سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون مارچ، اپريل 2012ع

مضمون--

صفحو :10

زاهده حنا

دنيا وارن کي ٻڌايو ته، هڪ نصرت به هئي!

پاڪستاني سياست ۾ نصرت ڀٽو جو مقام ڄاڻڻ وارن ۽ ان جو احترام ڪرڻ وارن جي ذهنن ۾ هڪ سوال کٽڪي ٿو. پيپلز پارٽي جي پوسٽرن، اشتهارن ۽ هورڊنگز ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، ۽ بينظير جون تصويرون ته لازمي شامل هونديون آهن، جو انهن جي ئي خون جي صدقي ڦاٽل ڪپڙن، اگهاڙن پيرن، ۽ لنگهڻ ڪاٽيندڙن جا هشامن جا هشام اچيو گڏ ٿين ٿا. انهن ٻن تصويرن کان سواءِ انهن پوسٽرن ۽ اشتهارن ۾ ٻين ته سڀني جون تصويرون هونديون آهن، پر ڪڏهن ڪنهن کي ياد ڪونه ٿو اچي ته، هڪ عورت نصرت ڀٽو به هوندي هئي، جنهن تمام ڏکئي دور ۾ به پارٽي کي وکرڻ نه ڏنو هو. قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪارڪنن تي وسندڙ لٺين کي ڏسي هن رڙ ڪري چيو هو، ”انهن غربين کي ڇو ٿا ماريو، همت آهي اوهان ۾ ته مون کي اچي ماريو،“ ۽ تڏهن هڪ ”بزدل“ پوليس آفيسر پنهنجن جوانن کي اشارو ڪيو، لٺيون نصرت ڀٽو جي سر تي وسي پيون ۽ کيس رتورت ڪري ڇڏيائون. چيو وڃي ٿو ته آخري عمر ۾ سندس الزائمر جو سبب اهو ڪاپاري ڌڪ ئي بڻيو.

نصرت ڀٽو پارٽي جو نئون ساهه ڦوڪڻ ۽ ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تان جمهوريت جي بحالي لاءِ سر تري تي رکي ساري ملڪ ۾ ڦرندي رهي. جنرل ضياء الحق جي ايجنسين کي دوکو ڏيڻ لاءِ ان دور ۾ هن ٽانگي، رڪشي، بسن ۽ ويگنن ۾ برقعو پائي ۽ ڪڏهن چادر اوڍي سفرڪيو، نصرت ڀٽو چيف آف آرمي اسٽاف خلاف ڪيس وڙهيو هو، جيڪو ”نصرت ڀٽو ڪيس“ جي نالي سان مشهور ٿيو هو، اهو پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ هڪ اڻوسرندڙ باب جي حيثيت رکي ٿو.

پيپلز پارٽي جي لاءِ هن ذاتي خوشين کي تياڳي ڇڏيو، پنهنجي جگر جا ٽڪر گهوري ڇڏيا. جلاوطني سٺائين ۽ ڪينسر ۽ الزائمر جي شڪار ٿي. گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ٿئي جو قدآدم  رنگين تصويرن سان گڏ ڪنهن ڪنڊ ۾ هڪ ننڍڙي تصوير ان جي به هڻجي! نئين نسل کي سڌ ته هجي ته، اقتدار جي ثمر مان لاڀ پرائڻ واري هن پارٽي کي زنده رکڻ ۽ ان جو پرچم بينظير جي حوالي ڪرڻ ۾ هن عورت جو به ڪردار هو، جيڪا 82 ورهين جي عمر ۾ اڪيلي، هن جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي. جنهن جو مڙهه ڪهڙي نه شان سان پاڪستان آندو ويو ۽ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

عرفانه ملاح

بيگم نصرت ڀٽو هڪ اعليٰ بصيرت رکندڙ ليڊر

 

بيگم نصرت ڀٽو بابت عرفانه ملاح سان ڪيل ڳالهه ٻولهه کي تاثر جي صورت ۾ پني تي اٿريو ويو آهي- ادارو

