سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2/ 2002ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون 2/ 2002ع

گلبدن جاويد

ايڊيٽوريل

هاڻي ته عورت کي حق ملڻ گهرجن؟

چون ٿا ته عورت جسماني طرح هيڻي آهي. پر تاريخ تي نظر وجهبي ته چٽو نظر ايندو ته هر زماني ۾ ۽ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سندس ڪردار ڪنهن به ريت مرد کان گهٽ نه رهيو آهي.

قرآن شريف ۾ راڻي بلقيس جو ذڪر آهي، جيڪا اڄ کان هزارين ورهيه اڳ، حضرت سليمان جي زماني ۾ پنهنجي ملڪ جي حڪمران هئي. مرد عورت تي پنهنجي بالادستيءَ قائم رکڻ لاءِ هڪ مفروضو ٺاهيو آهي، ته عورت سندس مدد کانسواءِ زندگي گذاري نٿي سگهي. پر هاڻي دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اهو طلسم گهڻي ڀاڱي ٽٽي چڪو آهي، پر پوئتي پيل ملڪن ۾ اڃا مرد عورت جا حق غضب ڪيو ويٺو آهي. قانون ۽ اخلاق جا سمورا ضابطا عورت جي حقن جي ڪابه عملي ضمانت نه ٿا ڏين.

اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ عورت جي آئيني ۽ قانوني، اخلاقي ۽ شرعي حقن جي لتاڙ ايڏي وڏي پيماني تي ٿي رهي آهي، جو ڪو ڏينهن خالي ڪونهي، جڏهن عورتن سان ظلم ۽ ڏاڍائي جو واقعو اخبارن ۾ نٿو پڙهجي.

سنڌ ۾ قديم زماني کان ”ڪارو ڪاري“ جي رسم هلندي اچي ٿي. انهيءَ رسم جي اوٽ ۾ ڪيئي انسان، خاص ڪري عورتون بيگناهه قتل ٿيون آهن. انهن ۾ بيشمار واقعا اهڙا آهن، جو مرد پنهنجي ڪنهن مخالف کان انتقام وٺڻ لاءِ، پنهنجي گهر جي نياڻيءَ تي ”ڪاري“ جي تهمت مڙهي، کيس قتل ڪندو هو، عورتن جو قتل ايڏو ته بيدرديءَ سان ٿيندو هو جو جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سر چارلس نيپئر، هڪ فرمان جاري ڪيو ته ”اوهان سنڌ جا ماڻهو پنهنجين عورتن کي رڍن ۽ ٻڪرين کان وڌيڪ بيدرديءَ سان قتل ڪريو ٿا. اڄ کان پوءِ جيڪڏهن ڪٿي به ڪا ڪهاڙي عورت تي اُڀي ٿيندي ته مان اها ٻانهن ڪلهي کان ڪپي ڇڏيندس.“

نيپئر جي انهيءَ فرمان کان پوءِ وڃي سنڌ جي مظلوم عورت ڪجهه سک جو ساهه پٽيو. پر، اڄ جي سڌريل معاشري ۾ مختلف علائقن ۾ مختلف طريقن سان، عورت جي حقن جو استحصال ٿئي ٿو، جيڪا ڳالهه شرعي ۽ قانوني بلڪل غلط آهي. ان ڪري هاڻي مردن کي اسلام جي اصولن موجب پنهنجي ماءُ، ڀيڻ ۽ نياڻيءَ جي حقن جو خيال رکڻ گهرجي.

حديث نبوي موجب مرد پنهنجي ڪٽنب جو نگهبان آهي، ان ڪري مرد کي عورتن جي معاملي ۾ حق ۽ انصاف جو پلئه ڇڏڻ نه گهرجي. (گ.ج)


 


غلام حسين رنگريز

ميران ٻائي ۽ سندس شاعري

 

ميران ٻائي جي مٺڙن گيتن کان ڪير واقف نه آهي؟ هن جا سريلا ۽ سندر گيت پريت ۽ پريم جي رس سان مالامال آهن.

