سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڀونر ڀري آڪاس

 شيخ اياز

صفحو :16

   

ھا آءٌ گنھگار، گنھگار، گنھگار

مون پيارو ڪيو، پيار ڪيو، پيار ڪيو، پيار

تون نور بھ آن دور بھ آن، چنڊ بھ ناھين

سرھاڻ بھ آن ساڻ بھ آن، گل بھ نھ آن يار

تون زلف لبِ بام وڇائين نھ وڇائين

آ ھي بھ غنيمت تھ ھجي سايھء ديوار

ھي غنچھ و گل، ھي مه و انجم، ھي مي و جام

بس آھھ گھڙيون چار، ميان آءُ، اکيون ٺار

پر آھھ ميء حسن سان ميخانھ ھستي

تون پيءُ سدا جيءُ، ڪڏھن ٿيءُ نھ ھشيار

ٿي ساھھ ٿيو پاھھ، اسان ڀور کنئي سي

اي حسن ازل تنھنجا تھ ڀرپور ھا ڀنڊار!

معلوم نھ آ منزل ادراڪ مسافر

جي پيار ڪري ڇانو، ذرا ويھھ، گھڙي گھار

ساحل بھ نھ گھرجي، تھ سفينو بھ نھ گھرجي

تون آءُ اچي تار، اچي تار، اچي تار

ھن کي تھ ڇڏي ڏينس، پيئڻ لاءِ جيئڻ لاءِ

ھي شاعر آفاق ”اياز“ آھھ، اڙي يار

ß

 

اي اسيران شب ٻڌو مون کي

ڪنھن جي زلفن جو داستان ھان مان

غم نھ ڪر ھن جھانِ تيره ۾

چاندني! تنھنجو پاسبان ھان مان

دامنِ تر تي وڃ نھ اي واعظ

جشمِ فطرت جو رازدان ھان مان

گرچھ ڪک پن ھان، باغ ھستيءَ جو

پو بھ تنھنجو ئي آشيان ھان مان

ڪنھن نئين آفتاب جو پيارا

ھڪ شفق- رنگ داستان ھان مان

ڪيئي ميخانا پي ويو آھيان

تنھنجي اکڙين جو امتحان ھان مان

اِئن سندءِ آرزو پَئي مھڪي

ڄڻ تھ مکڙين جي درميان ھان مان

(

 


 

 

 

دلِ افسرده جون تمنائون

ھو سراپا بھار ڇا ڄاڻي!

جو گھٽائن جي روح تي گذريو

پندِ پرھيزگار ڇا ڄاڻي

تنھنجي قدمن جي بي نيازيءَ کي

سجده رھگذار ڇا ڄاڻي

آرزوي ثباتِ ساحل کي

موجھء بي ڪنار ڇا ڄاڻي

موج مَيء تي روان آ ڪشتيء عمر

حسنِ معصومِ يار ڇا ڄاڻي

منزلِ زيست اشڪِ خونين آ

ڪاروانِ بھار ڇا ڄاڻي

خلشِ حسرتِ گناه سندم

تنھنجو پروردگار ڇا ڄاڻي

(

 

ڪجھھ بھارن ۾ گل ڇنا ھا مون

خلش نوڪ خار باقي آ

ڪاروانن کي ڪير ٿو ڳولي!

ڏس تھ ڪنھن جو غبار باقي آ!

تون ملي وئين اگرچھ چھري تي

گرد ليل و نھار باقي آ

توسان گڏجي کليس پر اکڙين ۾

اشڪ بي اختيار باقي آ

مدتون ٿي ويون اڃا تائين

بوي پھلوي يار باقي آ

اڄ ھو راتيون ڪٿي ”اياز“ مگر

ياد گيسوي يار باقي آ

ß

 

رنگ و بو جا غبار ھوندا ھا

ھمسفر ڄڻ بھار ھوندا ھا

ھاءِ سا رات جو سندءِ گيسو

ساھھ ۾ مشڪبار ھوندا ھا

ھاءِ سو صبح جو سندءِ عارض

قاصدان بھار ھوندا ھا

ھاءِ ڪئن گردن محبت ۾

آرزوئن جا ھار ھوندا ھا

اڄ انھن جي چپن تي آھي رک

جي ضمير شرار ھوندا ھا

تن تي افسردتي وسي ٿي ”اياز“

جي خداي بھار ھوندا ھا

ß

 

آرزوءَ مان نجات ڪا معلوم؟

زندگي تنھنجي ذات نامعلوم

گل ٽڙن ٿا ڇڻي وڃڻ جي لاءِ

مدعاي صبا خدا معلوم

موجھء خواب تي روان آھيون

انتھا آ نھ ابتدا معلوم

ھيءَ لڳاتار جستجو ڇا لاءِ!

