سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :2

يانگهه مو

مترجم: زرينه بلوچ                                                 قسط: 3

سر جي تان سور

ماسي سندس منهن مٿي ڪري نراڙ تي چمي ڏيئي، سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي ته تنهنجي پيءُ توکي تنهنجي ماءُ کان ڇني آڻي گليءَ کي ڏنو، ۽ تنهنجي ماءُ تولا رڙيون ڪري روئڻ لڳي ته خدا جي واسطي منهنجي ڌيءُ مونکي موٽائي ڏيو. هوءَ رڙيون ڪري ڪري چوي ٿي پئي پڻهين جڏهن ڏٺو ته هاڻي خوار ٿيندس، تڏهن تنهنجي ماءُ کي رسين سان هڪڙي ٿنڀي سان ٻڌي ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ماڻهين کي سندس پيءُ جي ساڳئي گهر ۾ ڇڏي آيو، پڻس ته اڳئي مري ويو هو، هڪڙو ڏاڏو هوس، جنهن کيس پاليو هو. اهو به گهر ۾ ڪونه هو. پنهنجي گهر ۾ هن نڪو رنو، نڪي رڙيون ڪيون. چپ چاپ پاڻ کي درياهه ۾ ٻوڙي ڇڏيو. ڪومل اها ڳالهه ٻڌي ٿڌي جهڙي برف ٿي وئي ۽ اوڇنگارون ڏيئي اما! اما ڪري بيهوش ٿي وئي. ماسي منهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آندس، ۽ چوڻ لڳي ڌيءَ، نه رو تنهنجي ماٽيلي ماءُ ڏاڍي رهزن رن آهي جيڪڏهن کيس خبر پيئي ته مون توکي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هوءَ مونسان به وڙهندي ۽ مونکي نوڪريءَ مان به ڪڍي ڇڏيندي. اها ڳالهه ٻڌي ڪومل ٽپ ڏيئي اٿي ۽ رڙيون ڪرڻ لڳي، ”مون کي ڪوبه ڊپ ڪونهي، مونکي ڪنهن جي به پرواهه ناهي ڇو ته آءُ هي گهر ڇڏيو پئي وڃان!“

ڪيڏانهن ويندينءَ ڌيءَ؟“

ڪومل جواب ڏنو ”آءُ موٽي اسڪول ويندس، جيستائين منهنجي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا نه ٿيندي، تيستائين آءُ اسڪول ۾ رهنديس.“ پوڙهي سميءَ کيس ڪجهه پيسا ڏنا. ڪومل پئسا وٺي ماسي سميءَ کان موڪلائي هلي وئي. سڄي واٽ سندس ماءُ جون رڙيون سندس ڪنن ۾ ٻرنديون رهيون.”منهنجي ڌيءَ مونکي موٽائي ڏيو.“ ”منهنجي ڌيءَ موٽائي ڏيو..........“

ڪومل موٽي ڪاليج نه وئي. ڇو ته اوڏانهين موٽي وڃڻ هاڻي ٺيڪ نٿي لڳو. هن پڪو پهه ڪيو ته مري ويندس، پر موٽي گهر نه وينديس.

هوءَ پوءِ منهنجي پرائمري اسڪول جي هڪ گهاٽي ساهيڙي مرڪ جي گهر وئي. ٽي ڏينهن اتي رهي پنهنجي سؤٽ ڪريم جي گهر وڃڻ لاءِ ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي، ڪريم جي زال به ننڍپڻ ۾ ساڻس گڏ پڙهي هئي. کيس يقين هو ته اهي سندس ضرور مدد ڪندا. مهينو اڳ سندس سؤٽ کيس خط لکيو هو ته موڪلن ۾ اسان وٽان اچي گهمي ڦري وڃ. هن سؤٽ کي خط لکيو ته آءُ توهان وٽ فلاڻي گاڏي ۾ اچا پئي. پر جڏهن اتي پهتي ته خبر پيس ته سندس سؤٽ جي اوچتو بدلي ٿي وئي ۽ هو ٻئي ڳوٺ هليو ويو هو. هن سوچيو ته ڇو نه هيڊ ماستر کان سؤٽ جو ڏس پتو وٺان، بک به ڏاڍي لڳي هيس. هن پنهنجو سامان ڏاڪڻ تي کڻي رکيو ۽ جنهن رستي تان آئي هئي انهي رستي تان هلندي وئي. ايتري ۾ هڪڙو ماڻهو پريان ڏسڻ ۾ آيس. ”معاف ڪجو، هتي جي هيڊ ماستر جو ڏس ٻڌايو.“

”هيڊ ماستر؟“ هن ماڻهو حيران ٿيندي پڇيو، آڌي رات جو تون ڪٿان پئي اچين. هيڊ ماستر ۾ تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي.“

آئون هتي پنهنجي سؤٽ ڪريم سان ملڻ آئي هيس،  هو هن اسڪول ۾ پڙهائيندو هو. پر هاڻي شايد سندس بدلي ٿي وئي آهي.“

