڳ جهلي _ بند تي گهمندو آهيان. اڄ به هميشه وانگر گهمي رهيو هوس. سوجهري ۾ ٻيڙين جا کوها، سکانون ۽ سڙهه نظر اچي رهيا هئا. اڃا سج ڪني نه ڪڍي هئي، ۽ افق جي ڳاڙهاڻ ۾ سڙهه ڪنهن جوڳيءَ جي گيڙوءَ رتي ويس وانگر ٿي لڳا ۽ پريان ٻيلو ائين ٿي نظر آيو ڄڻ ته فطرت ڀڀوت ملي رهي هئي. ٿوري وقت کان پوءِ ، سج افق تي نمودار ٿيو. مون هڪ ناکئي کان پاڻيءَ وٽو ورتو ۽ پاڻي هاري، ان جي لاٽ مان سج کي ڏٺو. منهنجا وار ڏکڻ جي واءَ ۾ گهنڊيون  هڻي، اڏامي رهيا هئا ۽ ورزش سبب منهنجين پنين ۽ ڏورن جون مشڪون ڦنڊي پيون هيون. مون اوچتو محسوس ڪيو ته مون ۾ قديم سنڌ جي ڪنهن دراوڙ جو رت آهي _ وحشي، بيخوف، بي پرواهه رت، جو منهنجي ڪنهن وڏي جي جسم ۾ سيخ ۾ پڪل ٻارهن سڱي جي گوشت مان ٺهيو هو. منهنجو مذهب به انهن دراوڙن جو مذهب آهي، جي پرهه جو اٿي سورج جي پوڄا ڪندا هئا ۽ جي رات جو چوڏس جي پنڊ کي ڏسي، سوم _ رس پي، واريءَ جي ڀٽن تي ننگا نچندا هئا. جن کي گرڀ وتيءَ جو پيٽ زندگيءَ جي سڀ کان پوتر شيءِ لڳندو هو ۽ جي پپل ۽ بڙ جي ٿڙ وٽ ڏيئا جلائيندا هئا ۽ وڻ ٻوٽي جي پوڄا ڪندا هئا. اڃا تائين منهنجيءَ جين کي انهيءَ سجدي جو شوق آهي، فقط انهيءَ سجدي جو! منهنجي تخليقات ۾ به قديم سنڌ جي انهيءَ دهرئي دراوڙ جو روح آهي.

مون ٽي چار فرلانگ پنڌ ڪيو ته سج، ساٽياڻيءَ جي کاري وانگر، مٿي کڄيو، جنهن مان پوئڪيون ۽ پلا ٽپا ڏيندا نظر آيا. منهنجو پالتو ڪتو ”پورس“ منهنجي اڳيان بند تي ڊڪندو وڃي رهيو هو. اوچتو هن ڀؤنڪي نرا کنيا. مون ڏٺو ته ڀرسان هڪ شخص هن ٿي پٿر اولاري رهيو هو، پر مون کي  ڏسي هٿ روڪي ورتائين. هن کي بدن تي ليڙون ليڙون گنجي ۽ گوڏ پئي هئي. هن جي ڳاڙهي مٽول منهن تي هن جي اکين جون پچون، گدري جي آلن ٻجن وانگر ٿي لڳيون. مون کي ڏسي هو وڌي آيو ۽ چيائين، ”صاحب، هي ڪتو ته ڏاڍو ڀوائتو آهي.“ ”هن تي الر ڪندين ته سچ پچ ڀوائتو لڳندو“، مون جواب ڏنو ۽ پوءِ پورس کي ٻچڪاريم ته هو پڇ لوڏيندو، منهنجن پيرن وٽ اچي ويهي رهيو. مون هن کان پڇيو ته هو ڇا ڪندو آهي، جنهن تي هن ٻڌايو ته هو بند تي بيلدار آهي. ايتري ۾ ڀرسان ڪکائين لانڍي مان هڪ شخص نڪري آيو، جنهن ٻڌايو ته هو بند تي مقدم هو. لانڍيءَ تي ڪدوءَ ۽ ڪريلي جون وليون چڙهيل هيون، جن ۾ اڇا ۽ پيلا گل ڪنهن ننڍي ٻار کي ڏنل چمين وانگر پکڙيل هئا. ڳالهيون ڪندي مون بيلدار کان پڇيو، ”توکي پگهار گهڻي ملندي آهي؟“

”صاحب ڪهڙي ڳالهه ٿو پڇين! رڳو چاليهه رپيا پگهار آهي. ٽي ٻار، زال، ۽ ڪراڙي ماءُ اٿم؛ بصر سان  ماني به مشڪل نصيب ٿيندي آهي. سامهون ٻيلي ۾ شباڻي ٻروچ رهندا آهن، جن کي ڳائو ۽ ريڍو مال آهي. ڪڏهن ڪڏهن انهن کان مفت جي لسي ملندي آهي ته عيش ڪندا آهيون. خدا جو شڪر آهي جنهن سنئين لڱين رکيو آهي؛ نه ته ڏسين ٿو ته اڄڪلهه مصيبت ۾ ڪير ٿو ڪنهن جو ٿئي. سارو ڏينهن پريان ڍوري مان پاڻي ڀري، هن بند تي ڇڙڪائيندو آهيان. گهڙا کڻي کڻي، ڪلهن تي داغ ٿي پيا آهن.“ هن مون کي پنهنجن ٻنهي ڪلهن تي ڪارا داغ ڏيکاريا، جي ڪنهن تهجد گذار جي پيشانيءَ تي داغ وانگر ٿي لڳا.