 

هڪ اهڙي شخصيت جنهن جو خاندان هڪ امير، اعليٰ ۽ تعليم يافته آهي. پاڻ هڪ تمام پڙهيل لکيل ۽ آزاد گهراڻي جي هڪ ذهين ۽ سيڪلڌي ڇوڪري، جنهن جي تهذيب ۽ ثقافت اعليٰ آهي، پر جڏهن هيءَ سنڌ ۾ اچي ٿي ۽ هڪ سنڌيءَ سان شادي ڪري ٿي ته هوءَ پاڻ کي هتان جي تهذيب، ثقافت، رسمن ۽ رواجن ۾ جذب ڪري ٿي ڇڏي، ايتري تائين جو ڀٽو خاندان جي رواج مطابق ٻين عورتن وانگر هيءَ به برقعو پائي ٿي. هتي رهي هوءَ عورت جي هر ڀوڳنا کي ڀوڳڻ لاءِ تيار رهي ٿي ۽ پنهنجي ساهراڻي خاندان جي سڀني رسمن کي پنهنجو ڪري ٿي. Low of Land يعني هتي رائج ’ڌرتيءَ جي قانون‘کي هوءَ پنهنجو ڪري ٿي ۽ پوءِ ان قانون ۾ بهتري آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪري ٿي. ان مقابلي ۾ نصرت ڀٽو کي سلام هجي!

عام طرح ڏٺو ويو آهي ته اسان جو مڊل ڪلاس ترقي ڪري جڏهن ايليٽ ڪلاس ۾ داخل ٿيندو آهي ته ان جا رويا ۽ طور طريقا تبديل ٿي ويندا آهن. جڏهن ته نصرت جي لاءِ هيءَ ڌرتي سندس جنم ڀومي نه آهي، پر هن جي بصيرت ۽ فياضيءَ جو اهو عالم آهي جو  هُن، هِن ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين کي پنهنجو سمجهي هتان جي ڌرتيءَ ۽ ڌرتي واسين جي بهتريءَ ۽ ترقيءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي. ۽ هتان جي ڀوڳنا کي محسوس ڪندي ان ڀوڳنا ۽ پيڙا پويان لڪل اسبابن کي جاچي اصلاح ڪئي آهي. ۽ عورت جي هر صورت جي ڀوڳنا کي پنهنجي ذاتي ڀوڳنا سمجهي ڀوڳيو آهي.

هڪ ته پاڻ شروع کان ئي هڪ هائي پروفائيل خاتون رهي آهي. پاڻ دنيا جي عظيم ليڊر جي ونيءَ جي حيثيت ۾، هڪ لحاظ کان تمام ڀاڳوند ۽ سوڀياوان شخصيت آهي، پر ان سان گڏ هڪ مقناطيسي شخصيت رکندڙ ليڊر جي وني جي حيثيت ۾ ڪيترن ئي وهمن انديشن ۽ وسوسن کي منهن ڏيڻ جو ڏانءُ به  آهي. سندس شخصي ذهانت ۽ بردباري واري گڻ کيس هميشه هڪ عورت يا زال واري تعلق يا رويئي کان مٿانهون ۽ بلند رکيو.

هن جي تعليم يافته هجڻ ۽ بامهذب هجڻ جو چٽو ثبوت اهو به آهي ته هن ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي عالمي سطع جي ليڊر جي پاڇي ۾ هوندي به پنهنجي شخصيت کي هڪ منفرد ۽ نرالي انداز ۾ اُڀاريو ۽ نکاريو، جنهن سبب هوءَ اسان جي عظيم اڳواڻ آهي.

هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته 60 وارو ڏهاڪو، عورتن جي سجاڳي ۽ جاڳرتا جي حوالي سان هڪ سنهري دور شمار ٿئي ٿو. ان دور ۾ پاڪستان جو صدر ايوب خان  هو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزير خارجه هو. ان دور ۾ بيگم نصرت ڀٽو،  صدر ايوب جي گهرواري، بيگم رعنا لياقت علي خان ۽ ٻين ڪيترين ئي سياسي ليڊرن جي گهروارين ۽ APWA سان لاڳاپيل عورتن جي جدوجهد سان آئين ۾ عائلي قانون جو اسم شامل ڪيو ويو، جنهن موجب مرد جي ٻي شادي ڪرڻ کي رياست ڏوهه قرار ڏنو. جڏهن ته مذهب ان کي مڃي ٿو، پر هڪ سجاڳ سماج جي جوڙجڪ لاءِ اهو قدم کڻڻ ضروري هو. 1971ع جي جنگ کان پوءِ، جڏهن ڀٽو صاحب وزيراعظم چونڊجي آيو ته بيگم نصرت ڀٽو کي ”خاتون اول“ جو لقب مليو.

1975ع ۾، جڏهن ’ميڪسيڪو‘ ۾ پهرين عورت عالمي ڪانفرنس ٿي ته عورتن جي مڙني مسئلن ۽ پيڙائن ۽ ڀوڳنائن متعلق ڄاڻ ڏيڻ ۽ عورتن کي بنيادي انساني حق ڏيارڻ لاءِ بيگم نصرت ڀٽو هڪ تاريخي دستاويز پيش ڪيو.

جڏهن ته اڃا اقوامي متحده ۾ پڻ عورتن جي حقن واسطي ڪا قانونسازي ڪانه ٿي هئي. نه ئي ان دور ۾ ڪي NGOs وغيره پاڪستان ۾ موجود هيون.

هن خطي جي عورت تي مادرِ جمهوريت جا لکين احسان آهن جو خاتون اول جي حيثيت سان ٽرين ۾ چڙهي هر ننڍي وڏي اسٽيشن تي لهي عوام کي خطاب ڪيو ۽ عورتن کي پنهنجي حقن جي ڄاڻ ڏني. اهوئي سبب آهي، جو سندس توڙي شهيد راڻيءَ جي جلسن ۾ لکين عورتون شامل ٿينديون رهيون.

اهو سندس ئي شعور جو ٻج پوکيل آهي، جنهن جا سلا، اڄ به سرسبز ۽ تازا آهن جيڪي وقت جي طوفانن جو مقابلو پنهنجي سگهه ۽ قوت سان ڪندا پيا اچن.

جڏهن مارشل لا جا ڪارا ڪڪر هن خطي تي نمودار ٿيا ته اها نصرت ڀٽو جي شخصيت ئي هئي جنهن لطيف جي هن سٽ وانگر ”آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين!“ جي للڪار ڪري آمر جون وايون بتال ڪري ڇڏيون... توڙي جو هيءُ دور خاتون اول لاءِ درد، پيڙا ۽ انتهائي مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو دور هو، پر هوءَ پنهنجي قاعدانه صلاحيتن سان آمر سان مهاڏو اٽڪائي بيهي رهي. ان مارشل لا کانئس ڇا ڇا نه کسيو. سندس ٻچڙا پنهنجا آکيرا ڇڏي پکين وانگر اڏامي ويا، پر هن حوصلو نه هاريو.

ڀٽي صاحب سان آخري ملاقات بابت شهيد راڻي پنهنجي آتم ڪٿا ”پورب ڄائي“ جي صفحي 24  تي لکي ٿي ته:

”موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ روشني ڏاڍي جهَڪي آهي. آءٌ هن کي چٽيءَ طرح سان به نه پئي ڏسي سگهان. ٻي هر ملاقات وقت اسان کي ڪوٺڙيءَ ۾ گڏجي ويهڻ جي اجازت هوندي هئي، پر اڄ اها اجازت ڪانهي. امان ۽ آءٌ هن جي ڪوٺڙيءَ جي دروازي جي لوهي سيخن سان چهٽيون هن سان تمام آهستي پيون ڳالهايون“.