هن جي گيتن ۾ دل جو درد ڌڙڪي ٿو، پريم جو پيالو ڇلڪي ٿو.

شاعري جي پارکن کان پڇجي، يا ڪلاسيڪي ادب جي عالمن کان، هرڪو چوندو ته ”شعر اهو آهي جيڪو دل جي ساز جي مڙني تارن کي تحرڪ ۾ آڻي ڇڏي، تنبوري جي هر تار وڄڻ لڳي، من جي مندر ۾ پڙاڏو پوي، ديوتا ۽ ديويون به رقص ڪرڻ لڳن ٿا، سوين سِر سُورن تي جهومن.“

ميران جي شاعري انهيءَ ميزان تي پوري لهي ٿي. هن جي اندر ۾ هڪ ازلي اُڃ ۽ درد آهي. جا پريتم کي ماڻڻ لاءِ هن کي سوين ويس پهرائي ٿي، نگر نگر رلائي ٿي، وقت جي نقابن کي چيريندي اي پڙهندڙ تون ڏس.

ڏس ڏس، هوءَ ميران گيڙوءَ رتو لباس پهري دوارڪا جي خاڪ ڇاڻندي وتي. هن کي دوارڪا سان پيار آهي، اُش آهي. هن کي دوارڪا جو ذرو ذرو عزيز آهي، ڇو جو اتي هن جو محبوب ”ڪرشن“ اچي رهيو هو! اهائي سندس آخري جاءِ رهائش هئي.

ڏس هوءَ ميران محلن جي راڻي- روح جي ريجهاءَ ۽ معرفت ماڻڻ لاءِ جوڳين وارو ويس ڍڪي ساڌوئن سان ساڻ ٿي ياترا تي نڪتي آهي. من، دل جي آس پوري ٿئي- پريتم جو ميلاپ نصيب ٿئي- دل جا درد ميٽجي وڃن، تشنگي لهي وڃي.

هن جو من مايا جي ميڙڻ تي نٿو هرکي- پٽ پٽيهر جا لباس هن کي تسڪين نٿا ڏين. هيءَ مست آهي- مگن آهي- سچ لاءِ – سونهن لاءِ- ميٺ محبت لاءِ.

هن کي سڀ کان عزيز هڪ شيءِ آهي- جيڪا هن جي من جي مراد آهي- جيڪا هن جي دل جي دولت آهي- جيڪا هن جي تصور جو محور ۽ مرڪز آهي-

سا آهي، ”شري ڪرشن“ جي تات- طلب ۽ محبت. هيءَ ”ڪرشن“ جي محبت ۽ دنيا جون ڪئين رسوايون سر تي کڻي ٿي. ڪئين طعنا سر تي سهي ٿي. هيءَ خود محبت ڪري ٿي- صرف ڪرشن سان، نه بلڪ آڪاش سان، ڌرتي سان- ڌرتي جي هر تنفس سان. ۽ ٻين کي به ميٺ محبت، سچ ۽ پريم جو سبق سيکاري ٿي. هن جي نزديڪ ڪائنات- سچ ۽ پريم جي  تڪميل لاءِ پيدا ڪئي ويئي آهي. سچ پچ صدين کان پوءِ ”ميران“ جهڙيون متواليون پيدا ٿينديون آهن.

هڪ مصنف ”ميران“ جي زندگي متعلق ڇنڊڇاڻ ڪندي لکي ٿو: ”گهڻي وقت جي ڳالهه آهي، راجپوتاني جي محل اڳيان هڪ بارات گذري- محل جون راڻيون ۽ ٻار درين مان ليئا پائي ڏسڻ لڳا. بارات گذري ويئي، تماشو تمام ٿي ويو، مهاراڻي ڪرشن جي مورتي جي پوڄا لاءِ مندر رواني ٿي، ننڍڙي شهزادي به ساڻ هئي. مندر ۾ ننڍڙي شهزادي مهاراڻي کان پڇيو:

”ماءُ ! منهنجو پتي ڪير آهي؟“

مهاراڻي مورتي طرف اشارو ڪندي کل ڀوڳ ۾ چيو: ”تنهنجو پتي شري ڪرشن آهي!“

راجڪماري جو روح پرت جي ڦندي ۾ ڦاسي پيو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هن ”ڪرشن“ کي من مندر جو ديوتا بنايو- هن جي ساهه، ساهه ۾ ”ڪرشن“ سمائجي ويو.

