سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چنڊ ڳليون

شيخ اياز

صفحو : 11

 

 

خدا جي چونڊ نه ڪَر، پاڻُ ڇا نه ٿي پيارو؟

خدا سان عشق اِئين، جيئن رقص خنجر تي!

ٻُڏي ويام سڀيئي، ڪِٿي ڪِٿي تارو

ڏِئي ٿو ڏيکُ، ته ڏيکارجي پيو چارو،

خدا جي راهه جيان نانهه ڪوئي نيتارو،

لهولهان ٿا وڃن پيرَ اُن مٿان پَرتي،

هَلين ته آءُ ڳچيءَ ۾ ڪَري ڪڏهن ڳارو،

خُدا جي چونڊ نه ڪَر، پاڻ ڇا نه ٿي پيارو!

 

--------

 

ڪڏهن ته شام کي آغوش منجهه آڻي ڏس،

شفق جو رنگ لبِ يار جيئن ٿي ويو آ!

سَڏي ٿو ڏُور، هَليو هَل، ڀُلي نه ڀاڻي ڏس!

ڪڏهن ته پاڻ پَري کان پَري اُماڻي ڏس!

’اياز‘ رنگ رَليون چار ڏينهن ماڻي ڏِسُ!

مگر سٽاءُ سڄو، ڄار جِيئن ٿي ويو آ

مَڇيءَ جيان پيو تڙڦين، ڪَنڌيءَ تي هاڻي ڏِس!

ڪڏهن ته شام کي آغوش منجهه آڻي ڏِس!

  

--------

 

نه ٻوڙ نِيرَ ۾ ڪَپڙا ڀُلي نه چَنڊ پوي

ته هيءَ ڪير سندس خاندان مان آهي؟،

بَسنت هِيرَ، مٿان ماڪ ٿي، پَئي برسَي،

اَسُر اڃان نه ٿيو آه، ننڊ آ پاڙي،

لڳي هَوا ته متان ڳوٺ ۾ ڍنڍورو ڏي،

’اُٿو، ڏسو هي پَريان آسمان مان آهي،‘

اِنهيءَ طرح ته ڳُجهي ڳالهڙي پئي ڦهلي!

نه ٻوڙ نِيرَ ۾ ڪَپڙا، ڀُلي نه چَنڊ پوي!

 

 

--------

 

ڪڏهن ته آءُ سندءِ آرسي ته آهيان مان!

پَساءِ پاڻُ اِنهيءَ ۾ ڪڏهن تون چنڊَ جيان!

اُداس کوهه جيان تيرگي ته ناهيان مان،

ڏئِي ڇلانگ نديءَ وانگيان ٿو ڪاهيان مان

سوين ستارا پيو پاڻَ سان وِرهايان مان

 اچين ته پاڻَ پَسايان مان ساري مَنڊَ جيان!

وري سُجاڳ ٿي هر لَهر سان نباهيان مان

ڪڏهن ته آءُ سندءِ آرسي ته آهيان مان.

 

 

--------

 

اچو، پٿر کي تراشيون، ڪَيون وري ظاهر

صديون ٿيون، ڪا هتي مورتي ڇُپي وئي آ

ڏسو! اننت ڏياٽيون، ٻَري پيو مندر،

اچو ته پِنڊ پَهڻ ٿِي، لڳي پئي هوُ بِرُ!

اچو ڪَلا ٿِي انهيءَ تي ڪَري جڏهن جِهرمِر،

تڏهن لڳي ٿو ته ڪا ڪامِڻي سُتي پئي آ!

اَچو پٿر مان انهيءَ کي ڇِڪي اچون ٻاهر!

اچو، پٿر کي تراشيون، ڪَيون وري ظاهر!

 

 

--------

 

خبر اَٿي ته ٻه چوٽيون جڏهن ڪرين پيئي،

تڏهن ائين ٿو لڳي نانگ ڪَن پيا لهرا!

