سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چنڊ ڳليون

شيخ اياز

صفحو : 12

 

 

ڪڏهن ڏٺو ٿي پريان لوءِ جي پريان لوسڻُ

نِمي هوا ۾ نسورو سلام ٿيندو آ!

کجين تي هونءَ ته ايڏو وَڻيو پئي سانوڻ

وَهين کي واءُ ۾ جيڏو لڳو پَئي ڌانوڻ!

ڏکڻ کان هيرَ گهُلي ايتري ته مَن ڀانوَڻ،

جئين پري کان پرينءَ جو پيام ايندو آ

هِيون اِئين آ جِئين ڌوپجي ويو وَڻ ٽِڻ،

*ڪڏهن ڏٺو ٿي پريان لوءِ جي پريان لوسڻُ

 

--------

 

شفق جي رنگ ۾ ڏس هو، گِدامڙيءَ جو وڻ،

انهيءَ تي ڪيترا چيِها اچي مِڙيا آهن!

انهن جي گيت ۾ پَن پَن گِٽار آهي ڄَڻُ!

انهيءَ جي ساهه ۾ گرجي پيو ڪوئي سانوَڻُ،

اٿيو آ ساههُ پَٽي ڇانوَ ۾ رڍن جو ڌَڻ،

ڌراڙ ڳوٺ وڃن ٿا، اُتامڙا آهن،

اَچي ٿو مينهُن، وُٺو جي ته دورُ آ واهڻ،

شفق جي رنگ ۾ ڏِس هو گدامڙيءَ جو وَڻ!

 

--------

 

پَري پَري کان پِرين تون نظر اچين پيئي،

ڪڏهن ڪَتيءَ جي ڪڪر جيئن ڇُپي وڃين ٿي تون!

شفق جي شام جيان ڄڻ ته ڏيک ڏين پيئي

لڳن ٿا وارَ گهٽائون، جڏهن وڃين پيئي،

سرءُ سان پيارُ ڪَري، سجّ کان لڪين پيئي،

لهي ٿي رات ته رُويا جيان لڳين ٿي تون

اُداس آهه انڌيرو، ڪٿي وسين پيئي؟

پَري پَري کان پِرين تون نظر اچين پيئي.

 

--------

 

لڳي ٿو لوءَ، کجين ۾ پچن پيا ڏوڪا،

تپي وئي آ سڄي لوءِ اڄ ته جهولي سان!

ڪَڪر اچن ٿا، وَڃن ٿا رُڳو ڏئي ڌوڪا،

پَئي نه بوند ڪٿي هيل تائين آ ڇوڪا؟

سِرَن تي سِجّ مٿان هڻي پيو ڪوڪا،

هَلو ته گهر کي پُڄون، الامانَ رولي کان!

ائين تتا نه ڪڏهن ڏينهن جيئن هيلوڪا،

لڳي ٿي لوءَ، کجين ۾ پچن پيا ڏوڪا.

 

--------

 

ڇَنو نه ڇانوَ، رڳو ڪانوَ سي به سڀ پياسا،

لڳي ٿي لُوءَ، جُهلن ٿيون پيون ڪنڊيءَ ڪامون!

وَري وَساءِ اسان تي ڪڏهن ته چوماسا!

ڪَڻا به ڪو نه رهيا جُوءِ ۾، ڪٿي ڪاسا!

ڪسي به ڪانه رهي آ، سُڪي وئي آ سا

*پگهر ۾ هيل شرابُور ٿي ويون شامون

ڏسين ٿو واهڻي سارا اُداس، آڻاسا؟

ڇَنو نه ڇانوَ، رڳو ڪانوَ سي به سڀ پياسا.

 

--------

 

خبر نه آهه ته تولئه اُداس آهيان ڇو؟

ٻه ٽي دفعا ته ملي آنهه سانوڻيءَ وانگر!

تون منهنجي ٿِي نه سگهين ٿِي اهو به سمجهان ٿو،

مگر اچين ٿي ته تنهنجين اکين ۾ اَمجهان ٿو!

