سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون نومبر 1995ع

 

صفحو :6

شگفته شاهه

ٽِڙي پوندا ٽاريئين!

ناول / قسط:6

فيضان: ”پوءِ ته شايد آءٌ توھان کي ڊسٽرپ پيو ڪريان.“

رابيل: ”نه..... نه..... ڪم ته ختم ٿي چڪو ھو، مون کي ته خود توھان سان ھڪ ضروري ڳالھ ڪرڻي ھئي.“

فيضان: ”ڪھڙي ڳالھ؟“

رابيل: ”فيضان! پنھنجي پھرين ملاقات به عجيب طرح سان ٿي ھئي، اسان کي ھڪٻئي سان ملندي به ٻن سالن کان مٿي عرصو پيو ٿئي پر..... اڄ ڏينھن تائين توھان جو روَيو ڪجھ واضح نه ٿي سگھيو آھي.“

فيضان: ”ڇا مطلب“

رابيل: ”مطلب ته پھرين ملاقات کان وٺي اڄ ڏينھن تائين آءٌ توھان جي ڳالھين ۽ رويي ۾ ڪو خاص احساس محسوس ڪندي رھي آھيان.“

فيضان:”ڇا مون ڪڏھن ڪا اھڙي ڳالھ ڪئي آھي جيڪا توھان کي ناگوارا لڳي ھجي؟ ڇا مون اڄ تائين اھو سڀ ڪجھ چيو آھي جيڪي نوانوي سيڪڙو مرد عورتن کي چوندا آھن؟“

رابيل: ”ٺيڪ آھي. چيو ته ڪجھ به ڪونھي پر محسوس ضرور ڪرايو آھي. اڄ توھان کي اھو تعلق يا احساس واضح ڪرڻو ئي پوندو. ڇو آخر توھان ھر ٻئي ٽئين ڏينھن فون ڪريو ٿا؟ توھان آخر مون کان ڇاٿا چاھيو؟“

فيضان: ”رابيل! ان تعلق کي آءٌ دوستيءَ جو نالو نه ڏيندس، ڇو ته جنھن سماج ۾ اسين رھون ٿا ۽ ان جي جنھن طبقي سان اسان جو تعلق آھي، اتي عورت ۽ مرد جي دوستيءَ جو ڪوبه تصور ڪونھي ۽ نه ئي مرد ھڪ عورت جو تعارف سڀني آڏو دوست جي حيثيت سان ڪرائي سگھي ٿو. اھي سڀ ڪتابي ڳالھيون آھن.“

رابيل: ”پوءِ... پوءِ.... آخر ھي سڀ ڇا آھي؟“

فيضان: ”بس ائين سمجھو ته زندگيءَ ۾ ٿيندڙ ڪجھ واقعا ۽ ڳالھيون اڳ ۾ طيءِ ٿيل نه ھونديون آھن پر خود بخود ٿي وينديون آھن. اسان جو تعلق به ائين ئي وجود ۾ آيو آھي. بس آءٌ توھان کي پسند ڪريان ٿو. توھان سان ڳالھائڻ چاھيان ٿو.“

رابيل: پر آخر ان تعلق کي ڪھڙو نالو ڏيندا؟

فيضان: اسين ان کي ڪوبه نالو نه ٿا ڏيون، اھا ئي ان احساس جي خوبصورتي آھي. اھو احساس فقط محسوس ڪري ٿو سگھجي، اھا ئي ان جي سونھن آھي.“

رابيل: ”پر فيضان! الائي ڇو مون کي ڏاڍو خوف ٿو ٿئي ان رستي تي ايندي. آخر توھين ڇو ٿا چاھيو ته آءٌ اھڙو سفر اختيار ڪريان جنھن جي ڪا منزل ئي ڪانھي؟ آخر اسان ڪيڏانھن پيا وڃون؟

فيضان: ”توھان ھن سفر تي مون سان گڏ ھلو ته سھي.....“

رابيل: ”الائي ڇو، مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته اسين جيڪڏھن ان سفر تي نڪتاسين ته قدم قدم تي ھرٽ ٿينداسين.“

فيضان: آءٌ توھان کي ھرٽ ٿيڻ نه ڏيندس.

