سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

 

صفحو :5

عاجز ڀٽي

غزل

 

پريــــــــــــــــــــن! تنهنجي ســـــــــــونـــــهن جي،

چــنـــڊ ٻـــڌائي ڳـــــــــــــــــــــالهـــــــــــــــــــه آ.

هــــيـــــل تـــــــنــــهنجي اچــــــــڻ جــــــــي،

مــــــنـــــــد ٻــــــڌائـــــي ڳــــــــــــــــــــالهــــــــــــه آ،

ڪـــــوڙا ســـــــڀـــــــئـــــــــي رهبـــــــــــــــر هــــن،

ســـنــــڌ ٻـــڌائي ڳــــــــــــــــالهـــــــــــــــــــــــه آ.

مــــــــنـــــــــزل هــــــــــــــــــــاڻي ويــــــــــــجهــــي آ،

پـــــنـــــڌ ٻـــــڌائــــــي ڳـــــــــــــــــــــالهـــــــــــــــه آ.

ســـــــــــــاجــــن ايــــنـــــدو ســـــــــــپـــنــــــــي ۾،

نـــــنــــڊ ٻـــــــڌائــــي ڳـــــــــــــــــــــــــــــالهـــــــــه آ

ساگر ڀٽي

وائي

 

جوڀن ۾ پيار جون،

هر پل يار جون،

ڳالهيون ٿينديون آهن.

 

چنڊ سان منهنجون،

پرينءَ جي پار جون،

ڳالهيون ٿينديون آهن.

 

سيٺ ۽ نوڪر وچ ۾،

روڪڙا اڌار جون،

ڳالهيون ٿينديون آهن.

 

نيگرين ۾ اڪثر ڪري،

هار سينگار جون،

ڳالهيون ٿينديون آهن.

 

يوسف لغاري

غزل

 

هاءِ ڪهڙو ڀاڳ اسانجو،

مٽيو سهڻن ماڳ اسانجو.

 

دل کي هاڻ نٿو بهلائ،

ڪهڙو آهي راڳ اسانجو،

 

لکندو نيٺ زمانو سائين،

هڪڙي ڏينهن مهاڳ اسانجو،

 

آڻيون چاڙهيون يار ڏهاڙي،

کاڄ آهي ساڳ اسانجو

 

فضه  غزل

هائيڪا

 

سنڌوءَ ڪناري،

ويهي ڪنهن جي سار ۾ سکي _

لڙڪ ٿي هاري.

 

مايوسين جا پل،

صدين کان منهنجا _

هي نيڻ هن ڀنل.

 

ڏس وري ساڳيو،

جو درد هو من جو _

ٻيهر آ، جاڳيو.

 

ڪنهن جي چاهه ۾،

پير جو وڌندا رهيا _

رڻ جي هن راهه ۾.

 

سڪايل نهال چانڊيو

غزل

 

دل ۾ آهن سارون تنهنجون _

من ۾ يار پچارون تنهنجون.

جيون خوشيون توکي ارپيم،

پوءِ ڀي يار ميارون تنهنجون!!

منهنجي قسمت پن ڇڻ وانگي

 

هڙئي آهن بهارون تنهنجون.

جهوپن ۾ آگذر اسانجو،

اڄ به سڪايل کي او ساجن!

تن ۾ آهن تنوارون تنهنجون.

 

جاويد امر اشرفاڻي

 ها! اڳي کان اڳي....

دين جون، ڌرم جون،

ذات جي ڀرم جون.

رنگ جون، نسل جون،

شان جون، شرم جون.

رنڊڪون راهه ۾.

ماٺ ڪئيسين ميان!

ائين سمجهين متان،

پيا رڙهون،

پيا وڌون،

ها، اڳي کان اڳي،

چاهه ۾.

ڏک ۾ سک ۾،

اڃ ۾ رڃ ۾،

پاڻ سان گڏ سدا،

سانڍيو پيا هلون،

سونهن کي سچ کي،

سنڌ کي ساهه ۾.

