سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون نومبر 1995ع

 

صفحو :3

پي. آءِ. اي ۾ V.I.P پروٽوڪل آفيسر جي حيثيت ۾ ڪندڙ

فھميده مشوري سان ڳالھه ٻولھه

 

ڳالهه ٻولھه ڪندڙ: گلبدن جاويد مرزا

 

س: سڀ کان پھرئين اوھين اسان جن پڙھندڙن کي پنھنجو تعارف ڪرائينديون؟

ج: منھنجو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو۽ پنھنجي تعليم جي شروعات به ھتان ئي ڪئي. مون مئٽرڪ کان پوءِ نئين روشني اسڪول ۾ پڙھائڻ شروع ڪيو ۽ ان سان گڏ تعليم به جاري رکي، صبح جو ڪاليج ويندي ھيس ۽ شام جو سروس ڪندي ھيس .

جڏھن نئين روشني اسڪول ختم ڪيا ويا ته مون، گورنمنٽ اسڪول ۾ سروس ڪئي. ۽ اھو به ٻڌائيندي ھلان ته پرائمري تعليم کان وٺي مان مختلف ايڪٽوٽيز ۾ حصو وٺندي رھيس، جنھن ۾ نمايا ڪاميابي راندين جي ميدان ۾ حاصل ڪئي.

س: ڪھڙين ڪھڙين راندين ۾ حصو وٺنديون رھيون آھيو؟

ج: بيڊمنٽن ۽ ٽيبل ٽينس منھنجون پسنديده رانديون آھن اھوئي سبب آھي جو ھميشه راندين جي مقابلي ۾ پھريون نمبر ايندي رھي آھيان ۽ ڪاليجن کان سواءِ مون سنڌ يونيورسٽي مان به ٽيبل ٽينس ۽ بيڊ منٽن ۾ فرسٽ ٽرافيون حاصل ڪيون آھن.

س: ھن وقت اوھان جي تعليم ڪيتري آھي ۽ ڪھڙي ڊپارٽمينٽ سان تعلق رکو ٿيون؟

ج: مون 1992ع ۾ يونيورسٽي آف سنڌ مان. اسلامڪ ڪلچر ۾ ايم. اي. ڪئي آھي ۽ ھينئر آءٌ P.I.A ڊپارٽمينٽ ۾ بحيثيت V.I.P Protocol آفيسر ڪم ڪري رھي آھيان.

س: اوھان ٻڌايو ته اوھان کي پڙھائڻ جي شعبي سان تمام گھڻي دلچسپي رھي آھي ته پوءِ وري ھن فيلڊ ۾ اچڻ ڪيئن ٿيو؟

ج: تعليم سان ته مان اڄ به دلچسپي رکان ٿي، پر مان پاڻ کي ٽيچنگ لائين تائين محدود رکڻ نه پئي چاھيو، ڇاڪاڻ ته اسان جي معاشري ۾ سنڌي عورت کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪافي رڪاوٽون پيش اچن ٿيون، سو انھن کي ھٽائڻ لاءِ اسان کي ئي شروعات ڪرڻي آھي. اھوسوچي مان ھن فيلڊ ۾ آئي آھيان منھنجو مقصد گھڻي کان گھڻو اڳتي اچڻ آھي.

س: اوھين جڏھن ھن شعبي (P.I.A) ۾ آيون ته اوھان کي ڪي مسئلا درپيش آيا؟

ج: ھا، ڪيترين ئي مخالفتن کي منھن ڏيڻو پيو. پر مان پنھنجي ارادي تي اٽل ھيس ۽ ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو جن ماڻھن منھنجي مخالفت ڪئي. اھي ھينئر چاھين ٿا ته سندن نياڻيون به ھن شعبي ۾ اچن. ھونئن به منھنجو خيال آھي ته ڪوبه انسان چاھي ته ھو پنھنجي اھليت، محنت ۽ ارادي جي سچائيءَ سان پنھنجو مقصد ماڻي سگھي ٿو. جيئن شاھه سائين فرمايوآھي:

محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن.

تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگھايو.

ٻيو ته اھو به واضح ڪري ڇڏيان ته مان مذھب جي معاملي ۾ گھڻي سنجيده آھيان اھوئي سبب آھي جو مان ھڪ مذھبي تنظيم سان لاڳاپيل آھيان. اسان جي تنظيم جو نالو آھي ناجيا شاگرد تنظيم (نشات). مان گرلز ونگ جي ٻن سالن کان سينٽرل پريذيڊنٽ آھيان. منھنجوتعلق جماعت لواري شريف سان آھي.

