سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :8

ورڪنگ وومين لاءِ ڪجهه صلاحون

پارس يونس

جيڪڏهن توهان جاب ڪندڙ ماءُ آهيو ته توهان کي ڪيترن ئي پاسن کي منهن ڏيڻو پوندو هوندو. ۽ توهان کي محسوس ٿيندو هوندو ته توهان جي هر ڪنهن کي ضرورت آهي، سڀ کان وڌيڪ توهان جا ٻار آهن!!؟ توهان جو گهر وارو آهي توهان جا ماءُ پيءُ آهن. توهان جون ڀينر، ڀائر، توهان جون نڻانون، ڏير وغيره. توهان کي آفيس جون ذميواريون به پوريون ڪرڻيون پون ٿيون، سڀني کي توهان جي هڪڙي ئي وقت ۾ ضرورت پوي ٿي ۽ سڀني جا مسئلا هڪ ئي وقت ۾ حل ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو آهي.

ڪيتريون ئي ورڪنگ وومن ته سڀني معاملن ۾ سٺي نموني نڀائي وينديون آهن پر ڪي عورتون وري گهڻي ڪم ۾ وڌيڪ پريشان به ٿينديون آهن ۽ ڪمن جي ورهاست Time سان نه ڪري سگهنديون آهن، انهن ورڪنگ وومن لاءِ ڪجهه ٽپس ڏيون ٿا، جنهن مان توهان به فائدو وٺي سگهو ٿيون. توهان صبح جو سوير سجاڳ ٿيو، جڏهن سڀ ستا پيا هجن، ان مهل نڪو T.V  هلندي آهي، نه ڪائي فون جي گهنٽي وڄندي آهي. نه ڪو ڪير توهان کي سڏن جي پٺيان سڏ ڪندو آهي. ان وقت ۾ توهان آرام سان پنهنجا کوڙ سارا ڪم ڪري سگهو ٿيون.

پنهنجي ميڪ اپ ۾ سادگي آڻيو.

ورڪنگ وومن کي مسڪاري جو استعمال نه ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين اهڙين شين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي جن سان توهان کي منجهند تائين ڪم ڪندي مسئلو پيش اچي.

ٽي وي گهٽ کان گهٽ ڏسو، توهان کي به تفريح جي ضرورت آهي، پر توهان ان جو نعم البدل به ڳولي سگهو ٿيون، توهان پاڻ ڏسنديون ته هڪ وقت ٽي وي نه ڏسڻ سان توهان جو وقت ڪيترو ٿو بچي ۽ ان وقت ۾ توهان پنهنجا ڪيترائي ڪم اڪلائي ڇڏيا آهن. يا ٽي وي ڏسڻ وقت به ڪم ڪنديون رهو، جيئن ڀاڄي ڪٽڻ وغيره. پنهنجي ٻارن کي ٽي وي ڏسڻ جي بدران هوم ورڪ ڪرايو. ڪجهه وقت ڪڍي پنهنجن واسطي وارن کي فون ڪري خيريت پڇي وٺو.

صبح جو تيار ٿيڻ ۾ جلدي ڪريو، پنهنجا صبح وارا ڪم جلدي لاهي وٺو ڇو ته صبح جي پهر وارو Time جلدي گذرندو آهي. پنهنجي تياريءَ ۾ وقت نه لڳايو، رات جو ئي ڪپڙا استري ڪري رکو، پنهنجي ٻارن جي ۽ گهر واري جي هرشيءِ تيار ڪري رکو، جيئن صبح جو ڪا هڻ وٺ نه ٿئي.

رڌ پچاءُ جو مينو تيار ڪري ڪچن ۾ لڳائي ڇڏيو. سڄي هفتي جي پلاننگ ڪري ڇڏيو. ڪباب ٺاهي رکو. آمليٽ لاءِ بصر ڪٽي بائول ۾ ڍڪي فرج ۾ رکي ڇڏيو. جيئن صبح جو تڪڙ ۾ ٺاهي سگهو. تڪڙ ۾ سينڊوچ ٺاهي سگهجي ٿو.

ڪڏهن ڪڏهن ورڪنگ وومن کان ڪيترا اهم ڪم وسري ويندا آهن، توهان پنهنجو فيملي ڪئلينڊر ٺاهي لائونج ۾ هڻي ڇڏيو، ان ۾ توهان شاديءَ جي سالگرهه، ٻارن جي سالگرهه، ڪنهن جي ورسي آهي، ڪيڏانهن دعوت آهي يا ڪو اهم ڏينهن آهي، سڀ کان واضع طور لکي ڇڏيو. ايندي ويندي نظر پوندي ته توهان کان ڪا به ڳالهه ڪانه وسرندي. ٻيون ڳالهيون جيڪي گهڻي ڪم ڪار سبب وسرنديون آهن.