رابيل: ”توھين ته شايد ھرٽ نه ٿيو ڇو ته توھان جو ڇاھي؟ مرد آھيو، آزاد ۽ خود مختيار آھيو ۽ توھان جي زندگيءَ ۾ گھڻو ڪجھ آھي، پر منھنجي زندگيءَ ۾ ته ڪجھ به ڪونھي... ان رستي تي ھلڻ کان پوءِ آخر منھنجو مستقبل ڇا ٿيندو؟“

فيضان: اھو اسان وقت تي ڇڏي ٿا ڏيون. ان جو فيصلو وقت ڪندو؟ ۽ انشاءَ الله بھتر ئي فيصلو ٿيندو.

رابيل: ”پھرين توھان خود فيصلو ڪريو ۽ مون کي ٻڌايو.“

فيضان: (ڪاوڙ ۽ جوش مان) ”رابيل!..... رابيل.....! آءٌ زبان سان ڇا چوان؟ تون مون کي چڱيءَ طرح سمجھين ٿي.“

رابيل: ”آءٌ سمجھندي به نه ٿي سمجھان توھان کي.“

فيضان ھڪ زوردار ٽھڪ ڏنو ۽ رابيل وري چيو: ”مون کي خوف ٿو ٿئي. ڪيئي انديشا ۽ وسوسا منھنجي دل ۾ اچن ٿا، توھان بابت ٻڌل ڳالھيون......“

فيضان ڪاوڙ ۾ سندس ڳالھ ڪٽيندي چيو: ”منھنجي خيال ۾ ھاڻي مون کي فون بند ڪري ڇڏڻ گھرجي.“

رابيل: ”توھان ته ناراض ٿي ويا.“

فيضان: ”تون اھڙيون ڳالھيون ڪندي آھين ته مون کي ڪاوڙ لڳندي آھي، ڏک ٿيندو آھي. تون ته آرٽسٽ آھين. تنھنجي نظر ۽ سوچ وسيع ھئڻ گھرجي پر تون ته سطحي طرح سوچڻ لڳي آھين. ٻن سالن جو عرصو ڪنھن به ماڻھوءَ کي سڃاڻڻ لاءِ ڪافي ھوندو آھي. بس اڄ ڳالھ صاف ڪرڻي آھي. توکي منھنجو ساٿ قبول آھي يا نه؟“

رابيل: ”توھان ڇو ٿا منھنجو ساٿ ڏيڻ چاھيو؟“

فيضان: ”آءٌ چاھيان ٿو ته ھيءَ جيڪا تنھنجي چھري تي ھر وقت خزان ڇانيل ھوندي آھي، اھا بھار ۾ مَٽجي وڃي.“

رابيل: ”جيستائين توھان منھنجي زندگيءَ ۾ نه آيا ھئا، آءٌ پنھنجي حالتن سان سمجھوتو ڪري چڪي ھيس. مون ماڻھن جون ايڏيون ته منافقتون ڏٺيون جو پوءِ سڀڪجھ ڇڏي شھرت جي چڪر کان پري ٿي پنھنجي ھڪ الڳ ڪنڊ وسائي ھئي جتي شھرت کان پري گمناميءَ ۾ سڪون جي تلاش ۾ ھئس ۽ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي وئي ھئس پر توھان اچي منھنجي زندگيءَ کي وري ڊسٽرب ڪري ڇڏيو.“

فيضان: (ڏک مان) ”ٺيڪ آھي، جيڪڏھن تون واقعي ڊسٽرب ٿي ٿئين ته پوءِ سچ ٻڌاءِ ته ڇا آئيندي فون نه ڪريان!“

رابيل ڪوبه جواب نه ڏئي سگھي. فيضان جو ”توھان“ مان ”تون“ تي اچڻ کيس ڏاڍو پيارو لڳو ھو. ھن سوچيو ته کيس ڇا ٻڌائي. ھن جي فون ڪرڻ ۽ ڳالھائڻ سان ھوءَ پريشان ٿيندي ھئي ۽ سندس فون نه ڪرڻ سان ھوءَ زندگيءَ ۾ ڪا کوٽ محسوس ڪندي ھئي ۽ ھر وقت کيس ياد ڪندي ھئي.