اسان جي تنظيم جو مقصد آھي انساني ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ جيئن ته مفت طبي ڪئمپون لڳائڻ، مسڪين ۽ غريب نياڻين لاءِ فيس، ڪتابن ۽ ڊريسن جو بندوبست ڪرڻ، مفت پڙھائڻ وغيره. ان سان گڏ ڇوڪرين ۾ طريقت بابت ڄاڻ ڏيڻ چاھيون ٿا ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل مذھب سان راغب رھي. ان کانسواءِ جيڪي به درگاھ لواري شريف جا سجاده نشين آھن. انھن جا ڏھاڙا ملھائڻ جو انتظام ڪندا آھيون. ھن تنظيم ۾ سنڌ جي سڀني ضلعن جي ڇوڪرين کان علاوه بلوچستان جي ڪجھ ضلعن جون ڇوڪريون به شامل آھن.

س:  نئين سروس ۾ اچڻ ڪري اوھانجيون ايڪٽوٽيز متاثر ته نه ٿيون آھن؟

ج: نه، مان پنھنجين سڀني ايڪٽوٽيز کي جاري رکيوپئي اچان. ھن سروس ۾ اچڻ سان ڪو خاص فرق نه پيوآھي. ڏسو منھنجي تعليم سان تمام گھڻي دلچسپي آھي ته اھا دلچسپي مان برقرار رکيون پيئي اچان. اھوئي سبب آھي جو تعليم جي سيمينار ۾ منھنجين پيش ڪيل تجويزن کي گورنر سنڌ گھڻو پسند ڪيو ۽ منھنجي ھمت افزائي ڪندي مون کي 10,000(ڏھ ھزار) روپيه انعام ڏنو.

س: اوھان کي جڏھن فرسٽ انعام مليو ته ان وقت اوھين ڇا محسوس ڪري رھيون ھيون؟

ج: ان وقت مون رب پاڪ جا شڪرانا ادا ڪيا. جنھن مون کي ايڏي عزت عطا ڪئي، جو مون کي پنھنجي محنت جو صلو مليو.

س: زندگيءَ کي ڪيئن ٿيون محسوس ڪيو؟

ج: زندگي نالو آھي. لڳاتار جدوجھد جو. جيڪو ماڻھو جدوجھد ڪري ٿو اھو زندگيءَ مان خوش ۽ مطمئن رھي ٿو.

س: پسنديده شعر؟

ڀينر ھن ڀنڀور ۾ دوزخ جو دونھون.

سنوارو سونھون، پڇي ڪاھيوڪيچ ڏي.

(حضرت سلطان اولياءَ جوشعر)

س: مستقبل بابت ڇا سوچيو اٿو؟

ج: اڃان ته مون ڪجھ ناھي سوچيو، پر جيڪڏھن ڪو اھڙو ماڻھو ملي ويو، جيڪو منھنجي سوچ مطابق ھجي ته پوءِ ئي ڪجھ سوچينديس.

****

 

 مُراد علي مرزا

فاصلا ۽ قربتون

 

آچر جو ڏينھن ھو، آءُ صبح جو 8 بجي کان اڳواٽ ئي ڪراچي ۾ ٽوئرسٽ بيورو جي ريسپشن روم تي پھچي ويس. رڳو ھڪ چوڪيدار بيٺو ھو. مون کي ڏسي، ھن ادب سان سلام ڪيو، ۽ وڏي روم جو دروازو کوليو، رسيپشن روم سليقي سان سينگاريل ھو: غاليچا، صوفا، ڪرسيون، ميزون، تصويرون، مطلب ته ھرشيءِ سھڻي ۽ سٺي ھئي. آءُ چوڪيدار جو شڪريو ادا ڪندو، ڪمري ۾ آيس ۽ ڪنڊ ۾ پيل ھڪ صوفي تي ويھي رھيس. ڪمرو بلڪل خالي ھو۽ رسيپشن ڪائونٽر پنھنجيءَ رسيپشنسٽ جي انتظار ۾ اٻاڻڪو پئي لڳو. مون سگريٽ دکائي صوفي کي ٽيڪ ڏيئي، ٽنگون ڊگھيون ڪيون ۽ دوستن جو انتظار ڪرڻ لڳس.

اسين ڪل ٽي دوست ھئاسين. گذريل ڏينھن صلاح ڪئي سين ته صبح جو ٽوئرسٽ بيورو جي لٽرري بس ۾ ڪلري ڍنڍ تائين ھلبو، جتان پوءِ ٻيءَ بس ۾ حيدرآباد وڃبو. مون اڃان پنھنجي انھيءَ سفر تي پئي سوچيو ته دروازو کليو ۽ سارو ڪمرو ھڪ نئين ۽ دلپسند خوشبوءِ سَان واسجي ويو؛ رسيپشنسٽ پنھنجا وار ٺاھيندي ۽ ساڙھيءَ جا وَرَ درست ڪندي، ڪمري ۾ آئي. ھن جي نظر مون تي پئي ته مون صوفي تان ٿورو اٿندي ھن جو آڌر ڀاءُ ڪيو.

