سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :5

 

رتنا گوديا ”رولاڪ“

پيڙا جو پڙلاءُ

ٿورا ٻيا به سنڌين جا دڪان هوندا، ته پاڻ ۾ گڏجي کائينداسين. پرسرام پرفيوم وارو سٺو وڏو واپاري هو، تنهن خيال ڏيکاريو، ته اتي برانچ هلي کوليندس. پر پهريائين تون وڃي رهه اُتي. مان سينگاپور ۽ بئنڪاڪ مان مال جو آرڊر ڏيئي، ممبئيءَ آيس. نئين جاءِ جو ڪم پورو ٿيو. وڃي اتي رهيس. هاڻ دبئيءَ مان من کٽو ٿي پيو هو. سينگاپور ۾ منهنجي ساهيڙي لڇمي سدا رنگاڻي رهندي هئي. هن صلاح ڏني، ”هاڻ ته روز پيو تنهنجو هتي اچڻ ٿيندو. هوٽل جو ڀاڙو ڀرڻ کان ڪو ڪمرو وٺي ڇڏ، ته بچيل سچيل مال به اتي ئي پيو هوندوءِ.“

صلاح سٺي هئي. هن پنهنجي ڌيءَ جي گهر ۾ ڪمرو وٺي ڏنو. ان وقت ئي بابا جئپور واري سان واقفيت ٿي هئي. هو انهن جو گرو هو. ممبئيءَ گهر پهچي پٽ کي چيم ته هل مالي دڪان تي ويهه. پر هن جواب ڏنو، ته مان هتان نڪري نٿو سگهان. ان ڏينهن ڪان وٽ، نوڪرياڻيءَ کي پگهار ڏيڻ ويس. هو هاڻ اسان سان نه رهندو هو. وجيه جي شادي ٿي، وري شوڀا جي به تڪڙ ۾ شادي ٿي ويئي. پر هو مهمانن وانگر آيو ۽ هليو ويو. هو هتي پنهنجي سرتيءَ سان خوش هو. پاڙيوارن شڪايتون ڏنيون، ”رتنا، ڪجهه ڪر. پاڙي ۾ هيءُ سٺو نه آهي. اسان کي هنن کي ڏسي باهه ٿي لڳي، پر توتي ڪو اثر نٿو ٿئي، الٽو تون هنن جو خرچ به پنهنجي سر تي کڻي ويٺي آهين.“

مون کلندي چيو، ”جنهن ۾ هن جي خوشي آهي، خوش رهڻ ڏيوس. توهان اجايو ڇو پيون دکي ٿيو. اُن مان ورندو به ڇا؟“

منهنجي هڪ پاڙيواري ساهيڙيءَ چيو، ”هن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃ.“

”مون سان گڏ هلو، مان توهان جي سامهون پڇانس ٿي.“

مون ڪان کي چيو، ”مون مالي ۾ دڪان ورتو آهي. جي تون هلين، ته سٺو. ڀلي ڪنهن کي به پنهنجي شيوا لاءِ پاڻ سان گڏ وٺي هل.“

ڪان وراڻيو، ”مان تو وانگر چريو آهيان ڇا جو پيو ڌڪا کائيندس؟ مان هتي سکيو ويٺو آهيان. نه بابا نه، مون کان هليو نه ٿيندو.“