جيئن پيرنٽس ٽيچر ميٽنگ آهي، ٻارن جا مڊٽرم امتحان ڪڏهن کان شروع آهن، جيڪي شيون پوسٽ ڪرڻيون آهن، اهي به لکي رکو. اهو پنهنجو ڊيسڪ ٽاپ، يا ڪچن ڪائونٽر تي لڳائي ڇڏيو. توهان کي نظر ايندو رهي. پگهار ملڻ کان پوءِ سڀئي. بل جلد ڏئي ڇڏيو، جيئن اخبار جوبل، ٽيليفون جو بل، لائيٽ جو بل يا ڪي ٻيا بل ڇو ته اهو به هڪ ڪم آهي، جيڪي جلدي ٿي ويندو ته توهان جي ذهن تي بار نه رهندو. اهڙي طرح توهان جي ڪمن جي ورهاست ٿيل هوندي ته ڪڏهن به توهان کي پريشاني ڪانه ٿيندي. سڀاڻ جو ڪم هڪ ڏينهن اڳ ئي ٿيل هجي.

 

اکيون خوبصورتي جي علامت

ٿي سگهي ٿو ته توهان عمر جي ان حصي ۾ هجو. جتي اکين جي چوڌاري هلڪا هلڪا نشان (Wrinkles) ۽ ٻيون به کوڙ ساريون پريشانيون توهان محسوس ئي نه ڪيو، پر توهان کي انهن سڀني ڳالهين جو خيال رکڻو پوندو ڇو ته سڀاڻ به اچڻو آهي ۽ اهي پريشانيون توهان جي اکين سان به ٿي سگهن ٿيون. آخر ڪهڙو سبب آهي جو سڄي دنيا جي شاعرن اکين کي گهڻو ڪري پنهنجو موضوع بنايو آهي. گيتن ۾، غزلن ۾ ۽ نه ڄاڻ ڪٿي ڪٿي توهان پاڻ اکين جي باري ۾ شاعري پڙهي هوندي. هاڻي دنيا انهيءَ ڳالهه کي اهميت ڏئي ٿي ته پوءِ پڪ سمجهو ته انهن اکين ۾ خاص ڳالهه ضرور آهي. ظاهر آهي خاص شين جو خيال به گهڻو رکجي.

سڄي جسم ۾ اکين جي چوڌاري اسڪن ڏاڍي حساس هوندي آهي. هن کان پوءِ منهن جي اسڪن ۽ اهوئي سبب آهي ته اکين جي اسڪن تمام حصن کان نازڪ هئڻ ڪري متاثر به جلد ٿيندي آهي. جيڪڏهن ان جي سار سنڀال نه لهجي، ڌيان نه ڏجي ۽ ننڊ به پوري نه ڪجي ته اهو ئي خوبصورت اکيون سڄي چهري جي سونهن وڃائي ويهنديون.

جڏهن ننڊ پوري نه ٿي ڪجي ته اکين جي چوڌاري سوڄ پڻ ٿي پوندي آهي. ان کان علاوه ٻيا به کوڙ سبب آهن. جيڪڏهن رت جي ڪري هوندي تڏهن به ڪارا داغ اکين جي چوڌاري وڌي  سگهن ٿا. هن کان سواءِ ميڪ اپ جو غير ضروري استعمال يا غلط ميڪ اپ جو استعمال يا گهٽ ڪوالٽيءَ وارو ميڪ اپ پڻ اکين کي نقصان ڏئي سگهي ٿو. موسمي تبديلي جي ڪري زڪام وغيره ٿي ويندو آهي ان جو به اکين تي اثر ٿيندو آهي يا توهان جي جگر ۾ ڪا خرابي آهي ۽ اها گهڻي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ته اهو به اکين لاءِ نقصان آهي.

اسان مان گهڻي قدر ماڻهو ٽي وي يا ڪمپيوٽر تي به گهڻو وقت ويهي گذارين ٿا. توهان محسوس ڪندا هوندو ته گهڻي دير ويهڻ کان پوءِ جڏهن اسڪرين تان اٿبو آهي ته اکين تي هٿ ڏيندا آهيون. هن جو مطلب ته اهو ئي ٿيو ته توهان جون اکيون اسڪرين کان متاثر ٿي چڪيون آهن. ٿوري دير کان پوءِ توهان محسوس ڪندو ته توهان جو سڄو جسم ته ڪونه ٿڪيو هوندو، پر اکين ۾ ضرور ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي.