”صاحب پرينهن عيد آهي، اسان کي اڄ تائين پگهار ڇو نه ملي آهي؟ پگهار ملي ها ته ٻچن کي نئين بافتي مان هڪ هڪ چولو ٺهرائي ڏيان ها.“ بيلدار چيو. ايتري ۾ مقدم چيو، ”صاحب مون کي پنجاهه رپيا درماهه ملندا آهن. پر مون کي پورت نه ٿي پئي. الا جي هيل پگهار ڇو نه ملي آهي؟ ٻچن کي هڪ ويلو ملي ٿو ته ٻيو نه ٿو ملي.“

انسان جا ننڍا ٻچا، ڪڏڪيون ڏيندڙ، مرڪندڙ، مٽولا ٻار، سدا گلاب جا گل! هم اوست جا حسين ترين مجسما! جن جو منهن ٿڃ پيئندي، ماءُ جي ٿڻ کي ائين ڇهندو آهي، جيئن پاڻيءَ جي ڇوليءَ ۾ ٻه ڪنول هڪٻئي کي ڇهندا آهن. جيڪو انهن کي بکيو ڏسي، ٻڌي سمجهي ۽ انهن جي بک مٽائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور نه لائي، اهو زندگيءَ جو عظيم ترين گنهگار آهي ۽ تاريخ جي روز حساب وقت ڪنهن به معافيءَ جو مستحق نه آهي. مون بيلدار ۽ مقدم کي اتي ڇڏيو ۽ بند تان لهي، ڪنارو ورتو. ڇوليون ڪنڌيءَ کي ڳراٽڙيون پائي، چميون ڏيئي، موٽي ٿي ويون. مون سڏ پنڌ وڃي پٺتي ڏٺو. پريان ڪشتيون نظر اچي رهيون هيون، جن ۾ انسان هئا، جن کي ٻار ٻچا ها، اهنج سهنج هئا. ڪڏهن ڪڏهن انهن جي من ۾ ويچار ايندو آهي ته هيءَ جندڙي ٻيڙيءَ جو پور آهي، جو اڀريو آهي سو لهي به ويندو. ۽ پوءِ هو سانجهيءَ جي ٻانگ ٻڌي، قبله رو ٿي، ڪنهن اڻڏٺي اڻڄاتي کي سجدو ڪندا آهن،باقي هنن جو صبح شام پيٽ جي پورهئي ۾ گذري ويندو آهي. پيٽ! پيٽ، انسان جي روح کان زياده اهم آهي. انهيءَ سبب انسان چوري، ٺڳي، ڀڙوت، مارڌاڙ، رتو ڇاڻ، ڇاڇا نه ٿو ڪري! آدرش، اخلاق، انسانيت، سڀ ان پيٽ جي تنور ۾ جلي رک ٿي وڃن ٿا. ڍءُ آهي ته ڍول به آهي، نه ته هر اڪنڍ ۽ اڪير مان من کي ڪِرسي ٿي اچي. گرجا جو گهنڊ، مڙهيءَ جو سنک، مسجد جي بانگ، سڀ آنڊي جي آنڌ مانڌ ۾ اجنبي ٿا لڳن. اها حقيقت اهو محسوس ڪري سگهندو، جنهن بک ڪڍي آهي؛ انهيءَ کي معلوم هوندو ته اها ڄڀي جيون جي هر املهه وٿ کي ڪيئن ڄرڪائي ٿي ڇڏي. ڍو ڍي ۽ ٿوم جي بوءِ، روح جي هر خوشبوءِ کان زياده پياري آهي، چلهه ۽ تئو محراب ۽ منبر کان زياده مقدس آهن. پيٽ ڏيڍ خدا آهي.

موٽندي مون کي هڪ ٻڍو بروهي گڏيو، جنهن کي ناريل جهڙي، مينديءَ لڳل، ڪڪي ڳاڙهي ڏاڙهي هئي. مون هن کان پڇيو، ”ابا، تون ڇا ڪندو آهين؟“

”سائين، پهرين ته ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڪڙمت ڪندو هوس، پر پوءِ وڏيري ٻچن ۾ اک رکي، ته ٻيئي پيءَ پٽ هيڏانهن لڏي آياسين. هاڻي محنت مزوري ڪندا آهيون. تغاري، گارو....“

”گهڻو زور ڪمائيندو آهين؟“

”ٻه اڍائي روپيا. پر ڪم هفتي ۾ فقط هڪ ٻه ڏينهن لڳندو آهي، ڪڏهن اهو به نه.“

مون پئڪيٽ مان هڪ سگريٽ ڪڍي دکايو، ۽ هڪ سگريٽ ٻڍي بروهيءَ کي آڇيو. هن سگريٽ هٿ ۾ وٺي، مون کان پڇيو، ”سائين هي سگريٽ گهڻي ملندو آهي؟“

”ٻين آنين“.

