سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون ڊسمبر 1996ع

گلبدن جاويد

ايڊيٽوريل

بي جوڙ شاديون

اسان جي سماج ۾ عورتن جي حق تلفي ٿيندي رهي ٿي ۽ مرد شايد محسوس به نٿو ڪري ته هو ڪٿي ۽ ڪيئن عورتن سان اڻ – سهائتو سلوڪ ڪري رهيو آهي ۽ ڪٿي وري پنهنجي ناسمجهيءَ جي ڪري عورت سان گڏ مرد جو به استحصال ڪيو آهي. اسان جي ٻهراڙيءَ ۾ جهڙي نموني پيءُ، اولاد جي شادي ٿو ڪرائي، سا هڪ اذيتناڪ ۽ ڪرب ڏياريندڙ طريقو آهي، مثال: ملڪيت جي لالچ خاطر پنهنجي صغير پٽ جي شادي ڪنهن بالغ نينگريءَ سان ڪرائي ٿو ڇڏي، يعني ملڪيت جي ڪري پنهنجي پٽ جو به حق غصب ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نٿو ڪري. اهڙيءَ طرح ڀيڻ، ڌيءَ کي ڏوڪڙن جي مٺ تي ڪنهن موالي، پوڙهي، بيمار کي ڏيئي ٿو ڇڏي، يا ٻئي ڪنهن مفاد يا پنهنجي دلي تسڪين خاطر نياڻيءَ جي شادي اهڙي ماڻهوءَ سان ڪرائي ٿو، جيڪو ڪنهن به لحاظ سان ان جو جوڙ ناهي.

        ڏسڻ ۾ آيو آهي ته عورت شهر جي تعليم يافته هجي يا ٻهراڙي جي اڻ پڙهيل، پر هر صورت ۾ هوءَ هڪ مڪمل انسان ٿئي ٿي. عورت پيار، محبت، سچائي، وفاداريءَ، جو مجسمو آهي، عورت هر روپ ۾ باعث عظمت ۽ احترام لائق آهي. پر ان کي پنهجين پورين سچاين ۽ وفادارين جي عوض ڇا پلئه پيو آهي؟ سندس مرد ( پيءَ، ڀاءَ، مڙس، پٽ) کيس ڇا سمجهيو آهي؟ اهو هن وقت جو وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي. جنهن تي سوچڻ جي اشد ضرورت آهي.

        ڪيڏي نه ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ته اسان وٽ اڄ به عورت سان اهي ويل وهايا ٿا وڃن، جيڪي اڌ صدي پهرين وهايا ويندا هئا. ميڊيا جنهن سڄي دنيا کي هڪ ٻئي جي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. هينئر ٻاهرين دنيا جون عورتون پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي تحرڪ ۾ آهن، خود اسان جي ملڪ جي شهري علائقن جون عورتون پڻ پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاري رهيون آهن، پر اسان جي ٻهراڙي جي عورتن جي حالتن ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي. اهي زندگيءَ جي هر سهولت کان محروم آهن. اهي سليقه شعار ۽ وفا شعار عورتون / نياڻيون گهر ٻار سنڀالڻ سان گڏ، ٻنيءَ ٻاري، مال چارڻ، سبڻ ۽ ڀرڻ جي ڪم ۾ ڏينهن رات مصروف رهن ٿيون؛ پر انهن جي سچائي، محبت ۽ پورهيتي جو سندن مرد وٽ ڪوبه قدر ڪونهي. پيءُ، ڀاءُ جيڏي مهل به چاهي ته پنهنجي ڌيءُ، ڀيڻ، هڪ ڍور وانگر ڪنهن جي به حوالي ڪري ڇڏي ٿو. گهر جي ڪنهن به عورت سان مٽي مائٽي يا ڏيتي ليتي بابت ڳالهه ڪرڻ به مناسب نٿو سمجهي، مرد جي ناسمجهي ۽ خود غرضيءَ جي ڪري عورت جي زندگي تباهه ٿيو وڃي. ٻهراڙي ۾ 99% سيڪڙو ڇوڪرين جون شاديون بي جوڙ طريقي ڪرايون وڃن ٿيون.

        اهڙين ڇوڪرين جو چوڻ آهي ته اسان جون سوچون به اهي آهن جيڪي ڪنهن انسان جون هجن. شهري عورتون سمجهنديون هونديون ته ٻهراڙيءَ جون عورتون ناسمجهه ۽ بيوقوف آهن، پر ائين ڪونهي. اسان به سکي رهڻ چاهيون ٿيون، پر اسان کي آواز اٿارڻ جو حق ڪونهي. اسان کي هيسايو وڃي ٿو، ان ڪري اسين پنهنجي پسند ناپسند جو اظهار به ڪري نٿيون سگهون. اسين زبان هوندي به گونگيون آهيون. اسان کي پنهنجي شادي جي ڏينهن ايترو ڏک ٿيندو آهي، جيترو ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻڌايو وڃي ته اڄ تنهنجي زندگيءَ جو آخري ڏينهن آهي، پر اسان کي خاموش رهڻو آهي، ڪجهه به ڪڇڻو ناهي، اسان جي شاديءَ ڪرائڻ وقت اسان کان ڀلي نه پڇيو وڃي، پر گهٽ ۾ گهٽ اسان جي عمرين جو خيال رکي مائٽي ڪئي وڃي، ڇو ته پوڙهي مرد جا زال جي حيثيت ۾ لاڏ کڻڻ ۽ سهمون سهڻ تمام ڏکيو ڪم آهي.

        ان ڏس ۾ منهنجي ڀينرن جي تنظيمن کي گذارش آهي ته جهڙي طرح عورتن تي ٿيندڙ ظلم جبر ۽ تشدد خلاف آواز اٿاريو ويو آهي، اهڙيءَ طرح هن مسئلي (بي جوڙ شاديون ڪرائڻ) کي به اڳيان آڻڻ گهرجي.

سرتيون جي باري ۾:

        پڙهندڙ ساٿيو! ماهوار ڊسمبر 1996ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. پرچو ڪيئن آهي؟ اهو ته اوهان جا خط ٻڌائيندا. ٻي هڪ وضاحت ڪندا هلون ته هن شماري ۾ سلميٰ پنهور جو انٽرويو ۽ هڪ رپورٽ نه ڏئي سگهيا آهيون، جنهن لاءِ معذرت خواهه آهيون. وڌيڪ اميد ٿا ڪريون ته اوهان پنهنجو ادبي تعاون هميشه وانگر جاري رکندا.

گلبدن جاويد

 

سعديه بلوچ

بيبي رابعه بصري

 

بيبي رابعه 95 هه مطابق 713ع ۾ پيدا ٿي. پنهنجين چڱاين ڪري الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول سان سچي محبت ڪري مشهور آهي. سندن صحبت ۾ ويهڻ ۽ سندن نصيحتون ٻُڌڻ لاءِ ماڻهو پري کان سفر ڪري، سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا.

        سندن ماءُ، پيءُ تمام نيڪ ۽ غريب هئا، غريبي جو حال هيءُ هئو جو، سندن پيدائش جي وقت گهر ۾ ڏيئو به نه هو، جنهن سان روشني ٿئي. ۽ ڪو ڪپڙو به نه هو جنهن ۾ کين ويڙهيو وڃي. سندن ماءُ سندن والد کي چيو ته پاڙي وارن کان ٿورو تيلُ وٺي اچو ته ڏيئو ٻاري سگهجي، پر جيئن ته انهن انجام ڪيو هو ته الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن کان ڪابه شيءِ نه گهرنداسين، تنهن ڪري سندن والد تيل گهرُڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان غريبي ۽ مسڪيني جي حالت ۾ جڏهن بيبي رابعه ٿوري وڏي ٿي ته سندن والد وفات ڪري ويو.

        انهيءَ زمانيءَ ۾ بصري ۾ سخت ڏڪار پوڻ سبب ماڻهو روزي جي تلاش ۾ هيڏي هوڏي هليا ويا. هڪ ڏينهن هڪ ظالم بيبي رابعه کي پڪڙي ورتو ۽ کيس پاڻ وٽ نوڪرياڻي ڪري رکيائين. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان ظالم بيبي رابعه کي هڪ ٻئي ماڻهوءَ وٽ وڪڻي ڇڏيو. اهو ماڻهو بيبي رابعه کي پنهنجي گهر وٺي آيو ۽ کانئس سخت ڪم ڪرائڻ لڳو. انهن سخت ڪمن ۾ بيبي رابعه جو هٿ ڀڄي پيو. پر هٿ ڀڄڻ باوجود بيبي رابعه پوري ايمانداريءَ سان ڪم ڪندي هئي. بيبي رابعه جو معمول هوندو هو ته ڏينهن جو روزو رکندي هئي ۽ شام جو ڪم کان واندي ٿيندي هئي. ۽ رات جو گهڻي دير تائين الله تعاليٰ جي عبادت ڪندي رهندي هئي. هڪڙي رات جڏهن بيبي رابعه جي مالڪ کي جاڳ ٿي ته ان بيبي رابعه کي هڪ ڪنڊ ۾ الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول ڏٺو ۽ ڏٺائين ته سندس چئني طرفن کان نور جي روشني هئي ۽ بيبي رابعه چئي رهي هئي ته ”اي الله جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ته مان گهڻي دير تائين تنهنجي عبادت ڪيان ها، پر تو ته مون کي هڪ ماڻهو جو نوڪر ڪيو آهي، ان لاءِ مان تنهنجي بارگاهه ۾ دير سان حاضر ٿيندي آهيان.“

        اها ڳالهه ٻڌي بيبي رابعه جو مالڪ پريشان ٿيو ۽ هُن ارادو ڪيو ته هُو آئنده کانئس ڪم نه وٺندو. پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو کيس آزاد ڪري ڇڏيائين، پر عرض ڪيائينس ته جيڪڏهن توهان هتي رهڻ چاهيو ته ڀلي رهو مون کي خوشي ٿيندي، پر جي توهان ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ چاهيو ته ڀلي وڃو. اهو ٻُڌي ڪري بيبي رابعه حجري کان ٻاهر نڪري آئي ۽ الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مصروف ٿي وئي.

        بيبي رابعه جي نيڪي ۽ پرهيزگاري جو هي حال هوندو هو جو روزانو فرض نماز کان علاوه هڪ هزار رڪعت نفل به پڙهندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن حضرت حَسن بصري رحه جي وعظ ۾ به شامل ٿيندي هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ بيبي رابعه بصري حج ڪرڻ جي لاءِ رواني ٿي هڪ قافلي ۾ شامل ٿي. بيبي رابعه جو گڏهه تمام ڪمزور هو. ڪجهه وقت سفر ڪرڻ کان پوءِ اهو ويچارو رستي ۾ مري ويو. اهو ڏسي قافلي وارن کين عرض ڪيو ته توهان جو سامان اسان کڻي هلڻ لاءِ تيار آهيون. پر بيبي رابعه فرمايو ته مان توهان جي ڀروسي تي سفر نه ٿي ڪيان. اهو ٻُڌي قافلي وارا بيبي رابعه کي اڪيلو ڇڏي هليا ويا. پوءِ بيبي رابعه ان ئي وقت الله تعاليٰ کان دعا گهري ته اي خدا تون مون کي پنهنجي گهر جي طرف گهُرايو آهي، پر رستي ۾ منهنجي گڏهه کي ماري ڇڏيو آهي ۽ مون کي جهنگ ۾ اڪيلو ڇڏيو اٿئي. اڃا دعا ختم ئي نه ٿي ته گڏهه جيئرو ٿي ويو.