ھن ڏاڍي دلڪشيءَ سان مرڪيو ۽ پرس لوڏيندي ڪائونٽر تي اچي ويٺي. ماحول ۾ ھڪ عجيب ڇڪتاڻ پيدا ٿي ويئي. آءٌ ھر ھر سگريٽ دکائي پيئندورھيس. ھوءَ ڪڏھن پنھنجا وار ٺاھيندي رھي ۽ ڪڏھن ٽيليفون ڪندي رھي يا وري ڪاؤنٽر تي رکيل رجسٽر جا پنا اٿلائيندي رھي.

نيٺ منھنجا دوست به پھچي ويا ۽ انھن جي پٺيان ھڪ غير ملڪي خاندان به. مون کي اطينان ٿيو ته ھاڻي اڪيلو ڪونه آھيان. گھٽ ۾ گھٽ ڳالھائڻ جو وجھه ته مليو. غيرملڪي خاندان ۾ فقط ھڪ وچينءَ عمر جو مرد ھو؛ ھڪ ڪراڙي خاتون ٻه نوجوان عورتون ۽ ھڪ ٻار ھو. اسان سمجھيو ته ٻيا به سيلاني ايندا، تنھڪري ٿورو فڪر ٿيو ته دير ٿي ويندي. پر ٿوريءَ دير ۾ ئي ھڪ عجيب شخص آيو۽ چيائين. ”آءٌ اوھان جو آڌرڀاءُ ڪريان ٿو. آءٌ اوھان جي ھن سفر جو گائيڊ آھيان. اسان جا ٻيا ھن غيرملڪي خاندان ڏانھن اشارو ڪندي چيو، اچي ويا آھن. مھرباني ڪري بس ۾ سوار ٿيو. اميد آھي ته اوھان جو سفر نھايت دلچسپ ۽ ڪامياب رھندو.“

اسين سڀئي اٿي، رسيپشنسٽ کي الوداع چوندا، ٻاھرنڪري سياحت کاتي جي لگزري بس ۾ چڙھي ويٺاسين. ڊرائيور ۽ گائيڊ کان سواءِ بس ۾ صرف اٺ مسافر ھئا. ٽي اسين ۽ پنج غير ملڪي. انھن غيرملڪي سيلانين مان عورتن کي اسڪرٽ ۽ گھاگھرا پھريل ھئا. باقي مرد پتلون بشرٽ ۾ ھو. ھنن جو اسان جھڙو ئي رنگ روپ ھو. البت پاڻ ۾ ڳالھائڻ وقت ھنن ھڪ اوپري ٻولي پئي استعمال ڪئي. جيڪا اسان کي بلڪل سمجھ ۾ نه پئي آئي.

بس ڪراچي صدر مان تيزيءَ سان نڪري قومي شاھراھه تي پھتي ته گائيڊ مائڪرو فون ھٿ ۾ کنيو ۽ بس ۾ لڳل لائوڊ اسپيڪر مان ھن جو آواز گونجڻ لڳو.

”مھربان مسافرو! اسين ھينئر پاڪستان جي عظيم شھر ڪراچيءَ مان نڪري قومي شاھراھه تي ڀنڀور ڏانھن ھلي رھيا آھيون. ڪراچي ھڪ قديم ۽ تاريخي شھر آھي. ھن کنڊ ۾ انگريزن جي اچڻ وقت...“ گائيڊ انگريزيءَ ۾ ڪراچي ۽ ان جي پسگردائيءَ بابت اسان جي معلومات ۾ واڌارو ڪرڻ لڳو. مون ڪنڌ ورائي غير ملڪي سيلانين ڏانھن ڏٺو. عورتون پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري رھيون ھيون ۽ مرد ٻار کي دريءَ مان ٻاھر جو نظارو پئي ڪرايو. پندرھن ويھن منٽن تائين گائيڊ ڳالھائيندو رھيو ۽ پوءِ ٿورو ٿڪجي ھن مون ڏانھن ڏٺو. آءٌ بلڪل اڳئين سيٽ تي ھن جي ويجھو ويٺو ھوس. مون مرڪي چيو، ”اسان کي ته خير خبر آھي. پر ھنن غير ملڪي سياحن کي تنھنجيءَ ان معلومات سان ڪابه دلچسپي ڪانھي.“ گائيڊ ٿورو ڦڪو ٿيو۽ مائڪرو فون رکندي چيائين:

”اصل ڳالھه ھيءَ آھي ته اھي انگريزي بلڪل سمجھن نٿا. رڳو مرد کي ٿوري گھڻي دلچسپي آھي پر اھو به ٻار ريجھائڻ ۾ مصروف آھي.“

پوءِ اسين اچي ڳالھين ۾ ڇٽاسين. تاريخي ڳالھيون، گائيڊ کي پھرين ته پاڻ تي وڏو ڀروسو ھو، پر ٿوريءَ دير کان پوءِ مون کي لڳو ته ھن جي معلومات بنھه مٿاڇري ھئي.

