سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :5

  فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا

حدون ٽوڙڻ جا خواب

مترجم

امر سنڌو

اسماهن، ڳائڻي شهزادي         حصو 11

 

”سڌريل دنيائن جي عورت جو سفر پولارن ڏانهن آهي . پر سنڌ جي عورت ايڪهين صديءَ ۾ به ڌرتيءَ جي ڌوڙ جيترو مانُ، به ماڻي نه سگھي آهي. آجپي ۽ آزدگين جي ڏس ۾ دنيا جون عورتون ڀلي ته سنڌ جي عورت کان گھڻيون اڳتي هجن، پر غلاميءَ جي تاريخ ۾ ٻئي گڏ بيٺل هيون. ”آزادگي ۽ آجپو فقط خواهش جي آڌار تي نه ٿو ماڻي سگھجي.“ عورتن جي جدوجهد جي تاريخ بار بار اهو سبق ورجائي ٿي. دنيا جون ڪيتريون عورتون جيڪي سنڌ جي عورت کان به هڪ قدم پوئتي هيون. اڄ سنڌ جي عورت کي پنهنجي جدوجهد جي حوالي سان گھڻو پوئتي ڇڏي چڪيون آهن. عورت جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ اڳڀرين عورتن جو ذڪر، سندن جدوجهد جو داستان ” سرتيون“ ۾ انڪري شروع ڪجي ٿو، جيئن اهڙا مثال سنڌ جي عورت جي آجپي واري سفر کي آسان بڻائين. فاطمه مرنيسي، مسلمان فيمنسٽ  عورت ، جنهن جو تعلق مراڪش جي پوئتي پيل سماج سان آهي، سا اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ خاص طورتي مسلمان عورتن جي  حقن لاءِ واحد علامت بڻيل آهي. سندس آتم ڪٿائي داستان ”سرتيون “ جي پڙهندڙ ڀينرن لاءِ حاضر آهي . (امر سنڌو)

ڪڏهن ڪڏهن منجھند دير تائين جڏهن مرد گھر کان ٻاهر هليا ويندا هئا ته عورتون ، ڊوڙي وڃي ريڊيي کي پهنجي لڪل چاٻيءِ سان کولينديون هيون ۽ پوءِ ريڊيو تي موسيقي ۽ عشقيه گانن جي تلاش شروع ڪري ڏينديون هيون . شمع فني ماهر هئي ڇو ته غير ملڪي لفظ جيڪي سونهري اکرن ۾ ريڊيو تي لکيل هوندا هئا ، شمع پڙهي ويندي هئي يا رڳو اسان کي ائين لڳندو هو ته شمع پڙهي سگھي ٿي . مرد جڏهن به کوليندا هئا ته ڊائل جي ڦرڻي گھمائي ، اِن حيرت انگيز لکڻيءَ جي رمزن کي حل ڪري وٺندا هئا .

شمع فرينچ رسم الخط  کان واقف نه هئي پر اهو سمجھ ۾ نه ايندو هو ته، شارٽ ويو، ميڊيم ويو يا هو لانگ ويو جي ڪهڙي معنيٰ آهي ، هن پنهنجي ڀاءُ زين ڀاءُ جواد کي التجا به ڪئي ته کيس اِن متعلق سمجھائين پر انهن انڪار ڪري ڇڏيو . پوءِ شمع ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ائين ڪيو ته پوءِ هوءَ سڄي فرينچ ڊڪشنري ئي هضم ڪري ڇڏيندي، پر جواب ۾ انهن چيو ته اِها ڪوشش بيڪار ٿيندي ڇو ته لغت انگريزيءَ ۾ آهي. ان تي شمع، کوجنا وارو سائنسي طريقو ترڪ ڪري ڇڌيو  ۽ ريڊيئي جي ڊائل جي ڦرڻين کي مختلف ڪنڊن تي ڦيرائڻ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڏني . هوءَ خبرن، قومي ۽ عسڪري نظمن کي بيدرديءَ سان گھٽيندي سنگيت ڳولهڻ شروع ٿي ويندي هئي ۽ جڌهن سنگيت ملي ٿي ويو ته پوءَ هلڪي ڦير ڦار جي ضرورت پوندي هئي ۽ ان ۾ ڪافي محنت لڳندي هئي جيئن سگنل صاف ٻڌڻ ۾ اچن .

۽ آخرڪار جڏهن شمع کي ڪاميابي ملي ويندي هئي ته هوءَ دلفريب سرمائي آواز جيئن مثلاً عبدالوهاب ، هڪ مصري ڳائڻي جا لفظ ته ” مون کي پيار آهي آزاد زندگيءَ سان “ فضا ۾ گونجڻ لڳندا هئا ته اڱڻ ۾ ويٺل سڀئي آهون ڀريندا، مزو وٺندا رهندا هئا.

ان کان پوءِ جڌهن شمع جي آڱرين جو جادو لبنان جي ڳائڻي شهزادي اسماهن جي سحر اگيز آواز کي جھٽي وٺندو هو

”مونکي عشق ٿي ويو،.. مونکي عشق ٿي ويو آهي . “

ته پوءِ سڀني عورتن تي ڄڻ غشي طاري ٿي ويندي هئي .هوءَ چپل اڇلائي، پيرين اُ گھاڙين ڦوهارين جي چوڌاري هڪ هٿ سان ڪفتان سنڀاليندي ۽ ٻيو هٿ ڪنهن خيالي عاشق جي ڪنڌ تي رکي رقص ڪرڻ شروع ڪري ڏينديون هيون .

پر بدقسمتيءَ سان اسماهن جا گانا ته ڏاڍي مشڪل سان ئي ملندا هئا ۽ اسان اڪثر امِ ڪلثوم، هڪ مصري ڳائڻيءِ کي ٻڌاندا رهندا هئاسين جيڪا ڪلاڪن جا ڪلاڪ عربن جا شاندار ماضي ۽ بيٺڪي خصلي آوارن خلاف جنگ جي اهميت بابت گيت ٻڌائيندي رهندي هئي .

