سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪونجون ڪرڪن روح تي

 شيخ اياز

صفحو :10

 

 

هي ڏس اوچو بَڙُ، ڦان ٿي ڪِريو اوچتو،

وسري ويندو وَڙُ جو هن ڌرتيءَ سان ڪيو.

­

امڙ جهوٽو ٿِي ڏئي پينگهو لُڏي ٿو،

اُن ۾ ڪڏي ٿو ابهم پائي بانبڙا.

 

­

ڀُرٽ ٻَڌائين ڳنڍِ، هڪڙي پاسي چيلهه تي،

ڪيڏي اَت اُڪنڍ، ٻي پاسي سان ٻارڙو.

­

هي جو اَمڙ پيارُ، آهي پنهنجي ٻار سان،

ڄڻ سارو سنسار، آ اُن جي آغوش ۾.

­

توتَڙ ڪيئن ڪڍي ڏارو ايِئين ئي چڱو،

سڀني کي ٿِي ڏي ٿورو ٺڪر ٿانوَ ۾.

­

آکيري ۾ آ سُتل، هي جو ڍانڍيئڙو،

ڪهڙو اوسيئڙو آهي اُن جي ننڊ ۾؟

­

پکي خواب لهن ساري وطن ٽاريون،

ڪاريءَ رات ڪَهن اونداهي آڪاس ۾.

­

ائين ڀِٽ جي ڳاٽَ تي بيٺو آهي ڪيرُ،

ڪهڙو مُڙس مٿير، ساري ڪارونڀار کان.

­

ٻُنڊو ڏئي واڙ کي ستو گهر ريڍارُ،

بگهڙ ڪيو وارُ چانڊوڪيءَ ۾ چنڊ جي.

 

­

*وينڊي ڪُتي پونگڙو اُنهيءَ جي لَڪ لَڪ!

متان ٿئين ڪَڪ! ٻُوٽي رک ڪتاب کي.

­

تِڙڪو نانهه تلاءَ ۾ نه ڪو ڀرسان وڻُ،

نه ڪو ڪَنڌيءَ ڌڻ، نيرو پاڻي ماٺ ۾.

­

ڇَڄَ، اِها ڇَڙَ ڇَنڊَ، ڪيسين اُتر واءُ ۾،

اَمڙ! تنهنجي جَنڊ آهي اوسيئڙو گهڻو.

­

هو جو اولهه کان اچي پيو لاڙِي مينهن،

اُنهيءَ اُجلو ڏينهن ڪيڏو ڌنڌلائي ڇڏيو.

­

چونڊي ڪَتيءَ جا چڀڙ نينگرڙي وئي گهر

اُٿي، اَمڙ تَر! ڪجهه ته کائون مينهن ۾.

­

اونهاري جي تِرورن ڀَر ڪري ڀالا،

ماڻهن ميڄالا سيرون ڪَيا سِج سان.

­

وسڪاري پاڻيءَ ڏهرن ۾ ٽوڀا ڀريا،

جن تي وهاڻيءَ، ٻَرن پيا ڏيئڙا.

 

­

آهِليون، اُڀ ڪَپريون ڀٽون دور وڃن،

افق منجهه ٻُڏن ڄڻ سنجها جي سمنڊ ۾.

­

ڏکڻ اولهه جي هوا، اڏامي وارِي،

ٿي کامي واري ڪيڏِيءَ تپت لَڪ ۾!

­

کائُڙ سريون وِيَروُن وهن ٿيون ٽمٽار،

هن ڀيري وسڪاري ٿر کي ورسائي ڇڏيو.

­

رس چُوسي ٿي نينگري جوئر ڪاني جي،

ڪانگڙ تي جهِرڪِي، پيئي ڏسي ريس سان.

­

هي ڀانڊي ۾ ڀَتُ، اڳيان بکيا ٻارڙا،

*ڪيئي ڏينهن اُستُ جيڪي کائي ٿيا کٽا.

­

هي ڪُڙميءَ ڪوڏر جنهن جي دل بيهجي وئي،

سوچي سوچي گهَرِ هن جي سُڌِ رسائيو.

­

مٿان ڪکن جهوپڙو، جهرڪيءَ آکيرو،

ڌرتيءَ تي ميرو، پيو آهي اوڍڻو.

 

­

ڪپهه جا ڏينو، ڏسِي پيو پوک ۾،

اڃا ته پينو، جڏهن ٻڌي ڳٺڙيون!

­

*ڪَکَن ڏَروُن اونهيون متان هٿ وجهين!

يا تن لتاڙين، پانڌي پنهنجي پنڌ ۾.

­

ڇٻيءَ ۾ ڇالاءِ ٽانگر وڌءِ نينگري،

ڪيڏو سيءُ هواءِ پاڻيءَ ڇنڊو ڪينڪي!

­

هو ڪينجهر ۾ ڪانگڻيون ويٺل پاڇل تي،

ڪيئن ته سِج – ٻُڏي ڪارنهن منجهه سمائيون.

­

ڪکن ڇٻيءَ ۾ رکيل هي تازا زيتون،

وِلهي ٻارَ جنُونَ، وَنهئي لڳن ڪينئرا.

