سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڀونر ڀري آڪاس

 شيخ اياز

صفحو :06

 

گيت

 

آءُ وھاڻيءَ ويل،

گھڙيءَ جا ميل- محبت ڪنھن جي ناھي رھندي!

ڪنھن جي ناھيءَ جوءِ،

مگر خوشبوءِ- سدائين آڻي ھير الھندي.

پورو ٿيندو پنڌ،

سندءِ سوڳنڌ- حياتي ويندي ڪھندي ڪھندي.

او، منھنجا محبوب،

سندم، مطلوب- اٺي جي واءُ وڃي ٿي کھندي.

ڄاڻان ٿو انجام،

ڀري ڏي جام- جواني چانڊوڪيءَ جئن لھندي.

ï

 

 

ڦٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا،

نمن جھليو آ ٻور- ڪيسين رھندي دور!

پريت اسان جي نھ رھي، نھ رھي،

سونھن سرنھن جي سرھي سرھي،

من کي ڪيو مجبور- ڪيسين رھندي دور!

بوند اکين مان نھ ڪري، نھ ڪري،

اولھھ کان آئي جو ڪڪري،

برسيا سي ڀرپور- ڪيسين رھندي دور!

تو ليءِ ساھھ ائين سيڏائي،

جھونجھڪڙي جو جئن واجھائي،

ڄانڀي لاءِ تلور- ڪيسين رھندي دور!

منھنجي آس، ڏکن جو ڏيئڙو،

منھنجو ھر سانجھيءَ اوسيئڙو،

مري نھ سگھندو مور- ڪيسين رھندي دور!

ڦٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا،

نمن جھليو آ ٻور- ڪيسين رھندي دور!

ï

 

 

محبت نھ ڪڏھن مات ڪئي موت، ھلي آءُ،

سندم ھوت ھلي آءُ!

ٽڙي آھھ رتن جوت نھ ڳڻ ڳوت، ھلي آءُ،

سدام ھوت ھلي آءُ!

ھلي آءُ، نوان ڏينھن، نوان ڏينھن، ھلي آءُ.

ھلي آءُ، ھلي آءُ!

ھلي آءُ، پيا مينھن، ڀِنا ڏينھنن ھلي آءُ،

ھلي آءُ، ھلي آءُ!

سندم سونھن، سندم ساھھ، ھلي آءُ، ھلي آءُ،

ھلي آءُ، ھلي آءُ!

نئون چنڊ، نوان چاھھ، ھلي آءُ، ھلي آءُ،

ھلي آءُ، ھلي آءُ!

نئين رات، نئين بات، ھلي آءُ، ھلي آءُ،

ھلي آءُ، ھلي آءُ!

نئين تانگھھ، نئين تات، ھلي آءُ، ھلي آءُ،

ھلي آءُ، ھلي آءُ!

جھلي لاٽ، ڏسي واٽ، ٿڪا نيڻ، ھلي آءُ،

نھ ڏي ويڻ، ھلي آءُ!

جڙين شال، مڙي وڃ نھ جئين ميڻ، ھلي آءُ،

نھ ڏي ويڻ، ھلي آءُ!

ڏسي آس سندم پياس، اچي اوت، ھلي آءُ،

سندم ھوت ھلي آءُ!

محبت نھ ڪڏھن مات ڪئي موت، ھلي آءُ،

سندم ھوت ھلي آءُ!

ï

 

 

آءُ، سرنھن، گل ڪيا، مينھن پيا، آءُ- آءُ، پرين آءُ!

ھاءِ، ڪھي تو بنا ڄڻ تھ اتر واءُ- آءُ، پرين آءُ!

ننڊ ڪريون نينھن ۾، آءُ، ڀني رات آھھ،

آءُ، لڪي لاڏلا، تانگھھ، سندءِ تات آھھ،

آھھ ھتي ڊپ نھ ڊاءُ- آءُ، پرين آءُ!

پنڌ پيو آنھھ ڇا! چنڊ ھنئين ڇو پڙي،

آءُ سٻاجھا سڄڻ! آءُ گھڙيءَ ليءِ گھڙي؟

چنڊ جيان ڪر چٽاءُ- آءُ، پرين آءُ!

ناچ ڪندي، مرڪندي، ڏينھن ٻھ ٽي زندگي،

نيٺ اجھامي، الا، ڏينھن ڪٽي زندگي،

آھھ ڪتيءَ جو الاءُ- آءُ، پرين آءُ!

