سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون نومبر 1995ع

 

صفحو :2

گلبدن جاويد مرزا

رپورٽ

 

سب ڊيويزنل ايجوڪيشن آفيسر (فيميل) حيدرآباد (سٽي) مسز شمع راشديءَ ”زناني تعليم جي اھميت ۽ ان جا فائدا“ جي موضوع تي 28 سپٽمبر 1995ع تي سنڌ پراونشل ميوزيم حيدرآباد ۾ ھڪ شاندار سيمينار ڪرايو. ھي سيمينار ٻن اجلاسن تي مشتمل ھو. ھڪ افتتاحي اجلاس جنھن جي صدارت وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي جناب نذير مغل صاحب جن ڪئي. مھمان خاص ڊاڪٽر قمر واحد، ڊين آف فيڪلٽي آف ايجوڪيشن، اعزازي مھمان آپا حاڪمزادي ڊي.اي. او گرلس پرائمري اسڪول حيدرآباد. ۽ آپا شمع راشدي جن ھيون . ھن پروگرام جون ڪمپيئر ذڪيه مھدي ۽ شيلا پرتاب ھيون. ذڪيه مھدي سنڌيءَ ۾ ڪمپيرنگ ڪئي ۽ شيلا پرتاب انگلش ۽ اردو ۾ ڪئي. پروگرام جي شروعات تلاوت و ترجمه ڪلام الله سان ڪئي وئي.

تلاوت ڪلام محترمه پروين ميمڻ ڪئي ۽ ترجمو ذڪيه مھدي ڪيو. ان کان پوءِ نعت الرسول ڪوثر ڀٽي ڪئي. ان کان پوءِ نعت الرسول ڪوثر ڀٽي پيش ڪئي. ان کان پوءِ مھمانن کي اجرڪ پارائڻ جي رسم پوري ڪئي وئي. ڊاڪٽر نذير مغل وائس چانسلر سنڌ يونيورسٽي کي آپا شمع راشدي اجرڪ پارايو. مئڊم شمس النھار کي آپا زينت ھاليپوٽو ڊي. اِي. او گرلس سيڪنڊري اسڪول حيدرآباد اجرڪ پارايو ۽ اَپا حاڪمزادي انصاريءَ کي آپا شمع راشدي اجرڪ پارايو.

ان کان پوءِ مسز شمع راشدي آجياڻي تقرير ڪندي چيو ته“ آءٌ سڀني آيل معزز مھمانن کي دل جي گھراين سان ڀليڪار چوان ٿي، جن ھن سيمينار ۾ شرڪت ڪري مون کي مان بخشيو آھي.“

ان کان پوءِ ويلڪم ٽيبلو ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس جي ٻارن پيش ڪيو. ۽ مقالن پڙھڻ جي نشست شروع ٿي. جنھن ۾ مقررين ھن ترتيب سان مقالا پيش ڪيا.

1_ شميم ھاشماڻي مقالو پيش ڪندي چيو، ”تعليم ئي ھڪ اھڙو عمل آھي جيڪا ماڻھوکي جيئن جو ڍنگ سيکاري ٿي . پر اسانجين عورتن کي تعليم کان پري رکي سندن عقل ۽ شعور کي ختم ڪيو ويو آھي. اھوئي سبب آھي جو اسانجي عورت پسمانده آھي جنھنڪري سڄو ملڪ پڻ پسمانده آھي.

ان کان پوءِ والي بچو پنھنجي مقالي ۾ چيو ”اسان جي پاڪ پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن فرمايو آھي ته علم حاصل ڪريو پينگھي کان وٺي قبر تائين. ان جو مطلب اھو ٿيو ته ماءُ ٻار جو پھريون اسڪول آھي .

جيڪڏھن ماءُ تعليم يافته ھوندي ته ٻار جي تربيت بھتر نموني ڪري سگھندي. ھينئر اسان ايڪويھينءَ صديءَ ۾ وڃڻ جون تياريون ڪري رھيا آھيون ان لاءِ عورت جو تعليم يافته ھجڻ تمام ضروري آھي.“

