سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :11

 

مصنف: ائنڊريو لئنگ                                              قسط: 5     سنڌيڪار: محمود مغل

The Story of JOAN OF ARC

جون آف آرڪ جي ڪهاڻي

آرلينئنز ڏانهن روانگي: باب ڇهون

جڏهن جَون جي فوج هر لحاظ کان تيار ٿي وئي ته هن روانگيءَ کان اڳ حڪم ڏنو ته ”ڪوبه عام ماڻهو، جيڪو فوج ۾ شامل ناهي، هنن جي پويان نه اچي. سپاهين کي شراب پيئڻ جي موڪل ناهي، ۽ اهي شطرنج يا تاش جي راند به نه ٿا ڪري سگهن. هنن کي هر حالت ۾ عبادت ڪرڻ گهرجي ۽ قسم کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

سندس جنرل مان هڪ بهادر همراهه، لاهائر (La Hire) کانئس هڪ قسم کڻڻ جي اجاز ت گهري ته جَون کيس اها موڪل ڏني ته هُو پنهنجي مختصر عملي جو قسم کائي سگهي ٿو. گهوڙي سوار ٿي، اڳواڻي ڪندي، جون بلوئس جي دروازي مان پنهنجي فوج کان ٻاهر ڪڍيو.

آرليئنز ۾ مقرر ڪيل فرانسسي ڪمانڊر، ڊيونوئس (Dunois) کي اڳ ۾ ئي اهو پيغام موڪليو ويو  هو ته هُو لوئر نديءَ جي ڪناري تي، انهيءَ هنڌ فوجن سميت انتظار ڪري، جنهن سامهون آرليئنز جو شهر هو. انگريزن آرليئنز ڏانهن ويندڙ مڙني رستن تي قبضو ڪيو هو. ڊيونوئس جو خيال هو ته جَون جي فوج، شهر جي پُٺ کان ايندي ۽ کين شهر پهچائڻ لاءِ ٻيڙين ذريعي سفر طئي ڪيو. پل تي انگريزن جو قبضو هو ۽ اهو انهن جي وچ مان گذرڻ ڪابه دانشمندي ڪانه هئي.

جَون وري انگريزن جي وچ مان لنگهڻ پئي چاهيو، تنهن ڪري جڏهن هن جي ڊيونوئس سان ملاقات ٿي ته هوءَ سخت ڪاوڙ ۾ اچي وئي، کيس اهو صاف پئي نظر آيو ته هن جي ۽ شهر جي وچ ۾ لُوئر نديءَ جو پيٽ هو. جون نديءَ جو اهو ڪنارو وٺڻ پئي گهريو، جنهن تي شهر واقع هو ۽ ڊيونوئس کيس ٻئي ڪناري تي مليو هو. توهان اتي اهو به سوچي سگهو ٿا ته ڇا سندس آوازن کيس غلط رستي تي سفر ڪرايو هو؟ بهرحال، جَون، ڊيونوئس تي ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيا.

”مان وري به تنهنجي لاءِ بهترين مدد کڻي آئي آهيان. جنت جي بادشاهن پاران اهو تولاءِ هڪ ڀرپور تحفو آهي.

ان سڄي قصي جو ذڪر، ڊيونوئس پنهنجيءَ لکڻيءَ ۾ ڪيو آهي ته اڃـان جو ن ڳالهائي رهي هئي ته هوائن جو رخ مَٽجي ويو. ان کان پهرين اهي اهڙي رخ ۾ هلي رهي هيون جو جَون جي ٻيڙين کي شهر پهچڻ محال ٿي وڃي ها، پر هاڻي اهي موافق هلڻ لڳيون هيون ۽ هنن ندي ٽپڻ شروع ڪئي. فوج لاءِ جون اهو حڪم ڏنو ته اها بلوئس واپس موٽي، اتان پل ٽپي ۽ قلعن جي چوڌاري ڦرندي، انگريزن جي وچان لنگهندي اچي. ندي ٽپڻ کان پوءِ، جون وري گهوڙي تي سوار ٿي ۽ ڊيونوئس کي ساڻ ڪري شهر جو رخ رکيائين. هنن هڪ انگريزي قلعي کي پوئتي ڇڏيو، سنيٽ لُوپ جي گرجا سامهون لنگهيا ۽ بحفاظت شهر پهچي ويا.