راند رمون روح جي، آ تھ محبت ڪريون،

سونھن سرنھن جي ڇنون، پاند پِرھھ جو ڀريون،

ھاءِ، سوا تو ھڳاءُ- آءُ، پرين آءُ!

آءُ، ڀِني آ ھوا، مينھن پيا، آءُ!

آءُ،  ملاقات ۾ ڏينھن پيا، آءُ!

آءُ! سرنھن گل ڪيا، مينھن پيا، آءُ!

. . . آءُ، پرين آءُ!

ï

 

 

رات انڌيري، آءُ ٿڌيري، اڀ تي تارا ڇايا-

ھاءِ پرين ياد آيا!

جھرمر وارا، پيارا پيارا، نيريءَ گھرائيءَ ۾ تارا،

مون جئن اک بھ نھ لاتائون ٿي، پل پل جھاتيون پاتائون ٿي،

آھي نينھن بھ ننڊ جو ويري، جاڳي مون جاڳايا-

ھاءِ پرين ياد آيا!

ڏيئا ٽِواٽي تي مون ٻاريا، لنگھي ويا سو ان تان ڌاريا،

آس نھ لاٿي، باس بھ باسي، گذري وئي پر ٻي چؤماسي،

جئن جئن پوءِ تئن پياس گھڻيري، آتا ھاءِ اڃايا-

ھاءِ پرين ياد آيا!

پوئين پھر فضا گھوماٽي، جھلڪي تي ٿي سرد ڏياٽي،

ڪاريون ڪاريون ھو گھرايون، وٽ کائيندي جئن لھرايون،

دور ڦٽي تيئن باک ڀليري، گرجا گھنڊ وڄايا-

ھاءِ پرين ياد آيا!

ï

 

 

آھھ پري تھ نھ گھاٽ،

ھوريان ھوريان ونجھھ ھلاءِ!

پاڻيءَ جي ڇاتي ڇلڪائي،

جئن جئن ٻيڙي لوڏا کائي،

پل پل تئن پاسا بدلائي،

ڪاري ڪارت ٻاٽ-

ھوريان ھوريان ونجھھ ھلاءِ!

وھندي ڌارا ڪھندا تارا،

سڙھھ جا پاڇا ڪارا ڪارا،

آيا پل پل ياد پيارا،

اوندھھ ۾ چمڪاٽ-

ھوريان ھوريان ونجھھ ھلاءِ!

ڏيھھ ڇڏي پرڏيھھ ھلياسين،

ڪنھن نھ جھلياسين، ڪنھن نھ پلياسين،

ڪنھن سان دل جا ڳجھھ نھ سلياسين،

دل ٿي کائي ڦاٽ-

ھوريان ھوريان ونجھھ ھلاءِ!

ï

 

 

منزل آھي دور، ملاح! رات وڃي ٿي پوندي:

رات وڃي ٿي پوندي- او، ڪونج وڃي ٿي لوندي!

ٻڏي ويو جو دور ستارو، پنھنجي اوندھھ جو اجيارو

ٿيندو سڃ ۾ ڪير سھارو؟ آھي لڱ لڱ چور، ملاح!

. . . رات وڃي ٿي پوندي:

رات وڃي ٿي پوندي- او، ڪونج وڃي ٿي لوندي!

ھن کي ڪونھ نياپو ڏيندي، پوءِ تھ ڪنڌيءَ تي ڀڄندي ايندي،

ھن بن عمر الاڪئن ٿيندي؟ ھي ٻيڙيءَ جو پور ملاح!

. . . رات وڃي ٿي پوندي:

رات وڃي ٿي پوندي- او، ڪونج وڃي ٿي لوندي!

ڄاڻ پرينءَ جي پار پڳاسي، آھھ ويو جو وڻ وڻ واسي،

ڏس پھتاسي، ڏس پھتاسي! ڏس، ھو سامھون گھور، ملاح!

. . . رات وڃي ٿي پوندي:

رات وڃي ٿي پوندي- او، ڪونج وڃي ٿي لوندي!

ï

 

نيبھھ ناھھ جواني، او يار. . .

آءُ گھڙي پل پيھي، آءُ پرين پرڏيھي!

آيون سانوڻ جون برساتيون،

رم جھم واريون ڪاريون راتيون-

تو بن دل ديواني، او يار. . .