بس ھوا سان ڳالھيون ڪندي اڳتي وڌندي رھي. اسان ڪڏھن سگريٽ ٿي پيتا ته ڪڏھن ماٺ ڪري ٿي ويٺاسين. ھيڏي ساريءَ بس ۾ ٿورن مسافرن جي ڪري ڏاڍي وائکائي پئي محسوس ٿي.

اوچتو منھنجي نظراسٽيئرنگ جي مٿان. لڳل آئيني تي وڃي پيئي. ان ۾ غير ملڪي ڪراڙي عورت جو چھرو صاف نظر پئي آيو. اسان جي ملڪ ۾ ھن جي مھانڊن جون ڪيتريون ئي عورتون نظراينديون. مون کي حيرت ٿي ته آخر اھي سيلاني ڪھڙي ملڪ مان آيل آھن. مون گائيڊ کان پڇيو. ھن عجب وچان جواب ڏنو ته اھي سيلاني ڪي ڌاريا ته ڪونه آھن. مسلمان آھن. ھن وقت ڪينيا ۾ رھن ٿا. ڪو زمانو ھو جو ھتي ئي رھندا ھئا. گائيڊ جي جواب ٻڌڻ کان پوءِ مون وري آرسيءَ ۾ ڏٺو.

ڪراڙي عورت ڪنھن فڪر ۾ ڪنڌ جھڪايو ويٺي ھئي. آئيني ۾ ھن جو جھور چھرو ڪيئي روپ بدلائيندو رھيو. ڪراچيءَ کان ڀنڀور تائين پھچندي رستي ۾ ھڪ وڏي قبرستان وٽ بس بيٺي. گائيڊ قبرستان ڏيکاريو. ھزارين قبرون ھيون. مون ڏٺو ته پوڙھي عورت ڏاڍي حسرت سان قبرستان ڏانھن ڏسندي رھي. ھوءَ ھڪ قبر جي ويجھو ويھي رھي ۽ اسين پري پري تائين گھمي موٽياسين ته ھوءَ اڃان تائين انھيءَ قبر وٽ ويٺي ھئي. ھن جي پوڙھيءَ منھن تي ڏک ۽ غم جا آثار صاف ظاهر هئا.

ڀنڀور جي کنڊرن ۾ اسان سڀني چانھ پيتي. سڀئي خوش پئي لڳا. نوجوان عورتون، جيڪي پھرين اسان کان جدا جدا پئي ھليون. تن اسان سان گڏ چانھ پيتي ۽ ڪينيا جون ڪيئي ڳالھيون ٻڌايون . پر پوڙھي عورت جدا ۽ اڪيلي ڪنھن ڳالھ تي ويچاري رھي ھئي. ھن اسان جون ڳالھيون ته ضرور ٻڌيون پئي، پر انھن ۾ حصو نه پئي ورتو. مڪليءَ پھچڻ شرط بس ريسٽ ھائوس جي در تي ھلي بيٺي، ٻه پھر ٿي ويا ھئا. مسافرن کي لنچ کارائڻ لاءِ ريسٽ ھائوس ۾ ويھاريو ويو. اسان ھٿ منھن ڌوئي لنچ کائڻ ويٺاسين. لنچ کان پوءِ ڪافيءَ جو دور ھليو.

بس ھلڻ جو اعلان ٿيو ته سڀئي مسافر اٿي کڙا ٿيا. سڀني کان پوءِ پوڙھي عورت بس ۾ چڙھي. بس ھاڻي مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي ڊوڙون پائڻ لڳي. اسان گھڻو ڪري سڀئي مقبرا ڏٺا. اجنبي عورتن مقبرن جون ڪيتريون ئي تصويرون ڪڍيون. ھنن سان گڏ جيڪو مرد ھو، اھو ھاڻي اسان سان ڳالھيون ڪندو رھيو. عيسيٰ خان ترخان جي مقبري مان ٿي موٽياسين، ته ھن ٻڌايو ته ”اسين اصل ھت جا رھاڪو ھئاسين. اسان جا وڏا ڪنھن زماني ۾ ٺٽي جي بازار ۾ وڏا واپاري سمجھيا ويندا ھئا. ھيءَ پوڙھي خاتون، ھن پوڙھيءَ ڏانھن اشارو ڪندي چيو. منھنجي ڏاڏي ٿئي. ھوءَ چوندي آھي ته آءٌ ٺٽي ۾ ڄائي ھيس. پر اڃا پوريءَ سمجھ ڀري به نه ھيس ته پنھنجن مائٽن سان گڏ آفريڪا ھلي آيس. ھوءَ ٿوري گھڻي سنڌي به ڄاڻندي آھي. اسين ته ڄاوائي ڪينيا ۾ آھيون. اسان کي ته سنڌي بلڪل نه ايندي آھي.“ ھن اھي سڀئي ڳالھيون انگريزيءَ ۾ ٻڌايون ۽ پوءِ وري نوجوان عورتن سان ڳالھين ڪرڻ ۾ لڳي ويو.