”هون! ته اها ڳالهه آهي. اها تنهنجي خوشنصيبي آهي جو هتي جو هيڊ ماستر آئون پاڻ آهيان.“

”تون مونکي پنهنجو نالو ٻڌائيندين؟“

”مون کي ڪومل سڏيندا آهن، آءُ هتي پنهنجي سؤٽ سان ملڻ آئي هيس پر هتي اچڻ کان پوءِ خبر پئي ته سندس بدلي ٿي وئي آهي.“ ”نه مس ڪومل تنهنجي سؤٽ جي بدلي ڪانه ٿي آهي، پر هو پاڻ نوڪري ڇڏي شايد ٻئي ڪنهن سٺي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ هتان ڪنهن ٻئي شهر هليو ويو آهي.“

ڪومل اهو ٻڌي ڳڻتيءَ ۾ پئجي وئي ته هاڻي ڇا ڪريان واپس وڃڻ جا پئسا به ڪونه اٿم ۽ هتي ڪنهن وٽ رهنديس، ڏاڍو ڏکيو مسئلو ٿي پيو. هوءَ ٽُٻيءَ ۾ پئجي وئي.

”توهان وٽ ڪا اهڙي جاءِ آهي جتي رات جا چار پهر گذاريان، صبح ساڻ سان آءُ هلي وينديس.“  ”رات رهي سگهين ٿي. دراصل تنهنجو سؤٽ ۽ آءُ ٻئي سٺا دوست آهيون. ڪا ڳڻتيءَ جهڙي ڳالهه هجي ته تون پنهنجو سمجهي ٻڌائي سگهين ٿي. منهنجو نالو نبي بخش آهي ۽ آءُ هن ڳوٺ ۾ ئي رهندو آهيان.“

”مونکي هتي نوڪري ملي سگهندي ڇو ته آءُ هتي نوڪريءَ لاءِ آئي هيس.“

”چڱو _ چڱو تون ڳڻتي نه ڪر تنهنجي لاءِ نوڪريءَ جو بلو ڪري وجهبو.“ مهرباني مسٽر بني بخش. آءُ اسڪول جي ڪنهن ڪمري ۾ رهي پونديس. اوهان جا لک لائق جو توهان منهنجي مدد ڪئي.

پوءِ ٻئي ڄڻا ڳالهيون ڪندا اسڪول ڏانهن ويا، جتي نبي بخش پهري ڏيندڙ چوڪيدار کي اٿاري ڪومل لاءِ اسٽاف وارو ڪمرو کولايو.

ڪومل کي سمهندي ئي اهڙي ته مٺي ۽ گهري ننڊ کڻي ويئي جو صبح جو سمنڊ جي ڇولين ۽ پکين جي آوازن تي اک کلي پيس. صبح جو پهريدار سندس لاءِ نيرن کڻي آيو. جيڪا هيڊ ماستر موڪلي هئي. هوءَ نيرن ڪرڻ کان پوءِ سمنڊ جي ڪناري نڪري وئي. ڪومل نرم ريتيءَ تي پير اگهاڙا ڪري سمنڊ جي پاڻيءَ ۽ ڇولين کي ڏسندي رهي. آسمان تي ڇٽا ڇٽا ڪڪر ڊوڙندا پئي ويا، پريان مهاڻن جون ٻيڙيون لڏنديون لمنديون پئي ويون.

ڪومل پنهنجن هوا تي اڏامندڙ وارن کي جهٽڪي سان منهن تان پري ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي کيسي مان واڄو ڪڍي ننڍپڻ  جون ڌنون وڄائيندي رهي. ۽ اٿي هلڻ لڳي. جتي ڪابه سهڻي سپي ٿي ڏٺائين ته کڻي کيسي ۾ ٿي وڌائين، ائين سڄو کيسو ڀرجي ويس.

