سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

 

صفحو :7

دسترخوان

 

پٽاٽن جو ڪيڪ

گھربل شيون:

پٽاٽا اٻاريل اڌ ڪلو، گيھه ضرورت مطابق، لوڻ چانھ جو ھڪ چمچو، ميدو 6 کائڻ جا چمچا، مکڻ يا پنير اڌ ڪوپ، ڪارا مرچ چانھ جو ھڪ چمچو، بيضو ھڪ (ڦيٽيل)

ترڪيب: پٽاٽن ۾ ميدو، لوڻ، ڪارا مرچ ۽ بيضو ملائي ٽوس جي شڪل جا ٽڪرا ٺاھي گيھه ۾ تريو. ترجي وڃن ته لاھي پليٽ ۾ رکو مٿان پنير يا مکڻ لڳايو.

جيري جا ٽڪا

گھربل شيون:

جيري جا چوڪور ٽڪرا ھڪ ڪلو، لوڻ ڳاڙھا مرچ پسند مطابق، ڏھي، سرڪو يا ليمو ٻه کاڌي جا چمچا گيھ سوا ڪوپ.

تيرڪيب: ٿورو گيھه گرم ڪري پيٺل بصر خوب ڀڃو، لوڻ، مرچ ۽ ڏھي به شامل ڪيو. ٻيھر ڀڄو. خوشبو اچڻ لڳي ته جيري جا ٽڪرا وجھي دم تي رکي ڇڏيو ۽ ضرورت مطابق پاڻي وجھو جيئن ڳرڻ تائين بلڪل خشڪ ٿي وڃن. پوءِ ٽڪرا سيخن ۾ وجھي ڪوئلن تي رکو. ھلڪو ھلڪو گيھه مٿان وجھو. ڳاڙھا ٿيڻ تي لاھي رکو پوءِ چٽڻي سلاد سان کائو.

بصر جو سوپ:

گھربل شيون:

سنھڙا ڪٽيل بصر ٻه عدد. يخني يا پاڻي ھڪ لٽر. پٽاٽن جو اٽو 25 گرام. توس چار يا پنج عدد، لوڻ ۽ ڪارا مرچ پسند مطابق. مکڻ 25 گرام، پنير 5 چانھ جا چمچا.

ترڪيب: بصر کي مکڻ ۾ تريو سنھري ٿيڻ کان پھرين پٽاٽن جو اٽو يخني ۾ وجھو. چمچو گھمائيندا رھو. اوٻر اچي لوڻ، ڪارا مرچ وجھي لاھيو، ٿڌو ڪري ھڪ منٽ جي لاءِ گلينڊر ۾ وجھي تيز رفتاريءَ سان ھلايو، ۽ ڪڍي ٻيھر گرم ڪيو. توس جا ڪنارا ڪٽي. ھڪ طرف پنير لڳائي گيھ ۾ تريو. سوپ ۽ توس گڏ گڏ پيش ڪيو.

شملا مرچ ۽ ٽماٽن جي ڀاڄي

گھربل شيون: شملا مرچ سوا ڪلو، لوڻ، ڳاڙھا مرچ پسند مطابق. ٽماٽا سوا ڪلو، تازا ادرڪ پيٺل ھڪ چانھ جو چمچو. بصر ٻه عدد، گيھ ڏيڍ ڪوپ، ساوا ڌاڻا تازا. ٿوري ليمي جي رس يا گدامڙي، سڄا ڌاڻا ھڪ چانھ جو چمچو.

ترڪيب: ڌاڻا صاف ڪري ڀڃو ۽ پوءِ اھڙي طرح ڪٽيو جو چار چار حصا ٿي وڃن، اڌ ڪپ گيھ ۾ ٻه بصر ڪٽي ڳاڙھا ڪريو. مرچن جا چوڪور يا ڊگھا ٽڪرا ڪٽي وجھو، لوڻ مرچ ادرڪ ۽ ٽماٽا ڪٽيو ۽ ٿورو پاڻي وجھي ڳاريو. لاھڻ وقت ٿوري رس رکو ۽ مٿان ساوا ڌاڻا ڪٽي وجھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com