­

مائِي مريڙو پَٽي آئي جهولَ ۾،

گهر ۾ اوسيئڙو، ابهم سڀ آسائتا.

­

وليون ٻوٽا ڪيترا، هڪ سرنگهوءَ وڻ،

برسي ٿو سانوڻ، ڀرسان لانڍين جي مٿان.

 

­

هوڙيا ٿا ٻوليِن ٻولي پائر پار جي،

جنهن کي ٿا ڳوليِن تنهنجا کائڙ جهوپڙا.

­

ڪينجهر مٿان چنڊ ۽ ڪپر تي ڄاريون،

جن هيٺان کاريون، ڇڏي ويون ماڱريون.

­

گاڏي پئِي ڪڙٻ جي وڃي رستي تي،

ڏس ته ڪيِئَن ڇڪي، چُوسن ڳنا ٻارڙا.

­

ڌؤنرو وِلوڙي، مکڻ چاڏيءَ ۾ ڇڏي،

در ڏي ٿي ڊوڙي، آيو آنوادا ڏئِي.

­

ڀاڻيجيءَ ۾ ڀيڻ ڄڻ پيو آنءُ ڏسان،

چئجي ڪيئن ڪٿان، شروع جو سلسلو.

­

رڙيون ۽ ريهاٽَ دادي پرتي رَب کي،

نه ڄاڻان هن جاٽَ کُٽِي ڪهڙيءَ جاءِ تي.

­

پيِري پاسيري رکِي مان تو من – مانديءَ

پنهنجي سيرانديءَ هَٿ سَهلايو هَٿ سان.

 

­

ميان ويڄ! بُکن جهوريو منهنجي جيءَ کي،

اٿندي هَڏ ڏکن ننڊ نه اچي رات جو.

­

ڏس! هو سُڪو وَڻُ، جنهن ۾ گؤنچ ڦٽي پيا،

ڇو توکي اڻ تڻ، هيڻو هاٺيءَ کي ڏسي.

­

ٿورو پريان ٿي اچي ڀُورين جي ڀڻڪار،

ڏس هو ڏنورَن ڏار، نمن پيا واءُ ۾.

­

متان آکيرو، ڍانڍيئڙي جو ڊاهِئين!

نيٺ ته رُت ڦيرو کائي ۽ موٽي اچي!

­

تون جئن نيري چانهه، ڪنڊيءَ تي ڪائي گهڙِي،

يا اُڏري جئن سانهه ڇاڇر ۾ ڇيرون هڻِي.

­

ڏکڻ اولهه جي هوا اڏارِي وارِي،

ٻهڙو پاڻيارِي، پوءِ به گهر پهچي ويا.

­

اَڪ، ٿوهر ۽ ڳاڱيون، ارڻي ۽ گگراڻ،

سڀئي مينهَنِ ڪاڻ، ڏسن پيا اُڀ ڏي.

 

­

ڌڻي ناهي، ڌڻَ وڃن ٿا گوڌول ۾،

سامهون سُڪا وَڻَ اُفق تائين روشني.

­

گهرڙا، رستو وائڙو، واريءَ تي ڪُتو

نيٺ وڃي کُتو، ڌَپ وتائين ڍونڍ جي.

­

ڪيڏي چپ چپات آ، ناهي ڪو انسان،

آ رستو ويران، گهرڙا بند، ٻه ٻارڙا.

­

سارو گهر ڀان ڀان ڪري هيکلڙيون ڀينر،

جن مان ونيءَ وَر رات مري ويو ماٺ ۾.

­

ڪنڌيءَ ڪيئي جهوپڙا ڊونڊيون هيٺ تَرن،

ٻيڙين منجهه گهَرن دُکي پئي باهڙي.

­

هي واريءَ لس ليٽ ۽ وچ ۾ ترائي،

ڪئن ڳلي آئي اُن جي هرڻي اُڃ ۾.

­

طنبيلو، گهوڙو، جنهن جي سَئس سَماءَ ۾،

ٻُڏي نه ٻوڙو، هيکل جي هڻڪار کي.

 

­

آڏا ڏونگر، ڀُئن گهڻي اُڏرِي ٿڪِي ڪونج،

رڳو هن جي گونج رهندي هن سنسار ۾.

­

ڦَڳُڻ ڦوڳَ ڦُلاريا نَگر تي نائو،

نيگر هٿ پائو ڇا نه سُريلي جندڙي!

­

هنج اڳي جئن هنجرون ڪينجهر لاءِ اچن،

ڇا ڪو آهه وچن جيڪو تن کي ٿو ڇڪي؟

­

پوڙهو مُڙسالو پيو، وڃي ٻنيءَ ۾،

آيو وَنيءَ ۾ ’ويٺس ڇو ونهواهه ۾؟‘

­

ڇوڪر جهلي ڇيلڙي ڪوسي ڪئي ڪَڇَ،

تَنهنجي پُٺيءَ اڇ ٺهڪِي هن جي هٿ سان.

­


 

*  وينڊو ڪُتو:ڪُتي جو هڪ قسم.

*  اُست:اُٺڙيءَ جو کير.

*  ڪَکَن:نانگن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org