ماڻهو هنن جي استقبال لاءِ اڳتي وڌي آيا هئا. رات ٿي چڪي هئي ۽ ماڻهن جي هٿن ۾ ٻرندڙ مشعلون هيون. جَون جي چوڌاري ماڻهن جا انبوهه مڙي ويا. اتفاق سان مشعل بردارن مان هڪڙي، غلطيءَ سان سندس جهنڊي جي مُٺ وٽ ڪا مشعل رکي ڇڏي، جنهن مان ٿورو هٿيو سڙيو ۽ گهوڙي ٽاهه کاڌو، پر جَون ڪمال هوشياريءَ سان پنهنجي لوهي دستاني سان باهه وسائي ۽ گهوڙي کي قابو ڪيو. ماڻهن سندس همٿ ۽ ڦڙتيءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. عورتن سندس هٿ چمڻ پئي گهريا، جيڪو عمل جَون کي بلڪل به پسند ڪونه هو ڇاڪاڻ ته اهو هن هڪ وڏو اعزاز پئي سمجهيو، جنهن لاءِ سندس اندر راضي نه هو.

اورليئنز جي شهر ۾ سندس گشت وارو منظر، هڪ يادگار چوائي سگهي ٿو. انهيءَ گهڙيءَ کان پوءِ ئي فرانسسين ۾ خوف جو موت ٿي چڪو هو.

ڊيونوئس لکيو ”هن ڏينهن تائين رڳو ٻه سؤ انگريز، اسان جي اٺ سؤ يا هڪ هزار سپاهين کي ختم ڪري پئي سگهيا، پرهاڻي هو قلعن ۾ وڃي لڪا آهن ۽ اسان جي سامهون اچڻ جي همٿ نه ٿا رکن.“

انگريزن جي سپهه سالار تالبوٽ لاءِ اها سوچ ڪجهه عجيب هئي ته هن جي فوج ۾ هاڻي هواس پکڙجي ويو هو. مٿان وري جَون کيس هڪ خط لکي موڪليو ته هُو، جَون آڏو هٿيار ڦٽي ڪري ۽ اتان روانو ٿي وڃي.

انگريزي ڏاڍيون ٺٺوليون ڪيون ۽ هڪ ڏينهن جڏهن جَون هنن سان ڳالهائڻ وئي ته هنن مٿس چٿرون ڪيون ۽ کيس غلط سلط ڳالهايو، جنهن جي ڪري جَون ڏُک وچان روئي ڏنو هو. ڪجهه به هجي، انگريز همٿ هاري ويٺو هو.

آرليئنز پهچڻ کان هڪڙو ڏينهن پوءِ، جَون ڊيونوئس کي حڪم ڏنو ته هُو شهر کان ٻاهر نڪري ۽ انگريزن تي حملو ڪري. ڊيونوئس کي اهو فيصلو، دانشورانه پئي لڳو. جَون موٽي، پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ويٺي. اوچتو هوءَ ٻاهر ڀڳي ۽ پنهنجي ساٿين کي ٻڌائڻ لڳي ته ڪٿي نه ڪٿي فرانسسي جنگ ضرور ڪري رهيا آهن.

سندس ڳالهه سچي هئي. سنيٽ لوپ جي گرجا ۽ قلعي وٽ ويڙهه جاري هئي. هيءُ هڪڙو اهڙو هنڌ هو جتي انگريزن جو گهيرو ڪمزور هو، جَون جي فوجين شهر ڏانهن ايندي مٿن حملو ڪري ڏنو هو.