”سائين هي سگريٽ موٽائي وٺ. مون کي ٻه آنا ڏي ته ڀڳڙا وٺي کاوان. مون کي راتا ڪون بک آهي!“

ادا، هي مثال نهايت عاميانه آهن، انهن ۾ ڪائي افسانوي رومانيت نه آهي، ۽  اهي ڪنهن به اديب لاءِ دلچسپيءَ جو باعث ٿي سگهن ٿا. پر مان ڇا ڪيان!  منهنجي تصور جو کهنبو زندگيءَ جي ڪلهي ڦاٽل ڪنجري کي لڪائي ته نٿو سگهي! روز اهڙا مثال ڏسي، منهنجو هيانءُ ڪچو ٿيندو آهي. مان شاعر آهيان؛ ٻوليءَ جو وينجهر آهيان، ماڻڪن موتين جهڙا لفظ جڙيندو رهيو آهيان. مون زندگيءَ جي زلفِ دراز ۾ گلاب جا گل اٽڪايا آهن ۽ ان جي منهن کي شبنم سان ڌوتو آهي. مان اهو بتگر آهيان، جنهن حسين ترين لفظ گهڙي، ڇلي، انهن مان عجيب غريب صنمخانو بڻايو آهي. منهنجي دنيا حسن جي دنيا آهي، منهنجي تخليق حسن جي تخليق آهي. منهنجو ان سان ڇا ته ڪنهن جا ٻچا پگهار نه ملڻ سبب عيد نه ڪري سگهندا، ڪنهن کي راتاڪون بک آهي، ڪنهن ممتا ماريءَ ماءُ کي ٿڻن ۾ ٿڃ ان ڪري نه آهي جو پوري غذا ۽ دوا نٿي مليس! اهي ته غير شاعرانا تصور آهن. انهن سان حسن جي ڪائي تخليق ٿي نه سهگندي! انهن کي ڪير پڙهندو! ڪير پڙهندو؟ اي بي معنيٰ انسان، هاڻي توکي ڪير ٿو پڙهي؟ فقط اهي چار في صدي انسان، جن جي ابي ڏاڏي جي مالي حيثيت ايتري هئي جو انهن کي جديد تعليم بهره ور ڪري سگهي! نه، نه، اهي به نه! انهن مان به ٽي في صدي ته پنهنجي ڦرلٽ ۽ وٺ _ پڪڙ ۾ ايترو مصروف آهن، جو انهن کي تنهنجيءَ حسن جي تخليق تي نظر ڪرڻ جي فرصت به نه آهي. شايد هو تنهنجيءَ آرائينءَ جي جهول، کان، ڪنهن قحبه خاني ۾، ڪنهن حسين جسم جي تربت تان مرجهايل گل چونڊڻ پسند ڪندا! آخر تون ڪنهن لاءِ ٿو لکين؟ پر جي مان انسان جي بک ڏک، اهنج ايذاءَ جي باري ۾ لکان، تڏهن به ته مون کي اهو ئي تعليم يافته سرمائيدار ۽ مٿيون وچولو طبقو پڙهي سگهندو! نه، نه! اهڙيءَ ادبي تخليق کي انهن مان ڪو به نه پڙهندو، ڪو به نه، باقي هڪ في صدي به نه! تڏهن مان ڪنهن لاءِ لکان؟ هيءَ راتوڪيءَ بک وارو بروهي ته پڙهي ڪونه ڄاڻي ۽ جي ڄاڻي به ته، هن جي  بک منهنجي تخليق جي مطالعي مان ته نه لهندي ! قلم قلم، قلم! هن وقت ساري مشرق ۾ قلم ڪائي معنيٰ نه ٿو رکي. قلم انسان جي بک مٽائي نه ٿو سگهي. جي انهيءَ بک کي مٽائڻ لاءِ تون حالات سان ٽڪر نٿو کائين،  اي قلمڪار!  تون به زندگيءَ جي عظيم گنهگارن مان آهين ۽ تاريخ جي روز حساب  وقت تون به ڪنهن معافيءَ جو مستحق نه آهين.