فيضان وري چيو: ”خاموش ڇو ٿي وئينءَ؟ گھٽ ۾ گھٽ تو ۾ سچ ڳالھائڻ جي جرئت ته ھئڻ گھرجي.“

رابيل: ”مون کي پاڻ خبر ڪونھي ته آءٌ ڇا ٿي چاھيان؟“

فيضان: ”ته پوءِ ٺيڪ آھي، آئندي آءٌ ايستائين فون نه ڪندس جيستائين تون خود مون کي فون ڪري اھو جملو نه چوندينءَ ته فيضان! مون کي تنھنجو ساٿ قبول آھي.“

رابيل پريشانيءَ مان چيو: مطلب ته ھاڻي فون نه ڪندا؟

فيضان: ”ضرور ڪندس پر ان جو شرط آءٌ توکي ٻڌائي چڪو آھيان. ھاڻي فيصلو تنھنجي ھٿ ۾ آھي. واپس گمناميءَ جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي پنھنجي اڪيلي ڪنڊ ۾ وڃي ويھڻو اٿئي يا ھڪ نئين سفر جي شروعات ڪرڻي اٿئي. مون کي تنھنجي فيصلي جو انتظار رھندو.“

اھو چئي فيضان فون بند ڪري ڇڏي ۽ رابيل حيران ۽ پريشان ٿي وئي. ڪجھ ڏينھن ھوءَ انتھائي ذھني ڪشمڪش ۾ رھي. ھڪ طرف سندس دماغ فيصلو ڏيندو ھو ته فيضان تي Depend ڪرڻ بجاءِ ھوءَ بولڊ ٿي پنھنجو سھارو پاڻ بڻجي، ٻئي پاسي دل اھو سوچي اداس ٿي ويندي ھئي ته فيضان جيڪو ھاڻي ھن لاءِ بيحد اھم بڻجي چڪو ھو، اھو جيڪڏھن سندس زندگيءَ مان نڪري ويندو ته باقي زندگيءَ ۾ ڇا رھندو. زندگي ڄڻ بي رنگ ۽ بي رونق بڻجي ويندي. ۽ پوءِ نيٺ دل جو فيصلو دماغ جي فيصلي تي حاوي ٿي ويو ۽ ھڪ ڏينھن ھن فيضان کي فون ڪئي ۽ رابيل سندس آواز مان خوشي محسوس ڪري رھي ھئي. رسمي جملن بعد رابيل خاموش ٿي وئي ته فيضان ٽوڪيس: ”ھيلو!..... خاموش ڇو آھين؟ ... ڳالھاءِ نه ....“

رابيل کيس ڇيڙيندي چيو: ”منھنجي فون ڪرڻ سان اجايو خوشفھميءَ ۾ نه پئجي وڃجانءِ.“

فيضان زنده دليءَ سان ٽھڪ ھڪ ٽھڪ ڏئي چيو:”خوشفھميءَ ۾ تڏھن پوان ھا جيڪڏھن توکي سمجھان نه ھا. مون کي ته اڳ ۾ ئي پنھنجي دل ۽ جذبي تي اعتبار ھو. ڀلا پوءِ... آخر ڇا فيصلو ڪيئي؟ ڪُنڊ وسائي ويھڻي آھي يا دنيا کي Face ڪرڻو آھي.“

رابيل: ”آءٌ الاھي منجھيل آھيان. منھنجي دل ۽ دماغ ۾ ڪيئي وسوسا ۽ کُٽڪا اچن ٿا. ڪٿي تون مون سان فلرٽ ته نه پيو ڪرين؟ منھنجي اعتماد کي دوکو ته نه ڏيندين؟ صفيه ناز اڄڪلھ وري تو بابت عجيب ڳالھيون پکيڙي رھي آھي.“

فيضان: ”ڪھڙيون ڳالھيون؟“

رابيل: ”ڪجھ نه......... بس ڇڏ........“

فيضان: آخر تون ھر ڳالھ اڌ ۾ ڇو ڇڏي ڏيندي آھين؟ آءٌ ته توکي Sensible سمجھندو ھوس. مون کي افسوس آھي ته تو مون کي نه سڃاتو. ڇا تون مون کي واقعي ائين سمجھين ٿي؟

رابيل: ”نه..............پر ................“

فيضان: ”پر.............ڪجھ نه.............! آءٌ توکي ھاڻي ائين نه ڇڏيندس، توکي پاڻھي Track تي وٺي ايندس. ھڪ ڳالھ ياد رکجانءِ رابيل! زندگيءَ ۾ ڪجھ ماڻھن تي ته اعتماد ڪرڻو ئي پوندو آھي. ايڏي شڪي ۽ بدگمان ٿيندينءَ ته زندگي ڪيئن گذاريندينءَ؟ تون ڏسجانءِ آءٌ توکي پنھنجو تعلق نڀائي ڏيکاريندس.

