سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چنڊ ڳليون

شيخ اياز

صفحو : 8

 

 

هَر نئين رات نئين گهاتِ جڏهن آڻي ٿِي.

موتُ جو تيرُ گُسائي ٿي حياتي مُنهنجي

موت جي روز نئين مات جڏهن آڻي ٿي،

گيت آڪاس مَنجهان ڏات جڏهن آڻي ٿي،

سانوڻيءَ جئن ڀري برسات جڏهن آڻي ٿي،

ٿي ٿِئي دورُ اڳي کان به مماتي منهنجي

زندگي وائي نئين وات جڏهن آڻي ٿي

هر نئين رات نئين گهاتِ جڏهن آڻي ٿي.

 

--------

 

توڙ تائين نه هليو ڪو به ويا سڀُ موٽي،

موڙَ تائين به هليو آهه ته هُو جَس لهڻي،

مون جڏهن لَڪّ لتاڙيا ٿِي وڇوٽِي وڇوٽِي،

مون سان چاڙهي نه چَڙهيا، جي به هُيا گڏ ٽوٽي،

آئيني جيئن پَئي چَنڊَ سان چَمڪي چوٽي!

جنهن به ڪُجهه ساٿ ڏنو آهه ته هو جَس لهڻي،

جنهن سُڃاڻي وَتي آ ڏات کَرِي ۽ کوٽي،

توڙ تائين نه هليو ڪو به ويا سَڀُ موٽي!

 

--------

 

مون تي سي سيڻ ڪيا ننڊَ نه ڪن ٿا جيڪي

سمجهندين ڪيئن اِهو جيسين ڀٽائي نه پڙهين!

بُکَ جي لاءِ ٻه ٽي سَنگ کنيا جِن سيڪي،

جِن وهاڻا نه هيا، تُڙَ ئي جي ويٺا ٽيڪي،

نِمُ جي ڇانو تتي ڏينهن ٿا ماڻِن ڪي ڪي،

تون اِهو علم ڀلا منهنجي مَٿان ڇو ٿو مڙهين؟

مونکي وڻ ٽَڻ سان مِلي لڙڪ وهائڻ ڏي ڪي!

مون تي سي سيڻ ڪَيا، ننڊ نه ڪَن ٿا جيڪي.

 

--------

 

هي اَملتاسِ ته ڏِس سِجَ لَٿي جئن پيلي!

آجيان چنڊَ جي ٿا اُن جا ڇُڳا ڪَن وَڻ مان

اِئن وئي سانجهه جئين چانهِه اُڏاڻي نيلِي،

اَتّ اونداهه ڏسي ٻارِ نئين ڪا تيلي،

ڪُجهه ڏِياٽي ته ٻَري، باهه ته ڀِڙڪيلي!

روشني چَنڊُ ڪندو نيٺ ته ڪنهن وقت مٿان!

ٿو نئون پَکّ اچي، رات وَڃي تاريلي،

هي اَملتاس ته ڏِس سِج لٿي جئن پيلِي!

 

--------

 

آنءُ وڻڪار ۾ جهڻڪارَ ٻُڌان ٿو ڪائي

ڇيرَ ڇمڪي پَئي پر ڪيئن چوان ڪنهن جي آ!

سارَ مون لاءِ کڻي آئي هوا هَرجائي،

ڄڻ پٻڻ منجهه کڙِي پئي نئين ڪُوڻي ڪائي،

۽ ڀَونر سُڻس رکي، آيو اُڏارو کائي،

سارَ ٽِمڪي پَئي پَر ڪيئن چوان ڪنهن جي آ!

ساهه ۾ سار اِها ڪيئن چوان ڇو آئي!

آنءُ وڻڪار ۾ جهڻڪارَ ٻُڌان ٿو ڪائي

 

--------

 

چنڊ جئن گم ٿي وئي آنهه انڌيري پَک ۾

ڇا رکان آس ڪڏهن آنءُ سهائي پَک جي!

ڇا نه طوفان هُيو ڪالهه اُڏاڻل ڪک ۾!

پيار مون لاءِ هُيو ڪُجهه ته جياپي جَک ۾

ها، رهي آهه اڃان چڻنگ وِڇوڙي رک ۾

ٻانَهن ڇو ڇِڪَ لَکائي پئي تنهنجي ٻَکَ جي؟

ڇا نه ايندينءَ ڪڏهن تو وَري ٻيهر ٻَک ۾؟

چَنڊَ جئن گم ٿي وَئي آنهه انڌيري پَکّ ۾!