پنهنجي فن ۽ ان جي مستقبل متعلق سوچيندي، مان اچي ڪشتين وٽ پهتو هوس. پتڻ وٽ مختلف قسم جون ڪشتيون جهڙوڪ _ ڪٽار، ڪونتل، بگوچڙهه وغيره بيٺيون هيون. ڀرسان ڪاٺيءَ جي ٺيڪيدارن جون دوڳيون ۽ ڏاڪ، ٿلهيون ٿيون رکيون هيون، جن مان مزور بيل _ گاڏيون ڀري نئين سکر جي گدامن ڏانهن وڃي رهيا هئا. ڪشتين جا کوها، ونجهه ۽ واڏڻيون ڏسي هانگ ڪانگ جون تصويرون ٿي ياد آيون، سامهون ڪچو هو، جنهن جي ڪپ لڳ بگوچڙهه جي دالي مٿان، ساڳي وينگس نظر آئي، جنهن کي گذريل پندرهن ڏينهن کان اتي ڏسندو رهيو آهيان. ڪالهه شام جو هن پار، گهاٽ تي بيٺو هوس. ان وقت سج لهي ويو هو ۽ شفق جا پويان پاڇاوان پاڻيءَ تي پئجي رهيا هئا. اهي پاڇاوان ائين ٿي لڳا ڄڻ ته ڪنهن مخمور نقاش، بي انتها مستيءَ جي عالم ۾، کليل رنگن جا ڪيئي دٻا، پنهنجي ارد گرد هاري ڇڏيا هئا. شفق جيان انهيءَ پاڇي ۾، اها وينگس بگوچڙهه  جي دالي مٿان بيٺي هئي. پتڻ لڳ، پٿر جي ڀت سان ڇوليون ٽڪري، ڇلي، اڇانگ ڏيئي، پٺتي موٽي ٿي ويون ۽ سمنڊ ڦيڻ جهڙي گجي ٿي ڇڏي ويون. ڀت جي پاڙ وٽ ٻه ڳڀرو مهاڻا گتون ڏئي، تڙڳي رهيا هئا. ٿوري وقت کان  پوءِ هو بند تي مٿي آيا ۽ چولا پائڻ لڳا. ٻيئي انهيءَ وينگس ڏانهن تڪي رهيا هئا. انهن مان هڪڙي چيو:

”رن ته ڏس، ڄرڪي آهي، ڄرڪي!“

”ڄرڪيءَ جو ڪم آهي! واڳو آهي واڳو!“ ٻئي جوا ب ڏنو.

هئت چيلهه ته ڏسينس، ونجهه جهڙي سنهي اٿس!“

ونجهه جو ڪم آهه، واڍ آهي واڍ!“

”آهي چالو مال.“

”پالي به ته پندرهن جو پيٽ ٿي، چالو نه هوندي ته ڇا هوندي!“

”شاهه سائينءَ جي ويهاريل آهي.“

”شاهه سائين به آهي ته سيد جو ٻار. باقي آهي مڙس ماڻهو، ڇاڇا عيش ٿو ڪري! اسان کي به ڪو الله اهڙي پنج سؤ ايڪڙ ٻني ڏئي ته دنيا جا دؤر وٺون. آخر اسان به مڙس ماڻهو آهيون.“

”مڙس جو ڪم آهي، سان آهيون سان! ڇڙو ڳنڍ ۾ ڏوڪڙ ڪونهي. خداءِ سون، جي مان کي رڳو سؤ رپيو هجي ته اها رن کنڀي وڃان، پوءِ شاهه وڃي ماءُ کي ياد ڪري.“  پوءِ هن لست سان هيٺئين چپ کي مٿئين ڏندن سان زور ڏيئي چيو، ”هي ته ڏس!“ ائين چئي هن سڄي ڏوري کي سيٽي، ان جي وچين مشڪ ڦنڊائي، جا ڄاهي جيڏي ٿي لڳي. پوءِ ٻيئي کلندا هليا ويا ۽ ڪيتري وقت تائين هنن جي کل منهنجن ڪنن ۾ ڪنجهي جي ٿانو وانگر وڄندي رهي.اڄ منهنجي جيءَ ۾ آيو ته ان وينگس کي ويجهو وڃي ڏسان. پتڻ وٽ بتيلو بيٺو هو، جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو واهولا ۽ رنبا هٿن ۾ جهليون بيٺا هئا. بتيلي جي آڳل وٽ هڪ پيرسن عورت هٿ ۾ ونجهه جهلي بيٺي هئي. هن کي ول ۾ اڌ سڪل ڊاک جي ڇڳي جهڙو ڪوماڻل، گهاٽو ڪارو چهرو هو، جنهن جي پيٺل ڳلن کان کاڏيءَ جي پاسي تائين ڦيڦي چمڙي لڙڪي رهي هئي. هن جي گهنج گهنج، اڻڀي پيشاني ائين لڳي رهي هئي، جيئن اس ۾ سڙي سڙي شيشم جو ڪاٺ ڦٽي پوندو آهي. مان لهي بتيلي ۾ ويٺس ته هن جونجهه سان ان کي پٺتي هٽايو ۽ بتيلو اتر جي واءَ ۾ پاڻيءَ تي هنج وانگر لهوارو ترندو ويو. مون کان سواءِ ٻيا جيڪي به بتيلي ۾ ويٺا هئا سي سڀ ڪڙمي هئا، جن کي ڪچي جا پنج  پنج ايڪڙ سرڪار کان خاص موڪل تي مليا هئا ۽ هو ربيع جو فصل کڻي، هاڻي ڪچي تي لوا ۽ ٻيو جهنگ ماريندا ها. انهن مان هر هڪ کي فقط گنجي ۽ گوڏ پئي هئي ۽ پيرين اگهاڙا هئا. هو پن جون ٻيڙيون پي رهيا هئا ۽ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا.