نيٺ ڇا آ نجات، نامعلوم

ڄڻ ابد تائين آ جلڻ ۽ جاڳ

خوابِ ھستيءَ جي انتھا معلوم

آئي ٿي ڪفر جي ڀني خوشبو

شعر ٿيا ٿي ”اياز“ جا معلوم

ß

 


 

 

 

موجِ ميء تي روان دوان ڪوئي

آھھ سھڻو سڄڻ اڃان ڪوئي

صحن منھنجي ۾ آھھ چانڊوڪي

آيو آھي پريان پريان ڪوئي

ميڪده ۾ اچي مجسم ٿيو

تنھنجي اکڙيرن جو داستان ڪوئي

بوي ميء سان غبار راھھ ڀري

جھومندو آيو ڪاروان ڪوئي

ھن زمين کان وڌيڪ سھڻو آ

زاھدا! ڏس تھ آسمان ڪوئي

ß

 

زندگيءَ جي غمن تي ڇانو اگر

نھ ڪري تنھنجو غم، وڃان ڪيڏانھن

تنھنجي اکڙين جي زير سايھ ھان

محو خوابِ عدم، وڃان ڪيڏانھن

منھنجا معبود! تون ڪٿي آھين؟

ڇڏي دير و حرم، وڃان ڪيڏانھن

مختصر آه ۾ اگر نھ ٿئي

داستان الم، وڃان ڪيڏانھن

نھ ڪيو قدر سنڌ ھاءِ ”اياز“

خونچڪان آ قلم، وڃان ڪيڏانھن

ß

 

تنھنجي اکڙين مان پيتي آ جنھن مي

سو سدائين خمار ۾ آھي

تنھنجي مکڙيءَ مان جنھن ڇڳيون مکڙيون

سو ھميشه بھار ۾ آھي

ھاءِ تنھائي! تنھنجو وھم حسين

ڄڻ تھ ڪوئي ڪنار ۾ آھي

سو مزو گلشن جھان ۾ ڪٿي

جو دل داغدار ۾ آھي

ڪيتري سادگي ۽ محبوبي

ھن تغفافل شعار ۾ آھي

ß

 

نھ ڇڏيندو ائين غم دوران

ھو صراحي ڀري، ڪٿي آھي

اڄ تھ ڪائي خلش نھ آ دل ۾

ناوڪ دلبري ڪٿي آھي

ياد جنھن جي اچي پئي پل پل

سا خوشيءَ جي گھڙي ڪٿي آھي

آخر انسان جي منزل مقصود

اي خدا! اي خودي! ڪٿي آھي

ساحل آرزو ملي نھ ملي

ھوءَ حسين موج ڀي ڪٿي آھي

ß

 

رات جي وقت تنھنجي عرياني

پرتوِ ماھتاب آ گويا

اِئن ٻري ٿو بھار ۾ ھر گُل

ڏس تھ تنھنجو شباب آ گويا

حسن تنھنجو اسان جي حيرت جو

ھڪ مجسم جواب آ گويا

تنھنجي اکڙين مان تشنگي نھ ٻجھي!

ساري دنيا سراب آ گويا!

شام جو لھندي سج جي پردي ۾

ڪوئي غرقِ شراب آ گويا

(

 

ڪنھن ڪنول کي چميو ھيو مون رات

ھڪ مٺو گيت ٿي لڳي پرڀات

مشڪ بو ٿي ويو ھو، منھنجو صحن

تنھنجي زلفن ۾ ليٽي پئي ھئي رات

مان ستارن جي سونھن کان وڇڙي

ماڪ وانگر ڪئي بسر اوقات

ھيءَ سرءُ جي اُداس چانڊوڪي

رات خاموش، جيءَ ۾ جذبات

ڪوئي غم مان فرار ناھھاياز

ڄڻ محبت بھ ٿي وئي آ مات

(

 