بس مڪليءَ جي ٽڪريءَ تان سير ڪندي شھر ڏانھن ھيٺ لٿي ۽ شاھجهاني مسجد ڏانھن رواني ٿي. مون بس جي آرسيءَ ۾ پوڙھيءَ کي غور سان ڏسڻ شروع ڪيو. ھن جي جھور پوڙھي منھن تي غم ۽ ڏک جي بدران ھاڻي ھڪ نامعلوم اطمينان جا آثار اڀري آيا ھئا. ھوءَ ڏاڍي غور سان ٺٽي شھر جي رستن، جاين، ماڻھن ۽ شين کي ڏسندي ھلي. شاھجھاني مسجد جي ڀرسان اطمينان سان تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي سڀني کان پھرين بس مان لٿي ۽ مسجد ڏانھن اھڙيءَ طرح ھلڻ لڳي ڄڻ ته اڳي به ڪيترائي ڀيرا آئي ھجي.

مسجد جي ٻاھرئين دروازي وٽ جتيون لاھي. اسين سڀئي وياسين ته پوڙھي کاٻي طرف وارن حجرن ڏانھن وڌي. اسين به ھن جي پٺيان وياسين. ھينئر ھوءَ ئي اسان جي گائيڊ ھئي. ھڪ حجري وٽ پھچي ھوءَ بيهي رهي ۽ ٻين عورتن کي ڪجھ ٻڌائڻ لڳي، ھوءَ ڪا آفريڪي ٻولي ڳالھائي رھي ھئي. مون کي ٿورو عجب لڳو ته اُھا پوڙھي جيڪا ھيترو سارو وقت چپ چاپ ويٺي ھئي، تنھن کي اُھا ڪھڙي دولت ملي ويئي ھئي جو ھوءَ خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي! مون سندس پوٽي کان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته پوڙھي ڇاٿي چوي؟ منھنجو سوال ٻڌي ھن جي منھن تي گنڀيرتا اچي وئي. ھن ھڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ جواب ڏنائين: ”ڏاڏي چوي ٿي ته مون کي چٽيءَ طرح ياد آھي ته بابو جمعي نماز کان پوءِ ھن حجري ۾ اچي ويھندو ھو. ھو مون کي به ساڻ وٺي ايندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن اسين شام ڌاري به ھت اچي ويھندا ھئاسين.“ ھو وري پاڻ ڳالھائڻ لڳا ۽ اسين ٽي دوست وسيع ڪشادي صحن ڏانھن ڏسڻ لڳاسين. ٿوريءَ دير کان پوءِ مون ڪنڌ ورائي پوڙھيءَ ڏانھن ڏٺو. ھوءَ حجري جي فرش تي پٿلي ماري ويھي رھي ھئي. ٻيون ٻه عورتون ھن کي ڪجھه چئي رھيون ھيون، پر ھن ھر ھر ڪنڌ لوڏي انڪار پئي ڪيو. ٻين عورتن گھڻي ئي حجت ڪئي، ڏاڍو ليلايائون، پر پوڙھي عورت اطمينان سان ويٺي رھي. نيٺ ٻيئي عورتون ناراض ٿي مرد سميت حجري مان ٻاھر نڪتيون ۽ مسجد ڏسڻ لاءِ اسان جي پٺيان آيون. مسجد مان گھمي ٻاھر اچي بس ۾ چڙھياسين. پوڙھيءَ کانسواءِ ٻيا سڀئي بس ۾ موجود ھئا. اسان کي ڏاڍي حيرت ٿي. مون غير ملڪي مرد ڏانھن سوال ڀريل نظرن سان ڏٺو. ھو منھنجو مطلب سمجھي ويو ۽ جواب ڏنائين اسين ڪلريءَ ڍنڍ تان گھمي واپسيءَ ۾ ڏاڏيءَ کي اچي کڻنداسين. ھوءَ چوي ٿي ته مون کي جنھن جاءِ ڏسڻ جي خواھش ھئي اھا پوري ٿي، ھاڻي اڳتي ھلي آءٌ ڇا ڏسنديس.“

بس ڪلري ڍنڍ ڏانھن رواني ٿي ته آءٌ اھوئي سوچيندو رھيس ته انسان جنھن سرزمين تي پيدا ٿئي ٿو، ۽ پلجي ٿو انھيءَ جون يادگيريون وقت ۽ فاصلن جي پھچ کان ڪيڏو ۽ ڪيترو نه پري آھن.

***

فھميده مشوري/سنڌيڪار: ثمينه ميمڻ

تعليم ۽ ٻھراڙيءَ جي عورت

 

آپا شمع راشديءَ طرفان ڪرايل سيمينار ۾ مس فھميده مشوريءَ ھيءُ مقالو پيش ڪيو جنھن کي گورنر سنڌ سيمينار جو بھترين مقالو ٺھرائيندي کيس ڏھه ھزار رپيا انعام ڏنو. مس فھميده مشوريءَ جي تعليم ايم. اي. آھي ۽ پاڻ ڪجھه عرصو تعليم جي شعبي سان وابسته رھي آھي.