زمين آسمان جو فرق هو ٻنهي فنڪارن ۾ اُم ڪلثوم.، هڪ غريب ڳوٺاڻي ڇوڪري جنهن محنت ۽ مشقت سان پنهنجي سريلي آواز کي شهرت ڏياري هئي ۽ ٻئي طرف شاهاڻا شوق رکندڙ اسماهن جا بنان ڪنهن ڪوشش جي ڪامياب ٿي وئي هئي اُ م ڪلثوم عورتن کي خود اعتماديءَ ثابت قدميءَ جي تصوير لڳندي هئي، جنهن جو زندگيءَ ۾ ڪو مقصد هجي ! جڌهن ته اسماهن وري دلين ۾ شق ۽ وهم وجھندي هئي . ڊگھي ڊاڙي ام ڪلثوم فلمن ۾ هميشه جبو پاتل نظر ايندي هئي. هن جي سوچ نيڪ ۽ مٿاهين هوندي هئي، هوءَ عربن جي مسڪينئيءَ جو ذڪر ڪندي ۽ قومي جذبي کي اڀاريندي نظر ايندي هئي .پوءِ به عورتون اٰن تي ايڏيون نه مرنديون هيون جيتريون اسماهن تي .

ام ڪلثوم جي ابتڙ اسماهن سڊول جسم، حيرت زده نگاهون، نفاست جو پيڪر ۽ هميشه مغربي فيشن جو يورپي لباس پائيندي هئي، کيس عرب ورثي سان ڪا به دلچسپي نه هئي. بس، کيس پنهنجي غمگين خوشيءَ جي کوج ۾ ٻڏل، ڪا پرواهه نه هوندي هئس ته دنيا ۾ ڇا وهي واپري رهيو آهي. خوش لباس وارن ۾ گل، نشيلي نگاهون ۽ نچڻ ڳائڻ، اهو ئي سندس سڄي زندگيءَ جو محور هو. کيس جيڪڏهن ڪا خواهش هئي ته اها ته ڪو هڪ چاهيندڙ عاشق ملي وڃي جيڪو ماڻهن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ هن سان گڏ وچ بازار ۾ نچي ۽ ڳائي. عرب عورتون جيڪي اڱڻ تي اڪيلي رقص ڪرڻ تي مجبور هيون ۽ اهو خواب ڏسنديون هيون ته اهي ڪنهن مرد جي ٻانهن ۾ مغربي رقص ڪري رهيون آهن. انهن لاءِ پنهنجي هم خيال عشق لاءِ ، اسماهن، هيءَ بي مقصد تفريح جي تصوير پيش ڪندي هئي.

اسماهن پنهنجي ڊگهي ڳچيءَ کي نمايان ڪرڻ لاءِ هميشه موتين جي مالها پائيندي هئي. مان شمع کي منٿون ڪندي هئس ته پنهنجو هار ڪجهه گهڙين لاءِ مون کي ڏي ته جيئن ان کي پائي، مان ان ديويءَ سان پنهنجي ڪجهه نسبت محسوس ڪري سگهان. هڪ دفعو مون همٿ ڪري شمع کان سوال پڇي ئي ورتو ته ”ڇا اهو ممڪن آهي ته، اسماهن وانگي مان به ڪنهن عرب شهزادي سان شادي ڪري وٺان..؟؟“ شمع ٻڌايو.

”عرب جمهوريت طرف هلي پيا آهن ۽ ائين هاڻ ڪي ٿورائي شهزادا بچيا آهن ۽ کين نچڻ نٿو اچي. اهي سڀ سياست ۾ الجهيل آهن، جيڪڏهن تون اسماهن وانگي نچڻ چاهين ٿي ته هڪ استاد ڳولهي وٺ.“

اسان سڀ اسماهن جي زندگي کان خوب واقف هئاسين ڇو ته شمع باقاعدي پنهنجن ڊرامن ۾ تفصيل سان هن جي زندگي کي پيش ڪندي هئي. اهي ڊراما ڇت تي ڏيکاريا ويندا هئا. هونئن ته ٻيون به ڪي مشهور عورتون، انهن ڊرامن جو مک ڪردار هونديون هيون، پر سڀ کان پسنديده هيروئن شهزادي اسماهن ئي هئي پر سندس ڪهاڻي، پرين جي ڪهاڻي پئي معلوم ٿيندي هئي، جيتوڻيڪ سندس حشر ڏاڍو خراب ڪيو ويو، ڇو ته هڪ عرب عورت عياشي ۽ خوشي ڪيئن ٿي حاصل ڪري سگهي.....؟؟

شهزادي اسماهن لبنان جي جابلو علائقي ۾ پيدا ٿي، ننڍي عمر ۾ ئي سندس شادي حسن نالي شخص، جيڪو هن جو سؤٽ ۽ هڪ امير شهزادو هو، تنهن سان ڪرائي وئي سترهن سالن جي عمر ۾ ئي کيس طلاق ٿي وئي. ۽ ٽيهه سالن جي عمر ۾ (1944ع) هوءَ ڪار حادثي ۾ مري ويئي. هن حادثي ۾ بين الاقوامي جاسوسن جو هٿ هو. ان وچ ۾ هوءَ ڪجهه عرصي تائين گلوڪارا ۽ اداڪارا جي حيثيت ۾ قاهره ۾ رهي ۽ پنهنجي گانن ۽ اداڪارا جي حيثيت ۾ قاهره ۾ رهي ۽ پنهنجي گانن ۽ اداڪاريءَ سان سڄي عرب دنيا ۾ شهرت حاصل ڪيائين. هجوم ۾ سڀ کيس ٻڌندا هئا، ذاتي خوشين ۽ عيش عشرت جي خوابن ۾ ٻڏل رسم رواجن کي وساري ويهندا هئا.

اسماهن جي قول فعل ۾ ڪو تضاد نه هوندو هو. کيس يقين هو ته عورت پنهنجي ازدواجي حقن ۽ فرضن باوجود ذاتي شوق پورا ڪري سگهي ٿي. هوءَ زال به ٿي سگهي ٿي، اداڪارا ۽ گلوڪارانه.... پهرئين مڙس حسن اهو قبول نه ڪيو ۽ طلاق ٿي. ان کان پوءِ ڪيل سندس ٻه شاديون پڻ ناڪام ٿيون. ٻئي مڙس مصري واپاري هئا. هڪ مڙس ته پستول کڻي سندس پيڇو پڻ ڪيو پر قاهره پوليس تعاقب ۾ اچي کيس بچائي ورتو. آخر ۾ هوءَ برطانوي ۽ فرينچ جاسوسي ايجنٽن سان ملي وئي. جرمنيءَ کي وچ اوڀر ۾ اچڻ کان روڪڻ ڪري، اخلاق جي ٺيڪيدارن مٿس حملا ڪيا ۽ آخرڪار نيٺ هن علائقي جي ڌماڪي خيز سياست تان دل کٽي ٿي ويس ۽ واپس لبنان هلي ويئي.