        جڏهن گڏهه جيئرو ٿيو ته بيبي رابعه الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو ۽ سامان کڻي مڪي ۾ پهچي وئي ۽ حج ڪرڻ کان پوءِ بيبي صاحبه بصري ۾ آئي. ۽ گوشه نشين ٿي الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول ٿي وئي.

بيبي صاحبه جي زندگي جو هڪ ٻيو واقعو هيءُ آهي ته ڪجهه ماڻهو بيبي صاحبه سان ملاقات لاءِ آيا. ان وقت بيبي صاحبه وٽ ٻه مانيون پيل هيون. جيڪي بيبي سڳوري مهمانن لاءِ رکيون هيون پر انهي گهڙي هڪ فقير اچي سوال ڪيو ته بيبي صاحبه اهي ٻئي مانيون فقير کي ڏيئي ڇڏيون. اهو ڏسي نوڪرياڻيءَ چيو ته مهمانن کي کائڻ لاءِ ڇا ڏيون، پر بيبي رابعه فرمايو ته ”الله تعاليٰ تي ڀروسو ڪر، الله تعاليٰ پاڻ بندوبست ڪندو.“ اڃا ٿوري دير ئي مس ٿي ته هڪ ماڻهو گرم گرم مانيون آنديون. بيبي رابعه ڳڻيون ته اهي ارڙهن هيون.

بيبي صاحبه اهي مانيون ۽ ٻوڙ واپس ڪيو ۽ فرمايائون ته اهي ڪنهن ٻئي جون مانيون آهن. وري ٿوري دير کان پوءِ هڪ ٻيو ماڻهو ماني کڻي اچي حاضر ٿيو. ان ڀيري ويهه مانيون هيون. بيبي رابعه اهي مانيون وٺي آڻي مهمانن جي اڳيان رکيون. جڏهن مهمانن ماني کائي ڍوءُ ڪيو ته هُنن عرض ڪيو ته: توهان پهريون مانيون ڇو واپس ڪيون؟ تڏهن بيبي رابعه فرمايو ته: ”اسان ٻه مانيون الله جي راهه ۾ ڏنيون هيون. ۽ الله تعاليٰ هڪ جي عيوض ڏهه مانيون ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي. ان لاءِ مان پهريون مانيون واپس ڪيون ڇو ته اهي ڳڻپ ۾ گهٽ هيون، پر جڏهن ٻيو ماڻهو مانيون کڻي آيو ته اهي تعداد ۾ پوريون هيون. تنهن ڪري مان اهي مانيون ورتيون.

بيبي رابعه کي ٺڳي ۽ ڪوڙي ڏيکاءُ کان سخت نفرت هئي. هوءَ نهايت ئي نيڪ ۽ سٺي اخلاق واري هئي بيبي صاحبه نهايت سادي زندگي گذاري. وٽس وضو ڪرڻ لاءِ فقط هڪ ڀڳل ڪونئرو هو ۽ پراڻو تڏو ۽ هڪ سِرَ جو وهاڻو.

بيبي رابعه فرمائيندي هئي ته اگر الله مون کي حڪم ڏئي ته مان جنت کي ساڙي ڇڏيان ۽ دوزخ کي ٿڌو ڪري ڇڏيان. جيئن ماڻهو الله تعاليٰ جي عبادت جنت ۾ وڃڻ لاءِ نه ڪن. بيبي رابعه بصري شاعره به هئي، ۽ سندن شعرن جو گهڻو حصو حمد ۽ نعت ۾ آهي.

بيبي صاحبه ڪنهن جي اڳيان ڪنهن شيءِ لاءِ هٿ نه ڊگهيريو. الله تعاليٰ کان سواءِ ٻئي کي سوال نه ڪيائون. ۽ سڄي زندگي عبادت ۾ گذاريائون ۽ بيبي رابعه جي وفات به عجيب طريقي سان ٿي. وفات وقت بيبي صاحبه ماڻهن کي ڪمري کان ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو ته دروازو بند ڪري ڇڏيائون. ڪجهه دير کان پوءِ ماڻهن اندر وڃي ڏٺو ته بيبي صاحبه وفات ڪري چڪي هئي، سندس وفات 105 هه مطابق 801ع ۾ ٿي.

 

 

*----------*---------*

 

تنوير جوڻيجو

موتين مُٺ

ڳالهيون سلڻ جهڙيون:

تازو اسٽاڪ هوم ۾ سويڊش اڪيڊميءَ پاران سال 1996ع لاءِ ادب جو نوبل انعام پولينڊ جي شاعره وسلا واولز ميورسڪا کي ڏنو ويو. وسلا جي عمر هن وقت ٽيهتر سال آهي. گذريل پنجهاهه سالن کان هن ادبي دنيا ۾ پير پاتو آهي. اخبار سان سندس رشتو، سندس اخباري ڪالم ”نان ڪمپلسري ريڊنگ“ ذريعي به آهي. وسلاوا- زمبورسڪا بي اولادي بيوهه آهي. ۽ قلم ئي سندس سڀ ڪجهه آهي، هن وقت پولينڊ جي هڪڙي پهاڙي علائقي زاڪو پئن ۾ هڪڙي ڪلب هائوس جي ننڍڙي ڪمري ۾ مقيم آهي.

        نوبل انعام ماڻڻ تي، کانئس هڪڙو انٽرويو ورتو ويو، جنهن مان ڪجهه اقتباسات پيش آهن. ادبي دنيا ۾ پير پائڻ جي سلسلي ۾ سندس جواب هو ”منهنجو گهريلو ماحول ادبي هو. منهنجي پيءُ کي علم و ادب ۽ ڪتابن سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. مون پنجن سالن کان لکڻ شروع ڪيو. 1950ع کان مان باقاعدي لکي رهي آهيان. ڇهن يا ستن سالن ۾ هڪڙو ڪتاب، پڙهندڙن کي ڏيندي آهيان، شروعات ۾ منهنجي شاعري ڪميونزم جي حمايت لاءِ هئي، ڇاڪاڻ ته ڪميونزم انسانيت سان پيار سيکاري ٿو پر پوءِ مون محسوس ڪيو ته انسان بجاءِ ماڻهوءَ سان پيار ڪجي ۽ ماڻهوءَ کي سمجهجي. ۽ اڄ، ڪنهن وقت اجتماعي طور فردن سان مخاطب ٿيندي آهيان، پر عام طور آءُ هڪ پڙهندڙ لاءِ لکندي آهيان، ۽ منهنجي اوليت اها هوندي آهي ته هر هڪ فرد الڳ الڳ منهنجي شاعري پڙهي ۽ اها جدا ڳالهه ته پنهنجي لاءِ کوڙ سارا پڙهندڙ چاهيندي آهيان.

شاعري ۽ مزاج جو پاڻ ۾ گهرو تعلق ٿئي. منهنجي شاعري ۾ مزاح به آهي ته ڏک به آهي. ڇاڪاڻ ته ٻئي شيون اهڙيون آهن، جن سان گڏوگڏ سولائيءَ سان هلي سگهجي ٿو. ڇو ته مختلف وقتن تي مختلف جذبا ٿين ٿا.

ڪنهن وقت ذهن تي مايوسي سوار هوندي آهي ۽ ڪنهن وقت دنيا دلچسپ لڳندي آهي. اڳ مان ڪنهن به شيءِ تي حيران نه ٿيندي هيس، پر هاڻي هر شيءِ تي حيران ٿيندي آهيان. ۽ ويچار ڪندي آهيان ته ائين ڇو آهي؟ مان پوز نان ويجهو هڪڙي ننڍڙي شهر ۾ جنم ورتو، جنهن جي ڀرسان هڪڙي وڏي ڍنڍ هوندي هئي، اُتي ماڻهو مڇي مارڻ ايندا هئا ۽ ٻيڙي جو سير ڪندا هئا. پر هاڻي اها ڍنڍ ننڍڙي ٿيندي پئي وڃي، اتي گاهه ڦٽي آيو آهي، پاڻي سڪي ويو آهي ۽ اڄ سوچيندي آهيان ته ڪيتريون ڍنڍون سڪي ويون هونديون. ماڻهو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ۽ خوراڪ ۽ بيمارين وگهي تڪڙا مري به رهيا آهن، اهو سڀ ڇو ٿئي ٿو؟

زندگيءَ جو مون وٽ پنهنجو فلسفو آهي، جنهن پٽاندر مان چئي سگهان ٿي ته هي شي صحيح آهي ۽ هيءَ غلط. پر مون ڪڏهن اهو ناهي چيو ته مان سدائين درست آهيان، مشاهدو ڪيئن ٿي ڪيان؟ ان جي وضاحت ان ڪري نه ٿي ڪري سگهان ڇاڪاڻ ته هڪ مصور کان اهو نه ٿو پڇي سگهجي ته هيءَ تصوير، هن طرح ڇو نه ٺاهي؟ هر ڪنهن کي مخصوص صلاحيت ڄمڻ شرط عطا ٿيندي آهي.

شعر لکڻ لاءِ ساڄو هٿ ۽ قلم استعمال ڪندي آهيان، جديد شخصيت ناهيان، ان ڪري ڪمپيوٽر تي ناهيان لکندي. دوستيءَ جي سلسلي ۾ کليل دوستيءَ جي قائل آهيان، رسمي قسم جي لاڳاپن جي قائل ناهيان. ڇاڪاڻ ته دوستي ڏک لاءِ به هوندي آهي ته سک لاءِ به.

لکڻ لاءِ اڪيلائپ جي ضرورت محسوس ڪندي آهيان، ايتري قدر جو ٽيليفون به ڊسٽرب نه ڪري.

(عوامي آواز – آڪٽوبر 26-1996ع)

 

تاريخ ساز

طاهره قرت العين

        دنيا جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون بهادر، جرئتمند ۽ دلير عورتون ٿي گذريون آهن، جن جي جدوجهد ۽ جاکوڙ جا ڪارناما نه رڳو ماڻهن جي دلين ۾ نقش آهن، پر تاريخ جي صفحن ۾ به جرڪندڙ آهن. اهڙي ئي هڪڙي هستي بابي تحريڪ جي روح روان ۽ بابي تحريڪ ڦهلائيندڙ طاهره قرت العين به هئي، جنهن جو جنم هڪڙي مسلمان گهراڻي ۾ 1817ع ڌاران، ايران ۾ ٿيو هو، طاهره جو ڪٽنب، ايران جي مسلمان عالمن ۽ ملائن ۾ نمايان مقام رکندو هو. طاهره کي به ننڍي هوندي کان ئي علم ادب جي روشني ملي. مذهبي معاملن کي وڌائڻ لاءِ طاهره ڪتابن جو مطالعو ڪيو، ۽ ان وقت جنم وٺندڙ نئين مذهبي تحريڪ کان متاثر ٿي، جنهن جا پيشرو حضرت باب ۽ حضرت بهاؤالله هئا، ۽ انهيءَ تحريڪ لاءِ جاکوڙ وٺڻ لڳي ۽ انهيءَ نئين دين جي سرگرم خطيب ۽ مبلغ بڻي ۽ ”امر بهائي“ گهر گهر رسائڻ لڳي. طاهره فارسيءَ ۽ عربي ۾ شاعري پڻ ڪئي ۽ ان وقت جڏهن ايران ۾ عورتن جي حالت محڪومن جيان هئي، طاهره عورت جي حقن جي ڳالهه ڪئي، مرد جي ٻي شادي ۽ پڙدي کي مٽائڻ لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي، سندس چوڻ هو ته ”نئون زمانو اهڙو زمانو آهي، جنهن جي تمدن ۾ زنانه ۽ مردانه عنصرن جو توازن برابر ٿي رهيو آهي. مرد ۽ عورت، انسانيت جي پکئيڙي جا ٻه پر آهن ۽ اهو پکيئڙوپنهنجي اڏام ان وقت تائين بلند ڪري نه ٿو سگهي، جيستائين سندس ٻئي پر مضبوط ۽ متوازن نه هجن.“

        طاهره، معاشري ۾ انقلاب ۽ جديد تبديلين جي حامي هئي، بني بشر جو اتحاد، عالمي امن ۽ عورتن جي سجاڳي سندس مقصد حيات هئا، طاهره نه رڳو سماج ۾ هاڪاري تبديلين جي حامي هئي، سندس شاعريءَ علم و عرفان زهد و تقويٰ، تقدس عفت، شعر و ادب، جرئت ۽ دليري، حسن اخلاق، شيرين زبان ۽ شيرين بيانيءَ جو اعليٰ نمونو هئي.