”ربن کي سزا نه اچي وڃي!“

”ايندس به ست اٺ سال!“

”مان ته ڏاڍو جهليو مانس پر نه مڙيو.“

”ٻيلي ربن جو قصور نه هو، اڳرائي مجن جي هئي. ربن ڪيئي ڀيرا جهليو هوس ته پنهنجي مينهن ڪچي تي  نه آڻ، منهنجا چڻا ٿي ڀيل ڪري. مجن آهي ڏاڍو مڙس، سو نه مڙيو. بس، مينهن به چڻن ۾ ڀيل ٿي ڪئي ته ربن به اچي نڪتو. پوءِ ته ٻئي ڳنڍجي پيا ۽ ربن ٻه چار مهايون ڪهاڙيون وهائي ڏنس.“

”شل نه شيطان ڪنهن کي چرچ ڏئي. مينهن هڻندي ماريندي رپئي جا چڻا کائي ها، ٻيو ڇا!“

اسان پارن غريبن لاءِ ته رپيو به وڏي ڳالهه آهي.“

”ڀلا ربن ڪوئي وڪيل ڪيو آهي.“

”هن کي کائڻ لاءِ ڪونهي، وڪيل ڇا مان ڪندو!“

اوچتو سڀني جو ڌيان مون ڏانهن ويو ۽ پاڻ ۾ سس پس ڪري مون کان پڇيائون، ”صاحب، ٽي سؤ ڇويهين قلم هيٺ گهڻي سزا آهي؟“

”وڌ ۾ وڌ جنم ٽيپ.“

”جنم ٽيپ!“ سڀني جا منهن وسامجي ويا. شايد هو سوچي رهيا هئا ته جي هو به اتفاق سان ڪنهن اهڙيءَ مصيبت ۾ وچڙي پيا ۽ پيسي نه هئڻ سبب وڪيل نه ڪري سگهيا ته هنن لاءِ به نتيجو ساڳيو ٿيندو. غريب جي اڳئي تلخ زندگيءَ ۾ اهو بي سلامتيءَ جو خوف ائين آهي، جيئن ڪريلي ۾ ڪيڙو. غريب خدا جي وجود ۾ گهڻو ڪري ان ڪري ئي اعتبار ڪندا آهن ڇو ته هنن کي ڪنهن امداد جو آسرو نه هوندو آهي. خدا کان سواءِ ڪوئي ڪنهن جو نه آهي. اڄ ڪير ٿو ڪنهن جي ڪم اچي، ”منهنجا رب! چار بازو، پنجون نور نخشي ڏجانءِ“ حقئون به رکجانءِ نا حقئون به رکجانءِ، الله امان الله امان! اهي روز مره جا محاوره اهي جيت آهن، جي مٿئين احساس جي پوسل ۾ پيدا ٿين ٿا. اهو خوف حاتم طائيءَ جي انهيءَ طوطي وانگر آهي، جنهن جي ساهه ۾ ساري طلسم جوراز آهي. ڪاش، ڪوئي انهيءَ طوطي جي منڍي مروڙي سگهي ڪاش ڪوئي اهو خوف انسان جي دل مان نهوڙي ڪڍي! غريب کي  موت کان زياده زندگيءَ جو  خوف آهي؛ زندگي، جا ڪڪريءَ جي ڇانوَ  ۾ مور جو ناچ آهي، جا چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ چڪور جو پرواز آهي!

بتيلو ڪچي جي ڪچ تي پهتو. مون ڏٺو ته ڪپ کان ڪجهه پري ونجهه، وڏڻيون، تڏيون ۽ ٻانڊيون ڇٻر تي پيون هيون. ڀتر جا پيلا گل نڪ جي سونين ڦلڙين وانگر ٿي لڳا. ۽ ٻڪن جا ٻنجيل گل گهونگهٽ ۾ ڪنوار جو ڏيک ڏئي رهيا هئا، ڪجهه قدم پري زمين تي ڦاٽل ٽٽل سڙهه وڇايل هو، جنهن تي ڪيترائي ٻار ۽ هڪڙي سفيد رنگ واري نينگري ويٺي هئي. نينگريءَ کي کجيءَ جي ٻچ جهڙا ڪچڙا ۽ ڪونئرا هٿ هئا، جن سان هوءَ سڙهه کي ٽاڪا ڏئي رهي هئي. ڪڙمي هڪ هڪ ٿي بتيلي مان لٿا ۽ پنهنجيءَ پنهنجيءَ ٻنيءَ ڏانهن هليا ويا. مون بگوچڙهه ڏانهن ڏٺو جو هاڻي ڇهه ست قدم دور هو. وينگس اڃا دالي تي بيٺي هئي. هن جي مٿي تي ٻنهي پاسي چوٽا هئا، جي هن جي رئي مان ڪنڍيءَ مينهن جي سڱن وانگر ٿي لڳا. سنهيءَ چوليءَ ۾ هن جا ارهه ننڍڙن ڪچڙن ايرائن وانگر ٿي لڳا؛ ۽ جڏهن هوءَ ڪجهه چري ته هن جاٿڙا ائين لڏيا، ڄڻ ڄار ۾ ٻه پوئڪيون ڦٿڪيون. هن جو رنگ سانورو هو. نه معلوم مون کل سانورو رنگ ايترو ڇو وڻندو آهي! ان ۾ ايتري ڪشش هوندي آهي، جيتري سرائڪيءَ ٻوليءَ ۾. مان حمل لغاريءَ جون هيٺيون سٽون جهونگاريندو، بتيلي تان هيٺ لٿس:

ڪالي ٻيلي وچ ڪويلي هير ڍونڍيندي ماهي

ڪانهان دي وچ دانهان ڪر ڪر، هوندي انت نساهي.

