سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :9

 

دعا ممتاز

گهر ويٺي آمدني حاصل ڪريو

عورتن جي نوڪري ڪرڻ وقت جي ضروررت ٿيندي وڃي جيئن هو پنهنجي خاندان جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهن. ته جيئن سندن گهر وارن جي آمدنيءَ ۾ واڌارو ٿي سگهي.

ٻارن جي بهتر تعليم ۽ تربيت گهر وارن جي لاءِ بهتر سهولتون ۽ ٻيون زندگيءَ جي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ صرف مرد جو پگهار ڪافي ناهي، پر گهر ۾ پڙهيل لکيل يا اڻ پڙهيل عورت به ڪنهن نوڪريءَ جي ذريعي يا ڪنهن هنر جي ذريعي پنهنجي گهر ۾ خوشحالي آڻي سگهي ٿي.

عورتن جي لاءِ ٻن قسمن جي جاب ٿي سگهي ٿي، هڪ ته هو ڪنهن جڳهه نوڪري ڪري، يا هوءَ پنهنجي گهر ۾ رهندي اهڙو هنر يا ڪم ڪري جنهن سان مناسب اپت ٿئي.

گهر ۾ ڪم ڪرڻ جا فائدا:

عورتن جي، گهر کان ٻاهر، نوڪري ڪرڻ سان کين گهر ۽ ٻارن جي اون ٿي رهي ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون ذهني دٻاءُ جو شڪار رهن ٿيون. انڪري انهن جو ذهني سڪون سان ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي.

خاص ڪري انهن مائرن جي لاءِ جن کي کير پياڪ ٻارڙو هجي. گهر ۾ پويان ڀلي ٻي ڪا عورت هجي، پر ماءُ جي نعم البدل ته نٿي ٿي سگهي. گهر ۾ ڪم ڪرڻ سان عورت نه صرف گهر کي وقت ڏئي سگهي ٿي، پر پنهنجي ٻار کي به ڀرپور توجهه ڏئي ٿي. گهر ۾ ڪم ڪرڻ سان آفيس اچڻ، وڃڻ جو جهنجهٽ، نظم ضبط ۽ وقت جي پابندي کان به ڇوٽڪارو ملي ٿو وڃي.

ڪم جي نوعيت:

آمدنيءَ جي مقصد سان گهر ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ عورتون اهڙو ڪم شروع ڪن، جنهن ۾ سندن دلچسپي به هجي ڇو ته اهڙو ڪم ڪندي کين ٿڪاوٽ ڪانه ٿيندي. پر هو پنهنجي شوق ۽ دل سان ڪم ڪري سگهنديون، ۽ ڪم جو معيار به سٺو هوندو، جيڪڏهن ڪو نئون ڪم شروع ڪرڻو آهي ته ان شعبي جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ معلومات حاصل ڪريو. گهر تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙو شعبو چونڊ ڪجي ۽ ان جي لاءِ اسان توهان کي مختلف شعبن جي باري ۾ ٻڌائينداسون جيئن عورتن کي فيصلي ڪرڻ ۾ سهولت ٿئي. ۽ انهن کي به ڄاڻ ملي ته هنن جي لاءِ گهر ويٺي ڪهڙو ڪاروبار بهتر آهي.

رڌ پچاءُ ۽ بيڪنگ جا ڪورس:

عورتن جي اها خواهش هوندي آهي ته هو هر هنر ۾ مهارت حاصل ڪن. ان ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ پهرين خواهش هوندي اٿن رڌ پچاءُ ۾ ماهر ٿيڻ جي. جيڪڏهن توهان سٺو ۽ بهترين رڌو پڪو ڄاڻو ٿيون ته پنهنجي صلاحيت کي ٻين تائين پهچايو.