ممتاز ايران شناس اديب مرزا مقبول بدخشاني ايران نامه ۾ تحرير ڪري ٿو ته طاهره قرت العين جا شعر فصاحت ۽ بلاغت جو بهترين نمونو آهن، جن ۾ بلند خيالي ۽ لفظن جو شان ۽ شوڪت آهي، وحدت ۽ فنا جو صوفياڻو انداز آهي، لفظ لفظ، حرف حرف، جذبن جي گرميءَ جي نشاندهي ڪري ٿو، هر شعر ۾ داخليت ۽ ذاتيت جو رنگ نظر اچي ٿو.“

طاهره جي زندگي ۽ فن جي باري ۾ جن مغربي مفڪرن ڪم ڪيو تن ۾ شيرول، ڊي گوبينو، ميسو نيڪلا، لارڊ ڪرزن، مارٿاروٽ جا نالا قابل ذڪر آهن، ۽ مشرقي مفڪرن جن طاهره جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، تن ۾ شاعر مشرق علامه اقبال، سليمان، ناظم بيگ، پروفيسر هدايت حسين ۽ ورجني نائيڊ سر فهرست آهن.

طاهره قرت العين جي سوانح تي ٻه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، هڪڙو آمريڪي خاتون مارٿاروٽ جي قلم جو نتيجو آهي، جڏهن ته ٻيو فارسي زبان جي شاعر حسام نقبائي جي تصنيف آهي.

طاهره قرت العين کي سندس انقلاب / بغاوت جي نتيجي ۾ نظر بند ڪيو ويو ۽ پوءِ گهٽو ڏئي جسماني زندگيءَ مان آزاد ڪيو ويو. سندس موت بابت روايت آهي ته طاهره قرت العين کي سندس انقلابي ۽ باغيانه روين سبب محمود خان ڪلانتر (ميئر) جي گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو ۽ 1852ع ۾ ڪن ڪٽر مذهبي بابين ايران جي ناصر الدين شاهه تي گولي هلائي جنهن جي نتيجي ۾ سمورا بابي ڏمر جو شڪار بڻيا. ۽ طاهره قرت العين تي ٻه فتويٰ صادر ٿئي ته ”هي عورت گمراهه آهي ان ڪري سندس قتل لازمي ۽ مناسب آهي.“

”تذڪرت الوفا“ ۾ لکيل آهي ته جڏهن حڪومت جا اهلڪار کيس وٺڻ آيا ته کيس وزيراعظم جي گهر هلڻو آهي ته پاڻ پهرين غسل ڪيائين، گلاب استعمال ڪري پنهنجو بهترين سفيد لباس زيب تن ڪيائين ۽ هر هڪ سان ملي موڪلائين، ته کيس تمام وڏي سفر تي وڃڻو آهي، ۽ شام جو جڏهن کيس وٺڻ آيا ته پاڻ مڪمل تيار هئي. کيس هڪ باغ ۾ نيو ويو، ۽ جلاد کيس مارڻ کان انڪار ڪيو ته هڪ حبشي غلام کي آندو ويو، ان حبشي غلام سندس وات ۾ رومال وجهي، کيس گهٽا ڏئي جسماني قيد مان آزاد ڪيو ۽ پوءِ سندس جسم پاڪ کي هڪڙي انڌي کوهه ۾ اڇليو ويو ۽ مٿان پٿر، ڪن ڪچرو وجهي، کوهه پورو ويو. ۽ 1852ع ۾ ٻٽيهن يا ڇٽيهن سالن جي ڄمار ۾ پاڻ پنهنجي مقصد تان قربان ٿي. ۽ جڏهن سندس موت جي خبر ناصر الدين شاهه کي ملي ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ڇاڪاڻ ته شاهه جي اجازت ۽ اطلاع کانسواءِ کيس ماريو ويو هو.

اڄ به لوڪ سندس اهي لفظ ياد ڪندا آهن، جڏهن قيد خاني ۾ چيو هئانين، ”اوهان جان وٺي سگهو ٿا، پر عورت جي آزاديءَ کي روڪي نه ٿا سگهو.“

طاهره قرت العين.

*-------*-------*

 

 

زينت بروهي

تعليم ۽ ٻار

 

 

سنڌ ۾ تعليم جي ڪرندڙ معيار تي ڪيترائي اديب، دانشور ۽ ماهر تعليم پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري چڪا آهن، اسان جا ماهر تعليم، سيمينارن، اخبارن ۽ انٽرويوز، جي ذريعي سنڌ ۾ تعليم جي ڪرندڙ معيار ۽ تباهيءَ جا سبب بيان ڪندا رهيا آهن، علم جو احساس ڪندڙ سنڌ جو باشعور طبقو موجود صورتحال کان فڪرمند آهي ته ان جو اثر ايندڙ نسل تي ڪهڙو پوندو؟ تعليم جي معيار جو مسئلو شروعاتي تعليم کان اعليٰ تعليم تائين آهي. سڀ کان پهرين اسان کي بنيادي تعليم يعني پرائمري سطح تي تعليمي نظام جي اصلاح ڪرڻي پوندي.

        اهو قدم تعليم جي ڪرندڙ معيار کي سنڀالڻ  ۾ تمام گهڻو فائديمند رهندو. اسان جي ملڪ ۾ تعليمي ادارن جي حالت افسوس جوڳي آهي.

        پرائمري سطح تي ٻارن جي جيڪا تباهي پيئي ٿئي، ان جي ذميواري استادن تي عائد ٿئي ٿي. ڇو ته پرائمري استاد گهڻو ڪري گهٽ پڙهيل هوندو آهي. هڪ مئٽرڪ پاس استاد جڏهن ٻارن کي پڙهائڻ شروع ڪيو ته ڪهڙي بنياد تي؟ ڇو ته نه هن کي ٻارن جي نفسيات جي ڄاڻ هوندي آهي نه علمي قابليت.

        اهڙي حالت ۾ هو اڪثر ٻارن کي اڻ وڻندڙ لفظن سان نوازيندو رهندو آهي. بي رحمي سان ماريندو رهندو آهي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته ٻار اسڪول ۾ پاڻ سان ٿيل زيادتي، مار ۽ دڙڪن جي خوف کان اسڪول وڃڻ کان نٽائي ٿو، ڇو ته اُهو ماحول هن لاءِ وڻندڙ نٿو رهي. پر مائٽ کيس زبردستي اسڪول موڪلي ٿا ڇڏين.

        اسڪول جي ماحول ۽ مائٽن جي ڊپ جي ڪري ٻار اسڪول کان ڀڄڻ تي مجبور ٿيندا آهن. ٻارن جو اسڪول کان ڀڄڻ جو ٻيو سبب غير معياري ۽ غير دلچسپ نصاب به آهي. سالن کان پراڻو نصاب ۽ تعليم ٻارن جي وچ ۾ مضبوط رشتو جوڙڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو آهي ڇو ته نصاب ۾ دلچسپي جو ڪو خاص مواد موجود نه رهيو آهي. موجوده نصاب ۾ اها تيزي اهو چاهه ۽ اها ڪشش ناهي. جنهن سان ٻار جهالت جي ڀت ڪيرائي پنهنجي ذهانت جي ٻل تي علم جي سفر ۾ سولائي سان ڪاميابين جي طرف روان دوان ٿي سگهي.

        ٻئي طرف ماهر ۽ تعليم يافته، تجربيڪار استاد به پنهنجي گهٽ آمدني جي ڪري مالي پريشانين ۽ معاشي طور تي مختلف مسئلن ۾ گهيريل رهن ٿا. احساس محرومي ۽ ذهني مونجهارن ۾ گهيريل هي انسان پنهنجو علم ايمانداريءَ سان ٻارن ۾ منتقل ڪرڻ پنهنجو فرض نٿو سمجهي. پر پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين جو اظهار هو ڪلاس ۾ ٻارن کي توجهه سان نه پڙهائي ڪري ٿو.

        غير سائنسي ۽ دلچسپي کان خالي نصاب ٻارن جي لاءِ ڪا ڪشش نٿو رکي. ناقص نظام تعليم، ڪتابن جي گهڻائي، ڊگهو ڪورس، ٻارن جي ذهن تي بار ٿي پيو آهي. بلڪه ٻار جسماني طور تي ڪتابن جي گهڻائي کان بيزار رهندو آهي. تعليم جي شروعاتي دؤر ۾ ۾ ٻار پنهنجي مادري ٻولي کي سکڻ ۽ سمجهڻ ۾ گهڻو زور ڏيندا آهن.

        اڃا هو پنهنجي مادري ٻولي سکڻ ئي شروع نٿا ڪن، يعني معصوم ٻار کي الف – ب به سهي طريقي سان نٿي اچي ته اسان انهن کي سوشل سائنس، غير مادري زبان يا ٻيا غير ضروري مضمون پڙهائڻ شروع ڪري ٿا ڇڏيون، جيڪي انهن جي ننڍڙي ذهن ۾ نٿا اچن. ٻار جو ننڍڙو ذهن جڏهن اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ ۽ ذهن ۾ گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿو ٿئي، تڏهن هو اسڪول وڃڻ کان نٽائي ٿو، ۽ هر ٻئي ڏينهن تي ضد ڪري ٿو ۽ مختلف حيلن ۽ بهانن سان اسڪول نه وڃڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. ان کان سواءِ ٻار ڏانهن توجهه نه ڏيڻ جو سبب ڪلاس ۾ ٻارن جي گهڻائي ۽ استادن جي لاپرواهي به آهي.

        غير تربيت يافته استاد ٻارن کي ان جي نفسيات مطابق نه پڙهائڻ ڪري هو ٻار جي دلچسپي برقرار نه رکي سگهيا آهن. استاد هئڻ کان سواءِ استادن جي لاءِ شاگردن جي نفسيات کان واقف هئڻ بيحد ضروري آهي. جيسين تائين هو شاگرد جي فطرت، ان جي گهرجن ۽ ان جي صلاحيتن کان واقف نه ٿيندا، تيسين هو سٺي نموني سان پڙهائي نه سگهندا.