پرينءَ جي پارِ جڏهن پَنڌ تون وڃين پيئي،

ائين لڳي ٿو ته تون واءُ جئن گهلين پيئي،

هوا کان تيزُ ڇَپر تان جڏهن ڇُلين پيئي،

تڏهن ته ڪو به رکي ڪو نه ٿو سگهي پَهرا!

اِئين سماج جا زنجير ڇو ڇنين پيئي.

خبر اَٿي ته ٻه چوٽيون جڏهن ڪرين پيئي،

 

 

--------

 

چَري! هي عشق جو اِقرار ايترو جَلدي،

اَڃان اَڻي ته سندس ڪانه آ کُتِي دل ۾!

اَڙي! هِي پيار جو اظهار ايترو جَلدي!

دلين جِي ٿِي نه خريدار ايترو جَلدي!

اکيون اِئين نه ڪجن چار، ايترو جَلدي!

اڃا ته ڇيتِ رُڳو آهه ڪا ڇُتِي دل ۾،

ڪيو ٿي ويڄ جو ويچار ايترو جَلدي!

چَري! هي عشق جو اِقرار ايترو جلدي.

 

 

--------

 

هِيرَ ۾ ڪا ڳالهڙي پيئي هَلي،

ڪيئن چئجي ڪيرِ! پاڇا ٿا اَچن

ٿي اڱڻ ۾ چاندني توڙي اَلي،

آ سِرنهن خاموش، خوشبو ٿي سَلي،

وار کولي، ڳُجهه ۾ پنهنجي ڳَلي

هو کٿوريءَ جئن الا ڇا ٿا اَچن،

جهُومندا ڪارن گهٽائن جئن، بَلي!

ڪيئن چئجي ڪير! پاڇا اچن.

 

--------

 

ڇا ڪوئي گُل ٿو نمودار ٿئي مقصد سان؟

ڇا شفق ٿي ڏئي پيغام به ڪوئي ڪنهن کي؟

گل تي پوپٽ ٿو ڪڏهن ڦيرا ڏئي مقصد سان؟

رنگ و بو مان ٿو ڪڏهن سُرڪ پِئي مقصد سان؟

حُسن ٻي لاءِ ٿو ڪنهن وقت جِئي مقصد سان؟

حُسن آ عشق جو انعام، ملي ٿو جنهن کي

تنهنجو اُن ساڻ نه ٿو پيارُ ٿئي مقصد سان؟

ڇا ڪوئي گُل ٿو نمودار ٿئي مقصد سان؟

 

--------

 

سيءَ جي رات، پَئي باهه ٻَري سِگرِيءَ ۾،

آءُ، هَٿ سيڪِ، سُڀان تائين هجون يا نه هجون!

يارِ جو گرم بدن ڇا نه وڻي ٿو سيءَ ۾!

هئن مِلي يا نه مِلي پيارُ حياتيءَ ٻيءَ ۾،

ڪجهه ته ڳالهاءِ پرين جو به اِچيئي جيءَ ۾

تون ڇڏي ڇيڪِ، سُڀان تائين هجون يا نه هجون!

ائن نه چئجانءِ ڪڏهن ڪجهه به نه آ ڌرتيءَ ۾!

سيءَ جي رات، پيئي باهه ٻَري سکريءَ ۾.

 

 

--------

 

سرِنهن ڦُلار ۾ آهي، اڃا نه ايندينءَ تون!

شفق زمين تي پيلاڻ ٿي وئي تنهنجي

هوا خمار ۾ آهي اڃا نه ايندينءَ تون؟

بدن اُڏارن ۾ آهي، اڃا نه ايندينءَ تون؟

تڏهن کان پيار ۾ آهي، اڃا نه ايندينءَ تون؟

جڏهن کان ساهه ۾ سرهاڻ ٿي وئي تنهنجي،

اُفق نهار ۾ آهي، اڃا نه ايندينءَ تون!

سرنهن ڦُلار ۾ آهي، اڃا نه ايندينءَ تون!

 

--------

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org