ان لاءِ توهان رڌڻ ۽ پيڪنگ جا ڪورس ڪرائي سگهو ٿيون، ان، لاءِ توهان کي صرف پنهنجي رڌڻي جي ضرورت پوندي. رڌڻي کي صاف ۽ سٿرو رکو جيئن ڪم ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي ۽ شاگردياڻين کي سٺو تاثر ملي، شاگردياڻين جو تعداد توهان پنهنجي رڌڻي جي گنجائش مطابق مقرر ڪريو. رڌ پچاءُ سيکارڻ جو عمل خوشگوار ماحول ۾ هجڻ گهرجي کاڌي جي ترڪيب جي ڪاپي پنهنجي شاگردياڻين ۾ ورهائي ڇڏيو. هڪ ڀيرو هڪ ترڪيب سيکاريو ۽ رڌڻ جي لاءِ گهربل شيون شاگردياڻيون پاڻ مهيا ڪنديون. هڪ ڀيرو توهان پنهنجي شاگردياڻين کي رڌڻ سيکارينديون ۽ ان کان پوءِ توهان انهن کاڌن جون ترڪيبون فوٽو ڪاپي ڪري ڏينديون جيئن شاگردياڻيون گهر وڃي مشق ڪري سگهن. کاڌي رڌڻ جون ترڪيبون ترتيب وار سيکاريو، جيئن ٻنپهرن ۽ رات جي لاءِ ڪهڙا کاڌا هجڻ گهرجن، گهريلو ۽ هلڪي سلڪي تقريب جي لاءِ طعام جي فهرست ڇا هجڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ توهان گهر ويٺي ننڍا ننڍا آرڊر به وٺي سگهو ٿيون. ۽ مختلف تقريبن لاءِ کاڌا رڌي به سگهو ٿيون. هڪ ڀيرو توهان جي کاڌن جي ساک ٿي وئي ته توهان کي وڌيڪ تقريبات جا آرڊر به ملڻ شروع ٿي ويندا. اهڙيءَ طرح توهان جي آمدنيءَ جو ذريعو به پيدا ٿي پوندو.

سلائي ۽ ڀرڻ جو هنر:

1. سلائي جي لاءِ سلائي جو ڪورس ڪيل هجي ۽ سلائيءَ تي مڪمل عبور حاصل هجي. ڪاغذ تي ڊزائن، جا خاڪا ٺاهڻ ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جو طريقو اچڻ گهرجي. سلائي سيکارڻ جي لاءِ ڏهن کان وڌيڪ ڇوڪريون نه هجڻ گهرجن. ان جي لاءِ ٻن کان ٽن تائين سلائي مشينون هجڻ گهرجن. خيال رکو ته سلائي جي ڪٽنگ ڇوڪرين کي چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي.

2. گهر ۾ ڪپڙا سبي دڪان تي يا بوتيڪ تي وڪڻي سگهجن ٿا. جيڪڏهن توهان ڊزائينر آهيو ته ڪجهه وڳا ڊزائن ڪري ڪنهن بوتيڪ تي ڏيکاريو. ضرور پسند ڪيا ويندا ۽ ان جي رقم به ڏني ويندي. ان کان پوءِ بوتيڪ جي ضرورت مطابق توهان وڳا ٺهرايو ۽ ڊزائن ڪريو ۽ بوتيڪ تي رکو پڪ توهان جا ٺاهيل وڳا پسند ڪيا ويندا ۽ توهان کي آرڊر به ملڻ لڳندا. هڪ وڳي تي 50 کان 100 سيڪڙو منافعو ڪمائي سگهو ٿيون.

3. توهان جي تيار ڪيل وڳن جي نمائش به ٿي سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح بوتيڪ تي ڏنل ڪپڙن جي ڪميشن به بچي پوندي. مختلف اسٽائل ۽ ڊزائن جا ڪپڙا تيار ڪريو ۽ سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا رمضان شريف جي عيد ۽ ذوالحج جي عيد تي يا شادين جي موسم ۾ نمائش ڪري سگهون ٿيون.

عيد ويجهي هجي ته ان جي مناسبت سان ڪپڙا تيار ڪريو ته توهان کي مستقل خريدار به ملي ويندا ۽ اهڙيءَ طرح توهان جي ڪپڙن جي خريداري به گهڻي ٿيندي.