        موجوده دؤر ۾ ماهر تعليم هن ڳالهه تي متفق آهن ته نفسيات جو علم موجوده صدي ۾ ئي منظر عام تي آيو آهي. هاڻ ان ۾ وڌيڪ تحقيق جو عمل جاري آهي. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ نفسيات جي ڄاڻ هئڻ به ضروري آهي. هر ٻار پنهنجي الڳ شخصيت ۽ طبعيت جو مالڪ هوندو آهي، هر ٻار جي ذهني ڄاڻ مختلف هوندي آهي. اها استاد جي ذميواري آهي ته هو سڀ کان پهرين ٻار جي رجحان جو جائزو وٺي. غير دلچسپ ۽ رٿيل طريقو ٻارن کي بوريت کان سواءِ ڪجهه به نٿو ڏئي. سمجهه کان مٿانهين پڙهائي جي ڪري هو، بيزاريءَ جو مظاهرو مختلف طريقن سان ڪري ٿو، مثلاً شرارتون ڪرڻ، ڪلاس ۾ ٻارن کي تنگ ڪرڻ، ڪلاس ۾ ٻين ٻارن سان ڳالهيون ڪرڻ وغيره. هن جو مقصد ٽيچر جو ڌيان پنهنجي طرف ڪرائڻ هوندو آهي. جيئن هو کيس سزا جي طور تي ڪلاس کان ٻاهر بيهاري ڇڏي. جيئن هو سمجهه ۾ ايندڙ پڙهائي جنهن ۾ کيس بوريت کان سواءِ ڪجهه به حاصل ڪين پئي ٿيو، تنهن کان ڇوٽڪارو ملي وڃي.

        اها انهن ٻارن جي ڪيفيت آهي، جيڪي ٿورا گهڻا بولڊ آهن، البت حساس ٻارن جي نفسيات ٿوري مختلف هوندي آهي، مثلاً خاموش طبعيت ۽ حساس ٻار ذهني طور تي اُلجهيل رهندا آهن، انهن ۾ سمجهڻ ۽ پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ جي صلاحيت تمام گهٽ هوندي آهي. هو ڪوشش ته گهڻي ڪندا آهن سمجهڻ جي، پر جڏهن پنهنجي ذهن جي مطابق ڪجهه حاصل نه ڪري سگهندا آهن ته پوءِ اسڪول وڃڻ کان ڪيٻائيندا آهن. هڪ نه ٻئي ڏينهن تي ڪو نه ڪو بهانو ڪري هو گهر ويهي رهندا آهن. ڪجهه ٻار پنهنجن مائٽن کي چوندا آهن ته ڪلاس ۾ پڙهيل سبق کي آسان طريقي سان کين ٻيهر سمجهايو وڃي، جنهن کي هو پنهنجي سمجهه مطابق ذهن نشين ڪري سگهن، جيئن ٻئي ڏينهن تي هو پنهنجي ٽيچر ۽ ساٿي شاگردن جي اڳيان شرمندو ٿيڻ کان بچي سگهن.

        ڪجهه ٻار اهڙا هوندا آهن، جيڪي رٽو لڳائيندا آهن، اهو طريقو به خراب آهي جيڪو ٻار جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ تي اثر انداز ٿيندو آهي. هن طريقي سان ٻار جو بنياد بلڪل ڪچو ۽ ڪورو رهجي ويندو آهي. ڪلاس ۾ پڙهيل سبق ته سندس مٿان ئي گذري ويندو آهي. اهو طريقو اڳتي لاءِ نقصانڪار هوندو آهي. اهڙا ٻار جڏهن شعور جي حدن تائين پهچن ٿا، تڏهن هو، اسڪول کان ڀڄڻ جا طريقا ڳوليندا آهن. ڇو ته اسڪول جي چوديواري ۾ سندن لاءِ دلچسپي جي ڪابه شيءِ باقي نٿي رهي. ان ڪري هو ٻاهر جي دنيا ۾ پنهنجي دلچسپي ڳولڻ لڳي ٿو. اسڪول جي شروعاتي دؤر ۾ مائٽن ۽ استادن جي خوف کان هو ڪلاس اٽينڊ ڪري ٿو. ان کانپوءِ هن جو ذهن پڙهائي مان کڄي وڃي ٿو ۽ تعليم هن جي لاءِ هڪ بي مقصد شيءِ رهجي وڃي ٿي.

        اهڙين حالتن ۽ ماحول جا ماريل ٻار گهڻو ڪري رلندا وتندا آهن ۽ اڳيان هلي، خراب ماحول ۽ خراب ماڻهن ۾ اٿڻ ويهڻ لڳن ٿا. اهڙي ماحول ۾ پنهنجي احساس محرومي کي مٽائڻ جي لاءِ هو نشو ڪرڻ يا ٻيون ڪي خراب عادتون اختيار ڪن ٿا، استاد جي محبت، شفقت ٻار کي علم جي طرف راغب ڪري ٿي ۽ دلچسپي پيدا ڪرڻ ۾ پڻ مددگارثابت ٿئي ٿي. اهو انهيءَ وقت ممڪن آهي، جڏهن حڪومت هن سلسلي ۾ عملي قدم کڻي. اُهي سموريون بنيادي سهوليتون مهيا ڪري، جيڪي وقت جي ضرورت آهن. اهڙيون پاليسيون ترتيب ڏجن، جيڪي استادن ۽ اسڪول جي معاشي ۽ ٽيڪنيڪي لحاظ کان اعليٰ سهوليتون فراهم ڪري سگهن، تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ جي لاءِ تعليم جي ماهرن کان مدد ورتي وڃي ۽ انهن جي راءِ کي نظر ۾ رکندي، هڪ تعليمي پاليسي مرتب ڪئي وڃي، يا علمي اداري يونيسڪو جي چارٽر آف ايڊيوڪيشن تي عمل ڪري تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.

تعليم سڌارن جي لاءِ نصاب ۾ ترميم ڪئي وڃي. ان کان سواءِ پرائمري سطح تي سبجيڪٽ گهٽ ڪرڻ ۽ استادن کي تربيت ڏيڻ وغيره شامل آهن. موجوده تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ان جي اصلاح تمام گهڻي ضروري آهي. سماجي، سياسي، تاريخي ۽ نفسياتي طور تي ان جو جائزو ورتو وڃي. موجوده  نصاب کي تبديل ڪري ماهرين راءِ کي نظر ۾ رکندي، نئون نصاب مرتب ڪيو وڃي.

تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اهڙا استاد مقرر ڪيا وڃن، جيڪي نه صرف اعليٰ تعليم يافته هجن، پر تجربيڪار پڻ هجن، سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ٻارن کي انهن جي مادري ٻولي ۾ پڙهايو وڃي، ڇو ته اهو تدريس جي بنيادي اصول جي مطابق آهي، ڇو ته توهان جيڪي سيکارڻ وڃو پيا، ٻارن سان انهن جي ٻولي ۽ سمجه جي مطابق نه ڳالهائيندا ته ڪيترين ڪوششن جي باوجود به توهان انهن کي سمجهائي نه سگهندا، موجوده دور جا ماهر به هن ڳالهه تي متفق ٿي رهيا آهن ته سڀ کان وڌيڪ موثر Mediumof instructure ذريعي تعليم شاگرد لاءِ مادري ٻولي کانسواءِ ٻي ڪا ٻولي نٿي ٿي سگهي.

ترجمو: عظميٰ پنهور

 

 

*---------*--------*

 

مسز زيب النساء شاهه

عورت جو ساٿ سماج سان

(ع) علم عظمت ڏي.

(و) ورق، واضح ڪري.

(ر) رهبر، رازدار، رهنمائي رکي، رفيق هم سفر.

(ت) تميز، تربيت ڏي = تارازيءَ ۾ توري قول ۽ فعل کي.

مٿين لفظن جي وضاحت مون پنهنجي عنوان مطابق لکي آهي.

        عورت ڏٺم من ۾، مندر ۾، مڪي ۽ مڪان ۾، مقدس ۽ معتبر آهي، ڇاڪاڻ ته تمام اونهي آهي. اندر ۾ عورت ڏٺم، بر ۾، بازار ۾، بک ۾، بخت ۾، بهبودي ۾، عورت ڏٺم، بلند ڪردار ۾، پر جڏهن ڪمتري ۾ ڏٺم ته روئي ڏنم. ”اي حوا جي ڌيءَ تنهنجو مقام ڇا، ۽ تنهنجو انجام ڇا ٿيو آهي!“

        عورت ساٿياڻي آهي، عظمت جي ديوي، عاقبت جو آثار، انبياءُ جي ماءُ، عالمن جي ماءُ، اوليائن جي ماءُ، اوصافن جي ماءُ، دانشورن جي ماءُ، حاڪمن جي ماءُ، خاندان جو رهبر چوانس. ڏهه مهينا وجود ۾ سنڀالي جنم ڏيڻ واري ماءُ تنهنجو هي حشر ! ”افسوس اٿم.“ هن ڀونءَ يعني زمين، جنهن کي سجدا ٿا ڪريون. (سمجهڻ وارا سمجهي ويا هوندا) پر چئون ٿا ته ٻڌائيندي ٿي هلان ٻه سجدا ”نماز“ ۾ شايد انهي ڪري ٿا ڪجن گنهنگار آهيان، بندي آهيان ايتري ڄاڻ نه اٿم پر منهنجو فهم اهو ٿو محسوس ڪري ته ”اي ماءُ“ اول سجدو اهو آهي تو مان پئدا ٿيو آهيان توتي ”سلام“  ٻيو سجدو شڪر زمين لاءِ (اها مٽي جنهن ۾ وري واپس وڃڻو آهي).

         هاڻي هڪ سجدو جنم ڏيڻ جو ٻيو واپس آغوش لحد ۾ جيڪو تاقيامت سانڍڻ جو ”سلام“ ته ڇا ماءُ يعني عورت ماءُ به، عورت ڀيڻ به ڌيءَ به، اها سلام قابل نه آهي! يا هن کان اهو حق سماج جي سرپرستن ڇنيو آهي، هن کي ته قدرت سڀ خوبيون ڏنيون آهن، تمام گهڻي عزت دار آهي:

    صبر سيکاري،

    سليقو سيکاري، سلام سيکاري.

    سجدو سيکاري، قناعت سيکاري،

        ڏس ته زمين خاموش اسان کي خوش رکڻ لاءِ ڇا، پنهنجي سيني تي ڪيڏا بار سهي ٿي، دنيا کي شاداب ڪري، رنگين بنائي ٿي، هر نعمت اپائي ٿي، ۽ انهن سڀني نعمتن کي ڏسي، مخلوم خوش ٿئي ۽ عبرت حاصل ڪري.

        درياءَ جون موجون ڏس، صحرا کي ڏس.

        آسماني نيري ڇت ڏس، سورج جو طلوع ٿيڻ ۽ غروب ٿيڻ، شام جو هوائن جي خوشبو ماڻ، خوش ٿي.

پر بندو پوءِ به شڪر جي نعمت کان محروم! وقتي طور اسان تي ڪير ٿورو ٿو ڪري ته شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ لفظ نٿا لڀن، حالانڪ شڪر ته مالڪ حقيقي جو ڪرڻ کپي، پر مالڪ جي شڪر جي منزل مشڪل ٿيو پوي. محبت جو ڪجهه انداز ئي عجيب آهي، جنهن سان شڪر ڪريون.