هي واقعو ڪيتري قدر درست آهي، تنهنجي صحت متعلق ڪجهه به في الحال چئي نٿو سگهجي، البته هيءَ ڳالهه يقيني آهي ته ”ميران“ کي ”ڪرشن“ سان سان والهانه محبت هئي، اڻمٽ پيار هو. شايد انهيءَ محبت جي ڪري ”ميران“ جو نباهه ڪنور ڀوڄ راڄ سان نه ٿي سگهيو- جيڪو والئي چتوڙ راڻا سنگها جو پٽ هو.

چيو وڃي ٿو ته هيءَ ميراتا جي والي رتن سنگهه راٺوڙ جي ڌيءَ هئي. سال 1504ع ۾ پيدا ٿي. مائٽن لک حيلا هلايا ته هيءَ گهر ۾ ويهي ۽ ساڌوئن جو ساٿ ڇڏي- پر ميران جي آزاد طبيعت ۽ بيقرار فطرت هن کي گهرجي چوديواري ۾ ويهڻ نه ڏنو. هن جي من تي ”ڪرشن“ جي محبت جي مهر ثبت ٿي وئي هئي. هن جو پنڌ پرانهون هو. هن جي منزل ڏور هئي. سماجي ۽ رسمي ٻنڌڻ هن جي جنون کي ڪٿي ٿي روڪي سگهيا. اهي ٻنڌڻ، اهي حدبنديون، اهل خرد لاءِ هونديون آهن، اهل جنون حد شڪن هوندا آهن.

بس هيءَ محبت جي متوالي، پرت جي پِڪ پِي، سراپا سون ٿي وئي هئي.

اٿندي ويهندي، کائيندي پيئندي، پريتم جي ياد هئي ۽ بس. جڏهن به دل تي چوٽ لڳندي هئس ته سڪ ۽ پرت سان پُر گيت ”ميران“ جي لبن تي رقص ڪرڻ لڳندا هئا. محبوب کي ياد ڪري هيءَ بيساخته چئي ڏيندي هئي:

گهڙي ايک نهين اوڙي، تم درشن بن موهي،

تم هو پران جي، ڪاسون جيون هوي-

(تنهنجي ديدار کانسواءِ هڪ پل به چين نٿو اچي. تون ئي سندم روح آهين- پوءِ روح سواءِ جيئڻ ڪهڙو.)

ڌن نه ڀاوي نيند نه آوي، بره ستاوي مولي،

گهائل سي گهومت ڦرون رلي، ميرا درد نه جاني ڪوئي.

(ڌن دولت نٿي وڻي، آرام نٿو اچي، سنديئي ياد ستائي ٿي! آءٌ گهايل گهايل پئي ڦران- ڪير به منهنجي درد کان آشنا نه آهي.)

جو مين ايسا جانتي ري، پريتي ڪهان دک هوئي،

نگر ڍنڍوره پيٽتي ري، پريتي ڪرو مت ڪري-

(جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته پريت ۾ رڳو سور آهن، ته ڪر ڍنڍورو ڏيان ها ته ڪير به پيار نه ڪري.)

پنٿ نهارون، ڊگر بهارون، اوڀي مارگ جوي،

”ميران“ ڪي پرڀو ڪب ري ملو گي، تم مليا سک هوي-

(تنهنجي راهه نهاريان ٿي، واٽ ٻهاريان ٿي- ميران جا محبوب ڪڏهن ايندين- تنهنجي اچڻ سان روح کي راحت نصيب ٿيندي.)

”ميران“ جي گيتن ۾ پريم جي لگن ۽ پرينءَ جو اوسيئڙو، اهم عناصر آهن. هڪ ٻئي گيت ۾ ”ميران“ پرينءَ جي ميلاپ جو ذڪر هن ريت ڪري ٿي.