4. ڀرت ڀرڻ جي اهميت به اڄڪلهه وڌي وئي آهي. هٿ جي ڀرت جي گهرج ته تمام گهڻي وڌي ويئي آهي. خاص ڪري زريءَ جو ڪم، مُڪي جو ڪم پنيءَ جو ڪم ۽ ستاري موتيءَ جو ڪم به گهڻو پسند ڪيو ٿو وڃي. دوڪاندارن ڪاٽن جي ڪپڙن تي به سٺو ڪم ڪرائي ان جي سونهن ۽ قيمت به وڌائي ڇڏي آهي. گهرن ۾ زريءَ جو ڪم ڪرائي دڪانن تي به وڳا ڏيئي چڱو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن زري ۽ ڀرت جي ڪم ۾ توهين مهارت رکو ٿيون ته گهر ويٺي ڇوڪرين کي به اهو هنر سيکاري سگهجي ٿو.

-----------


 

آڪٽوبر 2006ع واري پرچي جو اڀياس

هن ڀيري ادارئي کي ڪو عنوان نه ڏنو ويو آهي. ادارئي ۾ بيان ڪيل فلسفياڻي سوچ، ”فطرت ۾ برابري آهي“ نيچر ڪڏهن به ڪنهن انسان سان ناانصافي ٿيڻ نه ٿي ڏي ”بلڪل صحيح آهي، پر اهو به ياد رکڻ گهرجي ته غير فطري عملن کي روڪڻ لاءِ فطرت پاڻمرادو ڪجهه نه ڪندي آهي. انهن جي روڪ ٿام لاءِ اسان انسانن کي ئي سوچڻو ۽ لوچڻو پوندو آهي. دنيا جي مشهور صحافڻ اٽلي واسڻ اوريانا فلاسيءَ بابت ڪافي ڄاڻ ڏنل آهي. سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ سنڌيڪار محترم مراد علي مرزا جي ترجمو ڪيل اوريانا جي هڪ ڪهاڻي ”آکاڻي هڪ پري جي پڻ ڇاپي وئي آهي“ گلشن اوريانا فلاسيءَ جي مضمون ۽ ڪهاڻيءَ جي عنوان ۾ فلاچي لکيو ويو آهي. گلشن به ان کي فلاچي لکيو آهي. جڏهن ته مرادعلي مرزا صاحب ان کي ”فيليشي“ لکيو آهي. ائين ڇو ٿيوآهي؟ حقيقي اچار ڪهڙو آهي؟ اها وضاحت ٿيڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ اوريانا فلاسي (Oriana Fallaci) ٺيڪ آهي.

سڪل پن جيان وکري ويل شهزادي ڪنول چنڊ جي ”ڊائري ۾ شاعري“ وڻي. شال! سندس ياد جا ڏيئا ڪڏهن نه وسامجن. هند جي سنڌي محقق ۽ ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻيءَ جي ڪهاڻيءَ ”۽ هوءَ شخص بڻجي وئي“ عورتن جي حوالي سان احساس برتريءَ، مٿڀرائپ ۽ معتبرائپ جي شڪار مردن کي ضرورپڙهڻ گهرجي. ان ڪهاڻيءَ ۾ احساس ڪمتريءَ جوشڪار عورتن لاءِ پڻ سٺو سبق سمايل آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪامياب جيون، جوڙ(شاديءَ) ۽ زور واريءَشاديءَ جي ماحول بابت لکيو ويوآهي. ”ڳالهه ٻولهه ۾ هن ڀيري اڀرندڙ شاعرا ۽ سماج سڌارڪ ايڊمنسٽريٽوآفيسر روزينا جوڻيجيءَ سان سڃاڻپ ڪرائي وئي آهي. روزينا جون لکيل سماجي سرگرمين جون رپورٽون ته پڙهيل آهن باقي سندس شاعري ياد نه ٿي پوي. سٺو ٿئي ها جيڪڏهن انٽرويوءَ جي آخر ۾ سندس نڪور شاعري پڻ ڇاپي وڃي ها. روزينا ۽ ظفر کي سندن ڪامياب جيون ساٿ تي واڌايون هجن. شال سندن جوڙي سلامت رهي ۽ سنڌ جي سماجي ۽ سياسي تبديلي ۽ ترقي لاءِ هٿ پير هڻندا رهن.