        عورت به انهيءَ مخلوق کي جنم ٿي ڏي، سماج کي پر رونق ٿي بنائي، ڪيڏي نه خوبصورت آهي، پر سماج جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ هن دور ۾ يا هن وقت ائين چوڻ ته شام ملهايون انهيءَ عورت سان، جيڪا توهان جي ڪري، پنهنجون مصروفيتون ختم ڪري، توهان کي فرحت ۽ سڪون ٿي بخشي، پاڻ کي تمام سستو ڪري ڇڏيو اٿس ”ڇو؟“ جواب ٿي گهران. سندس تصوير ڪپڙي تي، رستي تي، در ديوار تي، بس اندر، رڪشا اندر، ڪار اندر، ڪيسٽ مٿان

        چانهن جي پتيءَ جي دٻي مٿان،

        پان مصالحه مٿان،

        صابڻ ٽڪي مٿان،

        جهانجهر يعني ٺمڪو هڻڻ مٿان،

        ليبل نمبر ون هر شيءَ مٿان،

        شربت جي شيشي مٿان،

        دهل شرناءِ مٿان،

        مردن جي محفلن ۾ پينٽ شرٽ مٿان،

        دوڪاندار جي ڪائونٽر مٿان،

        سبزي منڊي مٿان،

        ترقي يافته آهي، بزنس پارٽنر آهي.

        منهنجي پنهنجي حقيقت آهي ته آءٌ ٽن سالن جي هيس ته منهنجي اسڪول ۾ داخلا ٿي پر انهيءَ وقت ۾ ٽن سالن جو ٻار داخل نه ڪندا هئا، سو پهرين ڌيءَ هيس، مائٽ پڙهيل هئا، مس کي پنج سال عمر لکي ڏنائون، داخلا ٿي وئي، وقت گذري ويو: نه امان هن وقت موجود، نه بابا! اهو قدرت جو معاملو آهي. پر آپا اڃا 60 سالن جي نه ٿي آهي. اوچتو ملاقات يونيورسٽي ۾ ٿي ته سوال؟ ها ادي ڪهڙي هنڌ پيا پڙهايو. منهنجو جواب اڃان ته نه پئي پڙهايان، توهان سمجهدار ٿيو. کلڻ سان گڏ پيرڙا کڻو پوءِ مون وٽ داخلا وٺو ته پڙهائيندس. دير نه ڪجو اوهان جو برٿ سرٽيفڪٽ ”بالا آفيسر صاحب“ ڏيندو، ۽ ڀاڄائي Witness ڏيندي ڇاڪاڻ ته نڻان ننڍڙي ئي رهي ته بهتر آهي. مارشلا انهيءَ ميڪ – اپ کي پوي جنهن موت کي مات ڪري ڇڏيو آهي. اڳيئي عورت ننڍي سڏائي ويتر اهي ماڻڪ موتي، ميڪ – اپ مالائون، بس سبحان الله ڇا چوان هڪ ٻي ڳالهه 1956-57 جي ڳالهه پنهنجي فئملي سان گڏ جڏهن حيدرآباد آياسين ته نيو مئجسٽڪ سينيما ۾ هڪ فلم تي وياسين. اچانڪ منهنجي ڏاڏي چيو ته اي عورت سوچ، ننگ لڄائي نمائش ٿي ڪرين، زر خاطر.

        اي عورت، ماڊلنگ ڪري ٿي من موهين، زر خاطر.

        اي عورت، زر وٺي زيب تن پهرين زيبائش جي لاءِ پنهنجي عروج تي ناز ٿي ڪرين. شايد زوال کان ناواقف آهين.

        اي عورت زر نه گهر، زر جي بجاءِ زبان گهر جا توکي زينت زيب بنائي.

        انهيءَ ڪري ته تنهنجي جهولي ۾ ڪيئي هستيون لڪل آهن، جن لاءِ ائين چوان ته گودڙيءَ ۾ لعل. تنهنجي وجود ته ڪيترين هستين کي جنم ڏنو آهي، انهي لاءِ ته سوچ ڪنهن مهل منهنجي ٻانهن ۾ ته ڪنهن مهل انهن جي ٻانهن ۾ سمجهدار سمجهي ويا هوندا، تنهنجو روپ ڏسي ڪنڌارن جا ڪنڌ جهڪي ويا آهن، هن وقت معاشري جي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ پريشان حال آهي. ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ جيتريون عورتون عياش هيون جن کي سوسائٽي سٺو نه سمجهندي هئي، هر دور ۾ برائي ٿي آهي، هر انسان ۾ برائي لڪل آهي، ڏٺو وڃي ته هڪ ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ سوين ڪوڙ ڳالهائڻا پون ٿا، هڪ عيب کي لڪائڻ لاءِ انسان ويچارو ڪيترو پريشان ٿو ٿئي، پر هن وقت انسان حيوان کان اڳتي آهي، هر شعور هئڻ جي باوجود برائي کي منزل ٿو سمجهي، جو برائي کي روڪڻ لاءِ جائز قدم کڻڻ جي بجاءِ ناجائز قدم ٿو کڻي. پوءِ چئو ته مجبوري آهي. هن وقت هن دور ۾ عورت آزاد به آهي. عورت باعزت باشعور به آهي. عورت وٽ قانون به آهي، عورت وٽ قلم ۽ عورت وٽ طاقت به آهي، پوءِ به عورت پريشان ڇو؟ خدارا پاڻ جواب ڏيو يا ته ميدان ۾ اچي مقابلو اخلاقيات تي ڪريو. اسلامي ملڪ آهي. اسلام جي بقا لاءِ جهاد لازم، عورت جي بقا لاءِ جدوجهد جو نعرو ٿو لڳي، پر حق جي پردي داري آهي. رسول پاڪ جي پيروي صرف لفظن تائين، خاتون جنت جا صرف اسين دعويدار آهيون. اهي ڪهڙا عالم آهن، اهي ڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي قرآن ۽ سنت سمجهڻ جي باوجود محفلن ۾ جڏهن قرئت يعني قرآن پاڪ جي تلاوت ٿيندي آهي ته پهرين ڪنڌ جهڪائي ويهندا آهن، پوءِ ويهي لوڻا هڻن. اڪثر عورتون آيت ختم ٿيڻ وقت مٿو لوڏي رئو لاهينديون آهن، ڄڻ مٿي تي بار پيل اٿن، جنهن وقت پالر تي وڃي ٽوپ پائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهن ٿيون، انهيءَ وقت ڪنڌ ۾ سور نٿو پوين.

        عورت کي ايترو آزاد ڪريو جيترو مستحق آهي، اوترو وزن وجهوس جيترو کڻي سگهي. عورت قدرتي ڪمزور آهي. ۽ نازڪ پڻ پر بار کڻڻ لاءِ عورت کي ٿا استعمال ڪريو. آزادي ڏيئي عقل ٿا کسيو. چوندا آهن ته ٻي جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائڻ ڏاڍو سولو آهي، سو هن وقت معاشري جي مردن اهو هٿيار آساني سان هلائڻ سکي ورتو آهي. عورت شاهڪار عظمتن جي، جنهن کان پٿر به ڪٽرايو، شيشو به پگهرايو، سمگلنگ به پيا ڪرايو، آفيس ۾ ڏس، هر هنڌ ڏسوس واقعه عورت سختي سور صبر سان سهڻ واري آهي، عورت اندر هجي يا ٻاهر دوستن اڳيان واپار جي اڳواڻي لاءِ Intertainment ڪار اندر يا ڪار ٻاهر Midguard جي مٿان لبن جي لالائي مٿان اکين جي آسيس مٿان ڇا لکي ڇا لکان دل اُڌما پئي کائي!

 

 

*---------*--------*

 

 

شبانه سنڌي

جيڪر ڪين  جيان

 

”اسپتال ۾ ايڊمٽ ٿئي، مون کي ٽيون ڏينهن هو، آءُ  بيڊ تي ليٽي ”امر جليل“ جو ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ پڙهي رهي هيس ته اوچتو ڪنن تي، ڪنهن عورت جي روئڻ جو آواز پيو. منهنجي هٿن مان ڪتاب ڇڏائجي ويو. منهنجي روم جي در جو هڪ تاڪ کليل هو، اُتان جهاتي پاتم ته اسٽريچر تي هڪ پاڻ جيتري عمر جي ڇوڪريءُ کي بيهوش پيل ڏٺم. ايڏو ته ڏک ٿو ٿئيم جو اکيون پوري ٿي ڇڏيان! ”الاءِ ڇا ٿيو آ ويچاريءَ کي؟“ دل ئي دل ۾ ان متعلق سوچڻ لڳان ٿي ۽ ٻيهر اکيون کولي ڏسان ٿي، هوءَ سامهون واري روم ۾ بيڊ تي بيهوش پيئي هئي. سيرانديءَ کان هڪ عورت روئي رهي هئس، ۽ پيرن کان هڪ مرد پريشان ۽ ڏکارو ٿيو بيٺو هو.

        مان اُٿي ويهي ٿي رهان ۽ غور سان ان ڇوڪريءَ کي تڪڻ ٿي لڳان، گلاب جهڙو چهرو، سفيد رنگت، کيس اڇو وڳو ڏاڍو سهڻو پئي لڳو، ٻانهن ۾ سونو ڪنگڻ پيل هيس، ڏاڍي سُندر لڳي رهي هئي.

        مون کي الائي ڇو، هُن تي تي پيار اچي ويو. مون کي ائين چتائي هن ڏانهن نهاريندي ڏسي، منهنجي امان اُٿي، در جو کليل تاڪ بند ڪري ڇڏيو. امڙ کي خبر هئي ته آءُ انتهائي حساس طبعيت واري آهيان، ۽ هن بيماريءَ ته تهائين حساس بنائي ڇڏيو هيم. امڙ نٿي چاهيو ته آءُ ان جو اثر پنهنجي دل تي وٺان.

        ۽ امڙ جي اهڙي سوچ تي مون مُرڪي چيو: ”منهنجي مٺڙي امڙ! تنهنجي در ڏئي ڇڏڻ سان مان کڻي ڏسي ڪانه سگهندس. پر درد ته محسوس ڪري سگهان ٿي. ۽ ان بابت سوچڻ کان پاڻ کي روڪي به ته ڪونه ٿي سگهان نه !!

        اڌ ڪلاڪ کن مس گذريو ته در تي ٺڪ ٺڪ ٿي، امان اُٿي در کوليو ته ان ڇوڪريءَ جي ماءُ بيٺي هئي. ”ادي ..... توهان وٽ گلاس آهي؟! هُن عورت پڇا ڪئي، امڙ جهٽ ۾ گلاس کڻي ڏنس ته مون پڇيو مانس، ”ماسي! تنهنجي ڌيءَ کي ڇا ٿيو آهي، منهنجي ان سوال هن جي اکين ۾ لُڙڪ آڻي ڇڏيا. ڳوڙها اگهندي چيائين:

        ”امان ...... منهنجي نياڻيءَ جي قسمت ئي ڦٽل آ، پوءِ ڪنهن کي ڏوهه ڏيون، ائين چئي هوءَ وئي هلي ۽ مان تهائين وڌيڪ پيڙا ڀوڳڻ لڳيس.

         ۽ نيٺ مان رهي نه سگهيس، هلي ويس هن جي ڪمري ۾.....

        هوءَ بيڊ تي ليٽي پئي هئي. مان جو داخل ٿيس ته مون کي ڏسي هُن اٿڻ جي ڪئي پر هٿ جي اشاري سان منع ڪري ڇڏيمانس.

        سندس بيڊ جي ڀرسان پيل اسٽول تي ويهي رهيس ۽ پنهنجو تعارف ڪرايو مانس.

        ”منهنجو نالو شنيلا آهي ۽ مان هُن روم ۾ آهيان. مان خاموش ٿي ويس ته هن پنهنجا چپ چوريا ”منهنجو نالو ڪنول آهي، توهان سان ملي خوشي ٿي، هوءَ خاموش ٿي ته مون پڇيو، ”توکي ڇا ٿيو آ؟“ منهنجي ان سوال تي هن جا نيڻ ڀرجي آيا، ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ هوءَ روئي پئي.