فضيلت مآب گورنر سنڌ جناب ڪمال اظفر صاحب، قابل احترام سينيٽر حسين شاھه راشدي صاحب، محترمه حاڪم زادي انصاري صاحبه D.E.O حيدرآباد، محترمه شمع راشدي صاحبه S.D.E.O حيدرآباد، محترمه ڊاڪٽر قمرواحد صاحبه، ڊين آف فيڪلٽي آف ايجوڪيشن سنڌ يونيورسٽي ۽ معزز محترم حاضرين.

مان سڀ کان پھرئين محترمه شمع راشدي صاحبه کي دل جي گھراين سان مبارڪون پيش ڪيان ٿي، جن اڄ جي اھم ۽ موجود ضرورت جي پيش نظر اھڙي شاندار سيمينار جو اھتمام ڪيو آھي. مان جناب گورنر صاحب کي پڻ سلام پيش ڪيان ٿي، جن ھتي اچي نه صرف اسانجي ھمت افزائي ڪئي آھي پر سيمينار جي اھميت ۾ پڻ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن. اسان جا گورنر صاحب چانسيلر ھئڻ سان گڏ عالم ۽ علم دوست ۽ علم پرور شخصيت جي حيثيت سان شھرت ۽ نيڪ ناميءَ سان سڃاتا وڃن ٿا. پاڻ ھتي اچي جھڙيءَ طرح اسان جي حوصله افزائي ڪئي اٿن. ان لاءِ اسان سڀ سندن نھايت ئي شڪر گذار آھيون.

منھنجي مقالي جو عنوان آھي:

”تعليم ۽ ٻھراڙي جي عورت“

تعليم جي اھميت ۽ افاديت ۾ ڪوبه بحث نه آھي. تعليم علم آھي، ڄاڻ آھي، روشني آھي، خود شناسي آھي، حقن بابت واقفيت آھي، فرض سان لاڳاپيل آھي، ۽ سڀ کان وڌيڪ الله جو پڻ حڪم آھي ۽ قرآن جو پھريون لفظ به ”اقرا“ آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”پڙھه.“

پاڪستان جھڙي ترقيءَ جي خواھشمند ۽ سڄي دنيا ۾ وڏو مقام تلاش ڪندڙ ملڪ لاءِ ته تعليم جي اھميت اڃا به وڌيڪ وڌي وڃي ٿي. اسان وٽ تعليمي معيار جو انگ 17 سيڪڙي جھڙو ڏکوئيندڙ نه پر شرم ايندڙ ڳالھه آھي. ۽ جيڪي وري پڙھيل آھن انھن جو معيار ڏسڻ کان پوءِ دل چاھي ٿي بقول مرزاغالب:

مقدور ھو تو ساتھ رکون نوحه گري کو مين

اسان جي ملڪ ۾ پڙھيل ماڻهن جي گھڻائي به شهري علائقن ۾ رھي ٿي. ۽ وري ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ تعليم جي نظام جي اهڙي حالت آھي جو ٻڌائجي ته زبان به جواب ڏئي وڃي.

اسڪول موجود آھن ته استاد غير حاضر آھن، شاگرد غائب آھن ۽ ڪورس جي ڪتابن جي اڻاٺ. پر رڪارڊ تي ڏسبو ته استاد سڄو مھينو حاضر، ۽ شاگرد سؤسيڪڙو موجود. ڪورس جي ڪتابن جو موجود ھجڻ، ۽ امتحانن جي باقائده ٿيڻ جو شاندار نتيجو ڏيکاريو ويندو آھي. اسڪولن جون عمارتون اصل مالڪن ڏانھن حسرت ڀرين نظرن سان ڏسندي نظر اينديون. ھتي فقط پڙھائي نه ٿي ٿئي پر اھا اوطاق به آھي، مھمان خانو به آهي، مال کي بيھارڻ جي جاءِ به آهي، جوا جو اڏو ۽ منشيات جي ھيراڪ ماڻهن جي رهائشگاهه به آهي.

مان محترمه به نظير ڀٽو صاحبه جي فيصلي جي تائيد ٿي ڪيان، جنهن جي حڪومت، بجيٽ ۾ تعليم جي رڪارڊ لاءِ پئسا رکيا آھن.

تعليم کي وڌائڻ لاءِ ته حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. هر سهولت پهچائي رهي آهي. ڪروڙين رپيا تعليم تي خرچ ڪري رهي آهي. ننڍن ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ به اسڪول جون عمارتون تعمير ڪيون ويون آهن. پر پڙهائي جو انگ اتي جو اتي آهي بلڪه انهيءَ جو معيار ڏينهون ڏينهن گھٽجي رهيو آهي.