هوڏانهن جَون هڪدم شهر مان ٻاهر نڪري آئي . فرانسسين جنگ کٽي پئي ۽ جَون کي ڏسي سندن حوصلا ويتر بلند ٿي ويا. هنن آخر انگريزن جا لاهه ڪڍي، پاڻ قبضو ڪري ورتو. جنگ جي آخري مرحلي ۾ جَون هڪ فرانسسيءَ کي هڪ انگريز قيديءَ کي گهاوَ هڻندي ڏسي ورتو. تلوار جو ڌڪ ڏسندي، جَون هڪدم پنهنجي گهوڙي تان لٿي ۽ قيديءَ جو مٿو، پنهنجي ڪڇ ۾ رکي، آرام ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.

آرليئنز جو بچاءُ / باب ستون

شهزادي چارلس، جَون جي خيال رکڻ ڪارڻ هڪ تمام سٺي شخص کي هن ساڻ موڪلي ڇڏيو هو. هن همراهه جو نالو جين ڊي آئون (Jean D Auion) هو ۽ هن ئي جيڪي ڪجهه نوٽ ڪيو هو، تنهن جي پوئواري ڪندي اسان اوهان کي اورليئنز وارو قصو ٻڌايو هو.

سينٽ لُوٽ جي قلعي تي قبضي کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي ئي جَون پنهنجن ساٿين کي نديءَ جي پرئين ڀر تي هڪ ٻئي قلعي تي حملي ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. انگريزن وٽ پُل جي پرانهين ڇيڙي کان بيٺل مضبوط عمارت ليس ٽاريئلز (Les Tourelles) جو قبضو هو. اها عمارت پل جي بلڪل ڇيڙي تي هئي ۽ هتي ئي سالسبزيءَ جو موت واقع ٿيوهو. جڏهن هُو دريءَ ۾ بيٺل هو ۽ هڪ ٻارڙي توب هلائي ڇڏي هئي. تنهن کان سواءِ پُل جو هڪ ڇيڙو به ڀڳل هو ۽ انگريزن لاءِ رسو پهچائڻ ڏکيو ٿي پيو هو. اهو ڇيڙو فرانسسين ڀڳو هو، ڇاڪاڻ ته هنن نه پئي چاهيو ته انگريزن کي سولائيءَ سان عمل دخل ڪرڻ ڏجي.

جَون ۽ هن جا ساٿي، ٻيڙين وسيلي لوئر کي ٽپڻ شروع ڪيو ۽ نديءَ جي وچ تي هڪ جزيري وت پهچي سڀني ٻيڙين کي گڏ ڪيائون. اتي پهچي کين خبر پئي ته انگريز ته حملي واري جاءِ اڳ ۾ خالي ڪري ويا هئا ۽ هاڻي هڪ ٻئي مضبوط قلعي ۾ وڃي لڪا هئا.

فرانسسين جڏهن ٻيڙيون موٽايون پئي ته اوچتو هڪ ٻئي قلعي مان انگريز نڪري آيا ۽ حملو ڪري ڇڏيائون. جَون ۽ سندس ساٿي لاهائر، جن پنهنجن گهوڙن سوڌو ندي ٽپي هئي. تن اهو اوچتو حملو ڏسي ورتو ۽ هُو دشمنن منجهه ڪاهي پيا ۽ سندس قلعي ڏانهن رخ رکيائون. پويان سندن فوج هئي. نتيجو اهو نڪتو جو انگريز پنهنجي قلعي ڏانهن واپس ڀڳا. ان وچ ۾ ڊي آئون ۽ هڪ ٻيو مانٺو همراهه، هٿ زور آزمائي ڪرڻ لڳا. سوڙهي دروازي ۾ هڪ جنگجو انگريز بيٺل هو، جنهن سڀني حمله آورن کي ڀڄائي پئي ڪڍيو، ڊي آئون حڪم ڏنو ۽ پويان ايندڙ سندس ساٿين مان هڪڙي تير انداز در تي بيٺل انگريز کي تير هنيو. ۽ هو پٽ تي ڪري پيو. هن جي مرڻ سان ئي ڊي آئون ۽ سندس ساٿيءَ وڃي دروازي تي قبضو ڪيو ۽ سندس تاڪَ زوريءَ کولي بيهي رهيا ته جيئن فوج اندر داخل ٿي سگهي. ڪجهه ئي دير ۾ انگريزن جي لاشن جو ڍير لڳي ويو ۽ سندن قيدي بڻجي ويا.