آءُ گھڙي پل پيھي، آءُ پرين پرڏيھي!

ڄڻ آھھ ڪنول تي بوند پئي،

ڏس ڄاڻ وئي، او ڄاڻ وئي-

عمر اسان جي فاني، او يار. . .

آءُ گھڙي پل پيھي، آءُ پرين پرڏيھي!

نھر اھائي، لھر ڪٿي آ؟

گذري ويو جو پھر ڪٿي آ؟

آھي آني جاني، او يار. . .

آءُ گھڙي پل پيھي، آءُ پرين پرڏيھي!

اچ تھ اگھون ڳوڙھا، ڳالھايون،

ڳل ڳل سان، من من سان لايون-

نينھن چڱي ناداني، او يار. . .

آءُ گھڙي پل پيھي، آءُ پرين پرڏيھي!

ï

 

 

پھچي ڪيئن پکيئڙو! . . . چنڊ چريو ڪيو آھي.

پرين ويو پرديس پري،

رت ساوڻ جي آئي، او الا!

جنھن وقت وسڻ جا ويس ڪري،

برسات پئي،

ڪنھن ڪوڪ ڪئي،

ھيءَ ڪويل ڪنھن گھائي، او الا!

جلي ويو جو جيئڙو، بَس اکڙين کي ناھي

پھچي ڪيئن پکيئڙو! . . . چنڊ چريو ڪيو آھي.

او، ڪاريون گھٽائون ترسو ھا،

ھيءَ ڪنھن جي ياد آئي، او الا!

او، مست ھوائون ترسو ھا،

ھڪ ڳالھھ مڃو،

ھن ڏانھن وڃو،

جنھن لونءَ لونءَ لئون لائي، او الا!

ساھھ جنھين سان سيئڙو، سنھي سئيءَ سان ٺاھي،

پھچي ڪيئن پکيئڙو! . . . چنڊ چريو ڪيو آھي.

ï

 

 

تنھنجي تات تنوار،

اڄ تھ تمنا تن ۾ لاتي،

اڄ تھ محبت جھاتي پاتي!

ڇايا مينگھھ ملار! تنھنجي تات تنوار. . .

اڄ تھ اڃايا روز ازل جا،

تنھنجن چپڙن تي جو پھتا،

پياس ٻجھائي پيار! تنھنجي تات تنوار. . .

اڄ تھ ستل سؤ راڳ جڳايا،

تن جي تارن ۾ تڙڦايا،

منھنجي ساھھ- ستار! تنھنجي تات تنوار. . .

من ساگر تي ڇانئي سانجھي،

اونھي اونده منھنجا مانجھي،

جنھن جا آر نھ پار! تنھنجي تات تنوار. . .

تون منھنجو مان تنھنجو ساحل،

ڪيسين جھاڳيندي رھندي دل

موجون ۽ منجھڌارا! تنھنجي تات تنوار. . .

ï

 

 

ساري رات ستارا جاڳيا،

ديس ستو، دل وارا جاڳيا!

پنھنجي پنھنجي چنڊ جون ھر ڪنھن،

ڳالھيون ڳاتيون،

جھاتيون پاتيون،

ٿڪجي نيٺ ٿيا ننڊ ھاڻا،

آئي ننڊ تھ روح اڏاڻا!

پھچي پار پرينءَ کي ھر ڪنھن،

پــل   ۾  پــاتــو،

ڇاتيءَ ۾ لاتو!

ساري رات ستارا جاڳيا،

ديس ستو، دل وارا جاڳيا.

ï


 

 سڀڪا مومل، سڀڪو راڻو،

پنھنجي پنھنجي ڪاڪ سڀن کي!

لڙڪ بھ سڀ کي مرڪ بھ سڀ کي،

سونھن پياري سرڪ بھ سڀ کي،

پيار بھ سڀ کي پور بھ سڀ کي،

نينھن ڏنا ناسور بھ سڀ کي،

ھار بھ سڀ کي جيت بھ سڀ کي،

مٺڙا مٺڙا ميت بھ سڀ کي،

سڀ کي ڳوڙھا ۽ ڳاراڻو!

پنھنجي پنھنجي ڪاڪ سڀن کي!

 

سڀڪا مومل، سڀڪو راڻو،

پنھنجي پنھنجي ڪاڪ سڀن کي!

ï

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org