”منهنجي  طرفان ٻارن کي پيار ڪجو،“ هو امان کي چوي ٿو، ”مير ۽ صني ۽ شاهه کي چئجو ته مون هڪ سٺي پيءُ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مون گهريو ٿي ته اوهان کان موڪلايان.“ امان ڪنڌ لوڏي ٿي، پر ڳالهائي نه ٿي سگهي.

”اوهان ٻنهي ڏاڍيون تڪليفون سٺيون آهن،“ هو چوي ٿو. ”هاڻي جڏهن ته اڄ رات هو مون کي قتل ڪرڻ گهرن ٿا، آءٌ به اوهان کي آزاد ڪرڻ چاهيان ٿو. جيئن ته آئين معطل آهي ۽ ملڪ ۾ فوجي راڄ قائم آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي ته اوهين پاڪستان مان نڪري وڃو. جيڪڏهن اوهين ذهني سڪون حاصل ڪرڻ ۽ زندگيءَ جي نئين شروعات ڪرڻ گهرو ٿيون، ته پوءِ اوهان شايد يورپ وڃڻ پسند ڪنديون. آءٌ اوهان کي پنهنجي طرفان اجازت ڏيان ٿو. اوهان وڃي سگهو ٿيون.“

اسان جي دلين ۾ وڍ پيا پون. ”نه، نه“ امان چوي ٿي. ”اسين نه ٿيون وڃي سگهون. اسين ڪڏهن به نه وينديون سين. جنرل  اهو هرگز نه سمجهن ته سندن فتح ٿي آهي. ضياء وري چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ڪير ڄاڻي ٿو ته هو انهن جي ڪرائڻ جي سگهه به ساري سگهندو؟ جيڪڏهن اسين وينديون سين ته پارٽيءَ جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ ڪوبه ڪونه هوندو، پارٽي جيڪا اوهان ٺاهي آهي.“

 نوجوان ڌيءَ ۽ پاڻ قيد و بند جون سختيون برداشت ڪنديون رهيون. اهڙن ڪٺن مرحلن ۾ ڌيءَ جي تربيت به ڪندي رهي ته پنهنجي  وطن ۾ ڪهڙا ڪپڙا پائڻا آهن. وطن واسين جي مزاج موجب هلڻو ۽ ڳالهائڻو آهي. نه فقط ايترو، پر هن اڏول شخصيت جنهن بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي ان جو تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي.

انهن ئي ڏينهن دوران سندس پٽ شاهنواز کي زهر ڏيئي مارايو ويو، پر هؤَ عظيم عورت آمر اڳيان نه جهُڪي بلڪ چيو ته ان کان اڳ جو هُو اسان کي نفسياتي طور ڪمزور ڪري، اسين هن کي نفسياتي طور ڪمزور ڪنداسين. سندس سياسي حڪمت عملي ايڏي ته شاندار ۽ اعليٰ نموني جي هئي، جو جنرل ضياء جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ باوجود پنهنجي ڪارڪنن ۽ عوام جي مدد سان هر موڙ تي ضياء کي شڪست ڏيندي رهي.

اها حقيقت به سامهون اچڻ گهرجي ته ڀُٽي صاحب جي قيد ۽ قتل دوران پارٽي جا وڏا وڏا ڍنگ ڍيري ٿي پيا ۽ آمر جي ڀؤ کان پارٽي بدلائي هليا ويا، پر هن خاتون جو  حوصلو هڪ لمحي لاءِ به نه لرزيو ۽ پنهنجي ور جو  مانُ ۽ ان جي پارٽي ۽ غريب عوام لاءِ هن هر قرباني ڏيڻ جو پڪوپهه ڪري جمهوريت جو عَلم سربلند ڪيو. ۽ هڪ مرحلي تي هن دنيا تي واضح ڪيو ته آمر کي ڪمزور ڪرڻو آهي ته ان کي ڪيرائڻ يا شڪست ڏيڻ لاءِ تلوار نه پر ڊائلاگ جي ضرورت آهي. هوءَ ڄاڻي پئي ته وڏي دشمن کي مارڻ لاءِ ننڍن دشمنن سان ٺاهه ڪرڻو پوندو.