لبنان ۾ اسماهن کي هڪ ڪنڊ پاسو ملي ويو. جتي هوءَ آزاديءَ سان رهڻ لڳي. هوءَ وڌيڪ خوبصورت ۽ خوش شڪل نظر اچڻ لڳي. بيروت ۾ پنهنجي ذاتي گهر تي هن اهم سياسي مذاڪرن جو اهتمام ڪيو ۽ يروشلم ۾ فرانس جي صدر ڊيگال ۽ شام ۽ لبنان جي صدر جي ملاقات جو انتظام ۽ ميزباني ڪئي. هن جي گهر عرب قوم پرست يورپي جرنيلن سان ملندا هئا ۽ انقلابي جوان، پڻ هڪ وڏي عمر جا واپاري ۽ بئنڪر اچي ساڻس ملندا هئا.

اسماهن جي زندگي تيز رفتاريءَ تي ٻڌل هئي.

”مان ڄاڻان ٿي ته منهنجي زندگي مختصر ٿيندي.“ هوءَ اڪثر چوندي هئي ته هن ڏاڍو پيسو ڪمايو. پر هن جو ڪمايل پيسو هميشه هن جي عمده لباس مهانگن زيورن ۽ دل چاهي رولاڪيءَ لاءِ ناڪافي هو. اڪثر هوءَ بنان ڪنهن تياريءَ جي ڪنهن سفر تي نڪري پوندي هئي، ۽ اها هن جي دل چاهي رولاڪي هئي جيڪا سڀني اهلڪارن کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيندي هئي ۽ ائين هڪ اهڙي ئي بي ترتيب سفر تي جڏهن هوءَ پنهنجي هڪ سرتي سان موٽر ۾ وڃي رهي هئي ته قاهره کان ڪي سو ميل پري، موت سندس آڏو اچي ويو ۽ ائين سندس گاڏي ڍنڍ ۾ ڪريل ملي!

اسماهن جي چاهيندڙن ۾ غم جي لهر پکڙجي ويئي ۽ دشمنن ۾ اهي خبرون گردش ڪرڻ لڳيون ته هيءَ حادثو هڪ سازش هئي، ڪو چوندو هو ته کيس برطانوي، ايجنٽن مارائي وڌو ڇو ته هوءَ گهڻي خودمختيار ٿي وئي هئي ڪو چوندو هو ته جرمنيءَ کيس قتل ڪرايو ۽ جيڪي اخلاق جا ٺيڪيدار هئا سي ته هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا ته ڏسو، برن ڪمن جو نتيجو به برو ٿئي ٿو.

اها ٻي ڳالهه آهي ته موت کان پوءِ اسماهن جي شهرت ۾ اڃا گهڻو اضافو ٿيو. ڇو ته هن عرب عورتن کي ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته پنهنجي مرضيءَ سان گذاريل زندگي کڻي ڪيڏي به مختصر ۽ ماڻهوءَ بيشڪ ته ملامت به ڪن، پر ان طويل ۽ شريفاڻي زندگيءَ کان گهڻي بهتر آهي، جيڪا ڀتين ۽ پراڻين روايتن جي قيد ۾ گذري!

مرد ۽ عورت ٻئي، اسماهن جي ان تصوير تي دل ڏيندڙ هئا ته ڪاميابي يا ناڪامي، جانباز ۽ مهم جو انسانن جي زندگيءَ ۾ ڪائي معنيٰ  نٿي رکي. اهڙي زندگي لطف سان ڀرپور ۽ بهتر ٿئي ٿي. ان زندگيءَ کان، جيڪا محفوظ ۽ بند دروازن پويان گهاري وڃي. جڏهن سندس گاني جا ٻول سندس چپن تي ايندا هئا ته هنن جي پنهنجي پر جوش ۽ مشتعل زندگيءَ جو اهو دکدائڪ نظارو به اکين آڏو ايندو هو.

جڏهن شمع! اسماهن جي زندگيءَ جو پهريون دور پيش ڪندي هئي ته مٿي ڇت تي هڪ سائو غاليچو وڇائيندي هئي، جيئن اسان انهن پهاڙي جهنگلن جو تصور ڪيون، جتي اسماهن پيدا ٿي هئي. پوءِ شمع هڪ صوفو گهلي غاليچي تي رکندي هئي، اهو اسماهن جو بسترو هوندو هو. پنهنجي اکين ۾ ڪجل سجائيندي هئي جيئن شهزادي جي نشيلي اکين جيان نظر اچن. وارن جو مسئلو ٿورو مشڪل هو. ڇو ته اسان جي هيروئن جا وار ڪارا هئا ته انڪري شمع کي پنهنجا ڳاڙها وارا لڪائڻ لاءِ ڪاري پڳڙي ٻڌي ڇڏيندي هئي. چهري لاءِ شمع ڪجهه به نٿي ڪري سگهي، ڇو ته سندس ڳلن تي داغ وغيره هئا ۽ اسماهن جو چهرو شفاف هوندوهو، پوءِ ڄاڙيءَ جي پاسي هوءَ هڪ نمايان ڪارو تر ٺاهيندي هئي، جيڪو اسماهن جي حسن کي ٻيڻو ڪري ڇڏيندو هو، ڇو ته ان کان سواءِ اسماهن ٿيڻ ناممڪن هو! پوءِ شمع صوفي تي ليٽي پوندي هئي. ساٽن جي قميص پاتل، جنهن کي ڇڪي تاڻي تار تي ڦهلائي ڇڏيندا هئاسين ته جيئن اهو پوري لباس جيان لڳي، پوءِ هوءَ افسرده ۽ اداس اکين سان آسمان کي تڪيندي هئي ۽ پوءِ پردي پويان آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. ڄڻ ڪو دردناڪ ڌن تي هوءَ چئي رهي هئي ته ائين ليٽيل/ ستل هئڻ به وقت جو زيان آهي، جڏهن ته ٻاهر ماڻهو موج مستي ڪري رهيا هجن. اهي پيارا آواز شمع جي ڀينرن ۽ باقي ٻين مائٽن جا هوندا هئا.