هاڻي فرانسسين ۾ اعتماد وڌي رهيو هو ۽ سندن سپاهه ۾ به اضافو ٿي ويو هو. جُون ٻئي ڏهاڙي ئي اهو فيصلو ڪيو ته لُوئر نديءَ تي ٺهيل پل ڀرسان انگريزن جي مضبوط ترين مرڪز ”ليس ٽاريئلز“ تي حملو ڪيو وڃي. جنرلن کي سندس منصوبو ناقص نظر پئي آيو، ڇاڪاڻ ته اها جاءِ تمام مضبوط هو. هوڏانهن جَون جو خيال به صحيح هو، پُل جو هڪ حصو ڀڳل هو جنهن جي ڪري انگريزن کي هڪ ٻئي جي مدد، نديءَ وسيلي ئي ڪرڻي هئي. هنن جا لاهه نڪتل هئا ۽ هاڻي سندن قوت گهٽجي رهي هئي. اها ڳالهه جيڪا فرانسسي جنرلن کي سمجهه ۾ نه پئي اچي، جَون کي سمجهه ۾ اچي وئي هئي.

جَون کي ڀرپور اعتماد حاصل هو. ان ڏينهن لوئر نديءَ جي خاص مڇي نيرن ۾ شامل هئي. هڪ شخص جڏهن کيس نيرن ڪرڻ لاءِ چيو، جيڪا ڪجهه دير ۾ ئي ٿي وڃي ها ته جُون اهو وقت به نه پئي وڃائڻ چاهيو. ”رکي ڇڏ ، مان اها رات ڌاري اچي کائينديس ۽ پاڻ سان گڏ هڪڙي انگريز قيديءَ کي به وٺي ايندس جيڪو مڇي کائڻ ۾ منهنجو هٿ ونڊائي، ۽ ها مان پُل ذريعي واپس اينديس.“

هاڻي پل جي باري ۾ سڀني کي خبر هئي ته اها ڀڳل هئي ۽ اتان لنگهڻ ڏکيو هو. ڊي آئون سندس اهي ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو پريشان ٿيو، ۽ بهرحال رات ڌاري هو سڄو معاملو سمجهي ويو هو.

جَون، شهر جا دروازا کولائي ڇڏيا ۽ ماڻهن فوج سميت ٻيڙين جو رخ رکيو ۽ ٻيڙين تي چڙهي، لاس  ٽاريئلز جي ڀتين تي حملو ڪري ڏنو. هنن وٽ وڏيون وڏيون ڏاڪڻيون هيون، جيڪي ڀت تي رکي هنن مٿي چڙهڻ پئي گهريو. جوَن پاڻ هڪ ڀت هيٺان بيٺي هئي ۽ حڪم ڏئي رهي هئي. مٿان وري انگريزن به تيرن جي بارش پئي ڪئي ۽ جي ڪو همراهه ڏاڪڻ رکڻ ۾ ڪامياب ٿي پيو وڃي ته اها اتان هٽائي پيا ڇڏين، ۽ گهڻو ڪري سپاهي جيڪو ڏاڪڻ تي چڙهڻ جي ڪوشش پيو ڪري، موت جي حوالي ٿي رهيو هو.

هن قلعي ۾ ڇهه سو کان مٿي بهادر انگريز هئا جن جا ٻه  بُومار (Bumus) ۽ گليسيڊاس (Glassidas)  تمام مشهور هئا. هنن جي جنگي حڪمت عملي زور هوندي هئي نتيجو اهو نڪتو جو فرانسسين کي قلعي جي ڀت وٽ هڪ کاهي ۾ ڇڪيو ويو.

جنگ جو احوال ڊيونوئس لکيو. سندس لکڻيءَ موجب، منجهند جو هڪ ٿي رهيو هو جڏهن جَون سان اهو واقعو پيش آيو جنهن جي هن اڳڪٿي ڪئي هئي. دشمن وٽان اڇلايل هڪ تير، جَون کي ڳچيءَ جي پاسي ڪلهي کان ٿورو مٿ ڀرو اچي لڳو. جون جي پُٺيءَ وٽان اهو تير ڇهه انچ کن ٻاهر نڪتل هو. کيس حملي جي حد کان ٻاهر آندو ويو ۽ تير جڏهن ڪڍي کيس آرام ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ واپس جنگ وڙهڻ هلي وئي.