اھو چئي فيضان فون بند ڪري ڇڏي ۽ رابيل کي سندس ڪيل ڳالھين تي شرمساري ٿيڻ لڳي ۽ سوچيائين ته فيضان ڪيڏو نه پيارو ماڻھو آھي، پر ھو بار بار کيس تڪليف پھچائي ٿي ۽ ھرٽ ڪري ٿي.

ائين ڪيڏا ڏينھن گذري ويا. فيضان جي فون نه آئي، رابيل ته ھاڻي ھر وقت ئي ھن بابت سوچيندي رھندي ھئي ۽ مرڪندي رھندي ھئي ۽ پوءِ ھڪ ڏينھن فيضان فون ڪئي ۽ پڇيو: ڪھڙا حال آھن؟

رابيل: ”ٺيڪ آھن، توھان ايڏن ڏينھن کان فون ڇو نه ڪئي؟“

فيضان: ”ھا! دراصل ادبي پرچي جي ٻئي ايڊيشن جي سلسلي ۾ ڪافي مصروف آھيان، انڪري آفيس ۾ به دير تائين ويھڻو پوندو آھي. تون ٻڌاءِ ته تنھنجي طبيعت ته وري خراب نه ٿي؟“

رابيل: نه...........پر........

فيضان: ”پَرَ..............پَرَ...........ڪجھ به نه. تون بلڪل ٺيڪ آھين. مون ان لاءِ فون ڪئي ھئي ته ھڪ ڀيري تو چيو ھو ته تو وٽ رسالي جي آرٽ سيڪشن جي حوالي سان ڪي سٺيون تجويزون آھن............ته پوءِ سڀاڻي ٽائيم ڪڍي اچ ته ان بابت ڊسڪس ڪري وٺون.“

رابيل: ”نه....! سڀاڻي نه، ڪالھ کان طبيعت وري بھتر نه پئي سمجھان، طبيعت ٿورو سيٽ ٿئي ته آءٌ ضرور اينديس.“

فيضان: ”تنھنجي طبيعت ته خود تو مان ڦاٿي آھي.“

رابيل کي بي اختيار کِل اچي وئي ۽ فيضان جي ڪنن ۾ ڄڻ جلترنگ وڄڻ لڳو. ھن وري چيو:

”اڙي!... منھنجي ذھن ۾ ھڪ آئيڊيا آئي آھي. ڇو نه آرٽ سيڪشن جو انچارج توکي ئي ڪيو وڃي.ائين ھڪ پاسي تون به Active ٿيندينءَ ۽ ٻئي پاسي ٻيھر بحيثيت آرٽسٽ ماڻھن آڏو اينديءَ عملي ميدان ۾. ائين تنھنجي دل به وندري پوندي ان مصروفيت ۾.“

رابيل: ”فيضان! آءٌ توھان کي ڇا ٻڌايان ته ماضيءَ ۾ آءٌ ڪيڏي رپورٽون ۽ تبصرا لکيم ۽ ڪيترن ئي آرٽسٽن جا انٽرويو ڪيم.... پرھاڻي ته ڪجھ به نه ٿو پڄي....... منھنجي طبيعت........“

”ڪجھ به نه ٿيو آھي تنھنجي طبيعت کي.“ فيضان سندس ڳالھ اڌ مان ڪٽيندي چيو: ”تو پاڻ ئي ته ٻڌايو ھو ته ڊاڪٽر احسان چوندو آھي ته توکي دوائن کان وڌيڪ ھاڻي پنھنجي قوت اراديءَ تي ڀروسو ڪرڻ گھرجي ۽ سوشل سيٽ اپ ۾ داخل ٿيڻ گھرجي. ائين ھڪ ھنڌ ويھي ۽ فضول ڳالھيون سوچي ئي ته تون ھن حال تي پھتي آھين. بس!...... ھاڻي آءٌ تنھنجي ڪا به ڳالھ نه ٻڌندس. توکي سڀاڻي اچڻو آھي.“