تسليم پنھنجي تقرير ۾ چيو ته ”الله پاڪ جڏھن حضرت آدم عليه السلام کي پيدا ڪيو، تڏھن فرشتن کي حڪم ڪيو ويو ته آدم کي سجدو ڪيو، پر اھو حڪم ان وقت ڏنو ويو، جڏھن آدم کي علم ڏنو ويو. ۽ آدم جي خدا کان پھرين دعا عورت لاءِ ھئي. يعني علم ڏيکاري ٿو ته عورت جي اھميت ڇا آھي. حديث نبوي پڙھڻ سان معلوم ٿيندو ته علم جي شروعات ماءُ معنيٰ عورت جي معرفت ٿئي ٿي. اڄ اسان جي سماج عورتن لاءِ علم جا دروازا بند ڪيا آھن.“

نسرين جوڻيجو پنھنجي تقرير ۾ چيو ”علم اھڙي دولت آھي، جنھن جو ھر شخص محتاج آھي. چاھي عورت ھجي يا مرد. دنيا ۾ اھائي قوم ترقي ڪري سگھي ٿي. جنھن جا مرد ۽ عورتون ٻئي علم جي نور سان منور ھجن.“ حقيقت ۾ علم کانسواءِ دنيا يا دين جو ڪوبه ڪم صحيح طريقي سرانجام ڏيئي نه ٿو سگھجي .

محترمه راحيله جبين به پنھنجي مقالي ۾ چيو اسان جي معاشري ۾ مرد ته تعليم حاصل ڪري سگھي ٿو پر ھڪ عورت تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ قدم اڳتي وڌائي ٿي ته معاشري جا غير ضروري اصول ۽ غلط رسمون ان کي اتي ئي بيھاري ڇڏين ٿا. پر انھن رڪاوٽن جي باوجود به اسان جون عورتون علم حاصل ڪري رھيون آھن. ڇو ته اھي علم جي اھميت کان چڱيءَ طرح واقف آھن.

تعليم انسان ۾ اھڙيءَ طرح زنده دلي پيدا ڪري ٿي جھڙيءَ طرح بنجر زمين برسات کان پوءِ سرسبز ۽ شاداب ٿي ويندي آھي. علم اھا پوشاڪ آھي جيڪا ڪڏھن به ميري نٿي ٿئي. اڪثر ڏٺو ويو آھي ته اسان جي سماج ۾ گھڻيون عورتون شاديءَ کان پوءِ سٺي زندگي نٿيون گذاري سگھن. اڳي گھڻي ڀاڱي اڻ پڙھيل ھونديون آھن. ۽ انھن جي مائٽي ھڪ پڙھيل لکيل خاندان ۾ ٿيندي آھي انھيءَ ڪري اھي احساس محروميءَ جو شڪار ٿي وينديون آھن ۽ سندن اولاد ماءُ جي اڻپڙھيل ھئڻ سبب ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار ٿي ويندو آھي. ھڪ عورت جي تعليم کان اڻ واقف ھئڻ جي ڪري سڄو سماج متاثر ٿئي ٿو. ان جو مطلب آھي ته معاشري جي بھتريءَ لاءِ عورت جو تعليم يافته ھئڻ تمام ضروري آھي.

عورت خدا جي بھترين تخليق آھي ان لاءِ به ته ھوءَ به انسان جي تخليق ڪري ٿي . حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها اسلام جي باري ۾ تمام سٺي ڄاڻ رکنديون ھيون. اھو سندن لياقت جو ڪمال ھو جو حضور ﷺ کانئس ھر معاملي ۾ صلاح وٺندا ھئا.

حضرت خديجةالڪبريٰ حضور ﷺجن جي پھرين گھر واري هئي اھا سندن تعليمي قابليت ھئي جو ان دور ۾ واپار ڪنديون ھيون. تاريخ ۾ عورتن وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آھن.

علم حاصل ڪرڻ سان عورت ۾ اعتماد پيدا ٿئي ٿو. ان ڪري ھن سماج جي بھتريءَ لاءِ اسان سڀني کي گهرجي ته نياڻين کي علم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ حصو وٺون .