اسماهن جي بستري ويجهو هڪ ڪاٺيءَ جو گهوڙو هوندو هو ڇو ته کيس ننڍي هوندي ئي ڀڄڻ جو شوق هوندو هو. هڪ عورت ٻيو ڪري به ڇا پئي سگهي؟؟ اها عورت جا نهايت حسين ۽ وڏي گهراڻي ۾، ڏورانهين عرب علائقي ۾ پيدا ٿي، جتي هر ڪنهن کي عنيبي جنگيون ياد هجن، غير ملڪي قبضي کان خوفزده هجن ۽ عورت تي ڪرڙي اک رکن.

اسماهن ائين گهوڙيسواري ڪندي هئي جيئن ٽامون جنگ زده رن علائقي ۾، هن لاءِ آزاديءَ جي معنيٰ هئي، ڀڄڻ آزاد ٿيڻ جو مطلب هو مسلسل حرڪت. تيز سواريءَ ۾ پوءِ کڻي اها بي مقصد ئي ڇو نه هجي.... ان خوشيءَ جو پنهنجو مزو هو، حرڪت محض لطف ماڻڻ جو ذريعو هئي ته شمع پلنگ تان لهي گهوڙي تي سوار ٿي ويندي هئي ۽ ڇوڪريون اداس گيت ڳائينديون هيون ته ”ڪيتري دردناڪ آهي اها ڪيفيت جڏهن ماڻهو ڄار ۾ ڦاٿل هجي ۽ نڪرڻ جو ڪو رستو نه هجي. ڪڏهن مان ۽ سمير گهوڙِي کي اڳيان پويان ڌڪيندا رهندا هئاسين. جيئن حرڪت جو احساس ٿئي ۽ ناظرين (يعني اتان پڦي حبيبه، ڀيڻ، ڀاءُ ۽ ٻيون طلاقيل ۽ بيوهه عورتون) ڪورس ۾ آواز ملائينديون.

پوءِ سمير ۽ مان پردو ڇڪي وٺندا هئاسين جيئن شاديءَ جو منظر سامهون اچي، شمع کي گهڻي دير تائين ناظرين جي اداسي بنهه پسند نه هئي _ هوءَ چوندي هئي.

”اداسي کان فرار، اهو ته آهي تفريح جو مطلب“ ڀاءُ زين سفيد جبو پاتل گهوٽ شهزادي حسن جي روپ ۾ ايندو. زين جو حسن ڏسي مونکي غش اچڻ شروع ٿيندا هئا ۽ مان پنهنجي ٽيڪنيڪي ڪم ۽ فرض وساري ويهندي هئس ۽ پوءِ سڀني پاران گوڙ جي شڪايت جو گوڙ ٿيڻ لڳندو هو ڇو ته جڏهن به ڪو اهم واقعو، جيئن شادي يا پيدائش جو منظر هوندو هو ته ناظرين ۾ بسڪوٽ ورهائڻ لازمي هوندا هئا، ان ڪم جي ذميواري مون تي ۽ سمير تي رکيل هئي، هڪ دفعي ته سڀني مٺائيءَ سان گڏ چانهن جو اسرار ڪيو ۽ هڙتال جي به ڌمڪي ڏني پر اهو ڪرڻ سان ايترا ته گلاس ڀڳا جو نيٺ ڏاڏي مانيءَ چانهن تي پابندي هڻي ڇڏي، چوڻ لڳي.

”پهرين ته ٿيٽر گناهه آهي، ان جو ڪٿي به ڪو ذڪر ناهي ۽ ان جو نالو به مديني ۾ ڪونه ٻڌو ويو هو ۽ هاڻ جيڪڏهن چلوليون عورتون ٿيٽر ۾ وقت برباد ڪريو ته روز ڏينهن قيام جي، الله سڀني کان جواب وٺندو.... پر منهنجي پٽ جي چانهن جا گلاس ٽوڙجن، اهي به ان بيڪار اسماهن جي شاديءَ لاءِ .... اها محض لاپرواهي آهي.

ان کان پوءِ شاديءَ جي تقريب ڏاڍي سادگيءَ سان ملهائي ويندي هئي ۽ ننڍا ننڍا بسڪوٽ ورهايا ويندا هئا، جيڪي پڦي حبيبه ٺاهيندي هئي. ناظرين کي متوجه ڪرڻ لاءِ کيس خوش ته رکڻو ئي هوندو هو. ها ته پوءِ ڊرامي ڏانهن اچون ٿا.... بس اڃا ماڻهو پنهنجي بسڪوٽ ختم ئي مس ڪندا ته شهزادو حسن اسماهن کي گهران ڪڍي ڇڏيندو هو. شمع ڳلن کي پائوڊر سان سفيد ڪري، مردن جهڙو چهرو ٺاهي، وڏي صندوق کڻي اسٽيج تي ايندي ۽ ظاهر ڪندي ته هوءَ قاهره ڏانهن وڃي رهي آهي. پويان ڪورس جدائي ۽ جلاوطنيءَ جا اداس ۽ غمناڪ نغما ڳائيندو ۽ پڦي حبيبه، اسان جي ڪن ۾ چوندي ”اسماهن کي سترهن سالن جي عمر ۾ طلاق ٿي. ڪهڙو نه ظلم آهي.... پر سوچجي ته ان وقت ساهه کي گهٽيندڙ جبلن مان نڪرڻ جو اهوئي هڪ موقعو هو، مان سمجهان ٿي ته طلاق ۾ هميشه بهتري هوندي آهي ۽ اها عورت کي اهڙي نئين رستي ڳولهڻ تي مجبور ڪري ٿي جيڪي هن ڪڏهن سوچيا به نه هجن.

ان ۾ سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها آهي ته شهزادي حسن پنهنجي زال کي انڪري ڪڍي ڇڏيو هو ته هوءَ نچڻ ڳائڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ چاهيندي هئي، نه صرف اهو ته هوءَ مغربي لباس، ڊگهي کڙي ۽ ڪٽيل وار رکڻ چاهيندي هئي پر ناچ گهرن ۾ به وڃڻ چاهيندي هئي، جتي يورپي ماڻهو سخت اونچين ميزن تي ويهي فضول ڳالهيون ڪندي صبح ٿيڻ تائين نچندا رهندا هئا. ان منظر ۾ شمع جو رنگ اڏاميل، ڏڪندڙ آواز، اڌ بند ٿيندڙ اکيون ۽ چوندي....