رابيل پريشان ٿيندي چيو:”نه، سڀاڻي نه، پر ٻن ٽن ڏينھن ۾ اينديس.“

فيضان گھرو ساھ کڻندي چيو: ”ٺيڪ آھي، جيئن تنھنجي مرضي آءٌ تنھنجو انتظار ڪندس.“

*

ڪجھ ڏينھن بعد رابيل سوچيو ته اڄ ڇو نه بالڪل اوچتو فيضان جي آفيس م پھچي کيس سرپرائيز ڏي. جيتوڻيڪ کيس چڪر اچي رھيا ھئا، مٿي ۾ ڳراڻ محسوس پئي ٿي پر ھن سوچيو ته ائين ٻاھر نڪري ماحول ٿورو بدلائي ته شايد طبيعت سيٽ ٿي وڃيس. ھوءَ تيار ٿي، ھلڪي ميڪ اپ ۽ گلابي ڪپڙڻ ۾ ھوءَ بيحد پرڪشش لڳي رھي ھئي. ھوءَ جيئن ئي وڃڻ لاءِ اٿي ته وري ھڪدم چڪر اچي ويس ۽ ھوءَ مٿي تي ھٿ رکي ويھي رھي. سندس دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. ھوءَ وري مايوس ٿي سوچڻ لڳي ته ھوءَ ڪڏھن به ٺيڪ نه ٿيندي ۽ ڪڏھن به وري ڪجھ ڪري نه سگھندي. اوچتو کيس ڪو خيال آيو ۽ ھن ڏڪندڙ ھٿن سان فيضان جو نمبر ڊائل ڪيو، ٻئي پاسي ھن فيضان جو آواز ٻڌي ڏڪندڙ آواز ۾ ”ھيلو“ ڪيو ته فيضان جو خوشيءَ مان ٻڏل آواز آيو: ”ڪھڙا حال آھن؟“

رابيل چيو: ”حال ٺيڪ ڪونه آھن.“

فيضان:”ڇا مطلب؟“

رابيل: ”اڄ مون سوچيو ھو ته بالڪل اوچتو اچي توھان کي سرپرائيز ڏينديس. تيار به ٿي وئي آھيان، پر طبيعت وري خراب ٿي وئي آھي، چڪر پيا اچن ۽ مون کي ڏاڍي گھٻراھٽ پئي ٿئي.“

فيضان: ”پريشان نه ٿيءُ رابيل! ٿوري ھمت ڪر ۽ ھلي اچ.“

رابيل:”نه فيضان! مون کي ائين ٿو لڳي ته شايد آءٌ ٻه چار قدم به نه ھلي سگھان.“

فيضان:”ڪجھ به نه ٿيندو. اھو تنھنجو محض وھم آھي.“

رابيل: ”نه فيضان! مون کي ڊپ ٿو ٿئي، مون کي لڳي ٿو ته آءٌ ھلندي ھلندي ڪري پونديس.“

فيضان پيار ڀرئي لھجي ۾ سرگوشي ڪئي: ”آءٌ توکي ڪِرڻ نه ڏيندس. آءٌ توکي سنڀالي وٺندس. ڏس! پليز! ھلي اچ.“

رابيل: ”فيضان! آخر توھان کي يقين ڇو نه ٿو اچي ته منھنجي طبيعت واقعي خراب آھي“.

فيضان: ”چڱو پوءِ تون سڪون جي Tablet کائي ٿوري دير ليٽي پئو ۽ پوءِ جڏھن طبيعت بھتر سمجھين ته ھلي اچجانءِ....۽ پنھنجو خيال رک. مون کي وري فون ڪري حال احوال ٻڌائجانءِ.