ڪنيز يوسف چيو ته.”جيئن ته اھا ڳالھه اوھان جي علم ۾ آھي ته عورت، ھڪ انسان ھئڻ جي ناتي، انساني حقن سان ڳنڍيل آھي، پر ھر معاشري ۾ مختلف سببن ڪري ان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. اسان پنھنجي اوسي پاسي نظرون ڦيرائي ته سگھون ٿا. پر ان سان حقيقت نٿي بدلجي. اڄ جي دنيا ان ڳالھه سان متفق آھي، ته عورت جو استحصال ڪيو پيو وڃي ۽ ھوءَ احساس محروميءَ جو شڪار آھي؛ جڏھن ته اسان جي معاشري جو ٽيون حصو عورتن تي مشتمل آھي. جيڪڏھن عورت کي تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪيو ويندو ته ان جو مطلب اھو ٿيو، جو اسان پنھنجي آباديءَ جي ٽئين حصي کي جھالت جي اوڙاھه طرف ڌڪي رهيا آھيون، جيتوڻيڪ نھايت افسوسناڪ الميو آھي. دراصل ھڪ پڙھيل ڳڙھيل ماءُ، پنھنجن ٻچن، ملڪ ۽ پوري معاشري لاءِ ھڪ نعمت جو درجو رکي ٿي. ۽ تاريخ به ان ڳالھه جي شاھد آھي، ته ھڪ پڙھيل ڳڙھيل عورت، ڪڏھن به مردن کان پوئتي نه رھي آھي، جيئن ”جنرل جون آف آرڪ“ ”جھانسيءَ جي راڻي“ وغيره. اھڙيءَ طرح سائنسدان مادام ڪيوريءَ ۽ ايستائين جو اسان جي وطن عزيز جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ عورتن، محترمه فاطمه جناح، بيگم لياقت علي خان ۽ خود مان ڪنيز يوسف، اسلام آباد يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر رھي چڪي آھيان. جناب صدر! قاھره ۽ بيجنگ ڪانفرنسن اھو ثابت ڪيو آھي ته تعليم جي اھميت ۽ افاديت، عورتن کي عالمي سطح تي گڏ ڪري پنھنجن حقن حاصل ڪرڻ جو حوصلو بخشيو آھي، مان مبارڪون ٿي ڏيان، ان سسئي جھڙي عزم ۽ حوصلي واريءَ وزيراعظم پاڪستان محترمه بي نظير ڀٽو صاحبه کي، جنھن عورتن جي حقن لاءِ ملڪي توڙي بين الاقوامي فورم تي جدوجھد شروع ڪئي آھي.

شمش النھار تقرير ڪندي چيو ته ”عورت جي تخليق نظامِ ڪائنات جي تخليق آھي. ازل کان وٺي زندگيءَ جا جيڪي به مسرت ۽ اطمينان جا شعبا آھن. انھن سڀني شعبن جو مرڪزِوحدت عورت کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ھو، بني نوع انسانن ۾ اڪثريت اھڙن ماڻھن جي ملي ٿي، جيڪي عورت کي فقط رنگ ۽ روپ ۽ گوشت پوشت جي ڪري ئي اھميت ڏين ٿا. عورت ھڪ مقدس ۽ برگزيده ھستي آھي. جيڪا پنھنجي پاڪيزه محبت جي ڪري عشقِ خداوندي ڏانھن رجوع ڪري ٿي. فخرِ ڪائنات نبي آخرالزمان ﷺجھڙي ھستي به عورت جو ذڪر نھايت ادب سان ڪندا ھئا. فرانس جي مشھور بادشاھ نيپولين جو قول آھي، ته ”اوھان مون کي بھترين ماءُ ڏيو، مان اوھان کي بھترين قوم ڏيندس!“ ان مان ظاھر ٿيو ته مھذب ۽ تعليم يافته ماءُ ئي پنھنجي اولاد جي صحيح تربيت ڪري سگھي ٿي. اھڙيءَ طرح ھڪ مرد جي تعليم، ھڪ فرد جي تعليم آھي، جڏھن ته ھڪ عورت جي تعليم ھڪ خاندان جي تعليم آھي!

ان تقرير کان پوءِ ساڳي موضوع تي روشني وجھندي سعيده چيو، ”اڄ جي ھن جديد دؤر ۾ تعليم جي اھميت تي اسان عورتون ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ لاءِ مرچ مصالحا وجھي تقرير ڪيون ٿيون ۽ وڏا سيمينار به منعقد ڪيا ٿا وڃن، ۽ اھو به مڃرائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي، ته اسان تعليمي کيتر ۾ عورتن کي موقعا فراھم ڪري، انھن تي ڪو وڏو احسان ٿيون ڪريون. پر شايد اسان اھا ڳالھه وساري ٿا ڇڏيون ته جنھن ڳالھه جي اھميت کي اڄ اسان پنھنجي تجربي ۽ مشاھدي جي آڌار تي تسليم ٿا ڪريون. دراصل اھو حق عورت کي اڄ کان چوڏھن سئو ورھيه اڳ اسان جي نبي سڳوري حضور ﷺ عطا فرمايو ھو.