هند جي سنڌياڻي رتنا گوديا رولاڪ جي آتم ڪٿا ”پيڙا جوپڙلاءُ“ سندس امڙ جي انت جي خبر پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو. ڇو ته روبرو ملڻ يا ڪنهن به قسم جو رابطو نه هجڻ باوجود سندس آتم ڪٿا ذريعي ڄڻ ذاتي جيون ڏکن سان ڏٽيل آهي. هن باهمت سنڌياڻيءَ تي سڄي سنڌي قوم کي فخر ڪرڻ گهرجي. مان اڳ ۾ به لکي چڪو آهيان ته رتنا جي هاڻوڪين حالتن ۽ سندس آتم ڪٿا کان سواءِ ۽ سندس ٻئي ادبي پورهئي ۽ سرگرمين بابت ڄاڻ ڏني وڃي. ”سرتيون“ جي پڙهندڙن لاءِ سندس ڏس پتو ڏنو وڃي.جيئن مون جهڙا پرستار ساڻس سنئون سڌو رابطو ڪري سگهن. اميد ته هن ڀيري انگل اگهائبو. ماناتائي ڪزبانو سنڌوءَ جي ناوليٽ ”چاهت جن جي من ۾“ جي آخري قسط ڇاپي وئي آهي. ناول جون سڀ قسطون منهنجون پڙهيل نه آهن. مان اڳ ۾ ان تي تبصرو ڪري چڪو آهيان جيڪو اپريل 2006ع واري ”سرتيون“ ۾ ڇپيل آهي. ناوليٽ جي آخري قسط ۾ ناوليٽ جي ٻولي گهڻي ڀاڱي سهڻي سنڌي ڪم آندل آهي، پر ڪٿي ڪٿي انگريزي الفاظ پڻ ڪتب آندل آهن. جيئن فريش ۽ ريڊ ڪلر جي ڊريس وغيره انهن جي جاءِ تي تازو توانو نئو بنو ۽ ڳاڙهي رنگ جي پوشاڪ / ويس/ لباس/ وڳو جهڙا سنڌي لفظ ڪم آڻي سگهجن پيا.

محترما ڪزبانو سنڌوءَ ناوليٽ جي آخري قسط ۾ اميد جو ڏيئو جلڻ، آسون روشن ٿيڻ، چهري تي خوشيءَ جو عڪس نمايان هئڻ، ميڻ کان به نرم پٿر کان به سخت هجڻ، محبت قائم رهڻ وغيره جهڙا نوان پراڻا اصطلاح ڪم آڻي پنهنجي ناوليٽ جي سونهن وڌائي آهي. آخري قسط ۾ رشتن جو ڀرم رکيو ويو آهي. مشرقي ماحول ۾ رشتن جي وڏي اهميت آهي. جيڪا پنهنجي جاءِ تي سٺي ڳالهه آهي. رشتا رهنڊون ڏيندڙ نه پر ناوليٽ جي ڪردارن وانگي زخمن تي پيار جا پها رکندڙ هجن. آخري قسط پڙهندي خوشي ٿئي ٿي ته خاندانن ۾ پيدا ٿيل ويهن سالن جون وڇوٽيون ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ رٺل خاندان کير کنڊ ٿي وڃن ٿا. چاهيندڙ هڪ ٻئي سان جيون جوڙ(شاديءَ) جي رسمن جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وڃن ٿا. هڪ مثالي سنڌي سماج جي تصوير اکين آڏو اچي وڃي ٿي. جتي ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري جي مرضيءَ سان رشتو طئه ٿئي ٿو. سندن مائٽ انهن جي پاڻ ۾ محبت جو ٻڌي کين ”ڪاروڪارو“ جهڙي انسان دشمن رسم جي حوالي ڪرڻ بجاءِ خوشيءَ سان سندن مڱڻو ڪن ٿا. سڀني جي سامهون هڪ ٻئي کي منڊيون پارائن ٿا. شال! سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ اهڙو ماحول پيدا ٿي پوي هڪ ٻئي ڏانهن کڄندڙ آڱريون قوم ۽ سماج جي دشمنن طرف کڄن. مانائتي امر سنڌوءَ ”هڪ شخصيت 100 سوال“ ۾ ڊاڪٽر ممتاز ڀُٽياڻيءَ جا جواب سهيڙيا آهن. ڊاڪٽر صاحبا روايتي جواب ڏنا آهن. ممتاز چواڻي پڙهندڙ سڀ کان وڏو نقاد آهي.ڪنهن حد تائين صحيح آهي.