”اسماهن، بجاءِ ان مڙس جي طويل گفتگوءَ قبائلي مردن جا بحث ٻڌي، هوءَ شاندار ريسٽورنٽ ۾ وڃڻ چاهيندي هئي ۽ فرينچن جيان پنهنجي شهزادي جي ڳلي ۾ ٻانهون وجهي سڄي رات نچڻ چاهيندي هئي. هن کي قبيلي جي بي معنيٰ ظلماڻي قانونن کان سخت نفرت هئي. هوءَ صرف هڪ پاڻيءَ ڦوٽي وانگر خوشيءَ ۾ هوا ۾ اڏامڻ چاهيندي هئي. هوءَ ڪا ڏوهاري ته نه هئي ۽ نه ئي ڪنهن کي نقصان پهچائيندي هئي.

هن موقعي تي پڦي حبيبه ڊرامي جو تسلسل منقطع ڪري ڇڏيندي ۽ اسماهن جي ڪنهن ڌن تي ترنم سان چوندي هئي ”مون ته اهڙا خواب به ڪونه ڏٺا هئا پوءِ به مون کي طلاق ٿي وئي. ياد رکو ڀينرو، پنهنجي پاڻ تي بندش نه وجهو، جيڪا عورت چنڊ نه گهري، سا قطعي، بيوقوف آهي.“ ”چپ ڪر........“

سڀئي رڙيون ڪندا هئا.

شمع ٻيهر ڊرامو شروع ڪندي هئي، اسماهن جي رومانوي زندگي جنهن ۾ پنهنجي تلاش هڪ اهڙي سماج ۾ جتي پردو عورت جي بنيادي خواهشن جو گلو گهٽي ڇڏيندو هجي، ان کي پيش ڪندي هئي.

شمع کي ڏسندي ئي مون طيءِ ڪري ورتو هو ته هن جيان مان به وڏي ٿي ٿيٽر ۾ ڪم ڪنديس.

عرب ناظرين جي دل وندرائينديس، انهن کي ٻڌائينديس ته خوابن جي نشي ۾ گم عورت اهڙي سماج ۾ ڇا محسوس ڪندي آهي، جتي خواب ۽ خوب ڏسڻ وارن کي بيرحميءَ سان چيڀاٽيو ويندو آهي.

مان انهن کي ضايع ڪيل موقعن، بي جا بندشن ۽ ٽٽل خواب ڏيکاري روئاڙينديس ۽ جڏهن اهي اسان جي جذبات کان آشنا ٿي وڃن ته اسماهن ۽ شمع وانگي انهن کي پاڻ مڃائڻ ۽ اڻ ڄاتل دنيا ۾ مهم جوئيءَ جا نغما ٻڌائينديس مان انهن کي ناممڪن سان شناسا ڪريان....

هڪ نئين عرب دنيا جتي مرد ۽ عورتون ڳلي ملي نچي سگهن.

انهن جي درميان ڪي حدون نه هجن ۽ نه خوف.

اڙي ها!! ٻڌڻ وارن جي دل وندرائينديس، جادو ڀريل لفظن ۽ معنيٰ خيز ادائن سان جيئن شمع ۽ اسماهن ڪنديون هيون.

هڪ پرسڪون دنيا ٺاهينديس جتي گهرن کي ڦاٽڪ نه هجن ۽ انهن جون دريون ٻاهر گهٽيءَ ۾ کلن.

مان کين اهڙي دنيا ۾ وٺي وينديس جتي مختلف هئڻ ڪري کين پردي ۾ نه وهاريو ويندو جتي عورتون عورتن جا جسم قدرتي هلڻي هلي نه سگهن ۽ اهي پنهنجي خواهش تي لڄي نه ٿين.

مان پنهنجي ٻڌندڙن لاءِ طويل نظم لکنديس جنهن جو موضوع خوف کان نجات اعتماد جي فضا اسان جو نئون ناٽڪ ٿيندو ۽ مان انڪساريءَ سان قبول ڪنديس ته مون کي ان بابت ڪجهه به معلوم ناهي.

پنهنجي ٿيٽر ۾ مان ايترا پيسا ڪمائينديس ته جيئن سڀن کي چانهن ۽ بسڪوٽ پيش ڪريان. جيئن ناظرين ڪلاڪن جا ڪلاڪ آرام سان ويهي هن نئين دنيا کي بنان ڪنهن خوف جي سمجهي سگهن.

محض گهمڻ ڦرڻ، بنان ڪنهن پردي ۽ بنان حدن جي گهڻو ڦرڻ، هڪ پير اڳيان ٻيو پير رکڻ ۽ اکيون هڪ نئين آسمان تي ڄمائي رکڻ، اهڙو آسمان جيڪو خوف ۽ خطري کان بنهه آزاد ۽ انوکو آسمان هجي. مان هر ڪنهن کي ان ڳالهه جي لاءِ قائل ڪنديس ته خوشي هر جاءِ تي وڌي ويجهي سگهي ٿي چاهي اهي شهر جون تاريڪ ڳليون ئي ڇو نه هجن!

مان اسماهن جي روح کي اجاگر ڪرائينديس. اها زندهه رهندي، مظلوم جي روپ ۾، هن کي ٽيهه سالن جي عمر ۾ ڪنهن غير ملڪ ۾ مرڻو نه پوندو. ڪنهن جاسوسي گاڏيءَ جا حادثا نه ٿيندا...... نه هوءَ وڌندي ۽ ويجهندي.

منجهند وقت ٿيٽر وچ ۾ مان، اسماهن جي زندگيءَ تي ڪيئي ڳوڙها ڳاڙيندي هئس ۽ لبنان جا واقعا ڏيکارڻ ۾ شمع جي مدد ڪندي هئس. جڏهن ته منهنجي نظر مٿي آسمان جي تارن تي ڄميل هوندي هئي. ٿيٽر اهو آهي، جيڪو توهان کي توھانجي خوابن جو جو تفصيل ٻڌائي ٿو. جتي توھان پنهنجي خيالي دنيا کي حقيقت جو رنگ ڏيو ٿا. ٿيٽر لاءِ لازمي ٿيڻ کپي. مان سوچيندي هئس ته ٿيٽر کي هڪ مقدس ادارو ڇو نه ٿو قرار ڏجي!