 

جوهڙ فرزانه ڪوثر

غزل

 

پيغام محبت، سلام محبت،

مرڪڻ تنهنجو، انعام محبت،

اکيون آهن، ڄڻ جام محبت،

اچڻي آهي، ها! شام محبت،

ڪونهي ڪوئي، نظام محبت،

ملي ئي نه ٿو، آرام محبت.

 

پريم پتافي

گيت

 

آءُ اسان ڏي آءُ،

گهليو پورب واءُ.

توبن ڪيڏو سرتي آهي،

ماٺي مند ۾ تاءُ...

تون جي ايندينءَ، موٽي ايندو،

پن ڇڻ رُت ۾ ساءُ.....

گوري تنهنجن نيڻن جا الا _

گهرا گهرا گهاءُ

عمر مدهوش

 

غزل

 

سونهن تنهنجي نروار ٿي پئي،

اسان تي نوازش ٿي پئي،

ڪڏهن ڪين سوچيو هيم  جاني،

ياد تنهنجي هڪ آڌار ٿي پئي.

ڇا نه ڪيئي ٿي کينچل مون سان،

سمجهيم، سهڻي اڄ ٻار ٿي پئي.

جڪڙيا آهيون پاڻ ائين رسمن ۾،

دنيا ساري ڄڻ ڄار ٿي پئي.

 مهڪائي وئي ساري اڱڻ کي،

هوا ۾ خوشبوءَ جي هٻڪار ٿي پئي.

 

ستار سومرو

غزل

 

جيون ٽٽل ڪنهن ٽاريءَ جيئن،

ڄڻ ٿر جي سڪل واريءَ جيئن.

نيڻ ۽ جذبا خاموش منهنجا،

مظلوم نماڻائي ڪنهن ناريءَ جيئن.

ٿڪجي پيس توکي ڳولهي،

محنت ڪش ڪنهن هاريءَ جيئن.

مطلب آهي مرڪ تنهنجي،

لالچيءَ ڪنهن واپاريءَ جيئن

 خواهشون ٿيو اڻ پوريون ستار،

ويهاريل ڌيءَ ڪنواريءَ جيئن.

 

 

حاجي گبول

آئون انسان جي،

حفاظت جي لاءِ جڙيو آهيان،

پر جيڪو مون کي ڪرڻ گهربو هو،

افسوس ته اهو

مان نه ڪري سگهيو آهيان.

آئون پاڻ به ڏوهاري آهيان،

ڇو ته ڪجهه نه ڪرڻ جي باوجود،

مان خودڪشي لاءِ سوچيان ٿو.

هوءَ چاهي ٿي،

آئون صبح سان اٿي ڪري،

ٻه تازا گل آڻيان،

هوءَ نئين ڪنوار:

هڪ گل پنهنجي چوٽيءَ ۾ هڻندي

۽ هڪ گل،

روز جيان هڪ،

گمنام قبر تي رکندي،

جيڪا تازي ٺهيل آهي.

مشتاق ڀرڳڙي

  

نثري نظم

 

هن جي محبوبه،

هن کي ٺڪرايو ته،

هن کان شاعري،

رسي وئي،

۽ انهيءَ غم ۾ هن

خودڪشي  ڪري ڇڏي.

 وقت وڏو وحشي آهي،

صدين کان اکين ۾،

سانڍيل سپنا،

گهڙي پلڪ ۾ ساڙي،

اکين ۾ رک ڀري ڇڏيندڙ آهي،

۽ پوءِ اسان جون اکيون،

مڙني خوبصورتين کي،

پسڻ کان،

محروم رهجي وينديون آهن.

ماريندي ريل گاڏي به آهي،

ماريندي پستول جي گولي به آهي،

ماريندو زهر به آهي،

پر سڀ کان انوکي انداز ۾ مارڻ،

ڪجلن نيڻن جو ئي آهي.