روشن ڌاريجيءَ جي ترجمو ڪيل مضمون ”حمل ۽ الٽيون“ هر پرڻيل عورت ۽ مرد کي ضرور پڙهڻ گهرجي.

شاعريءَ ۾ صبا قريشي ”يار“ لفظ ٻه ڀيرا ڪافيي طور ڪم آندو آهي. سندس شعر ”انتظار“ ۾ مايوسي جهلڪي رهي آهي. هوءَ پاڻ کي جيئري هوندي مئل ۽ پيار کي انت ٿي سمجهي. شاعريءَ ۾ زندگيءَ کان فراريت نه هجڻ گهرجي.

شگفته جبين جو خيالي پرواز بلند آهي. سندس سوچ بلڪل سچي آهي ته ”نفرتن، عداوتن ۽ رنجشن جي نٽهڻ اُس ۾ محبتن جا گلاب ڪڏهن به ناهن مهڪندا“ رنجش ۽ الميو سندس بهترين تخيل آهن. شال! نازش لغاريءَ کي ”المنظر“ جي نظارن ۾ وري سڪون ملي ۽ سندس ننڊ ڦٽڻ جا سبب بلڪل ختم ٿي وڃن. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي قومي زندگيءَ جو رنگ پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

گلشن لغاريءَ جي وائي مينهن جي ستايل ماروئڙن جي نانءِ سڀني تخليقن تي ڀاري آهي. سندس وائي فني توڙي فڪري لحاظ کان پختي آهي.

”سون ساريڪا هٿڙا“ ۾ رابيلا حميد مينا ڪولهڻ جي محنت جي عظمت اجاگر ڪئي آهي.

”پڙهندڙن جا خط“ ۾ اختر افروز شاهه ۽ حسين سارنگ جا خط ۽ آگسٽ واري سرتيون جو ”اڀياس“ ڇاپيو ويو آهي.

اوهان جو پنهنجو

حسين سارنگ 3298966 – 0300

جواب: سرتيون پڙهڻ، پسند ڪرڻ ۽ تفصيلي خط لکڻ لاءِ لک لائق، اميد ته اوهان جو سهڪار هميشه جاري ۽ ساري رهندو.اوهان اوريانا جي اُچار بابت پُڇيو آهي، صحيح اُچار ”اوريانا فلاچي“ ٿيندو. رتنا گوديا جو پتو هن ريت آهي:

Ratna godia

Mt. Alps 'B' Wing 1101-02,

11th Floor, Bhakti park,

Anik Wadala link Road,

Next to Imax Theatre,

Wadala (E) Mumbai 400031

Tel: 56040903

Cell: 9892065242

ان کان علاوه امبر ايوب ابڙو، ڪنول سميجو، شبانا سنڌي، اختر افروز شاهه، شگفته جبين ۽ شبانا شاهه جا خط پهتل آهن.

 ***

 