        مون اُٿي کيس ڀاڪر پاتو ته هوءَ سڏڪن ۾ پئجي وئي، سندس ماءُ به روئي ڏنو هو، نيٺ هن کي پرچائي ماٺ ڪرائي مانس ته لڙڪ اگهندي چيائين:

”تون اڻواقف ٿي ڪري به هلي آئي آهين، همدرديءَ واري جذبي تحت، پر اسان جا پنهنجا اڃا تائين ناهن آيا. مون کي الائي ڇو لڳي ٿو، ڄڻ مان جيئري ڪانه رهندس، مري وينديس، پر مرڻ کان پوءِ به اُهو ڏک رهجي ويندو ته منهنجا پنهنجا ڪا مدد آڇڻ ته ٺهيو، پر سکڻو دلاسو ڏيڻ لاءِ به ڪونه آيا.

        ايترو چئي هوءَ وري سُڏڪن ۾ ٻُڏي وئي.

        ”چيو مانس: همت ڪر، دل ڇو ٿي لاهين،

چري...... پنهنجا ئي ته ڏک ڏيندا آهن، اُها انهن جي روايت آهي، اُهي پنهنجا ئي ڪهڙا جي ڏک ڏئي نه ڄاڻن. تون ان جو ڏک نه ڪر، هروڀرو پاڻ کي نقصان رسائيندينءَ.

        ”لُڙڪ اُگهندي چيائين: زندگيءَ ۾ ايترا ته ڏک مليا اٿم، جو هاڻ ذري به همت نه رهي آ، زندگي ئي ”لڙڪ“ بنجي وئي آهي. گهڻي ئي ڪوشش ڪريان ٿي برداشت ڪرڻ جي پر هاڻ سهي نٿي سگهان. مان.... مان جيئڻ چاهيان ٿي، مرڻ نٿي چاهيان، پر هي ماڻهو مون کي جيئڻ نٿا ڏين، پوءِ مان ڇا ڪريان؟ هُن جي ڳلن تي ڳوڙها ڳڙي آيا.

کيس ڳراٺڙي پائي، سمجهائڻ لڳس، ”ڏس ڪنول، دنيا ۾ اُهي ماڻهو ئي ڪامياب زندگي گذاريندا آهن، جيڪي ڏکن جو مقابلو ڪري ڄاڻندا آهن. تون، پاڻ لاءِ نه ته، پنهنجي امڙ لاءِ ئي سوچ..... پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪر، توکي ڪجهه نه ٿيندو، تون ٺيڪ ٿي ويندينءَ، تنهنجي هيءَ عمر مرڻ جي ٿورئي آ... منهنجي ائين چوڻ تي هُن ڦڪي مُرڪ مرڪندي چيو: مون کي ڪوڙا دلاسا نه ڏي، عمر تي ٿوري مرندو آ ماڻهو..... مون کي خبر آ مان مري وينديس“.

”مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪيئن سمجهايانس، اهو به سمجهي نه سگهي هيس ته آخر، هن ننڍي عمر ۾ ئي ايڏي مايوسيءَ جو سبب ڇا آهي؟ ايتري همٿ ڪٿان آنيان ها جو پُڇا ڪيانس هان، هيڏانهن هوڏانهن جون ٻه ٽي ڳالهيون ڪري موٽي آيس، پڇڻ ان لاءِ به مناسب نه لڳو جو هوءَ ڪافي ڊسٽرب هئي.

ٻئي ڏينهن تي هُن جي ماءَ اسان وٽ آئي، مان بيڊ تي ليٽي ڪتاب پڙهي رهي هيس، هُن کي ڏسي ڪتاب وهاڻي هيٺان رکي ڇڏيم.

”امان، ڪيئن آ تنهنجي طبعيت؟ هُن منهنجي ڀرسان ايندي پڇيو:

چيومانس: مان ٺيڪ هان، ڪنول ڪيئن آهي؟

مايوسيءَ مان وراڻيائين، امان تون نياڻي آهين، دُعا ڪجانس ته ٺيڪ ٿي وڃي، شل منهنجي حياتي به کيس ملي.

پڇيو مانس: ڪنول جي اها عمر تي کل ڀوڳ ڪرڻ جي آ، پوءِ اهڙي نراس ڇو ٿي وئي آ زندگي مان....

هُن جي ممتا اُڇل کاڌي، نيڻ ڀرجي آيس ۽ پوءِ ٻُڌائڻ شروع ڪيائين، ”ڌيءَ ... توکي هاڻ، مان ڇا ٻُڌايان، ته منهنجي معصوم نياڻيءَ سان ڪهڙو ناحق ٿيو آهي، ٻه سال اڳ ۾ ڏاڍي ڌام ڌوم سان مڱڻو ٿيس، پنهنجي مامي سڪ مان سڱ گهريو هو، ماروٽ جي به مرضي شامل هيس. شروع شروع ۾ ته ڏاڍو ڀائيندا هئا، سڀ، پر پوءِ الائي ته ڪنهن چورين، اهڙو ته وير وڌائون جو منهنجي معصوم نياڻيءَ تي الزام هڻڻ کان به نه مُڙيا، منهنجي نياڻي ڪڏهن ڪنهن مائي واتان ته ڪڏهن ڪنهن واتان، پئي اُهي ڳالهيون ٻُڌندي هئي، پر ٻُڙڪ به ٻاهر نه ڪڍيائين. ڪڏهن ته سارو ڏينهن سوچن ۾ گذري ويندو هيس، کائڻ پيئڻ گهٽ ڪري ڇڏيائين، سُڪي هڏا ٿيندي وئي، پوءِ آخر هڪ ڏينهن هُنن سڌو سنئون مڱڻو ٽوڙي ڇڏيو، منهنجو ڀاءُ ۽ ڀاڄائي ته ٺهيو، پر ڇوڪرو به بدلجي ويو. حالانڪه، پاڻ پسند تي مڱڻو ڪيو هئائين. جنهن ڏينهن مڱڻي وارو سامان موٽي مليو، ان ڏينهن کان وٺي، ڪنول جي حالت ڏينهون ڏينهن وڌيڪ بگڙجندي وئي، تان جو صفا وڃي کٽ ورتائين، مان، ماءُ ڌيءَ کي ٿي ڏسان ته اندر ٿو وڍجيم. ڇا ڪريان، ڪاڏي وڃان؟ ائين چئي هوءَ روئي پئي. منهنجن اکين مان به ڳوڙها وهي آيا، همٿ ئي نه ٿئيم جو کڻي پرچايانس هان، تڏهن امڙ وڌي اچي دلداري ڏنس، ادي، الله تي رک، فڪر نه ڪر، خدا ڪندو تنهنجي ڏيئڙي چاڪ ٿي ويندي. هوءَ وري مون کي دعائون ڏيڻ لڳي ته ان سمي ائين ڀانيم ڄڻ منهنجي جسم ۾ رت وڌي رهيو هجي! هن ٻنهي کي پاڻ ۾ ڳالهائيندو ڏسي، مون ڪتاب کڻي ورتو ته منهنجي نظر وري هنن سٽن تي پئي ”هر عورت محبت رڳو هڪ دفعو ڪندي آهي“ ”مون سوچيو: ممڪن آ ته ڪنول به پنهنجي مڱيندي سان محبت ڪندي هجي! ۽ عورت هڪ ڀيرو محبت ڪندي آهي، پوءِ اُها محبت ڀل ته کانئس جدا ڇو نه ڪئي وڃي، ڀلي وڇڙي ڇو نه وڃي، پر عورت ساري عمر ان کي ياد رکندي آ ۽ وري محبت ناهي ڪري سگهندي. ”الا.... محبت وڃائي ڇڏڻ کانپوءِ ڪيڏي نه پيڙا ڀوڳڻي پوندي آ، ڪنول، ڪيئن برداشت ڪري سگهندي، اُهو صدمو! منهنجي دل، هُن جو ڏک محسوس ڪندي ٻُڏڻ لڳي. دل ۾ آيم: وڃي ڳراٺڙي پائي چوانس: ”تون هڪ بي وفا مرد لاءِ، پنهنجو جيون ڇو پئي برباد ڪرين، هُن کي وساري ڇڏ“ مون کي روئڻ پئي آيو، دل چيو سڏڪا ڀري روئي پوان، ڪنهن ٻئي جي آڏو روئڻ منهنجي فطرت ۾ شامل نه هو، ڇو جو مون هميشه اڪيلاين ۾ رُنو آ..... هڪدم باٿ روم ۾ گهڙي ويس، لڙڪ هُئا جو رُڪجڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن.

روئي جڏهن من جو بار هلڪو محسوس ٿيو ته مُنهن ڌوئي ٻاهر نڪتس.

امان پئي چيو: ادي، منهنجي نياڻيءَ کي خون جي ڪمي ٿي پئي آ، سو ڊاڪٽر ٿو چوي ته رت چڙهندو، بس ادي.... منهنجي نياڻيءَ کي به ڏائڻ ماڻهن جي نظر وٺي وئي، امان جي اُها ڳالهه ٻُڌي، مون دل ئي دل ۾ مُرڪي چيو: نظر ۽ مون کي؟ ڇا آهيان، آءُ، جو ماڻهن جون نظرون لڳنديون، عام ۽ معمولي شڪل و صورت واري ڇوڪريءَ کي، ماڻهو نظر ڀري ڏسڻ ئي گوارا نه ڪندا آهن، سو نظر وري ڪٿان هڻندا.

ڪجهه دير ويهڻ کانپوءِ ماسي اُٿي هلي وئي.

ٻن ڏينهن کانپوءِ، مون کي ڊسچارج ڪيو ويو، اسان وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳاسين، ته اچانڪ مون کي ڪنول ياد اچي وئي، سوچيم، ڊوڙ پائي موڪلائي ته اچانس. وئي مانس ته هوءَ بيڊ تي ليٽي پئي هئي، منهن تي وهاڻو ڏنل هيس.

”ڪنول... ٻانهن ۾ هٿ وجهي سڏ ڪيو مانس ته ڇرڪي منهن تان جو وهاڻو هٽايائين ته سڄو چهرو لڙڪن سان آلو لڳو پيو هيس.

چيو مانس: روئين پئي ڇا؟ چري، بي وفا ۽ دوکيباز ماڻهن لاءِ لڙڪ هارڻ پنهنجين اکين سان ناانصافي آ، زندگيءَ جي ڏکن تي مسڪرائڻ سک دوست!

مان ڏس، ڪيئن ته کلان پئي هر ڏک تي... ڪير محسوس ڪري سگهندو ته ڪو هن کي به ڏک هوندو. مان پنهنجي اندر ڏکن جا انبار کنيو پئي هلان. ائين جي نه ڪجي ته هن دنيا ۾ جيڪر جيئرو نه رهي سگهجي جيئڻ لاءِ ته ڏکن کي کلي کيڪارڻو پوندو آهي. منهنجين اکين مان لڙڪ وهي نڪتا، هوءَ روئي چوي ٿي: مون کي اهڙي زندگي نه کپي، جنهن ۾ ڪا خوشي نه هجي!

چيومانس: چري.... ڪڏهن به مرڻ جي دعا نه گهرجانءِ، جيڪي مرڻ جي دُعا گهرندا آهن، تن جي زندگي وڌي ويندي آهي، ان لاءِ ته مان به مرڻ جي دُعا ناهيان گهرندي..... مان پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيس، ۽ روئي ڏنم.