حقيقت ۾ تعليم، حڪومت آھي. سياست آھي. سعادت آھي ۽ عبادت آھي، جنھن کي پاڻ به سکو ۽ ٻين کي به سيکاريو ۽ پوءِ ڏئي مان ڏيِئو روشن ڪندا رھو . چوڻ جو مقصد اھو آھي ته تعليم انسان کي اخلاق ۽ زندگيءَ کي سھڻي نموني گذارڻ جا اصول سيکاري ٿي . خاص طور تي عورت کي جيڪا ٻار جو پھريون درسگاھه ھوندي آھي. جناب صدر، ھڪ مرد جي ڪاميابيءَ جي پٺيان، ھڪ عورت جو ھٿ ھوندو آھي. عورت ئي معاشري جي سرگرم ڪارڪن آھي. ۽ اھائي پنھجي گھر کي جنت بنائيندي آھي ۽ معاشري کي سڌاريندي آھي. منھنجي نظر اھي مرد ناقص العقل ھوندا آھن. جيڪي عورت جي تعليم جي مخالفت ڪن ٿا؛ اھڙن ئي مردن لاءِ ھڪ واضح مثال اسان جي ملڪ جي وزيراعظم محترمه بي نظير ڀٽو صاحبه ڪافي آھي. جنھن جي قائدانه صلاحيتن، ذھانت ۽ قابليت جي ڪري ملڪ ترقيءَ جي رستي تي گامزن آھي!

ان موقعي تي فرح ناز تقرير ڪندي چيو:

تعليم، جنھن مان قوم ڄاڻ حاصل ڪري ٿي؛ تعليم، جنھن مان فرد ڪردار جي تشڪيل ڪري ٿو؛ تعليم، جنھن مان فرد شخصيت جي تعمير ڪري ٿو: تعليم؛ جنھن مان فرد شخصيت جي تعمير ڪري ٿو؛ تعليم، جنھن مان فرد کي احساس ۽ شعور جو نکار ملي ٿو؛ تعليم، جنھن مان زندگيءَ جا مقصد ٺھن ٿا ۽ پوءِ انھن مقصدن سان دلي لڳاءُ پيدا ٿئي ٿو؛ تعليم، جنھن مان تھذيب يافته ماڻھو ۽ ذميوار شھري پيدا ٿين ٿا. ۽ اھائي تعليم آھي، جيڪا انسان کي حيوان کان افضل بنائي ٿي. ھاڻي جڏھن اوھان عورت کي انسان جو درجو ڏيو ٿا ته پوءِ ھي ڪھڙو منطق آھي، جو اوھان ”فرد“ جي تعيلم بجاءِ عورت جي تعليم جي ڳالھه ٿا ڪريو.

صدر گرامي قدر! عورت ۽ مرد، گاڏيءَ جا ٻه ڦيٿا آھن، پوءِ ڀلا اھا ڳالھه ڪيئن ٿي مناسب لڳي، ته ھڪ ڦيٿو ننڍو ھجي ۽ ٻيو وڏو يا ھڪ ڦيٿو ھيڻو ھجي ۽ ٻيو طاقتور؛ جيڪڏھن اهڙي صورتحال ھوندي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ جيڪڏھن مرد، تعليم يافته، باشعور ۽ وسيع النظر ھجي ۽ ان جي مقابلي ۾ عورت غير تعليم يافته، بي شعور ذھني طور تي پوئتي ھجي، ته ٻنھي ۾ ھم آھنگي جي اميد رکڻ اجائي آھي. اھي ئي اسباب آھن، جن سان خاندان ۾ اختلاف ۽ معاشري ۾ انتشار پيدا ٿئي ٿو يا اھڙيءَ قوم مان ترقيءَ جا ڏيئا روشن ٿيڻ ناممڪن آھي.

جناب صدر محترمه! تعليم جي اھميت ۽ افاديت جي لحاظ سان روشن و تابنده نالن ۾ اسان بجا طور فخرسان حضرت فاطمةالزھرا، حضرت عائشه رضه، ۽ حضرت زينب رضه جن جا اسم مبارڪ وٺي سگھون ٿا. ھي اھي مقدس ھستيون آھن. جن ڪنھن به يونيورسٽيءَ مان مروج ڊگر حاصل نه ڪئي پر اھا انھن جي تعليمي قابليت ھئي، جو صحابه ڪرام کانئن مسئلن جو حل دريافت ڪرڻ ايندا ھئا. انھن کان علاوه مشاھير عورتن ۾ رضيه سلطانه، گلبدن بيگم، ملڪه نورجھان، زينب النسا، وغيره قابل ذڪر آھن.