هن مسئلي جو بهترين حل ننڊ آهي. مڪمل ۽ پرسڪون نند جڏهن توهان سمجهندا آهيو ته انهيءَ وقت توهان جي  پوري جسم کان سواءِ اکيون پڻ مڪمل سڪون جي حالت ۾ هونديون اکيون بند ڪرڻ سان دراصل قدرتي طور تي اکين جي اندر هڪ خاص مادو هوندو آهي جيڪو اکين کي صاف ڪري ٿو. هن لاءِ توهان محسوس ڪيو هوندو ته گهڻي دير ٽي وي ڏسڻ کان پوءِ جيڪڏهن ٻن منٽن لاءِ اکيون بند ڪندا آهيو ته اکيون بلڪل فريش ٿي وينديون آهن.

اکين جي لاءِ گرم پاڻي نقصان ڪار آهي. اکين کي هميشه ٿڌي پاڻي سان ڌوئجي وهنجڻ مهل خاص خيال رکجي ته شيمپو ته اکين ۾ نه هليو ويو آهي. هن قسم جون ننڍيون ننڍيون غلطيون اکين جي اڇاڻ کي ختم ڪري ڇڏينديون آهن. اکين جي خوبصورتي برقرار رکڻ لاءِ انب جو جوس پيئجي. گرمين جي موسم ۾ سن گلاسز ضرور استعمال ڪريو. گهڻي اس ۾ نڪرڻ کان پرهيز ڪريو.

اکين جي ماسڪ ۾ پوٽاٽو ماسڪ، ونگي جو ماسڪ استعمال ڪريو. اکين جي تندرستي لاءِ کاڌي ۾ پنهنجي خوراڪ تي ڌيان ڏيو ۽ اهڙو کاڌو واپرايو جنهن ۾ پروٽين جو گهڻو مقدار هجي.

 

رڌ پچاءُ

پلي جو پلاءُ

گهربل شيون:

پلو: هڪ عدد

بصر: پنج ڳنڍيون

ٽماٽا: پنج عدد

کٽا ڏاڙهون: ٻه چمچا

سڪل انبڙين جو پائوڊر: هڪ چمچو

هيڊ: هڪ چمچو

ڳاڙها مرچ: هڪ چمچو

چانور: هڪ ڪلو

تيل/ گيهه: هڪ پاءُ

لوڻ: حسب ذائقه

ليمو: سواد سارو

ساوا ڌاڻا، ساوا مرچ

ترڪيب:

سڀ کان پهرين پلي کي ڌوئي صاف ڪري لوڻ، ۽ سڪا ڌاڻا هڻي رکو.

ان کان پوءِ بصر کي ڪٽي هلڪو برائون ڪريو. هاڻ ان ۾ ٽماٽا ڪٽي وجهو ۽ سمورو ويڳر مصالحا وجهي اڌ گلاس پاڻي وجهي بصر ۽ ٽماٽن کي ڳرڻ لاءِ هلڪي باهه تي رکو. مصالحي کي ڀڃي ڪجهه مصالحو ڪڍي وٺو.

سڄي پلي کي پنج منٽ تئي تي رکي ڍڪ ڏئي ڇڏيو. پلو اڌ ڳريو ٿي ويندو. هاڻ بچيل مصالحو پلي تي هڻو ۽ مٿان انب چور به هڪ چمچو کن ٻرڪيو. باقي بچيل مصالحي ۾ گرم مصالحو ڳاڙها مرچ، هيڊ ۽ ساوا مرچ ۽ ساوا ڌاڻا ۽ ڪجهه ڦودني جا پن وجهي چار گلاس پاڻيءَ جا وجهو، ٽهڪو اچڻ تي چانور وجهو. ڪجهه دير ديڳڙو بند ڪري ڇڏيو. چانورن جو پاڻي سڪي وڃي ته مٿان مصالحو لڳل پلو رکي وري ڍڪي دم تي رکو. 10 منٽن کان پوءِ پلو ڪنهن وڏي ڊش ۾ لاهي رکو. توهان جو پلي جو پلاءُ تيار آهي.

تريل پلو

گهربل شيون:

پلو: هڪ عدد

جيرو: هڪ چمچو

ڳاڙها مرچ پيٺل

ڌاڻا پيٺل

انب چُور

گدامڙيءَ جو پاڻي

ويڳر/ مصالحو

لوڻ پسند مطابق.