”توکي ڪهڙو ڏک آ“، هُن همدرديءَ خاطر پڇيو:

لڙڪ اگهندي چيومانس: هت هر ماڻهو ڏکويل هوندو آ، ائين نه سمجهه ته ڪو رڳو تون ئي ڏکويل آهين. هر ڪنهن جا پنهنجا پنهنجا ڏک ٿين ٿا، جن جي پيڙا هر ڪو ڀوڳي ٿو. هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي مُنهن سان.... واعدو ڪر، تون وري مايوس ٿيڻ واري خطا نه ڪندينءَ، مون هن کان واعدو وٺڻ چاهيو ته هن پنهنجو هٿ منهنجي هٿ مٿان رکندي، ”واعدو“ ڪيو ۽ پوءِ پرس مان پين کڻي چيائين: هن تي پنهنجي ايڊريس لکي ڏي ته جيئن خط ذريعي توکان حوصلو ۽ همت ته وٺندي رهان. پين پنو وٺي، پنهنجي ايڊريس لکي ڏنيمانس ۽ ڀاڪر پائي کانئس موڪلائي تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي، سندس ڪمري مان نڪري آيس.

*--------*--------*

 

 

فرزانه ڪنول بلوچ

زندگيءَ کي لکيل خط

 

پياري زندگي، مان توکي ڪيترا دفعا ختم ڪرڻ چاهيو آهي، ۽ توکي ختم ڪرڻ لاءِ کوڙ طريقا به آهن توکي سارا شگفته ٽرين هيٺان ختم ڪيو، مايا ڪوسڪي، گوليءَ سان اڏايو، ڪنهن توکي شراب سان ختم ڪيو ۽ ڪنهن توکي سگريٽن سان! زندگي  تون، انسان هٿان به ختم ٿي آهين، گولين سان، چاقو سان، اذيتن سان ۽ ها، رسين سان، ڦاهي ڏيئي به توکي ختم ڪيو ويو آهي. ۽ ڪنهن ڪنهن ته توکي اڇليو هو درياهه ۾! زندگي، توکي زندهه جلايو ويو، زندهه دفنايو ويو. اڄ به کوڙ انارڪليون زندهه دفنائجن ٿيون. ٻيا به طريقا هوندا توکي ختم ڪرڻ لاءِ، پر مون کي اهي طريقا هن مهل ياد نٿا اچن، ۽ ذهني طرح ڊسٽرب انسان لاءِ ويسارو ٿيڻ ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي.

زندگي، تون هر انسان کي بي انتها پياري آهين. جڏهن به ڪو بلڊنگ کان مٿان ڏسندو آهي ته کيس ڊپ ورائيندو آهي ته ڪٿي تون پرزا پرزا نه ٿين. ديويا ڀارتي کان زندگي ائين ئي کسي وئي هئي، ڪيڏي سٺي هئي ديويا ڀارتي! ڪو حسين سهڻو خواب، ۽ اهي خواب ئي ته هوندا آهن، جنهن ڪري زندگي وڻندي ۽ خوبصورت لڳندي آهي. تصور جي دنيا به ڪيڏي نه خوبصورت آهي. غربت جي ٻاٽ اوندهه ۾، منهنجا ڇلڪڻا خواب روشني وڃائي ويهن ٿا. منهنجو گهر منهنجي محنت جو رنگ آهي. منهنجي ماءُ اکين کان انڌي آهي. ان لاءِ روشني آڻيان، پر پئسا ڪٿان اچن. مان هوٽل جو بيرو آهيان، صرف مئٽرڪ ڪري چڪو آهيان، انڪري ترقي جو چانس به ناهي. منهنجو بابو فالج ۾ ورتل زندهه لاش آهي. اما ۽ بابا جون اکيون خوابن ۽ حسرتن سان ڀريل آهن.

منهنجيون ٻئي ڀيڻون، صرف ان لاءِ ويٺل آهن، جو مان غريب آهيان ۽ سندن چهرا خوبصورت ناهن، سندن اسٽائل جديد ناهي، ان دکن ڪري مان ڪتاب پڙهندو آهيان، هوٽل ۾ دوستن کان اوڌر تي يا لائبريري مان يا ڪنهن بڪ اسٽال وٽ بيهي اخبار پڙهندو آهيان، تڏهن مون کي ٿوري ناليج آهي. ۽ زندگي، تو منهنجين ڀيڻن جي اداس چهرن ڏانهن ڏٺو آهي. جن جي مکن تي اداسي ۽ خزان جا رنگ آهن. انهن جون حسرتون جلي جلي رک ٿي پيون آهن. هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ جي خوابن جي پيڙا توکي محسوس نه ٿي ٿئي. اي زندگي! جڏهن خواب ٿڪجي پوندا آهن ته زندگي ڪا معنيٰ ناهي رکندي. تبديلي زندگي کي حسين بڻائيندي آهي.

لوڪ پٿر ٿو اڇلي ته منهنجيون ڀيڻون اڃان تائين ويٺيون آهن ۽ مان کين پرڻايان نٿو. منهنجي حيثيت وارا به منهنجين ڀيڻن مان نقص ٿا ڪڍن، پر مان کين ٻڌائيندس ته زندگي تون ڪيڏي مهربان به آهين، آهين نه مهربان اي زندگي! جيئن تون ٻين تي مهربان آهين، مون تي مهربان ڇو نه ٿي ٿين؟ زندگي منهنجو به خواب آهي ته منهنجيون ڀيڻون پرڻجن، مان به گهر وسايان زندگي کي ڪا تبديلي ڏيان. ڇا، اهو ممڪن آهي، ها، ممڪن آهي به ۽ ناهي، پر منهنجا دشمن به ته کوڙ آهن. خدا ڪارڻ دشمن پيدا ٿيا آهن، منهنجي خوشي کي نانگ بڻجي ڏنگين ٿا. مون کي ياد آهي منهنجي ڀيڻ جو رشتو طئي ٿيو ته کين چيو ويو ته هيءُ خاندان ٺيڪ ناهي، ته ڇا آهي اسان جي خاندان ۾. هڪ خوشي پکي بڻجي اسان جي اڱڻ تي اڏريو ته تنهن کي لفظن جي فائرنگ سان ماريو ويو. هڪ دفعي دل ۾ اچي ٿو، زندگي توکي ختم ڪري ڇڏيان، پر وري دل ۾ ڪنهن ڪنڊ ۾ اميد جا عڪس ٻري پون ٿا. امان ۽ ڀيڻون مصلي تي رات ڏينهن ويهن ٿيون، بابا ان حالت ۾ به تسبيح پڙهي ٿو، پر دعائون گهر ۾ ئي ڀٽڪن ٿيون، شايد دعائن جو رنگ ڪچو آهي، اسان جا سڀ گهر ڀاتي تومان بيزار آهن زندگي، اٿندي ويهندي چوندا آهن، ڦاٿا آهيون، اهڙي زندگي مان. ذلتن ڀري زندگي کان ته عزت جو موت سٺو. پر موت مرضي سان اچي ڪٿان ٿو. پر ڪي چوندا آهن هُن مائي يا مرد اسر ويل سچيءَ دل سان پنهنجي موت جي دعا ڪئي هئي ۽ دعا اگهجي وئي ۽ موت ٿيس. ڇا، موت جي دعا جلدي اگهجي ٿي زندگي. مان انسان آهيان. پهاڙ ناهيان، جو پرزا نه ٿيان، مايوس به ٿيندو آهيان. پر ڪو پل خوشي بخشيندو آهي، ۽ ننڍڙيون ننڍڙيون محبتون مون کي زندهه رکنديون آهن. زندگي، مان توکي ماريندس ضرور، وڏن وڏن ٽهڪن سان پاڳل بڻجي نه، پر هڪ نارمل انسان جيان. ڏسان، ته تون ڪيستائين پاڻ لاءِ نفرت ڏيندينءَ. آخر ڪو پل مون کي به آڇيندين نه خوشين ڀريو – ڏس زندگي، مون کي جواب ضرور ڏجانءِ. موت بعد نه، بلڪه هاڻي.... جواب جي آس سان، هڪ گم ٿيل انسان.

 

*---------------*----------*

 

ڪلثوم منظور

نصيب

ادي خيران وري ننڍڙي ڄائي آهي. ڇا وري چوٿين! ان ڏائڻ کي ته اتي ئي گهُٽو ڏيئي ڇڏ. مري ڪانه وئي. چوٿين ڇوڪري ڄڻڻ مهل! ڪيڏانهن وينديون، منهنجو ويچارو غريب ٻچڙو ڇا ڪندو ان ڪني قوم کي! هاءِ هاءِ.

ڪهڙي نڀاڳي گهڙيءَ ان ڏائڻ کي پُٽ سانوڻ سان لائون ڏنم. جو ڇلي ڇورين جي ڪڍي رکي آهي. رَنَ.

دائي جنت جا ته ٺپ ٺري پيا. هڪڙو ٻڍو مڙس ٻيو گهر ۾ بيماري. پيريءَ ۾ پُٽ ڄائو سو مس اڃا اٺ نَو سالن جو هو، ٻه ڌيون جوان ان آسري تي ويهاري ويٺي هئي ته ڪو گهُر ڪري. نه چاچي جو پُٽ، نه مامي جو، باقي ٻيا سو ڪجهه هجي ته اچن. غريبيءَ کان سواءِ الله جو نالو، نه سونهن، نه سوڀيا، ويچاري جنت الله کي پيئي صبح شام سوال ڪندي هئي ته الله شل سهاڳڻيون سلامت هجن، پٽ ڄمن ته مون کي به روزي ملي، پر هتي رڳو پهرئين ويلي جي ماني جو آسرو به ڪونه هو. ماٺڙي ڪري اچي گهر ويٺي. خيران جو هڪڙو پٽ هو. کيس پٽ ڄائو مڙس طلاق ڏنس. ڌيءَ اڳ هئس اها به جوان ٿي ته پرڻايائينس ان کي به طلاق ٿي. ان جي به ڌيءَ هئي ائين طلاق جي زنجير نانيءَ کان شروع ٿي ڏهٽي تائين هلندي آئي. اڃان الائي ڪيترا نسل هلي. خيران جو به ڏوهه ڪونه هو. پنهنجا ڏک ڏسي پوٽيون ڄائيون ته اهي زهر ٿي لڳس. سرجي تان سور، سامائي ته سُک ويا! شاهه سائين اهڙين عورتن لاءِ چيو آهي، شاهه سائين اگر هن دؤر ۾ هجي ها ته شايد عورتن جا ڏک ڏسي يا ته شاعري ڇڏي ها يا خدا پاڪ کي ٻاڏائي چوي ها ته عورت کي هاڻ پيدا نه ڪر. ظاهر ۾ عورت ته مرد جي حاڪم آهي. زال ۽ ماءُ جي روپ ۾، پر اندر ۾ اها ڇا آهي؟ هي صرف خوشي فهمي ۽ اهو مَانُ ته منهنجو گهر، منهنجو مڙس، منهنجو پٽ، بس ان خوشيءَ ۾ هر ڏک برداشت ڪندي آئي آهي.