منهنجي مطالعي ۽ مشاهدي مطابق اسان جي قوم تعليم جي شعبي کي ڪابه اھميت نه ڏئي رھي آھي. ۽ جيڪي تعليم حاصل ڪري رھيا آھن، اھي به علم جي اعليٰ مقصدن لاءِ نه بلڪه نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم پرائي رھيا آھن. تعليم جي ميدان ۾ اسانجو خزانو ڦرجي رھيو آھي. پر افسوس آھي جو اسان جي قوم ھن نقصان کي سمجھڻ کان نابري واريو بيٺي آھي.

ھيءَ بي حسي اسان کي ٻوڙي نه ڇڏي. ھن وقت اسان کي پرخلوص ماڻھن جي ضرورت آھي، ڪنھن دردمند غم ونڊڻ واري جو انتظار آھي جيڪو تعليم جي ڏيئي کي نه فقط روشن ڪري. پر ھن پوري ملڪ کي روشن ڪري.

حضرت محمدﷺجو قول آھي ته تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ چين وڃڻو پوي ته وڃو. ھن سھڻي قول جي پٺيان جيڪا حڪمت آھي ان کي سمجھڻ لاءِ اسان پنھنجن ذھنن تي تالا لڳائي ڇڏيا آھن. حضورﷺعلم جي سلسلي ۾ مرد ۽ عورت ۾ ڪوئي فرق نه ڄاڻايو آھي. ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي ٻنھي جھانن جي سردار جو ارشاد. ٻنھي لاءِ برابر آھي.

پاڪستان جي آباديءَ ۾ عورتن جو انگ 52سيڪڙو آھي جنھن جي گھڻائي ٻھراڙيءَ جي علائقن ۾ رھي ٿي. مجموعي طور تي پڙھيلن جو انگ 17 سيڪڙو آھي، پر ٻھراڙيءَ جي عورتن جي ڪري اھو گھٽجي ھڪ سيڪڙي کان به گھٽ ٿي وڃي ٿو.

ھيءَ ھڪ گنڀير صورتحال آهي جنهن جو جلدي حل ڳولڻ وقت جي اھم ضرورت آھي.

ھيءُ سمجھڻ ته52سيڪڙو آباديءَ کي پڙھائي کان محروم ڪري ڪا قوم ترقيءَ جا مرحلا طئي ڪري سگھي ٿي، ته مان اھو چونديس ته ھيءَ ھڪ بي بنياد خوش فھمي آھي ۽ مشاھدي ۽ سمجھڻ کان قاصر پڻ.

ٻھراڙيءَ جي عورت مضبوط ھئڻ سان گڏ گھڻي سمجھه واري به آھي. انھيءَ کي تعليم جا موقعا ميسر ھجن ته ھوءَ وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏيئي سگھي ٿي.

بقول علامه اقبال:

”ذرا نم ھو تو يه مَٽي بھت زرخيز ھي ساقي.“

ٻھراڙيءَ جي عورت ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ ننھن ھر حيثيت ۾ ھوءَ سخت جسماني محنت ڪرڻ لاءِ پابند آھي. ھوءَ نه صرف گھر کي سنڀالي ٿي پرمال جي به سار سنڀال لھي ٿي. ان کانسواءِ ھوءَ تيز ڪاڙھي ۽ گھڻي سيءَ ۾ پڻ ٻنين ۾ ڪم ڪندي نظرايندي آھي. اسان جي مرد عورت کي مختلف طريقن سان، رسمن ۽ رواجن ۾ پابند ڪري ڇڏيو آھي. ھو عورت جي جسماني پورھئي مان ته پورو فائدو وٺي ٿو پر ھن جي ذھن تي پيل جاھلاڻي پردي کي ھٽائڻ جو قائل نه آھي. مان پنھنجن بزرگن ۽ ڀائرن کي گذارش ڪيان ٿي ته ھو پنھنجون سوچون بدلائين. عورتن کي جانورن واري حيثيت نه ڏين ۽ انھن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نه فقط سھولتون مھيا ڪن. پر انھن جي حوصلا افزائي پڻ ڪن.

ٻار جو پھريون تربيت گاھه ماءُ جي ھنج ھوندي آھي. ٻار جي شروعاتي سار سنڀال به ماءُ جي سايي ھيٺ ٿيندي آھي. ڇا اھو سٺو نه ٿيندو ته جنھن ھنج ۾ ٻار وڌي ويجھي اھا جھالت جي اونداھيءَ بجاءِ تعليم جي روشنيءَ سان منور ھجي.