ٿورو پريان ڪجهه ڪنڍيون ۽ گوشيون مينهون جهنگ ۾ چري رهيون هيون. ”پورس“ کي ڏسي ڪجهه ڪتا ڀونڪڻ لڳا، پر جهنگ مان ڪن ڪڙمين انهن کي هڪل ڏيئي، چپ ڪرائي ڇڏيو. مون ”پورس“ کي ٻچڪاريو ته هو منهنجن پيرن ۾ آيو ۽ نرا کڻي مون کي پيار ڪرڻ لڳو. مون هن جي ناسي بجن تي هٿ گهمائي، هن جي ٻوٿ کي ٻنهي هٿن ۾ جهليو. مون کي اهو ڏسي تعجب ايندو آهي ته هتي ماڻهو ڪتي سان ڪافي محبت ڪندا آهن.  پر پوءِ به انهيءَ کي مرونءَ ۽ رڇ سان ويڙهائي مارائيندا آهن. مون کي اها چانڊوڪي رات ياد آئي جڏهن مان ٻيلي ۾ کُڏ تي ويٺو هوس. هيٺ وڏيري جا ڪتا ڀونڪندا مرونءَ کي ڳولي رهيا هئا. کڏ تي منهنجي ڀرسان وڏيرو ويٺو هو، جنهن کي مرونءَ جي شڪار جو بيحد شوق هو، ۽ ان ڪري هن ڪيئي بلٽري ڪتا پاليا ها. ٻيلي ۾ مکا ٿيندا آهن، جي جنهن جاءِ تي چڪ پائيندا آهن، اتان رت سير ڪري وهندو آهي: ان ڪري اسان گوڏ ٻڌي، ساري بدن تي گاسليٽ مکيو هو، ڇو ته گاسليٽ تي مکو چڪ نه پائيندو آهي. رات ۾ گهري بي انتها خاموشي هئي جنهن ۾ گدڙ جي ڪوڪ سنڌ ۾ ڪنهن خوفزدهه سياست دان جي آواز وانگر ٿي لڳي. مون کي وڏيري ٻڌايو ته مرونءَ کي ڳياڙين اندران روهي هوندي آهي. جنهن تي هو پنهنجا وڄ تکا ڪندو آهي. وڏيري پن جي ٻيڙي ڏسڻيءَ ۽ وچينءَ آڱر جي وچ ۾ جهلي، مٽ ڀڪوڙي، اونهو ڪش هڻي، زور سان نڪ مان دونهون ڪڍيو، جو هن جي ٻنهي ناسن مان هاٿيءَ جي ڏندن وانگر ٻاهر نڪتو. ڪتن جي ڀونڪار تيز ٿي ته هن پنهنجيءَ ٻارنهن بور جي بندوق ۾ هٿ وڌو. مرون پڇڙ تاري وانگر ڊوڙندو پئي آيو. هڪ ڪتي هن کي منڍيءَ ۾ چڪ هنيو، پر مرونءَ وڄ هڻي، هن جا آنڊا ڪڍي وڌا. هن ڀو مان منجهيل دانهن ڪئي، جا عرش عظيم جي ڪٽ چڙهيل ڪلف ۾ ڪنجيءَ ڦرڻ جي آواز وانگر ٿي لڳي. پوءِ ته جوانن ويچاري مرونءَ تي فير تي فير ڪيو ۽ هو ڪجهه قدم اڳتي ڀڄي، ڍير ٿي ڪريو. وڏيرو، پنهنجيءَ بندوق کي چمي، کڏ تان هيٺ لٿو. مان سوچي رهيو هوس ته انهيءَ ويڙهه ۾ غيرت همت ۽ شرافت وارو فقط  مرون هو. هو تنها هو، غنيم هن تي اوچتو حملو ڪيو هو ۽ هن پنهنجي بچاءَ ۾ وڙهندي جان ڏني هئي. ويچارو مرون! ڪاش، هو انهيءَ کڏ تي ٽپو ڏيئي، وڄ هڻي، وڏيري جا آنڊا ڪڍي سگهي ها.