خيران ننڍڙي هئي سيدن جي حويليءَ ۾ پڻس ڇڏي آيس ته سائينءَ جا ٻار کڻندي، ننڍڙن ٻارن سان راند روند ڪندي هئي. ٻار کڻڻ جيڏي به اڃا ڪانه هئي، ٻيا نوڪر پيا دڙڪا ڏيندا هئس، ۽ بيبيون چغليون ٻُڌي مار ڪڍنديون هيون. ٿُڪ بُجو ته لولي هيس، ائين ڪرڪيٽ جي بال وانگر ڪڏهن وڏي سائينءَ جي ٻارن وٽ، ڪڏهن ننڍي سائينءَ جي ٻارن وٽ موچڙا ۽ جٺيون کائي هوءَ به ڪوڙ ۽ هيرا ڦيري ۾ ايتري ايڪسپرٽ ٿي وئي هئي. جو بيبي ننڍي جي اک هن کانسواءِ ڪانه کُلندي هئي. ڀلا جيڪا ايترن ماڻهن جي هٿن ۾ هلي وڏي جوان ٿي ته ان کي گڻ به گهڻا ايندا هئا. پڻس حسب روايت مڙس هٿ ڪري اچي بيٺو ته هلي ته پرڻايانس. ڳوٺ منهنجو ماسات آهي. ڌيءَ ڏي ٿو مون لاءِ (ماسات کائنس به وڏو هو) آئون به شادي ٿو ڪريان. حويليءَ مان حڪم آيو ته خيران ڀلي وٺي وڃ پر بکان ڏئي وڃ اسان جا ٻار ڏکيا ٿيندا. ۽ خيران خوشي خوشي هلي وئي ته منهنجي شادي ٿي ٿئي. ڇو ته سيدن وٽ رهڻ جي ڪري هن کي اهو محسوس ٿي ٿيو ته منهنجو مڙس به مون کي ائين پيار ڪندو، ايترا لاڏ کڻندو، رُسندس ته پرچائيندو ماني نه کائينديس ته بيچين ٿي ويندو، هوُ ته سيدياڻيون هيون سڀ ڪجهه ڪري ٿي سگهيون. هي نوڪر ماڻهو مانيءَ ٽڪر تي پيل ان جي ڪهڙي برابري. پر دل آهي بادشاهه جيڪا غريب لاءِ به ساڳيون خواهشون رکڻ واري هوندي آهي. بهرحال، خيران گهر آئي. پڻس جو ماسات عمر کائي اچي وريو هو، ٻيو پيشاب جو مريض. ڌيءَ لاءِ ٻي ڪا واهه هئي ڪانه، مرڻ کانپوءِ ڌيءَ ڪيڏانهن رلندي وڌيڪ اهو لاچار هئس ته ڪا اچي منهنجي خدمت ڪري ۽ ڌيءَ جو به گهر ٿي پوي.

خيران آئي گهر پهتي ته پوتي پيس پتاشا ورهائي ونواهه ۾ ويهاريائونس. اٺين ڏينهن خيران خير سان گهر ڀيڙي ٿي. نه اهي ڪپڙا، نه فئشن، نه اهو سامان. هي ته ڪچو گهر، ڪچي ڪوٺي، ميرين رلين سان ٻه کٽون پيل ۽ کنگهندو اچي، قادرو سندس پاسي ۾ ويٺو هو. خيران ته مري وئي، اصل ان مهل سڄو تاج محل ڊهي پيو. آواز ته ڪونه آيو، پر ڌماڪو ايترو ته زبردست ٿيو جو خيران جا ست نسل ان ۾ دٻجي ويا. ڪنهن کي به خبر ڪانه پئي ته خيران تي ڇا گذري ويو. هوءَ ته ان گهڙي اصل مري وئي.

ننڍو سائين جڏهن پيار مان پاڻيءَ بهاني کيس سڏيندو هو، اهو ڏسڻ، هٿ جهلڻ، باٿ روم جي صفائي ڪندي اچي ويو، پوءِ ته ڀاڪرن ۾ جهليندو هو. ۽ هن کان سڀ ڪجهه وسري ويندو هو. بس اها گهڙي، اها مهل، هن جي زندگيءَ جو اثاثو هئي، هن جي سڄي زندگيءَ جو ثمر هو اکين ۾. ننڍو سائين ان جي مٺڙي مٺڙي مُرڪ، حڪم ڏيڻ وارو انداز. بس قربان ٿيڻ تي دل چوندي هيس. قادرو جي کنگهڻ تي خواب ٽٽي پيس ۽ ڇرڪ ڀري پري هٽڻ لڳي. قادرو هٿ مان جهليس ته هٿ ڇڏائي کٽ تان اُٿي وڃي پريان بيٺي، قادروءَ کي اها اُميد ڪا نه هئي. پري وري دل جهلي پيار مان سڏڻ لڳس. خيران به سيدن جي کريل هئي، سو هن مڙهي کي اها رات ته صبح ڪرائي ڇڏيائين، پر ويجهو اچڻ ڪونه ڏنئينس.

ائين ٻي رات به گذري وئي. آخر الله پير ڪري راضي ٿي. ائين مڙئي ماني ڀور پچائي ڏيندي هئس ڪڏهن اويل ڪڏهن سويل، باقي ٻيو ته ويچاري کي زال جو سک ڪونه مليو. هڪڙي ڌيءَ ڄائي اها ته خيران کي به زهر ٿي لڳي ته مون ڪهڙو سک پاتو جو هي به آئي آهي رن مري ته چڱو. کير لاءِ سڄو سڄو ڏينهن رئندي پئي هئي. پاڻ ٻنين ۾ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي پئي رلندي هئي قادرو به ڏٺو هي منهنجي لاءِ ته آهي ڪانه، الائي ڪٿي ڪٿي وتي هلندي، سو طلاق ڏئي پاڻ هميشه لاءِ اکيون پوريائين.

خيران کي مائٽن ۾ پٽ ڄائو.

خيران جي ڌيءَ نصيبان ٻارنهن سالن جي مس ٿي ته ماسس پنهنجي پٽ سان پرڻايس. پرڻجڻ کانپوءِ خيران کي ڌيءَ جي ياد آئي. ڀيڻ سان ٿوري گهڻي تي پئي وڙهندي هئي ته تنهنجو پٽ نکٽو آهي ڪمائي ڪونه ٿو. ڀلا غريب ماڻهو ڪڏهن مزدوري لڳي ڪڏهن ڪانه لڳي.

ڪڏهن روزو ته ڪڏهن عيد، ائين پي وقت ڪٽيو. ماڻس کي سُک ڪونه هو جواني اڃان ختم ڪانه ٿي هئس، سو وري ڳوٺ جي وڏيري سان نڪاح ڪري ويٺي.

ڌي جا ڏک گهڻا ٿي لڳس.

ويتر نصيبان کي ڌيءَ حبيبان ڄائي پوءِ ته صفا هٿ ڌوئي ڌيءَ جي پٺيان پئي، تان جو ان کي طلاق وٺائي پوءِ سُک مليس. ڏوهٽي حبيبان سميت ڌيءَ کي وٺي آئي.

ڌيءَ به اهو ڪندي جيڪو ماءُ کي ڏسندي. نصيبان جا لڇڻ به اهڙا جو ماڻس جي اکين ۾ سرمو وجهي پئي هلي، يا ماڻس ڏسي وائسڻي بي خبر هئي.

حبيبان به ٻارنهن سالن جي ٿي ته ڇا سندس رنگ هو ڇا اکيون هيون، ائين لڳندو هو ته بس انهن اکين ۾ هميشه لاءِ گم ٿي وڃجي، يا انهن اکين ۾ ٻڏي وڃجي، وري ترڻ لاءِ دل نه چوي. اگر ڪنهن ڏانهن نهاريندي هئي، ته لڳندو هو ته بس ماڻهو قتل ٿي ويو. هوش حواس وڃائي وهندو هو. بس جيئن جيئن هن جي جواني اڀري ٿي، تيئن تيئن هن جي گهٽي ۾ اچ وڃ زياده ٿيڻ لڳي.

اهو حال ڏسي نصيبان جي ننڊ ڦٽي پئي، ڀانئي ته پرڻائي پوءِ سُک ڪريان.

نيٺ نڻان جي پٽ مجيد جيڪو شهر ۾ ڪمائيندو هو، ان کي پرڻائي ڏنائين.

مجيد هيرا ڦيري ۽ بدمعاشيءَ ۾ هوشيار ٿي ويو هو، سو حبيبان کي شهر ڪونه وٺي ويو، جو ان نٿي چاهيو ته ڪوبه ماڻهو ان ڏانهن اک کڻي. پنهنجي براين کي، ماءُ، ڀيڻ ۽ زال کي قيد ڪري لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. مجيد پهرين ته هر هفتي ايندو هو، پوءِ آهستي آهستي گهٽ اچڻ لڳو. پيٽ جي بک ته رکي سکي به کائي وسائجي ٿي، درياهه تي بند ٻڌي سگهجي ٿو، پر جذبن کي نٿو روڪي سگهجي. اهو به اتي جتي هزار چاهڻ وارا هجن، صرف هڪ اشاري جا منتظر دل و جان ڏيڻ لاءِ تيار هجن، اتي علماءَ به بهڪيو وڃن. هيءَ ته ويچاري حبيبان هئي، ڀلجي وئي هڪ مهيني جي ڄاول ڌيءَ کي ڇڏي وئي ڀڄي.

ماڻس ته وٺي مُنهن مٿو پٽيو، گهڻو رُني رڙي ڌيءَ کي گاريون ڀوُنڊا موچڙا هنيائين پر ڌيءَ به رُلي پني هوشيار ٿي وئي هئي، ان چيس ته ”تو ڇا ڪيو جو مون کي ٿي چوين!“ بس سڀن کي ڪرتوت ساريا پيا هئا. سڀ ڪو آهستي آهستي ماٺ ڪري ويو.

سڄو آوو بگڙيل هو ڪير ڪنهن کي چوي، مرد هليا وڃن، پيٽ جي بُک لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ زالون من ماني ڪرڻ لاءِ شهر يا ڪٿي به رُلڻ، مڙس اگر ٻنيءَ جو ڪم ڪري ٿو ته زال گڏ اٿس، نه ته زالون نصيب ٺاهڻ يا ڦٽائڻ لاءِ شهر جو رُخ ڪن ٿيون. ڇو ته مرد هميشه حاڪم رهيو آهي ماءُ، ڌيءَ، ڀيڻ يا زال هن جي ملڪيت آهي ۽ هو ان تي پابندي رکي ٿو. هيڏانهن نه وڃ هوڏانهن نه وڃ، هي ڇا آهي، هو ڇا آهي، ماءُ به پٽ جي محڪوم جو چوندس اما تو ڇا ڪيو، هي ڇو ٿيو. جڏهن تون ڄائو هئين، توکي ڪهڙي خبر هئي دنيا جي توکي سڀ روشنيون اونداهيون ڏک سک ڏيکاري وڏو ڪيو. اڄ آءُ بيوقوف ۽ چري آهيان مون جهڙو بي عقل آهي ڪونه. پاڻ ته اڄ به سيدن ۾ وڃي ڪجهه ٽائيم ڪٽي ايندي هئي، پر پوٽين ۽ ڏوهٽين کي ڇڏڻ جي سخت خلاف هئي. چوندي هئي جتي جي مٽي اتي ٺهي، پراوا محل ڏسي پنهنجا ڀونگا ڪونه ڊاهبا. مون سيدن ۾ رهي ڇا پرايو، سڄو نسل منهنجو خراب ٿي ويو، هي وري چار اکيون آهن انهن کي ڇا ڪريان، هڪ غريبي ٻيو ڌيون، هاءِ هاءِ نصيب!

 

*---------*---------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com