 

--------

 

جيءَ ٿا جهولڻي جئن جُهلن واءُ ۾،

ٿي ٺٽي ۾ ڏکڻ هير جيئين اچي

ٿا ڀَونر ڪيترائي ئي ڀُلن واءُ ۾

ڳلّ رابيل وانگر کُلن واءُ ۾

ڏس ته ڳڀرو پيا ڪئن رُلن واءُ ۾!

ٿي نظر ڪنهن جي تصوير جيئين اَچي

ڇاتِيون کيتَ ۾ ٿيون ڇُلن واءُ ۾،

جيءَ ٿا جهولڻي جئن جُهلن واءُ ۾!

 

--------

 

هن طرح دِل نه وندراءِ منهنجا پرين!

درد جي رات آ، درد جي ڳالهه ڪَر!

ڇو نه اڄ رات تون درد جا گيت ٿيِن؟

مات جي رات آ، لڙڪ مُنهنجا اُگهين؟

مون نه سمجهو ته تون ڪيئن ٿو ٽهڪ ڏِين!

سُرخ ڪَهڙو؟ ڪٿي؟ زرد جي ڳالهه ڪَر

آنءُ ڀورا اڳيئي، پيو تون ڀڃين!

هن طرح دِل نه وندراءِ منهنجا پرين!

 

--------

 

ٿا لُڏن ڪارا ڄمون جيڪي پيا طوطا ٽُڪن،

اوچتو برسات جون بُوندون وڻن تي ٿيون وَسَن،

لوءِ کي لهسائيو هو هيل چوڌاري لُڪَن،

تاس پنهنجي ڄڻ ٻُجهائي ڪا نه ٿي پاڻيءَ ٻُڪَن،

لُوءَ ايڏي جو اواڙي ڍَور ٿا هَر هَر ڊُڪن!

اوچتو ئي اوچتو ٿا اُڀَ مان سانوڻَ سِمن،

اوڙڪون ٿي آءُ ڪيسين هر طرف جر ٿر سُڪَن!

ٿا لُڏن ڪارا ڄمون جيڪي پيا طوطا ٽُڪن!

 

--------

 

تون ملين ها ته ائين پيار ڪيان ها توسان؟

پيارَ جي لاءِ جُدائي ته بُري ڪا نه آهي!

ٿو اَچي ياد سندءِ رَنگُ گلابي گُل جان!

توکي جنهن وقت ڏٺو آنءُ ڇني ٽاريءَ مان،

رنگ و بو تُنهنجي سدا لاءِ مون سمجهي جانان!

وقت جئن ڪا به مگر تيز ڇُري ڪا نه آهي،

ڪيترا روهَ رُليا آنءُ جدا ٿي توکان!

تون ملين ها ته اِئين پيار ڪَيان ها توسان؟

 

--------

 

اچين، اچين نه اچين مان پيو نهاريندس،

جيئن کجُور ڇَڙيون چنڊ لئه هَڻي پيئي،

ملينءَ نه تون ته ڪڏهن باهڙي نه ٻاريندس،

سکر جا سيءَ اِئين تو سوا گذاريندس،

اُداس گيت چَئي پيار لئه پڪاريندس،

سِرنهن اُماسَ اُتر واءُ ۾ ڇَڻي پيئي

بسنت چنڊ پيو بار بار ساريندس،

اچين، اچين نه اچين، مان پيو نهاريندس

 

--------

 

ڪو حياتيءَ جو پتو نانهه ته ڪنهن وقت کُٽي!

جو به لِکڻو ٿي لکي وٺّ، هلي ٿي، جيسين!

ڪيئن چئجي ته ڪتيندي ٿِي ڪڏهن تندُ ٽٽي!

موه جي ڄار مَنجهان ڪوئي ڇُٽي يا نه ڇٽي!

اُڃَ جي سينڱ لڳاتارِ پَئي تِيرُ چُٽي،

مَن ته آ رُڃّ هَرَڻ، پَر ڏسي ڀٽڪِي ڪيسين؟

ڪاش، ڪنهن وقت ڪٿي نور جيان نهر ڦُٽي!

ڪو حياتيءَ جو پتو نانهه ته ڪنهن وقت کُٽي!

 

--------

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org