اقرا عبدالرزاق

بيوٽي ٽپس

منهن جي چمڙي اهڙي نه هجي گهر جي بيڊ روم ۽ سمنڊ جي خشڪ هوا ۾ هڪجهڙي لڳي، منهن چمڙي اهڙي هجي جو هر موسم ۾ چنڊ جيان چمڪي پر ان لاءِ توهان کي ڌيان ڏيڻو پوندو. جيئن ڏينهن ۾ توهان ٻه ڪلو پاڻي نٿيون پيو ته اڄ کان توهان کي روزانو ٻه ڪلو پاڻي پيئڻو پوندو ان سان گڏ، تازيون ڀاڄيون، پروٽين وارو کاڌو پنهنجي کاڌي ۾ شامل ڪريو. اهي ڳالهيون توهان کي ته هلڪيون لڳنديون پر اسين توهان کي گارنٽي ڏينداسين ته روزانه انهن ڳالهين تي عمل ڪرڻ سان ٻن هفتن جي ٿوري عرصي ۾ توهان کي واضع فرق نظر ايندو. جڏهن ڳالهه اچي ٿي منهن جي چمڙيءَ جي ته توهان کي هڪدم ڪاسميٽڪس جي استعمال جو خيال اچي ٿو. ها اِهو سچ آهي پر چمڙيءَ جي خوبصورتيءَ جي لاءِ ميڪ اپ ٿورو گهڻو ضروري آهي پر اِهو توهان تي منحصر آهي ته توهان پنهنجي چمڙيءَ جي لاءِ ڪهڙو ميڪ اپ چونڊ ٿيون ڪريو.

اڄ ڪجهه مختلف ڪلرن ۾ فيس بيسڪ ميڪ اپ بازارن ۾ سولائي سان ملي ٿو وڃي.

منهن کي ميڪ اپ جي لاءِ تيار ڪرڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين فائونڊيشن استعمال ڪريو. منهن جي چمڙيءَ جو رنگ ڀلي ڪهڙو به هجي. فائونڊيشن جو استعمال ان کي نکاري ٿو ڇڏي جيڪڏهن توهان جي چمڙيءَ جو ڪلر صاف آهي ته توهان کي فائونڊيشن جي ضرورت ناهي.

فائونڊيشن جو مقصد چمڙيءَ کي شَفاف ڪري ٿو ۽ نشانن کي مٽائي ٿو. توهان بازار ۾ ليڪوئيڊ ۽ اسٽڪ جي صورت ۾ به ملي ٿو. توهان جڏهن به بازار وڃو ته ميڪ اپ نه ڪري وڃو ۽ فائونڊيشن جي خريداري جي لاءِ توهان پنهنجي منهن ۽ ڳچيءَ تي هڻو ڏسو توهان جي چمڙيءَ جي رنگ سان مئچ ٿئي ٿو ته توهان خريد ڪريو. ڪجهه عورتن جي چمڙيءَ جو رنگ اهڙو هوندو آهي. جو انهن تي ڪو فائونڊيشن مئچ ئي ڪونه ڪندو آهي پر انهن عورتن کي گهرجي ته ٻه شيڊ ملائي هڪ شيڊ ٺاهي استعمال ڪن.

گرميءَ جي موسم ۾ هلڪو شيڊ فائونڊيشن هڻو ۽ سياري جي موسم ۾ گهرا شيڊ استعمال ڪريو. فائونڊيشن توهان اسفنج سان به هڻي سگهو ٿيون، پر آڱرين جي عدد سان لڳايو، منهن جي وچ تي نقطن جي صورت ۾ هڻو، ان کان پوءِ ان کي چڱيءَ طرح سان سڄي منهن تي هموار ڪريو. جيئن ڪٿي گهڻو يا ڪٿي گهٽ نه لڳي، صبح جو اٿڻ سان موسچرائز لڳايو جيئن نيرن کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ توهان جي چمڙي ميڪ اپ لاءِ تيار هجي.

فائونڊيشن:

جيڪڏهن توهان ڪنهن فنڪشن ۾ يا پارٽي ۾ وڃو ٿيون ته ڪڏهن به بهترين فائونڊيشن کان سواءِ گهر کان ٻاهر نه نڪرو. جيڪڏهن توهان فائونڊيشن جون عادي ناهيو ته بازار ۾ عام طرح فيس پائوڊر وڌيڪ موزون آهي ان جي استعمال سان توهان جي چمڙيءَ ۾ هڪ چمڪ ايندي. اڄ ڪلهه ته عام طرح ليڪوئيڊ فائونڊيشن ميڪ اپ دستياب آهي.