ان گڏجاڻي بابت بينظير ڀٽو ”پورب ڄائي“ ۾ لکي ٿي منهنجي والده مون کي چيو: ”ان کان پهرين جو ضياء اسان کي نقصان پهچائي، اسان کي گهُرجي ته اسين پاڻ هن جا رستا بند ڪري ڇڏيون. جيتوڻيڪ مون کي ان خيال کان سخت نفرت آهي، پر پاڪستان قومي اتحاد اسان ڏانهن جيڪي تجويزون موڪليون آهن انهن تي سوچڻ گهرجي“. پاڻ توڙي جو ٻاهر هلي وئي، پر وقت ثابت ڪيو ته ضياءِ کي آمريڪي پٺڀرائي هوندي به وڏي شڪست ملي....

نصرت ڀٽو MRD تحريڪ جي سرواڻي جنهن ڏاهپ سان ڪئي. اها سندس ئي صلاحيت، لياقت ۽ بهادري هئي، جو جوانيءَ ۾ ئي وَر جي کسجي وڃڻ باوجود، پٽ جي قتل ٿيڻ باوجود، انهن صدمن کي طاقت ۽ سگهه ۾ تبديل ڪري جذباتي ڪارڪنن کي به حوصلو ڏنو ته جيل ۽ قيد ۾ بند نوجوان نياڻيءَ جي  عملي سياسي تربيت به ڪئي. هن پنهنجي شعوري سگهه سان جابر سان جنگ جوٽي ۽ ان جدوجهد اهو رنگ لاتو جو 1987ع ۾ پارٽي وڏي اڪثريت سان سوڀاري ٿي آئي. اها ڌرتي جيڪا اصل ۾ ته نصرت جي نه هئي، پر اتي جمهوريت جو هجڻ ڪارڪنن جو هجڻ، پارٽي جو هجڻ اها سڀ نصرت جي نصرت آهي.

سهيل وڙائچ

موتيا مرزا

مشرقي، رول ماڊل بيگم نصرت ڀٽو

 

 بينظير ڀٽو آخري ڏينهن ۾ پنهنجي ماءُ جي قربانين جو ذڪر ڪندي رهندي هئي

صدين کان مشرق ۾، رول ماڊل خاتون ان کي چيو ويندو آهي جيڪا قربانيون ڏيڻ ۽ پاڻ ارپڻ ۾ بيمثال هجي، جيڪا ڪجهه وٺڻ بجاءِ ٻين کي سندن حق ڏيندڙ هجي يا حق وٺرائي ڏيندڙ هجي. جيڪا پاڻ فائدي ۽ اقتدار پسندي کان پري هجي. بيگم نصرت ڀٽو ان مشرقي، وول ماڊل جي عملي تصوير هئي. هن سڄي ڄمار قربانيون ڏنيون. ذوالفقار علي ڀٽو زنده هو ته ان جي شريڪ حيات طور ان سان شامل رهي.

جڏهن ڀٽو صاحب صدر ايوب جي خلاف تحريڪ هلائڻ دوران جيل ويو ته نصرت ڀٽو ليڊ رول ۾ سامهون آئي. ضيا آمريت جي آغاز کان بينظير ڀٽو جي اقتدار تائين هوءَ ليڊ رول ادا ڪندي رهي.

هيءَ هڪ عجيب ۽ دلچسپ ڳالهه آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل کان پوءِ هن عبوري طور پيپلز پارٽيءَ کي سنڀاليو ۽ بچايو، پر جيئن ئي معقول وقت آيو ته پارٽي پنهنجي ڌيءَ بينظير ڀٽو جي حوالي ڪري پاڻ پس منظر جي سيٽ سنڀاليائين. وزير اعظم ٿيڻ جو وقت آيو ته وري به بينظير ڀٽو کي سامهون آندائين.