جنگ هلندي رهي. هنن صبح جو سوير کان حملو ڪيو ۽ هاڻي سج لهي چڪو هو، ڊيونوئس اها صلاح ڏني ته جنگ وڌيڪ جاري نه ٿي رکي سگهجي. پر جَون کيس ڪجهه وڌيڪ ترسڻ لاءِ چيو، هوءَ گهوڙي تي چڙهي ڪجهه پرڀرو نڪري وئي ۽ اڪيلي منو ڪلاڪ کن عبادت ڪندي رهي.

اتان موٽي هوءَ تيرن جي بارش ۾ ٽپي پئي. ڊي آئون کيس تيرن کان بچائڻ لاءِ ڊال استعمال ڪري رهيو هو. کاهي وٽ واپس پهچي هن ڏٺو ته سندس جهنڊو هڪ سپاهيءَ وٽ هو. هن جهنڊو وٺي، لهرايو ته جيئن سڀئي سپاهي اهو ڏسي سگهن، ”اسين قلعو ڦري وٺنداسين.“

هن رڙ ڪئي ۽ فرانسسين آخري ڀرپور حملو ڪري ڏنو. جوش زور هو، ڏاڪڻ هن واري لڳي وئي ۽ فرانسسي قلعي ۾ گهڙي پيا. انگريزن کي ڪُٺو ويو يا اهي قيدي بڻيا، گلسيڊاس، سندن اڳواڻ ڪاٺ جي هڪ ٽڪري ذريعي درياهه ٽپڻ گهريو پر هُو ٻڏي ويو.

جُون پنهنجي صبح واري چيل ڳالهه موجب پل وسيلي ئي واپس وئي. ماڻهن پُل جي ڀڳل حصي تي ڪاٺ جون پٽيون رکيون جن تان لنگهي هن پُل پار ڪئي. ڊيونوئس جي خيال موجب انگريزن جڏهن کيس آخري ڪاهه ڪندي ڏٺو ته اهي همٿ هاري ويٺا.

جون ڏاڍي ٿڪجي پئي هئي. هڪ جراح سندس زخم جي مرهم پٽي ڪئي ۽ رات جي مانيءَ ۾ هن شراب مان پسايل مانيءَ جا چار يا پنج ڳڀا کنيا. سڄي ڏينهن ۾ سندس اهائي غذا هئي.

ٻئي ڏينهن صبح ساڻ ئي انگريز پنهنجا قلعا ڇڏي ٻاهر نڪري آيا هئا ۽ جنگ جهڙي صف بندي ڪئي هئائون. زخم جي ڪري، جَون پنهنجي لاءِ ٺاهيل مخصوص لوهي لباس نه پئي پهري سگهي، تنهن ڪري ان ڏينهن کيس هلڪو لباس پهريل هو. هن چيو ته جي انگريز وڃڻ ٿا گهرن ته مٿن حملو نه ڪيو وڃي. ۽ ائين ئي آرليئنز جو شهر اٺين مئي ته آزاد ٿيو هو ۽ تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين هر سال جُون جي ياد ۾ سالن جي محنت ۽ خرچ کي جَون چئن ڏينهن ۾ ناس ڪري ڇڏيو هو. لوئر جي ڏکڻ طرف فرانس جو ڳپل حصو هاڻي آزاد ٿي چڪو هو.