 

شاعري

عرفانه ملاح

سڙيل ميوي جهڙو پيارو

اويلو

اڪيلو، اداس

ٻار

بک کان بدحال،

رستي تي ڪريل سڙيل

ميوي

سان ئي سکيو ٿي پوي

زندگيءَ جي ڊگهي

بي رحم

اڪيلي سفر ۾

ٿَڪ، ڏک، ۽ بک کان بدحال

مان به

رستي تي مليل

ان سڙيل ميوي

جهڙي پيار جي پناهه ۾

مست ٿي پيس!

 

 

نجمه پنهور

آزاد ٽهڪ

اڄ تنهنجي ڳالهه تي

منهنجو ڀرپور ٽهڪ

ڄام شوري جي هوائن

۾ گم ٿي ويو

ڄڻ صدين کان

آءٌ پاڻ ان ٽهڪ کي

ٻڌڻ لاءِ آتي هئس

قيد مان آزاد ٿيو ٽهڪ

انهن ٻن طوطن جيان

جيڪي اسان گاڏيءَ جي دريءَ

مان المنظر جي وڻن لاءِ

آزاد ڪيا هئا!!؟

 

 

 

رخسانه سومرو

بگهڙن جهڙي جهنگل ۾

دل چئي ٿي ته ٻوڪڙ

ڪري

هانءُ هلڪو ڪيان

پر ڇا ڪيان

مان هڪ عورت هان

مان ورڪنگ وومين

هان

مون کي ارڙهن کان

ويهه ڪلاڪ

مزدوري ڪرڻي آ

اها منهنجي ذميواري آ

ڇو ته مان هڪ

عاجز ۽ بيوس عورت هان

۽ عورت هجڻ جي

سزا پئي ٿي ڀوڳيان

ڪٿان شروع ڪيان

پنهنجي ڪٿا

يا جيون جا ڪؤڙا پل

ڇو ته!

جيون جو ميٺاج ڇاهي؟

ان جي مون کي ڄاڻ ناهي!

اتان جيون جي

ڪتاب جا ورق اٿلايان

جڏهن سرڪار جي

نوڪر ٿيم

يا اتان، جڏهن

بابل جي آکيري مان تڙيو ويو

مون کي بي گهر ڪيو ويو

منهنجو تحفظ کسيو ويو

اهو پيار جو ڌرتيءَ ٽڪر

ڦريو ويو

جڏهن روح جي رشتن کان

الڳ ڪيو ويو ته

اکين جي آکيرن تي

ننڍڙا ننڍڙا خواب سجائي

دل ڌرتيءَ تي

خواهشون پوکي

ڪنهن اوپري اڱڻ تي لٿم

سوچيم ته شايد

جنهن شيءِ جي ڳولها اٿم

سا من لڀي پئيم!

۽ عورت هئڻ ڪري

غير محفوظ هئڻ جو احساس

هن اڱڻ جي محبت ۽ عزت

ملڻ سان مٽجي وڃيم

۽ پاڻ کي انساني

ماس کائڻ وارين ڳجهن کان

لڪائي سگهان

هڪ ننڍڙي پناهه گاهه ۾

جيڪا ڀروسي

۽ محبت جي پيڙهه تي جوڙجي

پر مون کي ڄاڻ نه هئي ته

بابل مون کي

بي ساحل سمنڊ ۾

هڪ واڳونءَ جي

وات ۾ وڌو  آ

جيڪو هوريان هوريان

ننهن سان ڪوري

منهنجهي ماس جي

لذت کي ڳڙڪائيندو

منهنجي روح کي

بي ساهو ڪندو!