 

هوتو سنڌو ”پياسي“

غزل

 

ويران زندگيءَ کي شاداب ڪيئن ڪريون؟

اجڙي جا آرزو سا، ڪامياب ڪيئن ڪريو؟

روشن نه ڏسون پنهنجي مقدر ۾ انڌيرون،

هن رات کي اجلو ۽ آفتاب ڪيئن ڪريون؟

پاليون نه زهري جيو کي، پنهنجي ٿا روح ۾،

 

دل صاف رکون سٿري، دولاب ڪيئن ڪريون؟

جنهن سان لڳايو نيهن نڀايون ٿا انهيءَ سان،

الفت ۾ پنهنجي يار سان، حساب ڪيئن ڪريون؟

سهڻو لڳي ٿو دل کي سدا، حسن سان نورو،

خود پنهنجي دل جي چاهت بينقاب ڪئين ڪريون؟

 

 

ڊاڪٽر  غلام عباس

طلاق، طلاق ۽ طلاق

 

طلاق طلاق ۽ طلاق!!!

هنن ٽن لفظن کانپوءِ

مرد ۽ عورت جي نڪاح

واري ڏوري هميشه لاءِ ٽٽي پوندي آهي،

هنن لفظن جي مالڪي مرد کي مليل آهي،

کير جي گهاگهر تي،

ٻلي کي نگهبان ڪيو ويو آ،

هو جڏهن به چاهي،

۽،

جنهن وقت به چاهي،

طلاق ڏئي ونيءَ کي،

ٽن ڪپڙن ۾ ڪڍي سگهي ٿو،

پر ڪڏهن ائين نه ٿيو آهي ته،

مڙس کي زال چيو هجي،

تون منهنجي هلائڻ جي قابل ناهين،

۽ منهنجي توکي،

طلاق، طلاق ۽ طلاق آهي.

۽ هو ٽن ڪپڙن ۾،

گهر کان نڪري ٻاهر ٿيو هجي!!!

 

 علي اڪبر ”اسير“ قريشي

غزل

 

نظر ناز جي سان نهاري ڇڏين ها!

شب، عيد آهي، جياري ڇڏين ها!

گهرائين نه ها غير جي گهر ۾ مون کي،

ڪرم اهڙي کان مون کي ماري ڇڏين ها!

اچين ها، اڱڻ تي، ته آٿت رسي ها!

ٻريل باهه دل تي آ، ٺاري ڇڏين ها!

جيئن دل سان دعوت ڏئي تو گهرايو،

تيئن در تان دشمن ڌڪاري ڇڏين ها!

اهو سور دل ۾ نه وٺيو وڃا ها!

هو دم لبن تي نهاري ڇڏين ها!

متاثر ٿيان ٿو، مان پٿر ناهيان،

ائين ڪين ڳڻتين ۾ ڳاري ڇڏين ها!

”اسير“ آه تنهنجي عطائن جي آڌار،

خطائون ٿيون جي وساري ڇڏين ها!.

 

زرينه غزل

غزل

 

اڱڻ اسان جي آءُ او ڍوليا،

آئون نهاريان تنهنجي راهه اوڍوليا!

 

سور نه سمهڻ ڏين، وري گوليءَ جو ٺڪاءُ....

اچي لهو سورن جو سماءُ او ڍوليا!

 

هڪ ته تنهنجا پور ٻيو چنڊ وڌي آگهور....

ڪنهن سان سليان تنهنجا سور او ڍوليا!

 

اڱڻ اسان جي آءُ او ڍوليا!

آئون نهاريان تنهنجي راهه اوڍوليا!.

 

 پر ڪاش جو ذادر

”منهنجون ڪلپنائون“

 

منهنجون ڪلپنائون،

وکريل سپنن جيان آهن،

جيڪي ڪڏهن به گڏ نٿيون ٿي سگهن.

منهنجون ڪلپنائون

ساگر جيان آهن،

جنهن جا ڪنارا

ڪڏهن به نه ٿا ملي سگهن.