بلشر:

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿيون ته توهان اهڙو بلشر استعمال ڪريو جيڪو توهان جي چمڙي جي رنگت سان مئچ هجي ۽ قدرتي چمڙي جي رنگ سان ملندڙ هجي ته توهان اورم بلشر وڌيڪ اهم ۽ بهترين آهي. جيڪڏهن توهان ٻين ڪلرن جا بلشر رد ڪري صرف گلابي رنگ جو بلشر اسعتمال ڪنديون تڏهن به توهان کي سٺو لڳندو ڇو ته گلابي بلشر شروع کان ئي گهڻو مقبول آهي ۽ اڄ تائين استعمال ڪيو ٿو وڃي. جڏهن ته ميڪ اپ جي دنيا ۾ انقلاب اچي چڪو آهي هاڻ گولڊن، سلور پرپل ۽ ان کان سواءِ ڪيترائي جديد رنگن ۾ استعمال ڪيو ٿو وڃي، پر گلابي رنگ جي پنهنجي اهميت آهي. بلشر کي لڳائڻ جي طريقو ۾ فرق اچي ويو آهي. بلشر لڳائڻ کان پوءِ ڪجهه پري کان ڏسندا ته توهان کي لڳندو ته توهان بلشر لڳايو ئي ڪونهي.

بلشر هميشه آڏو لڳائبو آهي. ڳل جي هيٺائين کان مٿائين جي طرف ان سان ڳل وڌيڪ سهڻا ۽ سٺا لڳندا.

آئي شيڊ:

آئي شيڊ ميڪ اپ استعمال ڪرڻ وقت اکين جي شيپ جو خاص خيال رکو. آئي شيڊ جي استعمال جي وقت اکين جي قدرتي بناوٽ ۽ چهري جي مناسبت سان آئي شيڊ هڻو.

آئي لائنر:

آئي لائنر جي استعمال جي بدران لينس لائن استعمال ڪري ڏسو ۽ ان ڪم جي لاءِ سڌو برش استعمال ڪريو. اهڙي برش سان توهان سٺو ڪم ڪري سگهنديون. ميڪ اپ آئي لائنر جي پنهنجي اهميت آهي ۽ اکين جي سونهن به وڌي ٿي.

مسڪارو:

ميڪ اپ ۾ مسڪارو سڀ کان اهم ۽ ضروري شيءِ آهي. مسڪاري جو رنگ پنهنجي اکين جي رنگ سان مئچ ڪري هڻو، هڪ تهه پنبڻن سان سڪي ته هڪ ٻيو تهه هڻو پنبڻ گهاٽا ٿيندا ۽ ميڪ اپ به مڪمل ٿيندو.

 

باک پنهور

رڌ پچاءُ

 

ڪُني ۾ رڌل گوشت

گهربل شيون:

ڪڪڙجو گوشت:      هڪ ڪلو گرام

ليمي جو رس:         ٻه چمچا چانهه جا

ڌؤنرو:                  اڌ پيالي

ادرڪ ۽ ٿوم پيٺل:    ٻه چمچا

ڳاڙها مرچ:            ٻه چمچا

گرم مصالحو پيٺل:   اڌ چمچو

لوڻ:                    ضرورت مطابق

گيهه/تيل:             ضرورت مطابق

ٽماٽا:                  اڌ پيالي

بصر:                   هڪ عدد

ادرڪ:                  هڪ چمچو

ڳاڙها مرچ:            اڌ چمچو

ساوا مرچ:              ٽي عدد

ترڪيب:

ڪڪڙ جي گوشت کي ڌوئي ان ۾ سمورا مصالحا وجهي ٻن ڪلاڪن لاءِ رکي ڇڏيو، ديڳڙيءَ ۾ مصالحي وارو گوشت وجهي ڍڪي چُلهي تي ايترو رڌيو جو ڪڪڙ جو گوشت ڳري وڃي، پاڻي سڪي وڃي گوشت ڳاڙهو هجڻ گهرجي.