محترمه بي نظير ڀٽو صاحبه جي خطاب کي منشور جي حيثيت ڏيڻ تي غور ڪرڻ، ڇا اھو ثابت نٿو ڪري ته عورت علم ۽ فضل جي بلندين کي ڇھڻ جي مڪمل اھليت رکي ٿي!

10_ نزھت پٺاڻ پنھنجي تقرير ۾ چيو ته اسانجن استادن/استادياڻين تي به اھو فرض عائد ٿئي ٿو ته ھو پنھنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ سان نڀائين. باقي اسڪولن ۾ اچي ڀرت ڀرڻ. سويٽر اڻڻ ۽ ھڪٻئي جون گلائون ڪرڻ سان اسان جو نسل تباھه ٿي ويندو. (مان نزھت پٺاڻ جي ھن ڳالھه سان بلڪل متفق آھيان ته سواءِ چند ٽيچرس جي باقي ٽيچرس پڙھائڻ ۾ دلچسپي نٿيون وٺن ۽ خاص ڪري ليڊيز ھن پيشي کي آرامده سمجھي اچن ٿيون ۽ گھڻو وقت پنھنجي ذاتي مصروفيتن کي ڏين ٿيون. جنھن سان تعليم جھڙي اھم پيشي کي وڏو ڌڪ لڳو آھي. (رپورٽر)

12_ شگفته جماڻي پنھنجي تقرير جي شروعات شاھه سائينءَ جي ھن شعر سان ڪئي:

الله ڏاھي مَ ٿيان، ڏاھيون ڏک ڏسن،

مون سان مون پرين،  ڀورڙائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

شگفته جماڻي جي تقرير انھيءَ پھلو کان ھئي ته سماج جي سڌاري لاءِ مرد سان گڏ عورت به اوتري ئي ذميوار آھي ۽ کيس پنھنجي ذميواري نڀائڻ گھرجي. وڌيڪ چيائين ته منھنجي سڀني پڙھيل ڳڙھيل توڙي اڻ پڙھيل ڀينرن کي گذارش آھي ته صرف ٻه ڳالھيون پاڻ مان ڪڍي ڇڏين ته ان سان اسان جي عورت کي گھڻو کان گھڻو فائدو پھچندو. اھي ٻه ڳالھيون اھي آھن: ھڪ ته ڪنھن به شادي شده مرد سان شادي، عشق نه رچائين، ڇو ته ان سان ھڪ عورت جو ٺھيل ٺڪيل گھر تباھه ٿي وڃي ٿو. ٻيو ته پاڻ ۾ ويھي ٻين پاڻ جھڙين عورتن جي برائي نه ڪن. مان سمجھان ٿي ته اسانجين عورتن جيڪڏھن اھي ٻه ڳالھيون پاڻ مان ڪڍي ڇڏيون ته انھيءَ سان به سماج ۾ ڪافي سڌارو اچي سگھي ٿو.

آمنه بلوچ ايس. ڊي. اي. او بدين. عورت جي تعليم کي نظر انداز ڪرڻ ۽ ساڻن مردن طرفان تشدد ڪرڻ بابت چيائين ته مان مڃان ٿي ته مرد عورت تي تشدد ڪري ٿو، پر اھو سمورو ڏوھه عورت جو آھي، ڇو ته مرد کي تخليق به عورت ڪري ٿي ۽ تربيت به خود ڪري ٿي. مثال ڏيندي چيائين ته مائرون ڌيءَ جي مقابلي ۾ پٽ جو گھڻو خيال رکن ٿيون. کاڌي پيتي کان ويندي علاج تائين. ڌيءُ کي چونديون اٿ ڀاءُ کي پاڻي ڏي، ڀاءُ جا ڪپڙا استري ڪر. معنيٰ ننڍي ڄمار کان ئي ھو، پٽ کي اھو محسوس ڪرائين ٿيون ته تون ڇوڪريءَ کان اھم آھين پوءِ اھو پٽ جڏھن وڌي وڏو ٿئي ٿو ته ھو اھو ئي ڪري ٿو جيڪو سندس ماءُ، ڏاڏي ناني کيس سيکاريو آھي. پوءِ ھو ڇو عورت کي پنھنجي برابر سمجھي. آپا آمنه سماج جي ڪيترين ئي خرابين جو بنياد عورت کي قرار ڏنو. تعليم جي ڪرندڙ معيار تي ڳالھائيندي چيائين ته ھونئن ته سڀني پڙھيل ڳڙھيل ماڻھو ٻھراڙيءَ جي ڇوڪرين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ وڏيون وڏيون دعوائون ڪن ٿا، پر جڏھن اسين شھري ماسترياڻين کي ٻھراڙيءَ جي اسڪولن ۾ موڪليون ٿا ته اھي اتان جي ماحول سان ايڊجسٽ نه ٿيندي ھڪ مھيني اندر ئي بدلي ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ٿيون وڃن.