اهو سڀ هڪ ڪهاڻي لڳي ٿو، پراها حقيقت آهي. جُون فرانسسين کي اعتماد ورائي ڏنو هو. جي هوءَ نه هجي ها ته سندس هم وطن ڪڏهن به گڏ نه ٿين ها. هن ڏهن هزارن کان مٿي سپاهه جي اڳواڻي ڪئي هئي. تنهن کان سواءِ ائين پئي لڳو ته ڄڻ انگريزن بيوقوفن وانگر آخري ويڙهه وڙهي هجي. ”ليس ٽاريئلز“ ۾ موجود هڪ هزار سپاهين جي مدد ٻيا ٽي هزار ڪري پيا سگهيا. جو هُو آرليئنز تي حملو ڪن ها ته جَون جي فوج موٽي اچي ها ۽ ”ليس ٽاريئلز“ بچي وڃي ها. پر انگريزن الاءِ ڇو ائين نه ڪيو. اڄ تائين نهن سببن جي بظاهر ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي.    (هلندڙ)

 

 

ساحره اعجاز

مڇيءُ جو پلاءُ

گهربل شيون:

مڇي وڏي اڌ ڪلو

چانور اڌ ڪلو

ٿوم (سُڪل) 2 ڳنڍيون

ميٿي ذائقي مطابق

رائي هڪ چمچو

هيڊ اڌ چمچو

لوڻ ذائقي مطابق

ڌاڻا اڌ چمچو

مرچ (پيٺل) ذائقي موجب

ساوا مرچ 4 عدد

ٽماٽا اڌ پاءُ

تيل ياگيهه ڏيڍڪوپ

ترڪيب:

ٿوم ڇلي ان ۾ پيهڻ وقت هيڊ ۽ پيٺل مرچ ملائجن. پوءِ تيل گرم ڪري ان م رائي ڳاڙهي ڪيو. پوءِ ٺهيل ٿوم ۽ ٽماٽا ننڍا ٽڪر ڪري ان ۾ ملايو. مصالحو ٿورو ڀڃڻ کانپوءِ ان تيل ۾ مڇي فرائي ڪيو. مڇي جڏهن چڱي طرح پچي وڃي ته ان کي ڪنهن ٿانو ۾ لاهي رکو. جيڪو مصالحي وارو تيل بچيو هجي. ان ۾ چانورن لاءِ پاڻي وجهڻ کانپوءِ جڏهن چانور وجهو ته ميٿي ۽ لوڻ به وجهي ڇڏيو. جڏهن چانورن کي ”دم ڏيڻ جو وقت اچي ته چانورن مٿان ٺهيل مڇي رکي ڇڏيو. ڪجهه دير تائين چانور دم تي رکڻ کانپوءِ لاهي ڇڏيو. اوهانجو مڇيءَ جو پلاءُ تيار آهي.

ڪڙاهائي گوشت

گهربل شيون:

گوشت اڌ سير (ٻاڪرو)

گيهه ڏيڍ ڪوپ

ٽماٽا اڌ سير

گرم مصالحو (پيٺل) ڏيڍ چمچو

لوڻ ضرورت مطابق

ڪارا مرچ (پيٺل) ڏيڍ چمچو

ساوا مرچ 6 عدد

ٿوم سنهي ڪٽيل چار داڻا

ادرڪ اڌ چمچو سنهي ڪُٽيل

ترڪيب:

گيهه هلڪو گرم ڪري اُن ۾ گوشت، ٿوم ۽ ادرڪ وجهي ڪنهن شيءَ سان ڍڪي ڇڏيو _ هر ٻن منٽن کان پوءِ گوشت کي گهمائيندا رهو. جڏهن گوشت ڳري ته اُن ۾ لوڻ، ساوا مرچ ملائي ڇڏيو. ٿوري ٿوري دير کان پوءِ گوشت گهمائيندا رهو. اٺن _ ڏهن منٽن کان پوءِ ٽماٽا ڪٽي اُن ۾ ملائي ڍڪ ڏئي ڇڏيو. جڏهن ٽماٽا ڳرڻ شروع ٿي وڃن ته اُن ۾ ڪارا مرچ ۽ گرم مصالحو ملائي ڇڏيو. ٽماٽن ڪي ڪفگير هڻي پاڻي وانگر ڪري ڇڏيو. جڏهن ٽماٽا بلڪل پاڻي ٿي وڃن ته ساون ڌاڻن جا پن انُ ۾ ملائي باهه بند ڪري ڇڏيو. اوهان جو ڊش تيار آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com