منهنجون ڪلپنائون هڪ سڪل وڻ جيان آهن،

جيڪي ڪڏهن به سايون نٿيون ٿي سگهن.

تڏهن به سوچيندو آهيان

ته اهڙيون ڪلپنائون.

منهنجي اندر ڇو جاڳن ٿيون؟

۽.........

مون کي ڇو تڙپائن ٿيون؟

 

سميع ڪنڌر

وائي

 

جيون سندر ٿي پوي

تون جي اچين او سانوري.

 

نيري نيري اڀ جيان

منهنجو اندر ٿي پوي.

تون جي اچين او سانوري.

 

منهنجو ننڍڙو گهر الا،

مسجد مندر ٿي پوي.

تون جي اچين او سانوري.

 

امين اڏيرائي

وڇوڙي جي شام

 

لهندڙ سج لاءِ مون ۽،

ڏور افق لالاڻ ۽ تنهنجو ڀنل اکيون،

مون کي ياد آهي اڃا تائين

اهو منظر،

جنهن منهنجي وجود ۾

وڇوڙي جو زهر ڀريو هو ۽،

منهنجا معصوم جذبا ٽياس تي ٽنگجي ويا هئا.

منهنجون حسرتون، بي موت

مري ويون هيون ۽ تنهنجن خيالن جو تاج محل

ڀورا ڀورا ٿي ويو هو.

مون کي ياد آهي اهو ڌماڪو.

جيڪو منهنجي نازڪ دل جي ٽٽڻ جو آواز هو.

ان ويل،

نه تو ڪجهه چيو هو ۽ نه مون ڪجهه

ڪڇيو هو..... بس صرف ڏڪندڙ چپ ۽

ڏڪندڙ هٿ هئا ۽

نظرن ۾ هزارين سوال.

جن جو  ڪو به جواب نه هو.

جنهن وقت پکي پنهنجي آکيرن ڏانهن

قربتن ۽ چاهتن جا پيغام کڻي موٽيا هئا، تڏهن آئون

پنهنجي گهر ڏانهن وڇوڙي جو گهاءُ کڻي

موٽيو هوس.

ها_ ! مون کي ياد آهي اُها شام:

جيڪا پنهنجي ”وڇوڙي جي شام“

 هئي!

حميده اتم

 

وائيِ

 

نيٺ ته ٿيندا پورا ساٿي،

پنهنجا گيت اڌورا ساٿي.

مقتل ٿي ويا آهن ڇو؟

پريم جا گس سمورا ساٿي

پنهنجا گيت اڌوارا ساٿي.

 

رسي ويا هن ميت الا،

ڏک هاڃا پيڙا ساٿي_

پنهنجا گيت اڌوارا ساٿي.

 

پريم پکيئڙو اڏري ويو آ،

خالي من، آکيرا ساٿي.

پنهنجا گيت اڌوارا ساٿي.

 

مشتاق بخاري

غزل

 

احساس ڪمتري چڱي ناهي،

احساس برتري به چڱي ناهي.

جهاتي پائي آيو ۽ ڇڏي به ويو،

دل ۾ دري به چڱي ناهي.

الفت سڀ کي کي ڏجي ۽ سڀ کان وٺجي،

 

نفرت جي پر ذري به چڱي ناهي.

گهر کي دوزخ بڻائي ٿي جيڪا،

اهڙي عورت پري به چڱي ناهي،

مون کي مڪمل ڏئي ڇڏ، يا هن کي،

جو چاهت وچ ٿري به چڱي ناهي.

 

زاهد پتافي

غزل

چنڊ ستارا مرڪن ٿا،

رستا سارا مرڪن ٿا.

پاڻ مليا سين ڇولين ۾،

سمنڊ ڪنارا مرڪن ٿا.

گوري! تنهنجن نيڻن ۾،

ڪتيون تارا مرڪن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com