پيا بن سونا ڇي مهارو ديس
ايسا هي ڪوئي پر ڪون ملاوي، تن من سب ڪرون پيس-

(پرينءَ کانسواءِ سارو ڏيهه سُڃو آهي، اهڙو آهي ڪو، جو مون کي پرينءَ سان ملائي- آءٌ تنهن تان تن من گهوريان.)

تيري ڪارن بَن بَن ڊولون، ڪرون جوگن ڪا ڀيس-

(تنهنجي ڪري جهنگل جهنگل ڀٽڪان ٿي- جوڳين وارو ويس ڍڪيان ٿي.)

اوڌي بديتي اجهون نه آئي، پنڊار هوگيا ڪيسن-

(وقت آيو ۽ گذري ويو، ائين انتظار ۾ وار اڇا ٿي ويا، تون اڃا نه آئين.)

”ميران“ ڪي پرڀو ڪب ري، ملوگي، تج ديو نگر نريسن-

(اي ”ميران“ جا محبوب ڪڏهن ايندين- هُن تولاءِ سڄو راڄ ڇڏي ڏنو.)

جڏهن بادل ڀرجي ايندا آهن، ٿڌيون هوائون ورنديون آهن، بوندا باري ٿيندي آهي، ته محبوب جي ياد به دل تي تري ايندي آهي، ڪيترن شاعرن انهي منظر کي پنهنجي پنهنجي پيرايه ۾ بيان ڪيو آهي. ”ميران“ اها مند ڏسي چئي ڏنو:

بادل ديک ڊري هو، سيام! مين بادل ديک ڊري-

(شيام! آءٌ بادل ڏسي ڊڄي ويس.)

ڪالي پيلي گهٽا اُمڍي برسيو ايڪ گهڙي،

جت جاؤن تت پاني پاني هوئي سب ڀوم پري-

(ڪاري گهٽا ڇائنجي ويئي- گهڙي کن وٺي- پر جيڏانهن نهاريان تيڏانهن پاڻي ئي پاڻي- سڄي زمين سائي ٿي ويئي.)

جاڪي پيا پرديس بست هي ڀيجون پاپر کڙي،

”ميران“ ڪي پرڀو پري ابناسي ڪيجو پريت کري-

(منهنجو محبوب پرديس ويل آهي، آءٌ ان جي انتظار ٻاهر بيٺي ڀِڄان، ته ڪڏهن ٿو اچي.)

”ميران“ جو پرڀو لافاني هَري آهي، جنهن سان ان کي سچي محبت آهي. ٻئي گيت ۾ ”ميران“ مينهن جي وسڻ، پرينءَ جي اچڻ ۽ دل جي درد کي هن ريت ظاهر ڪيو آهي:

برسي بدريا ساون ڪي، ساون ڪي من ڀاون ڪي-

(ساوڻ جا بادل وسن ٿا، اهو ساوڻ جيڪو دل کي لڀائي ٿو.)

ساون مين اُمگيو ميرو منوا، ڀنڪ سني پري اون ڪي-

(جڏهن پرينءَ جي اچڻ جي ڀڻڪ ڪن تي پوي ٿي ته ساوڻ ۾ منهنجي من ۾ امنگون اٿن ٿيون.)

اُمڊ گهمڊ چپون ديسي سي آيو، دامن دمڪي جهرلاون ڪي-

(چئني طرفن کان ڪڪر مڙندا اچن ٿا، تيز بارش ۾ بجلي به چمڪي ٿي.)

نانهي نانهي بوندون مين برسي، سيتل پون سو باون ڪي-

(برسات جون سنهيون سنهيون بوندون پون ٿيون، ٿڌي ۽ خوشگوار هوا به لڳي پيئي.)

”ميران“ پرڀو گرو هرناگر، آنند منگل گاون ڪي-

(پوءِ اي ”ميران“ جا محبوب خوشيءَ جي گيتن ڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي.)

اهي چند گيت ترجمي سان پيش ڪيا اٿم، اميد ته پڙهندڙ ”ميران“ جي مڌ مان سرڪ پي سرور حاصل ڪندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com