سبب نه آهه ته هئن توکي آنءُ چاهيان ڇو؟

رڳو تون نانهه سکي چيٽ چاندنيءَ وانگر!

چوان ٿو توسان ڀلا نينهن مان نباهيان ڇو؟

خبر نه آهه ته تو لئه اُداس آهيان ڇو؟

 

--------

 

پَوي ٿو مِينهُن، ڳلن تان پيون ڦُڙيون ڇَلڪن،

پرينءَ جي پاسِ رهِي سانوڻيون گذاريون مون!

ٿيون رهگذار تي ڇاتيون هزار ڇَل ڇَل ڪَن،

اگرچه مون کي ڍڪي آ ڇڏيو پرينءَ پَلڪن.

تلور جيئن پيا آدمي هِتي ٽَلڪن،

ڪَٽيُون جي توسان نه سي راتڙيون وساريون مون،

اَچن ٿيون ياد جيئن جُهڙ جِهمن، ڪَتيون جهَلڪن!

پَوي ٿو مِينهُن، ڳلن تان پيون ڦُڙيون ڇَلڪن،

 

--------

 

ڪڏهن ته آءُ لهي آءُ چاندنيءَ وانگر،

ڪڏهن ته آءُ گهرن تي اُداس اوندهه آ!

ڪڏهن ته آءُ گلابن جي تازگيءَ وانگر!

پرهه جو مِينهُن وُٺو آهه شاعريءَ وانگر!

ڪڏهن گه گهرَ ۾ گهِري آءُ زندگيءَ وانگر!

پپل جي ڏارَ مٿان جِن پکين جي چَهه چَهه آ

لنوي نه لات اُنهن تُنهنجي ٻولڙيءَ وانگر!

ڪڏهن ته آءُ، لهي آءُ چاندنيءَ وانگر!

 

--------

 

دَسهري شام رهي آ نه رنگُ هوليءَ جو

سندن گهرن ۾ سڄي زندگي بدلجي وئي!

پُڇان ته ڪنهن کان پڇان آنءُ نانءُ گانڌيءَ جو!

ڏيان ٿو سَڏُ آهنسا ۾ آجڪائيءَ جو،

اڃان ته آنءُ ڪَوي هان وِشال ڌرتيءَ جو!

ويا جي گورا ته ڇا دُرگتِي بدلجي وئي؟

جواب تنهنجي کي ڄڻ ويس آ ٺٺوليءَ جو!

دَسهري شام رهي آ، نه رنگُ هوليءَ جو!

 

--------

 

خبر نه آهه ته ڪهڙي لگن لڳائي وَئينءَ

خبر نه آهه ڇو ڳوڙها اڃا سُڪا ناهن!

هتان وَئينءَ ته سندم چَئن ڇو تڳائي وئينءَ؟

انيڪ ٻول سندم ساهه ۾ سمائي وئينءَ

اکين سان گيت سَکي ايترا ته ڳائي وئينءَ

جو شعر مِينهَن جيان هِئن اَڳي وُٺا ناهن

*لڳي ٿو جيءَ کي جَل مئه جيان بڻائي وئينءَ

خبر نه آهه ته ڪهڙِي لگن لڳائي وئينءَ!

 

--------

 

زندگي آ سَوين امڪان نه ڄاڻان ڇا ٿئي!

ڪيئن چئجي ته ڪڏهن مينهُن ٻنا ٻوڙ وَسي!

ٿا اَچن ڄڻ ڪيئي طوفان نه ڄاڻان ڇا ٿئي!

هي نئين دؤر جا انسان، نه ڄاڻان ڇا ٿئي!

جيڏا دانا تيڏا نادان، نه ڄاڻان ڇا ٿئي!

ايترو بغض متان نيٺ سندن مَتِ کسي!

ٿي وڃن جنگ جو اعلان نه ڄاڻان ڇا ٿئي!

زندگي آ سَوين اِمڪان نه ڄاڻان ڇا ٿئي!

 

--------


*  پريان لوءِ:پريالو، خيرپور ضلعي جو هڪ ڳوٺ.

*  شرابور: (اردو) ٽمندڙ.

*  جَل – مئه – آفاقي سيلاب

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org