وقت گذرندو رهيو

۽ مان ڦٽجندي رهيم

زبان جي تيرن سان

هٿن، لتن ۽ مڪن سان

منهنجي مٿي جي چادر

منهنجو تحفظ ليڙ ليڙ ٿي ويو

منهنجو انا جو پنڊار

۽ پيار ڪندڙ روح

نت نون گهائن سان

چچرجندو رهيو

دل ۽ ذهن جي

اجرن آبگينن تي

وقت جي

نفرتن جي

ڌوڙ چڙهندي وئي

منهنجي من جو آئينو

ميرانجهڙو ٿيندو ويو

پوءِ به پاڻ کي ريجهائي رکيم

تقدير مون کي رابيل ڏنا

جن جي خوشبو سان

منهنجو روح ٻهڪي ويو

سوچ ۾ بدلاءُ اچي ويو

ته شايد هاڻ بخت بدلجي

پر رابيلن جي اڇاڻ سان به

ڪارو بخت نه بدليو

ائين ٿيو جو وقت مون کي

سرڪار جو نوڪر ڪيو

۽ آڪاش تي

ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا

سج جي نوري ڪرڻن پاڻ کي

جهڙ ۾ لڪائي ڇڏيو

هڪ فالج زده روح کڻي

وقت سان گڏ ڊوڙڻ چاهيم

پر جيون وڌيڪ

اوکو ٿي ويو

هر دڳ واريءَ جو پنڌ ٿي ويو

ھر رستو ڌٻڻ ٿي ويو

شڪ ۽ حسد جا

واسينگ ڦڻ ڪڍي

الرون ڪرڻ لڳا

۽ ڏينهون ڏينهن

مان هڪ هيسيل ۽ ڊنل عورت جيان

ڏڪي ڏڪي پير کڻندي رهيم

منهنجي جهول اهائي خالي رهي

۽ غير محفوظ هئڻ جي

احساس جا گؤنچ

سامائجي وڻ ٿي ويا

محبت جي ڪا نظر

مون تي نه پئي

دنيا گهم، سٺا دوست مليا

سٺا ساٿي مليا

جيڪي مندن جيان

وقت جيان

پنهنجي چال بدلائيندا رهيا

پر منهنجي مئل دل کي

منهنجي روح جي

چيڀاٽيل لاش کي

ڪا حرات نه ملي

ڪا مهربان هنج نه ملي

۽ مان اڻ ڪيل

گناهن جي ڌٻڻ ۾

ٻڏي ويم

ايتري ذلت ۽ رسوائي مليم

جو ساهه کڻڻ لاءِ به

ڊڄي ڊڄي منهن ڪڍيم

۽ اهو سڀ انعام

ان واڳونءَ ڏنم

جنهن کي بابا منهنجي ٻيڙيءَ جو

ملاح ٺاهيو هيو

۽ مون کي

عورت هجڻ جي ڏوهه ۾

عورت جي ان ذلت تي

پيار ڪندڙ روح جي موت تي

چپ چورڻ جو به

امر نه هيو

عور جي معصوميت کي

سچائيءَ کي

ان جي بي لوث چاهت کي

هي مردن جو معاشرو

هي بگهڙن جو جهنگل

گهرن ۾، دفترن ۾

ڳڙڪائيندو وڃي ٿو

مون انسانن جا ۽ رشتن جا

اهي روپ ڏٺا

جن مون کي وائڙو ڪري ڇڏيو

۽ سوچڻ تي مجبور ڪيو ته

هي انسان خدا جو نائب

ڪيئن ٿو ٿي سگهي

خدا ته محبت آ

روشني آ

رحمت آ

انسان ته جهيڙا ڪر آ

روحن جو

جذبن

۽ جسمن جو قاتل آ

انسان ته شيطان جو

نائب ٿي ويو آ

مون کي انساني روپ ۾

واڳن کان نفرت آ

اڄ منهنجي جسم ۾

رت بدران

نفرتن جو زهر

نيرون پاڻي بڻجي ڊوڙي رهيو آ

جيڪو شايد مورڙو بڻجي

ان واڳونءَ کي مات ڏئي!

 

رشماڻي راماڻي

زندگي

زندگي ڇا آهي؟

حادثو؟ اتفاق؟ سوال _ جواب

يا

ڪوئي خوبصورت خواب؟

ڪنهن گل جي چپن تي مرڪندڙ شبنم

اداس چهري تي لڙڪ جي بوند؟

شايد

هڪ اميد ڪا اڌوري حسرت

جلاوطن ڪوئي ارمان

يا ڪنهن اڌوري نظم جو عنوان؟

زندگي جيئن به آهي

گذري ويندي پنهنجي رفتار سان

ڪڏهن خاموشيءَ سان

ڪڏهن طوفان جيان!

 

سونهن ميمڻ

نظم

تنهنجي ياد جا گل وڇائي

توسان ملڻ جي آس ۾ سائين

توکي ساري ويٺي آهيان

ڄاڻي ٿي هي دل ديواني

ناممڪن آهي پنهنجو ساٿ

پوءِ به چري مان ڪري آهيان

توکي چاهي ويٺي آهيان

تقدير تي هو مون کي ڪيڏو مان

حال سڻائي رب کي دل جو

دعائن ۾ توکي گهرڻ ويٺي آهيان

 

نسرين طاهر وفائي

گهريلو ڏس

 

1.       ڪن شين پچائڻ ۾ بيضي جي صرف زردي استعمال ٿيندي آهي ۽ سفيدي بچي پوندي آهي. ان سفيديءَ کي بوتل ۾ بند ڪري فرج ۾ رکي ڇڏيو. ٻن هفتن تائين تازي رهندي.

2.     بيضو اوٻارڻ وقت پاڻيءَ ۾ هڪ چمچو سرڪو ملائڻ سان ڀڳل بيضي في سفيدي ٻاهر نه نڪرندي.

3.     جيڪڏهن ڊبل روٽي بچي پوي ته ان کي آلي ڪپڙي ۾ ويڙهي فرج ۾ رکو. بچيل ڊبل روٽيءَ مان چورو به ٺاهي سگهجي ٿو جيڪو ڪباب ۽ ٻيون شيون ترڻ وقت ڪم اچي سگهي ٿو.

4.     ڇريءَ کي پنج منٽ گرم پاڻيءَ ۾ رکي، پوءِ ان سان تازي ڊبل روٽيءَ جا سلائس ڪٽجن ته آسانيءَ سان ڪٽجي ويندا.

5.     گيهه تيل يا ٻيو ڪو به کاڌي جو دٻو ڪٽڻ وقت هميشه ان کي پهرين صاف ڪرڻ گهرجي.

6.     پٽاٽن کي وڌيڪ عرصو تازو رکڻ لاءِ فرج جي ڀاڄيءَ واري خاني ۾ رکو.

7.     ليمي کي نپوڙڻ کان پهرين جيڪڏهن ان کي ٿورو گرم ڪجي ته ان مان وڌيڪ رس نڪرندي.

8.     ڪيڪ کي جيڪڏهن وچ مان ڪٽي ٻه سلائس ڪرڻا هجن ته سلائيءَ وارو ڌاڳو استعمال ڪيو. ڪيڪ ذرا ذرا يا ٽڪرا ٿيڻ کان سواءِ صفائيءَ سان ڪٽجي ويندو.

9.     مرچن کي گرائينڊر ۾ پيهڻ کان پهرين جيڪڏهن انهن ۾ ٿورو لوڻ ملائجي ته اهي آسانيءَ سان پيهجي ويندا.

10.      جيڪڏهن موريون ۽ گجرون پاروٿيون ٿي وڃن ته انهن کي پاڻيءَ ۾ وجهي فريزر ۾ رکو. ڪجهه دير ۾ ٻيهر تازيون ٿي وينديون.

11.      مالٽي يا ليمي جون کلون ڪدوڪش ڪري يا سنهيون ڪٽي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ بند ڪري فريزر ۾ رکي ڇڏيو. ضرورت پوڻ تي کاڌي جي شين ۾ استعمال ڪريو. مثلن ڪيڪ، سويٽ ڊش وغيره ۾.

12.      اکروٽن کي هميشه پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ وجهي ڀڃو. اهڙيءَ طرح اهي توهان کي نظر ايندا رهندا ۽ توهان کي ڀڃڻ ۾ آساني ٿيندي.

13.      مڇي ترڻ وقت، مڇيءَ جي ٽڪرن کي هٿ سان گرم تيل ۾ نه وجهو ائين ڪرڻ سان هٿ سڙڻ جو خطرو آهي. مڇيءَ جي ٽڪرن کي سدائين وراڻي يا ٽڦٽيءَ تي رکي پوءِ گرم تيل ۾ وجهو.