چنڊ! تنھنجي ننڊ توکان ڪنھن کسي

چنڊ! توکي گھاوَ ڪنھن جا گھائي ويا

رات اُڏري روح منھنجي مان چڪور

ڳائي ڳائي چنڊ کي ريجھائي ويا

او کلڻ وارا! ٻھ ٽي مکڙيون تھ ڏينم

پاند سڀئي تو وٽان مھڪائي ويا

ھڪ گھڙيءَ ۾، اي پرين! تنھنجا ڪنول

آگ ڪائي ڄڻ لڱن ۾ لائي ويا

راز جيڪو ڪنھن پيمبر حل نھ ڪيو

اي پرھھ! تنھنجا پکي سمجھائي ويا

ß

 

زندگيءَ جي رڃ ۾ زخمي ھرڻ

ٿا پڪارن، ڪو وڃي پاڻي ڀرڻ

ٿو وڃان ترھو تصور جو کڻي

اي ازل! مان تار تنھنجي ۾ ترڻ

چنڊ ھڪڙي ڳالھھ ڪئي مون کي ڳجھي

مان تڏھن توتي کلان ٿو، اي مرڻ!

تند منھنجي چنڊ سان لائون لھي

جھومندي نچندي لڳي واپس ورڻ

راڳ ڪائي آڳ ٻاري آ ”اياز“

ڳائڻو جنھن ۾ لڳو ٻھھ ٻھھ ٻرڻ

ß

 

اي صراحي پڪار، ڪو آھي؟

ميڪده ھئن خموش ڇو آھي!

ھن جھان وسيع و تنھا ۾

ڪجھھ محبت جو آسرو آھي

ميڪدي جي اداس سانجھيءَ ۾

ڪير چوندو پيئڻ برو آھي!

ھر تغزل ڀري تمنا جو

لبِ محبوب قافيو آھي

بھتر آھي وسام شمع سحر

ختم ٿي رات، سوجھرو آھي

ڪاروان حيات کي ترساءِ

ھر مسافر ٿڪو ٽٽو آھي

ان ۾ تنھنجي چپن جو آ ميٺاج

شعر شايد ”اياز“ جو آھي

ß

 

ڪنجِ ويران وسعتِ ايام ۾

سايھ مھتاب پنھنجي جام ۾

مون شفق مان ٿي ڇڳا سورج مکي

ھو جڏھن آيو نقابِ شام ۾

ڪنھن نھ ڄاتو، خوگر پرواز جي

عمر گذري آرزوي دام ۾

ھاءِ سو پل! ٿِي ڏسي خود کي جڏھن

زندگي آئينھ انجام ۾

ھي شفق ۾ آشيان، ھي سرد واءُ

اڄ تھ اڏري آ سرءُ جي شام ۾

ڪجھھ تھ ھو، جو دار تي ڊوڙي ويس

زندي گذري پئي آرام ۾

شب پرستو! ننڊ مان جاڳو، اٿو

آفتاب آيو اسان جي جام ۾

شاعر سرمست آھيان، گرچھ مان

سرمد و منصور عرف عام ۾

سو نھ ’روميءَ‘ ۾ نھ ’رازي‘ ۾ ”اياز“

مون ڏٺو جو ’حافظ‘ و ’خيام‘ ۾

ß

 

اکڙيون جو پل لاءِ پوريون سي، ڪيئي پيارا ويجھو ھا

وڇڙي ويا جي ورھين کان، سي جيءَ جيارا ويجھو ھا

پو بھ اسان جي روح نھ پاتو، ڀٽڪي ڀٽڪي چين

تنھنجون اکڙيون مڌ جون پياليون، ڪيئي سھارا ويجھو ھا

ڪيئن چوان ڇا لاءِ ڇڪن ٿيون، لھريون  ۽ لس ليٽ

پوءِ بھ اونھي سان اٽڪياسي، گرچھ ڪنارا ويجھو ھا

ڪيئن چوان او ڪيئن چوان، ڇا لاءِ ٽلياسي ٽانڊن تي

جيءَ اسان جي ۾ ھئي جھرمر، چنڊ ستارا ويجھو ھا

دور ويا مجبور ھيا، ويا سپرين پنھنجو ساٿ ڇڏي

پو بھ ”اياز“ اسان جي دل کي، ھو دل وارا ويجھو ھا

ß

 

زندگي گذري تلاش يار ۾

ڪوچھ گرديءَ ۾، صدا ۾، سار ۾

روز و شب ڄڻ ٿي رھي ساغر بدست

ڪائي صورت ديده خونبار ۾

ڏس تھ، پوکيندو رھيو آھيان گلاب

زندگي تنھنجي مسرت زار ۾

چنڊ ڇايو آھھ، ويٺو آ ”اياز“

ميڪدي جي سايھ ديوار ۾

ß

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org