”رابيل موڪلائي فون رکي ۽ پوءِ ھڪ Tablet کائي ليٽي پئي پر طبيعت جي بيچينيءَ ۾ گھٽتائي نه آيس ۽ دل ايڏي ڀرجي ڀرجي پئي آيس جو دل ۾ سوچيائين پئي ته جيڪر اوڇنگارون ڏئي روئي ۽ ھوءَ واقعي روئي پئي. پوءِ اڌ ڪلاڪ بعد ھن وري فيضان کي فون ڪئي.

”ڇا ٿيو؟ طبيعت ڪجھ سيٽ ٿي؟ فيضان پڇيو.

رابيل: ”نه!... بس پوءِ وري ڪڏھن اينديس. ڪنھن ٻئي ڏينھن.“

فيضان:”جڏھن ارادو ڪيو ھو ته پوءِ اچي وڃين ھا، آخر اھو اڪثر توکي ٿيندو ڇا آھي؟“

رابيل: ”مون توھان کي ٻڌايو ھو ته ايڪسيڊنٽ کان پوءِ آءٌ جسماني طرح ته ٺيڪ ٿي وئي ھئس پر ذھني طرح آءٌ اڃا تائين نارمل نه ٿي سگھي آھيان ۽ منھنجو علاج اڃا تائين جاري آھي ڇو ته اھڙا دورا مون کي اڪثر پوندا آھن. گھٻراھٽ ۽ بيچيني جا ۽ پوءِ ائين لڳندو آھي ته آءٌ ھڪ قدم به نه ھلي سگھنديس.

فيضان:”رابيل! اھو فقط نفسياتي اثر آھي، ٻيو ڪجھ به نه“. ھڪ ڀيرو برف کي ٽوڙ ته سھي، تون ڏسندينءَ ته ڪجھ به نه ٿيندو توکي. تون خود پنھنجي مٿان ياسيت طاري ڪري ڇڏي آھي. ڏِسُ! آءٌ تنھنجو انتظار پيو ڪريان ۽ يقين ڪر ته مون کي ڏسي ۽ مون سان ملي تنھنجي طبيعت الاھي بھتر ٿي ويندي ۽ ذھن تان بار ھلڪو ٿي ويندو. ڏس!....... آءٌ حجت پيو ڪريان.

رابيل: ”نه فيضان!.......پليز!........اڄ نه.“

فيضان جو آواز جھيڻو ٿي ويو ۽ ھن ڏک مان چيو: ڇا ڪجي! توتي ڪنھن ڳالھ جو اثر ئي نه ٿيندو آھي.

رابيل: ”بس! جڏھن به مون سان اھڙي حالت ٿيندي آھي ته آءٌ ائين ئي ٿي ويندي آھيان.“

فيضان شرارت مان چيو: ”ڀلا اھڙن دورن ۾ خطرناڪ ته نه ٿي پوندي آھين!!؟“

رابيل چڙي چيو: ”اطمينان رکو، اھڙي حالت ۾ فقط پنھنجو پاڻ کي ئي نقصان پھچائيندي آھيان، ٻين کي نه.“

فيضان وري کيس تنگ ڪندي چيو: ”سوچيان پيو ته احتياطاً ھڪڙو ڪمرو بُڪ ڪرائي ڇڏيان.“

رابيل: ”ڪٿي؟“

فيضان: ”پاڳل خاني ۾.“

رابيل چِڙي چيو: ”اڪيلي ته آءٌ به نه وينديس، ٻئي ڄڻا گڏجي ھلنداسين.“

فيضان ھڪ زوردار ٽھڪ ڏنو ۽ پوءِ رابيل کي به کل اچي وئي. ۽ پوءِ ٻنھي ھڪ ٻئي کان موڪلائي فون رکي ڇڏي. ۽ پوءِ سياري جي ان ٿڌي رات ۾ ھوءَ ڪمبل ويڙھي سيڙھي ليٽي پئي. سندس ذھن سوچن ۾ گم ھو. ڪڏھن پريشان ڪندڙ سوچون ھيون ته ڪڏھن وري خوشگوار. ھن سوچيو: اَلا ڇا ڪريان؟ ھي شخص ته ڏينھون ڏينھن منھنجي دل ۽ دماغ تي ڇانئجندو پيو وڃي. مون ته ڪڏھن ائين سوچيو به نه ھو..... ۽ پنھنجي پوري قوت سان مزاحمت ڪئي ھئي.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com