14.      ڪا به ترڻ واري شيءِ جيڪڏهن گرم تيل ۾ وجهو ته تيل جا ڇنڊا اٿندا آهن ۽ آسپاس جي ڀتين کي خراب ڪندا آهن. ان ڪري ڪا به شيءِ گرم تيل ۾ وجهڻ کان پوءِ ٿوري دير لاءِ ان تي ڍڪ ڏئي ڇڏيو جيستائين تيل جا ڇنڊا نڪرڻ بند ٿين.

15.      بيضو اوٻارڻ وقت جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ ٿورو لوڻ ملائي ڇڏجي ته بيضي جي کل آسانيءَ سان هلي ويندي.

16.      ڪيڪ ٺاهڻ وقت جيڪڏهن ٻه چمچا ميدو ڪڍي ان جي جاءِ تي ٻه چمچا ڪارن فلور وجهجي ته ڪيڪ نرم ۽ وڌيڪ لذيذ ٿي پوندو.

17.      ڪڏهن ڪڏهن گهر ۾ ڪجهه مٺايون بچي پونديون آهن، انهن کي اڇليو نه. انهن مان ملڪ شيڪ تيار ڪيو. ٽي يا چار ڪوپ ٿڌو کير کڻو ان ۾ ٿوري کنڊ ۽ بچيل مٺايون، مثلن لڏون، جليبي يا برفي وغيره وجهو ۽ بلينڊر ۾ چڱيءَ طرح ملائي گلاسن ۾ برف وجهي ملڪ شيڪ جي طور تي پيو.

18.      جيڪڏهن ليمي جو رس تمام ٿوري مقدار ۾ گهرجي ته سڄو ليمو ڪٽڻ جي بجاءِ ان ۾ سوراخ ڪيو. ليمي کي زور ڏئي ضرورت جيتري رس ڪڍو ۽ ليمي کي ٽشو پيپر ۾ ويڙهي فرج ۾ رکو ته جيئن پوءِ استعمال ڪري سگهجي.

19.      آمليٽ ٺاهڻ وقت جيڪڏهن ان ۾ ٿورو ميدو ملائجي ته آمليٽ وڏو ۽ ڦنڊيل ٺهندو.

20.      تيار ٿيل ڪيڪ تي سجاوٽ ڪرڻ وقت ٽوئزر استعمال ڪريو ۽ پستا بادام وغيره ٽوئزر يعني نچڪڻي سان هڻو.ان طريقي سان ڪيڪ جي آئيسنگ خراب نه ٿيندي.

21.      جيڪڏهن توهان ڪيڪ ۾ بيضا نه وجهڻ چاهيو ته هر بيضي جي بدلي هڪ کائڻ وارو چمچو ڪسٽرڊ پائوڊر وجهو.

22.      پڪوڙا ٺاهڻ وقت جيڪڏهن بيسڻ ۾ ٿورو گرم تيل به ملائجي ته پڪوڙا تمام لذيذ ٺهندا.

23.      جيڪڏهن اهو ڏسڻو هجي ته بيضو تازو آهي يا نه، ته بيدي کي ٿڌي پاڻيءَ ۾ وجهي ڏسو. جيڪڏهن بيضو پاڻيءَ ۾ ٻڏي وڃي ته تازو آهي جي تري ته خراب آهي.

24.      ترڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ تيل کي ٻيهر استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. تيل کي چڱي طرح ڇاڻي ڇڏ ته جيئن پهرين تريل شين جا ذرا ان ۾ نه رھجي وڃن. پوءِ تيل کي ڍڪ واري ٿانوَ ۾ بند ڪري رکو.

25.      پريشر ڪُڪر جو رٻڙ استعمال ڪرڻ کان پوءِ خراب ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن بيڪار رٻڙ کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ فريزر ۾ رکندا ته اهو ٻيهر قابل استعمال ٿي سگهي ٿو.

26.      ڪافي ۽ هارلڪس وغيره گهڻو وقت رکڻ سان بوتل ۾ ڄمي وينديون آهن. بوتل ۾ ٿورو گرم پاڻي وجهي ان پائوڊر کي ڳاريو ۽ پوءِ ان کي فريزر ۾ رکو ۽ ضرورت جي وقت ڪڍي استعمال ڪريو.

27.      ساون مرچن کي ڪنهن ڍڪ واري دٻي ۾ بند ڪري رکو ته اهي ڳاڙها نه ٿيندا.

28.      ڀينڊين کي جيڪڏهن گهڻو عرصو فرج ۾ رکڻو هجي ته ڪنهن ناسي رنگ جي پاٺي واري دٻي ۾ وجهي رکو.

29.      ڪڏهن ڪڏهن گوشت ڀڃڻ وقت تر سڙي پوندو آهي ۽ ان مان سڙيل بوءِ ايندي آهي. اهڙي سڙيل گوشت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هڪ ڪوپ کير وجهي، ٻيهر ڀڃو ته ٺيڪ ٿي ويندو.

30.      گوبي رڌڻ وقت ان مان ناگوار بوءِ ايندي آهي. ان کي ختم ڪرڻ لاءِ گوبيءَ کي رڌڻ وقت ان ۾ ٿورڙو سرڪو يا هڪ چمچي پاڻيءَ ۾ ليمي جي رس ملائي وجهو ته بوءِ ختم ٿي ويندي.

31.      مڇيءَ کي وڌيڪ لذيذ بنائڻ لاءِ ان کي ترڻ کان پهرين اڌ ڪلاڪ سرڪي ۾ پسائي رکو پوءِ تريو. تمام لذيذ ٿيندي.

32.      سايون ڀاڄيون، فرج ۾ گهڻي دير تائين تازيون رکڻ لاءِ اخبارن ۾ ويڙهي رکو.

33.      دالين ۾ اڪثر جيت پئجي ويندا آهن. ان کان بچڻ لاءِ دالين جي دٻن ۾ تيل جا ڪجهه ڦڙا وجهي ڇڏيو ته داليون جيتن کان محفوظ رهنديون.

اٽي کي هلڪي گرم پاڻيءَ سان ڳوهي پوءِ ماني پچائجي ته نرم ٿيندي. ڳوهيل اٽي کي ڪلاڪ ڏيڍ رکڻ گهرجي پوءِ ماني پچائڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com