ترڪيب:

سڀ کان پهرين پلي کي چڱيءَ طرح ڌوئي صاف ڪريو. ڪنهن صاف پني يا اخبار تي رکو جيئن پلي جو پاڻي اخبار چهي وڃي. هاڻ گرم گيهه ۾ ٽڦڻيءَ سان پلو وجهو، هڪ پاسو ڳاڙهو ٿي وڃي ته اٿلائي ٻيو پاسو تريو. جڏهن ٻئي پاسا ڳاڙها ۽ هلڪا سوڪ ٿي وڃن ته گدامڙيءَ جي پاڻيءَ ۾ هٿ جا ڪٽيل ڳاڙها مرچ سڪا ڌاڻا، تئي تي جيري کي ڀڃي هٿ سان مهٽي. گدامڙيءَ جي پاڻيءَ ۾ وجهو، لوڻ وجهي پلي کي سمورو ويڳر/ مصالحو هو ۽ هلڪي باهه ڪري ڍڪي ڇڏيو. جيئن مصالحو ڪچو نه رهي. پنجن منٽن کان پوءِ پلو لاهي پيش ڪريو، جيڪڏهن توهان ماني سان کائڻ چاهيو ٿا ته بچيل تيل/ گيهه ۾ ٽماٽا، ساوا مرچ ڪٽي وجهو، ٽماٽن جي چٽڻي به مانيءَ سان پيش ڪريو.

بار بي ڪيو چانور

گهربل شيون:

چانور: اڌ ڪلو

ڪڪڙ جو گوشت: اڌ ڪلو

(هڪ انچ جون ٻوٽيون ڪٽيل هجن).

ڪچو پپيتو: هڪ چمچو

بار بي ڪيو سوس: هڪ چمچو

سُنڌ ۽ ٿوم ڪٽيل: ٻه چمچا

ڳاڙها مرچ پيٺل: هڪ چمچو

بيسڻ: هڪ چمچو

زردي جو رنگ: ٿورڙو

اڇو جيرو: هڪ چمچو

لوڻ: پسند مطابق

ڪڪڙ جي يخني: هڪ ڪلو

بصر: سلائيس ڪٽيل 2 عدد

ٽماٽا: گول ڪٽيل 1عدد

ساوا مرچ ڪٽيل: عدد

ليمو: هڪ عدد

ڌنئورو: هڪ پيالي

تيل: هڪ ڪوپ

لوڻ: پسند مطابق

ترڪيب: ڪڪڙ جي ٻوٽين ۾ هي ويڳر/ مصالحو هڻي ٽي ڪلاڪ رکي ڇڏيو. ڪچو پپيتو بار بي ڪيو سوس، ادرڪ، ٿوم پسٽ ٿيل، ڳاڙها مرچ، لوڻ، بيسڻ، زردي جو رنگ ۽ چار چمچا آئل: هاڻ شيخ ۾ ٻوٽيون هڻندا وڃو ۽ ڪوئلن تي پچايو. جڏهن ٻوٽيون ڳري وڃن تڏهن لاهي رکو.

چانور ڌوئي پسائي رکو. تيل گرم ڪري هڪ بصر هلڪو ڳاڙهو ڪريو، ان ۾ اڇو جيرو، ساوا مرچ، ڌؤنرو وجهي هلڪو ڀڃو. هاڻ ان ۾ يخني ۽ لوڻ وجهو، هڪ ٽهڪو اچي ته چانور جو پاڻي ڪڍي، چانور وجهو ۽ تيز باهه تي چانور، اٻاريو. جڏهن پاڻي سڪي وڃي ته باهه هلڪي ڪري ان ۾ زردي جو رنگ ٿوري کير ۾ وجهي چانورن ۾ وجهو، هاڻ چانور تي ڪڪڙ جون ٻوٽيون وجهي، سلائيس ٿيل بصر، ٽماٽا ڪٽيل وجهي مانيءَ جي ٽڪر تي ٻريل ڪوئلو رکي چانورن جي مٿان رکو. چانور ڏهه منٽ دم تي رکو. بار بي ڪيو رائس تيار آهن. انهن کي بار بي ڪيو چٽڻيءَ سان پيش ڪريو.

(هيءَ ترڪيب هڪ سرتيءَ موڪلي آهي، پر پنهنجو نالو نه لکيو آهي، ڀينرون آئيندي پنهنجو نالو ضرور لکن.____ ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com