هاڻ ٻئي ديڳڙيءَ ۾ ڪٽيل بصر ساوا مرچ سنها ڪٽيل، ديڳڙيءَ ۾ ٻه چمچا آئل گرم ڪري ان ۾ ڦوٽا، لونگ ۽ دال چيني ۽ بصر ڳاڙهو ڪريو، هاڻ ادرڪ، بصر ڳاڙهو ٿي وڃي ته ڳاڙها مرچ، لوڻ، ساوا مرچ، ٽماٽو پيسٽ ٿيل وجهي،پنج منٽ ڀُڃو. هاڻ گوشت جا پيس ديڳڙيءَ ۾ وجهو ۽ ڍڪ ڏيئي ڇڏيو. بچيل تيل کي گرم ڪري ان ۾ سڪل ميٿي وجهو ۽ هاڻ اهو آئل گوشت جي مٿان وجهي ڍڪي ڇڏيو.

ٻاڦ تي پڪل ڪڪڙ

گهربل شيون:

ڪڪڙ جي گوشت جا ننڍا ٽڪرا:     هڪ ڪلو گرام

ڪچو پپيتو پيٺل:             ٻه چمچا

پٽاٽا:                          چار عدد

ڌؤنرو:                          هڪ پيالي

ليمي جو رس:                 اڌ پيالي

لوڻ، مرچ:                      هڪ هڪ چمچو

گرم مصالحو:                 ضرورت مطابق.

ادرڪ پيٺل:                   ضرورت مطابق.

ترڪيب:

ڪڪڙ جي گوشت جي ٽڪرن کي ڌوئي، پٽاٽا ننڍا ننڍا ٽڪر ڪٽيو، سڀ مصالحا ملائي ادرڪ، ٿوم پيٺل، ليمي جو رس ڪچو پپيتو به شامل ڪريو ۽ ڌؤنرو سڀ شيون چڱيءَ طرح گڏايو. هاڻ اهو ڌونئرو گوشت ۽ پٽاٽن کي چڱيءَ طرح سان لڳايو. ٻن ڪلاڪن لاءِ رکو جيئن سڀ مصالحا پٽاٽن ۽ چڪن ۾ جذب ٿي وڃن. هاڻ گوشت ۽ پٽاٽن جي ٽڪرن کي پيپر ۾ويڙهيو. پريشر ڪڪر ۾ هڪ گلاس پاڻي وجهو ۽ ڪڪر ۾ ڄاري جي مٿان فوائل ۾ ويڙهيل پٽاٽا ۽ چڪن پيس رکو. ڪڪر کي چڱيءَ طرح بند ڪري پندرهن منٽ رڌڻ کان پوءِ چلهو بند ڪريو. فوائل ڪيل پيس ٻاڦ ۾ ڳري ويندا. هاڻ ويڙهيل پيس ڊش ۾ ڪڍو ۽ پيش ڪريو.

مٽن چانپ

گهربل شيون:

مٽن چانپ:            اڌ ڪلو گرام

بصر ڳاڙهو ٿيل:       ٻه چمچا

ادرڪ ۽ ٿوم:          هڪ هڪ چمچو

ٽماٽن جي پيسٽ:     اڌ ڪپ

ساوا مرچ پيٺل:        هڪ چمچو

لوڻ:                    هڪ چمچو

جيرو پيٺل:            هڪ چمچو

ڳاڙها مرچ:            هڪ چمچو

گرم مصالحو:         هڪ چمچو

ليمي جو رس:         ٻه چمچا

سڀني شين کي ملائي چانپن تي هڻي هڪ ڪلاڪ لاءِ رکو. ان کان پوءِ اڌ ڪوپ پاڻي ۾ رڌڻ لاءِ رکو جيئن پاڻي سڪي وڃي ۽ چانپون ڳري وڃن. هاڻ الڳ سان هي مصالحو کڻو.

ميدو:          اڌ ڪوپ

ڪارن فلور:    چوٿو ڪوپ

بيضو:         هڪ عدد

بيسڻ:         هڪ چمچو

لوڻ:            هڪ چمچو

سڄي مصالحي کي ملائي پيسٽ ٺاهيو، هاڻ چانپن کي ان پيسٽ ۾ ٻوڙي ڊيپ فرائي ڪريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com