مان اڳتي ٽهلندو ويس. ڪپر کان پنج ڇهه فرلانگ پري هنداڻن جون وليون هويون. هڪ هنڌ ولين جي وچ ۾ زمين ۾ ننڍي کڏ هئي، جنهن ۾ هڪ وڏو هنداڻو، ڌرتيءَ جي ڪڇوراڙيءَ وانگر ٿي لڳو. مون ان هنداڻي کي ٿي ڏٺو، ته پريان ڪجهه شور ٻڌڻ ۾ آيو. مون ڏٺو ته ٽي چار سو گام پري، ڪيترائي ماڻهو نچي رهيا هئا. مون تڪڙي وک کنئي ۽ اتي پهچي ڏٺم ته ڪڙمي ”ٻاگهي“ هڻي رهيا هئا. ”ٻاگهي“ اتراڌي ٻهراڙيءَ جو هڪ لوڪ ناچ آهي، جنهن ۾ هڪ ماڻهو ڳائيندو آهي ۽ ٻيا هن کي سر وٺائيندا آهن. هڪ ڪڙمي، جنهن گوڏن مٿان سندرو ٻڌو هو ۽ جنهن کي ٻنهي ڪنن جي ٽوپيل پاپڙين ۾ چانديءَ جا والا پيا هئا، ڳائي رهيو هو:

”گدڙ ماريا ويا گهٽ گهير تي......!“

ڪجهه ڪڙمي ساڳي سٽ دهرائي رهيا هئا ۽ ڪجهه نچي رهيا هئا. هنن کي هڪ هٿ ۾ واهولو ۽ ٻئي ۾ رنبو هو.

”گدڙ ماريا ويا، گدڙ ماريا ويا. گهٽ گهير تي....“

”هيڙهي ٻاگهي! هيڙهي ٻاگهي!“ تڙاپ! تڙاپ! تڙاپ! تڙاپ!

سڀني تاڙيون هنيون ته چانديءَ جي والن واري وڌيڪ ڳايو:

”گدڙ ڏاڍو ڀڳا تقدير کان

گهري پل پل دعائون پير کان

نيٺ ڍيري ٿيا سڀ ڍير تي

گدڙ ماريا ويا گهٽ گهير تي....“

”هيڙهي ٻاگهي! هيڙهي ٻاگهي!“ تڙاپ! تڙاپ! تڙاپ! تڙاپ! واهولا، رنبا ۽ انساني جسم، هوا ۾ تيزيءَ سان جهڪي لچڪي، ڦري رهيا هئا. مون سوچيو ته اها ”ٻاگهي“ مشرق جي عوام جو جنگي ترانو ٿي سگهي ٿي. اها ”ٻاگهي“ دنيا جي تاريخ جي بهترين تشبيهه آهي. اها ”ٻاگهي“ منهنجي هر پريشان سوال جو بهترين جواب آهي. ان وقت جهڙ ڇانئجي ويو هو. هيٺ تاڙيءَ جو ڦهڪو ٿي پيو ۽ آسمان ۾ ڪنهن زور سان ڌمال ٿي وڄائي. مون ڌمال جو تصور ڪيو ته فردوسيءَ جي ”شاهنامي“ مان هيٺيون شعر ياد آيو:

زنقاره آواز آمد برون

ڪه دون است دون است دنياي دون

(نقاري مان آواز آيو ته دنيا دون (ڪميني) آهي، دون آهي دون آهي).

دنيا واقعي ڪميني آهي، پر ڪيستائين ڪميني رهندي! ڪيستائين! ڪيستائين! مون کي يڪدم ساڳئي ڪتاب مان فردوسيءَ جو ٻيو شعر ياد آيو:

اگر نه بڪام من آيد جواب

من و گزر و ميدان و افراسياب

(جيڪڏهن منهنجي مرضيءَ موجب جواب نه آيو، ته مان ۽ گرز ۽ ميدان ۽ افراسياب!)

ادا، فردوسيءَ ڪهڙو نه  چڱو چيو آهي! ڪهڙي نه سستي وڪي هئي هن اها سٽ! اهڙيءَ سٽ جي بها فقط هڪ اشرفي! جي عوام فقط انهيءَ سٽ جو قائل ٿئي، ته ساري مشرق جو خزانو ان جي پيرن ۾ هجي. هر افرسياب، گرز اڳيان گدڙ آهي. گدڙ! گدڙ! ”گدڙ ماريا ويا گهٽ گهير تي... گدڙ ماريا ويا گهٽ گهير تي...“ تڙاپ! تڙاپ! تڙاپ!