جيڪڏھن ڪنھن ڪنواري ڇوڪري کي ڳوٺن ۾ سروس ڏئي موڪليون ٿا ته اچي چون ٿا ته نياڻيون ٿا رلايو، جيڪڏھن شادي شده عورت کي ٿا موڪليون ته چوندا ته ٻچا ٿا رلايو. جيڪڏھن ڪنھن پوڙھيءَ کي ٿا موڪليون ته چوندا ته مڙھه ٿا رلايو. آخر ڪجي ته ڇا ڪجي؟ ان لاءِ مان سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين ۽ سينيٽر ڀاءُ حسين شاھه راشديءَ کي گذارش ڪيان ٿي ته اسان کي بدين شھر ۾ ھڪ گرلس ھاسٽل جو بندوبست ڪرائي ڏئي ته جيئن اسين ٻھراڙيءَ جي غريب ڇوڪرين کي اتي رھائي مئٽرڪ تائين تعليم ڏياري، سندن ئي ڳوٺن ۾ ٽيچر ڪري رکون. انھن ڇوڪرين جي کاڌي پيتي جو انتظام اسين پاڻ ڪنداسين. ڇو ته ٻھراڙيءَ جا ماڻھو راڄائتا آھن سندن وٽ ڪابه عورت ھلي وڃي ته ھو ھر ڏکئي کان ڏکيو ڪم به ڪري ڏيندا آھن. اسان انھن کان ڪڻڪ ۽ چانور گھرنداسين ته اھي اسان کي ڏيندا. ۽ ھن ھاسٽل ۾ اميرن جو نياڻيون نه پر غريبن جون نياڻيون پڙھنديون. (آپا آمنه سٻاجھي ۽ پروقار شخصيت جي مالڪياڻي آھي. سندس شخصيت مون کي گھاٽي وڻ جي ڇانءَ وانگر محسوس ٿي. ڇو ته پاڻ جنھن اعتماد سان ڳالھائي رھي ھئي ان مان ظاھر ٿيو ته ھن عورت زندگيءَ ۾ وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪئي آھي. رپورٽر) آپا آمنه بلوچ جي تقرير کان پوءِ پروگرام ڪمپيئر ذڪيه مھدي سينيٽر حسين شاھه راشديءَ کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ”آپا آمنه بلوچ اوھان کي جيڪو سوال ڪيو آھي. ان جو جواب اوھين پاڻ ئي اچي ڏيو. جناب حسين شاھه راشدي اسٽيج تي اچي چيو، مان حيران آھيان ته ھيترن سارن ماڻھن مان آپا آمنه بلوچ مون کي ئي ڇو گذارش ڪئي، پر ٻئي طرف مان پنھنجي عزت افزائي سمجھان ٿو ته آپا مون ۾ ئي اميد ڪري سگھي آھي. ان لاءِ آءُ پنھنجي ڊولپمينٽ فنڊ مان 10,00000(ڏھه لک روپيا) ھاسٽل لاءِ منظور ڪيان ٿو. سينيٽر صاحب جي انھيءَ ڳالھه تي سڄو ھال تاڙين سان گونججي ويو. انھيءَ موقعي تي ڪمپيئر ذڪيه مھدي خوشيءَ جو اظھار ڪندي چيو ته ھن سيمينار مان اسان گھڻو ڪجھه حاصل ڪيو آھي. مطلب ته نه خالي ذھن سان وياسين نه ھٿين خالي وياسين.