اهڙيون قربانيون ته صرف ديو مالائي ڪردار يا مشرق جي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ نظر اينديون آهن.

نصرت ڀٽو جو موت هن جي فولادي ڪردار جي به ياد ڏياري ٿو ۽ پنهنجي خاوند ۽ ٻن نوجوان پٽن جي شهادت کي صبر سان برداشت ڪيو. قذافي اسٽيڊيم ۾ پوليس مٿس لٺيون وسايون انهن ڌڪن جا گهاءَ ايڏا گهرا هئا جو هن جي ياد داشت ۽ پوءِ حواس به جواب ڏئي ويا ۽ گذريل ڪيترن سالن کان نه هوءَ ڪنهن سان ملندي هئي ۽ نه ڪنهن کي سڃاڻندي هئي.

مون بيگم نصرت ڀٽو کي آخري دفعو 2004ع ۾، ان وقت ڏٺو جڏهن مان دبئي ۾، محترمه بينظير ڀٽو سان ملڻ ويس، ان وقت هوءَ نرس ۽ واڪر جي مدد سان اڱڻ ۾ واڪ (چهل قدمي) ڪري رهي هئي.

پاڪستان ۽ اوڀر جي اڪثر ملڪن ۾، عورتن جو ڪردار نسبتاً محدود هوندو آهي. محترمه بينظير ڀٽو نوجوان ۽ چوٽيءَ جي اڳواڻ هئي. ان کان سواءِ سياست ۾ عورتن جو ڪردار تمام گهٽ رهيو آهي. فاطمه جناح ۽ بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان جون اهي عظيم عورتون آهن، جن ڪڏهن پس منظر ۾ ته وري وقت اچڻ تي فرنٽ تي اچي يعني ٻيئي ڪردار سهڻائپ سان سر انجام ڏنا. جيئن محترمه فاطمه جناح قائداعظم محمد علي جناح سان سائي وانگر گڏ رهي. سندس سهارو بڻي. ۽ وقت اچڻ تي قوم جي اڳواڻي به ڪئي. بلڪل اهڙيءَ طرح بيگم نصرت ڀٽو نه صرف ذوالفقار علي ڀٽو بلڪ بينظير ڀٽو جو سهارو بڻجي بيٺي رهي. ۽ مشڪل وقت ۾ پاڻ به قوم سان مخاطب ٿيندي رهي.

نصرت ڀٽو جو هي ڪردار سڀ کان وڌيڪ قابل تحسين آهي. ته هوءَ هميشه ٻين جو سهارو بڻي رهي.

بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ۾ ماءُ ڌيءَ جو مثالي رشتو هو، پر پوءِ به مرتضيٰ ڀٽو  جي پارٽي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ حوالي سان ٻنهي ۾ اختلاف پيدا ٿيا.

محترمه بينظير ڀٽو مون کي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو  جيڪو ”روزاني جنگ“ ۾ شايع ٿيو ته بيگم نصرت ڀٽو مير مرتضيٰ کي پارٽي وراثت ڏيڻ ٿي چاهي، پر سُتت ئي اختلافن کي ختم ڪيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو آخري ڏينهن ۾ پنهنجي ماءُ جي قربانين ۽ ڏکن جو اڪثر اظهار ڪندي چوندي هئي ته ذاتي حوالي سان هن جي قسمت هن جي حق ۾ نه رهي هئي.

بيگم نصرت ڀٽو جي وفات سان سياسي جدوجهد جو هڪ ديپ اجهامي ويو آهي. ايم. آر. ڊي جي جدوجهد هجي، پيپلز پارٽيءَ لاءِ قربانيون هجن يا مارشل لا جون سختيون هجن انهن سڀني ۾ بيگم نصرت ڀٽو جو ڪردار ناقابل فراموش رهيو آهي!  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com