ھيءَ ڪا اڳئين دور جي ڳالھه نه آھي جڏھن ڪوريا سالن کان خانه جنگي ۽ ٻاھرئين مداخلت جي ڪري نيست ونابود ٿي چڪو ھو. پر اڄ ھن ملڪ اھڙي ترقي ڪئي آھي، جيڪا حيرت ۾ وجھندڙ آھي. تائيوان، سينگاپور ۽ مليشيا جي خوشحالي جي سببن تي نطر وجھون. ٻيو ته ٺھيو انڊيونيشيا جيڪو اسان کان ھڪ سال پھرئين آزاد ٿيو ۽ جيڪو پسماندگيءَ جو چٽو مثال ھو، اھو اڄ مسافر بردار جهاز ٺاھي ڪاميابيءَ سان اڏائي رھيو آھي. ھي جادو علم سيکاريو آھي. جنھن ۾ مرد ۽ عورت ۾ ڪائي ورڇ نه ڪئي وئي آھي. اتي عورتون. مردن سان گڏ نه پر انھن کان وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي ۾ ھٿ ونڊائي رھيون آھن. ان جو راز اھو آھي ته اتي مردن روشن خياليءَ جو ثبوت ڏنوآھي.

ايڪويھين صدي ھاڻي اڳيان نظر اچي رھي آھي. ترقي يافته قومن کي پھچڻ ۾ صرف پنج سال کپن، پر اسان کي، خاص طرح ٻھراڙيءَ جي عورت کي، اڃا پنج صديون طئي ڪرڻيون آھن. ھن وڏي خال کي ڀرڻ لاءِ پاڪستاني قوم کي ھنگامي بنيادن تي منصوبه بنديون ڪرڻيون پونديون.

وقت جي گھٽ ھئڻ سبب پنھنجو مقالو وڌيڪ وڌائي نٿي سگھان، پر تعليم جي پيشي سان پنھنجي وابستگي ۽ پنھنجي گھڻي کان گھڻي دلچسپي جي مدِ نظر ڪجھ تجويزون پيش ڪرڻ چاهيان ٿي. 

منهنجون تجويزون ھي آھن:

جلد کان جلد اعليٰ اختيارتي قومي تعليمي ڪميشن تشڪيل ڏياري وڃي. جيڪا تعليمي معيار جي گھٽجڻ جا سبب معلوم ڪرڻ سان گڏوگڏ گھڻي عرصي تائين منصوبه بندي ڪري ۽ قوم جي لاءِ انگ اکر ۽ منزل مقررڪري.

تڪڙا قدم کڻي ٿوري عرصي ۾ منصوبا بندي ڪرڻ لاءِ، حڪومت تعليم جي ماھرن، عالمن ۽ دانشورن سان رابطو ڪري ته جيئن تعليم جي ڪريل معيار کي روڪي سگھجي.

قومي اوليت جي بچاءَ کان پوءِ تعليم کي رکيو وڃي.

ھرماڻھوءَ جي لاءِ پرائمري تعليم نه فقط لازمي قرار ڏني وڃي پر ان تي عمل پڻ ڪيو وڃي.

عورتن ۾ تعليم کي وڌائڻ لاءِ ميڊيا ذريعي ڀرپور مھم ھلائي وڃي.

عورتن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ٿيندڙ مشڪلاتن کي دور ڪرڻ لاءِ ھڪ سروي ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ پڙھيل عورتن جون ٽيمون مقرر ڪيون وڃن، جيڪي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي عورتن سان رابطو قائم ڪن.

اڄ جي سيمينار وانگر ٻھراڙيءَ جي علائقن ۾ پڻ سيمينار ڪرايا وڃن ۽ ھيءَ ڪوشش ڪئي وڃي ته عورتون ان ۾ حصو وٺن. عورتن جي حوصله افزائي خاطر گورنر صاحب يا وزير ان سيمينار ۾ شرڪت ڪن ته جيئن سيمينار جي اھميت ۾ واڌارو اچي.

ھر پاڪستاني ھي عھد ڪري ته ھو ذاتي طور تي تعليم جي واڌاري ۾ پنھنجو ڪردارادا ڪندو.

استادن کي گذارش ڪجي ته ھو پنھنجن فرضن کي حب الوطني، ايمانداري ۽ جذبي سان نڀائن ۽ اسڪولن ۾ فقط پگھار وٺڻ لاءِ مقرر ڏينھن تي نه پھچن.

تعيلم جي محڪمي کي ناپسنديده ماڻھن کان پري رکيو وڃي، رشوت خوري ۽ پنھنجن کي نوازڻ ۽ سياسي بنيادن تي نوڪرين تي پابندي لڳائي وڃي.

اميد ڪيان ٿي ته منھنجن ھنن تجويزن تي غور ڪيو ويندو.

اسان جي قوم تمام سٺين روايتن تي ٻڌل آھي. اھا ڏاڍي ذھين ۽ محنتي آھي. پر اڄ ڪلھه گھوڙا وڪڻي سمھي پئي آھي. اھا قوم جيڪڏھن جاڳي پوي ته وڏا ڪارناما انجام ڏئي سگھي ٿي.

جيڪڏھن اھو نه ٿيو ته خدا نه ڪري فقيرن جو ڪشتو اسان جي ڳچيءَ ۾ ھميشه جو زيور نه ٿي پوي.

*****

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com