محترمه تحسين خالد پنھنجي تقرير ۾ چيو، ”موجوده عھد ۾ جڏھن ته ويھين صديءَ جو اھو سفر، جيڪو سائنسي ايجادات، ۽ ٽيڪنالوجي ۽ حيرت انگيز انقلاب سان عبارت آھي. پنھنجيءَ پڄاڻيءَ تي پھچڻ وارو آھي، ۽ ايڪوھين صديءَ پنھنجن نون چئلينجز سان شروعات ڪرڻ چاھي ٿي ته اھڙي نازڪ موڙ تي عورتن جي تعليم جي اھميت، پاڪستان جھڙي ترقي پذير ملڪ لاءِ موت وحيات جو سوال بنجي ويو آھي. جيئن ته ھتي عورتن ۾ خواندگيءَ جي شرح مايوسيءَ جي حد تائين گھٽ آھي. ان ڪري ھن طرف ڀرپور توجه اسان جي مستقبل لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ان سلسلي ۾ مان پنھنجي ھن مختصر مضمون کي معاشرتي براين جي حل لاءِ عورتن جي ڪردار تائين محدود رکنديس. ان باري ۾ وڌيڪ وضاحت ڪرڻ کان پھرين اھو ٻڌائڻ ضروري ٿي سمجھان ته سماجي بھبودي جي سلسلي ۾ اسان عورتون پنھنجون ڪردار مثبت انداز ۾ ان وقت انجام ڏيئي سگھون ٿيون، جڏھن اسان تعليم جي زيور سان آراسته و پيراسته ٿينديوسين.“

ان کان پوءِ حاڪمزادي انصاري سڀني ميزبانن جو شڪريو ادا ڪيو. آخر ۾ جناب صدر صاحب پنھنجي تقرير ۾ چيو ته:

ان کان پوءِ مھمانن کي لنچ ڪرائي وئي.

پروگرام ڪمپيئرز ۽ والنٽيئرز ھال ۾ ئي ويٺا رھيا. ان وقفتي دوران محترمه زاھده پروين پرائمري ٽيچر ڪجھه لطيفا ٻڌايا.

ٻي نشست جي شروعات جناب گورنر صاحب جي آمد سان ٿي. تلاوت ڪلام پاڪ پروين ميمڻ ڪئي، ۽ نعت رسول مقبول ڪوثر ڀٽي پيش ڪئي. ان کان پوءِ اجرڪ پھرائڻ جي رسم ادا ڪئي وئي .

جناب گورنر سنڌ کي غلام الرسول کوکر ڊئريڪٽر آف اسڪولس سيڪنڊري ايجوڪيشن اجرڪ پارايو. محترم حسين شاهه راشديءَ کي نظام الدين ميمڻ ڊئريڪٽر آف اسڪولس پرائمري ايجوڪيشن اجرڪ پارايو. ڪمشنر حيدرآباد محترم عبدالغفار سومري کي محمد يعقوب ميمڻ ڊپٽي ڊئريڪٽر پرائمري ايجوڪيشن اجرڪ پارايو. ڊاڪٽر نذير مغل وائيس چانسلر آف سنڌ يونيورسٽيءَ کي عبدالغفار صديقي انسٽڪٽر ٽريننگ اسنٽيٽيوٽ حيدرآباد اجرڪ پارايو. مئڊم قمر واحد کي آپا حاڪمزادي انصاريءَ اجرڪ پارايو. ۽ فھميده مشوريءَ کي آپا شمع راشديءَ اجرڪ پارايو.

ان کان پوءِ آپا شمع راشدي سپاسنامو پيش ڪيو. ويلڪم ٽيبلو ماڊڪ اسڪول اولڊ ڪئمپس جي ٻارن ۽ ڳوٺ الھداد چنڊ پرائمري اسڪول جي ٻارن پيش ڪيو. ان کان پوءِ فھميده مشوريءَ مقالو پڙھيو. مئڊم ڊاڪٽر قمر واحد پروگرام ۾ پڙھيل مقالن جي روشنيءَ ۾ پنھنجي تقرير پيش ڪئي. ان کان پوءِ جناب گورنر صاحب تقرير ڪئي.

آپا حاڪمزادي انصاري ھڪ دفعو ٻيھر آيل مھمانن جو شڪريو ادا ڪيو.

آخر ۾ ڳوٺ الھداد چنڊ پرائمري اسڪول جي ٻارن ٽيبلو پيش ڪيو“ جي مان پڙھيل ھجان ھا! ھي ٽيبلو زيب نظاماڻي لکيو ۽ ترتيب ڏنو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com