هيءُ ننڍڙو ڳوٺ سمنڊ کان ٿورو پرڀرو هو. هن ڳوٺ جي آبادي تمام گهٽ هئي. ڪٿي ڪٿي ڪجهه ڪجهه ننڍڙا ٻوٽا ڏسڻ ۾ آيا پئي. هلندي هلندي ڪومل کي اچي ٻپهر ٿيا. هوءَ تمام گهڻو پري نڪري وئي، جتي کيس تمام گهڻا گهاٽا وڻ ۽ ڳاڙهين سرن جو ٺهيل سهڻيون جايون ڏسڻ ۾ آيون. هوءَ اڳتي وڌندي وئي. کيس ڪيترائي غير ملڪي ڌاريا ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا. انهن کي ترڻ جا رنگيلا ڪپڙا پيل هئا. ڪجهه زالون به هيون، جن جي هٿن ۾ ننڍڙي قد جا ڪتا هئا. اهي فيشني زالون اڇن کير جهڙين چادرن تي ويهي، پاڻ ۾ ڳالهيون پئي ڪيائون ۽ سمنڊ جي پاڻي ۽ ڇولين مان سرور به پئي ورتائون. هڪڙي مائي وڏي ٿالهيءَ ۾ کير وجهي پنهنجي ڪتي کي پيارڻ لڳي. ايتري ۾ هڪڙي فيشني مائيءَ جو هُل ٻڌائين: هن ڪنهن کي ڳالهايو پئي، ته ڪيتري دير ٿي وئي آهي جو منهنجي ڇٽي نه کڻي آئي آهي. هڪڙي غريب ڇوڪري ڊوڙندي سهڪندي اچي کيس ڇٽي ڏني. هن فيشني مائيءَ ڀري کڻي هن ڇوڪريءَ کي چماٽ وهائي ڪڍي ته ڇوڪري پنهنجي ٻنهي ڳلن کي جهلي بيهي رهي. ڪومل اهو ڏسي سهي نه سگهي اتائين اڳتي وڌڻ لڳي ته پريان هڪڙي پهريدار رڙ ڪري بيهاريو. ”اتائين موٽي واپس وڃ. انڌي آهين ڇا؟“ هوءَ بيهي رهي. سندس سامهون بورڊ تي اکر لکيا پيا هئا. هوءَ اهي اکر پڙهڻ لڳي. ”هتي چينين ۽ ڪتن جو اچڻ بند آهي.“ هن ڪنڌ مٿي کڻي نهار ڪئي ته سامهون ٿنڀي تي آمريڪا جو جهنڊو پئي ڦڙڪيو. هوءَ ماٺ ميٺ ۾ پويان پير ڪري پوئتي وري، هوءَ سوچيندي هلندي رهي ته هيءَ دنيا به عجيب دنيا آهي. ڌاريا آمريڪي چين تي ڪيئن حڪومت پيا هلائين. ڪاوڙ کان سندس منهن، مينهن وساڙي جهڙو ڳاڙهو ٿي ويو. اوچتو خيال آيس ته مونکي نبي بخش کي نوڪري لاءِ چوڻو هو. هوءَ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي رهي، پر هوءَ ڳوٺ جو رستو ڀلجي وئي هئي. هاڻي واٽ تي ڪير به ڏسڻ ۾ نه آيو ته کڻي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستو پڇي. پريان کيس ڪجهه خاڪي رنگ جا تنبو ڏسڻ ۾ آيا. هن ويجهو وڃي هڪڙي تنبوءَ ۾ جهاتي پاتي، کيس ڪوبه ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. پريان ڪجهه ٻيڙيون پاسيريون پيون هيون. هاڻي هن کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته هيءَ مهاڻن جي وستي آهي.

هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي. پريان کيس هڪڙي بُٺي جي ڀڪ وٽان ننڍڙي ٻارڙي جي روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن ويجهو ٿي وڃي ڏٺو ته هڪڙي ڪمزور نٻل مائي ڀڪ جي ڇانو ۾ ويٺي هئي، سندس ڪڇ ۾ ننڍڙو بيمار ٻار پئي رنو، هن کيس ڇاتيءَ سان لائي ٿڇ ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. شايد ماءُ جي ڇاتين ۾ کير هوئي ڪونه، جنهن تي ٻار ٻه چڳڙيون ڏئي وري روئڻ ٿي شروع ڪيو. مائي ڪومل جي اچڻ تي ڌيان ڪونه ڏنو ۽ ٻار کي پٽيندي رهي.

نيٺ مڇين جو ڄار، جيڪو اڳيان رکيو هئس، تنهن کي کڻي پري اڇلايائين ۽ پٽ کي پٽڻ لڳي ته مئا نڀاڳا، نپٽا، تون مونکي ماري پوءِ سک جو ساهه کڻندي. صبح کان پيٽ ۾ ان جو داڻو ڪونه ويو آهي ته توکي ٿڇ ڪٿان پيارينديس. ائين معصوم ٻار کي کڻي ڇاتيءَ سان لائي اوڇنگارون ڏيڻ لڳي، ڪومل مائيءَ جي ڀر ۾ ويهي کيس چوڻ لڳي، ”ڀيڻ معاف ڪجئين ٻار چپجي پوندو.“ ٻار روئي ساڻو ٿي پيو هو. مائي مٿو مٿي ڪري حيران ٿي ڪومل کي ڏسڻ لڳي. ڪومل يڪدم کيس چيو ”تون هتي جي ته ڪانه ٿي لڳين؟“ مائي خلائن ۾ ڏسندي رهي ۽ پوءِ ڇرڪ ڀري ڄاري کي ڳنڍيون ڏيڻ لڳي. ٻار سڏڪي سڏڪي سمهي رهيو هو.

”اسين ٻئي ڳوٺ جا آهيون. بک ۾ پاهه ٿي ٿياسين، سو هتي آياسين اسان سمجهيو ته هتي ڌارين جي اچڻ ڪري پورهيو ملندو اڃا ته ٽي مهينا مس منهنجي مڙس پورهيو ڪيو ته هڪڙي ڏينهن ڪوازي تان ڪري پيو ۽ مري ويو. هاڻي آءُ بيوس  ٿي پئي آهيان.                                                                                 (هلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com