هوا گهوگهاٽ ٿي ڪيا ۽ تاڙيون زور سان ڦهڪو ڪري رهيون هيون. وڏ ڦڙو زور سان وسڻ لڳو، ۽ جڏهن سڀ ڀڄي شل ٿي ويا،  تڏهن ناچ ختم ٿيو. مان ڪپر ڏانهن موٽيس. ڪپر وٽان بتيلو پرئين گهاٽ وٽ نظر آيو. مون زور سان مهاڻي کي رڙ ڪئي، پر هن اها واچ ۽ گوڙ سبب نه ٻڌي. ايتري ۾ هڪ ماڻهو بگوچڙهه مان لهي مون ڏانهن آيو ۽ چيائين، ”شاه صاحب دالي هيٺان ويٺو آهي، ۽ اوهان لاءِ چيو اٿائين ته جيستائين مينهن بس ٿئي، تيستائين هتي اچي ويهو.“ مون کي ٻيو ڪوئي چارو نظر نه آيو، ان ڪري ان ماڻهوءَ سان گڏجي، تختي تان چڙهي، بگوچڙهه ۾ لٿس. وينگس واڍ کي ڪپيءَ ۾ ڍر ڏئي، سڙهه هيٺ لاهي رهي هئي. شاهه صاحب، جو منهنجو اڳ واقف هو، مون کي ڏسي اٿي آيو ۽ هٿ ڏئي آجيان ڪيائين ۽ پوءِ چيائين، ”معاف ڪجو، ڏاڍو مينهن وسي پيو، نه ته مان پاڻ اوهان کي وٺڻ اچان ها.“ ائين چئي هن ڀنگ جي پيالي مون ڏانهن وڌائي چيو، ”پيئندءُ؟ مان ته پرهه جو پياڪ آهيان.“ ”نه، مهرباني،“ مون ڀرسان رکيل ڏنڊي ڪونڊي ڏانهن ڏسندي چيو. دالي ۾ تڏي مٿان چوڪڙيون چوڪڙيون رلي ۽ ڏنڊو ڪونڊو ڪنهن ساڪن زندگيءَ جي تصوير وانگر ٿي لڳا. ”چڱو هي ته کائو،“ ائين چئي شاهه صاحب تتر جو ٻوڙ، ڪڻڪ جون مانيون ۽ ڏئونرن جي کٽاڻ مون ڏانهن وڌائي. مون انڪار ڪيو ته هو تيزيءَ سان کائڻ لڳو. مون هن کي چتائي ڏٺو. ڪرڙوڍ، اناسو، ٿوپيءَ جي مانيءَ جهڙو منهن، چيڻي جي سنگ جهڙيون مڇون. ماني کائيندي، هو مون ڏانهن ڏسي مرڪيو ۽ چيائين:

”اوهان به ڪافي رنگين زندگي گذاري آهي.“

”هون.“

”اسان به ٻڌو آهي، شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڳجهي آهي اسان کان!“

چپ.

”دراصل پئسو آهي ته سڀ سک آهي ، پئسي ساڻ ڇا نٿو ملي!“

”واقعي شاهه صاحب، پئسي سان ڇا نٿو ملي! ڪاريون ڪجليون اکڙيون، سنهڙا سهڻا چپ، سانوري سلوڻي رنگت، ڇاڇا نٿو ملي! انسان جو جسم ته ڇڏ، پر روح به ملهه ڳنهي ٿو سگهجي! پئسو انسان جي ڇهين حس آهي، ان کان سواءِ، هن جا باقي پنج حواس زندگيءَ جو پورو مزو ماڻي نٿا سگهن. پر شايد ڪو اهڙو وقت اچي جو پئسي کي ايتري همه گير طاقت نه رهي! شايد ڪو اهڙو وقت اچي جو پئسو نه انسان جو جسم خريد ڪري سگهي، نه روح!“

”اهڙو وقت ڪڏهن نه آيو آهي نه ايندو. عيسيٰ موسيٰ کان به بڙو پير پيسو آهي.“

”فقط عيسيٰ موسيٰ کان؟“

هن منهنجو سوال نه سمجهيو ۽ ڀنگ جي نشڙي ۾ چيائين، ”پئسي کان سواءِ انسان کي ڪو عيش ميسر نه ٿو ٿي سگهي، ۽ نه ڪڏهن ٿي سگهندو. منهنجو ابو، ڏاڏو، سڀ دنيا کي انهيءَ رنگ ۾ ڏسي ويا ۽ مان به ان کي ساڳئي رنگ ۾ ڏسي رهيو آهيان، ۽ منهنجا پويان به ڪوئي ڦير نه ڏسندا.“

هن ماچيس ڪڍي تيلي ٻاري، پر تيلي ماچيس جي گهميل سطح تي نه جلي. پوءِ هن وينگس کي سڏيو ۽ هن کي سگريٽ ڏيئي چيائين ته ”سگريٽ ٽانڊي مان دکائي آءُ.“ هوءَ منهنجي ويجهو آئي ته مون هن کي چتائي ڏٺو. اسان جون اکيون مليون، ته منهنجو سارو بدن ڌڏي ويو. ”سنڌڙي!“ مون چپن ۾ چيو؛ اکيون ٻري اجهامي ويون.

مينهن گهٽجي ويو هو. پتڻ کان بتيلو ڪچي ڏانهن اچي رهيو هو. مون شاهه صاحب کان موڪلايو ۽ بگوچڙهه مان ٻاهر نڪري آسمان ڏانهن ڏٺو، ۽ دل ئي دل ۾ چيو، ”آسمان گجي گجي نيٺ وسندو آهي؛ ڌرتي تپي تپي نيٺ ڦاٽندي آهي. اي قدرت! تنهنجي اٽل قانون کي ڪير روڪي سگهندو؟

ڪو به نه ! ڪو به نه!“

_تنهنجو پنهنجو

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org