مان مشڪي واپس هلي آيس. ڊرائيور کي چيم ته ڪرافورڊ مارڪيٽ هل. هاڻ گاڏي پنهنجي هئي. اتان ڪجهه خريداري ڪري اچي گاڏيءَ ۾ ويٺيس. سوچيم پئي ته هيڏو وڏو سفر مون اڪيلي بنا رڪجڻ جي ڪيئن ڪيو آهي؟ نه نيڪيءَ جي پرواهه ڪئي نه بديءَ جي. مست هاٿيءَ جيان هر مصيبت کي پيرن هيٺان لتاڙيندي رهيس. اهو سوال دماغ ۾ گهمندو رهيو، ته ڪا نه ڪا شڪتي آهي ضرور، جا مون کي هلائي رهي آهي. هڪ هڪ ٿي ٻه پيار ڪندڙ مون کي ڇڏي، پرم لوڪ هليا ويا. جنهن لاءِ پنهنجي جوانيءَ جي سڀني سکن کي تياڳي ڇڏيو هوم، اهو ڪنهن ٻيءَ جي موه ۾ ٻڌجي چڪو آهي. ڪنهن سان به هجي، شال خوش رهي. هاڻ هڪ گهر جي بدران ٻه گهر پالڻا آهن. هڪ ڪان جو ۽ ٻيو پنهنجو. مون پاڻ کان پڇيو هو، ته ڪان جي خبر ٻڌي مان دکي ٿي آهيان. ڇا؟ نه اندر ۾ اهڙو ڪو دک نه هو. هو ٺيڪ رهي، خوش رهي، ان ۾ ئي منهنجي خوشي آهي. پر منهنجي اڪيلائي! مان به آخر رت ماس جو پتلو آهيان، جنهن کي پڻ هڪ آڪار مليل آهي. جنهن جون به ڪي نجي ضرورتون آهن. هڪ دل به اٿم، جنهن ۾ چاهنائون به آهن، ته مون جيان، مون کي ڪوئي بنان سوارٿ جي پيار ڪرڻ وارو هجي. ڪا کن پل هن سان روح رهاڻيون ڪري پنهنجو هنيانءُ هلڪو ڪريان. اکيون اهڙي انسان جي تلاش ڪنديون هيون. گاڏيءَ جي وڏي لوڏي تي ڌيان ٽٽو. پاڻ کي پاڳل جو خطاب ڏيئي چيم، ”هيءُ ٿيو ٻٻرن کان ٻير گهرڻ. کڻ ڪو ڪتاب وغيره ته من ڀٽڪندو نه. نه ته هي خيال اڪيلائيءَ جو فائدو وٺي يادن جون قبرون کوٽي بانسِي لاش آڻي تنهنجي سامهون رکندا. ڪم کان سواءِ تنهنجو ڪوئي نه آهي. سڀ ڪجهه وساري ڇڏ. تنهنجو ڪم ئي تنهنجو سچو ساٿي آهي. مون ممبئيءَ ۾ ڪن سڃاتلن سان مالي جي ڳالهه ڪئي. سڀني کي چيو ته اچو اتي. مان به ان لاءِ ويس، ته اها ڪهڙي شرم جي ڳالهه آهي. هڪ ٻيٽ، سو به انڊيا جي ڀرسان. اتي هيترن سالن ۾ ڪو سنڌي ڪيئن نه پهتو؟ هڪ واپاري هو، منهنجو امرسن وارو شياجي. هن کي ڪف پريڊ تي وڏو شاهي دڪان هو. هميشه اسان جي دڪان تان مال وٺندو هو. يا مان هن کي موڪليندي رهندي هيس. تنهن چيو، ”بس رتنا، تون اتي پهتي آهين، ته هاڻ ٻين جي به لائين لڳي ويندي. مان پهرين سنڌي هئس، جنهن مالي ۾ وڃي دڪان کوليو. پوءِ ته ڏهه ٻارهن ماڻهو اچي پهتا. هڪ روپاڻي، ٻيو محبوباڻي، پرسرام سنگاپور مان. جڪارتا مان مونا وارو، هانگ ڪانگ مان مرلي آسناڻي ۽ منهنجو پارٽنر جئرام آسناڻي، ممبئيءَ مان نيڻو مل ۽ لالو پٺاڻ. مالي چمڪي پيو جو جيڪي دبئي، سنگاپور کان مال خريد ڪرڻ ايندا هئا، سي سڀ جو سڀ مالي اچڻ لڳا. سنڌي جتي هوندا آهن، ته ٿوري نفعي تي مال وڪڻي ڌنڌو وڌائيندا آهن. هاڻ جهاز به وڏو ايندو هو. هونئن اٺن ڏهن ماڻهن کان سواءِ ڪوبه نه ايندو هو، پر هاڻ مکين وانگر ماڻهو ايندا هئا. مال جي ڇڪ ٿيڻ لڳي. ان وقت ماڻهن جو هڪ شوق هو، مهانگي چيني ۽ شيشي جون مورتيون گهر ۾ سجائي رکڻ. ڀلي اهي ويهن ٽيهن هزارن جون ڇو نه هجن. مان خريداريءَ لاءِ يورپ هلي ويس. اٽليءَ جي ڀرسان شيشي جي سامان جا ڪافي ڪارخانا هئا. پهريائين ته مون سڀ خريداري ڪئي. ڪجهه سئٽزرلينڊ مان، ڪجهه اٽليءَ مان ماربل جو سهڻو سامان به ورتم. پوءِ سڄو يورپ گهمي آيس. پئرس، جرمني ان وقت ٻه جرمنيون هيون. ان ۾ وڃڻ لاءِ انڊين کي ويزا وٺڻي نه پوندي هئي. اتي انڊين جي لاءِ عزت هوندي هئي. ويهه ڏينهن لڳي ويا. موٽندي لنڊن مان خريداري ڪري، مال موڪلي انڊيا گهر آيس. گهر جي خبر لهي، ٻئي ڏينهن مالي ۾. مالي جو اڳي سانت ئي شانت گهٽين وارو هو، هاڻ هر گليءَ ۾ هو گوڙ شور. ٻاهران آيل واپاري اسان جهڙا، سڀ خوش هئا. پر لوڪل ماڻهو دکي هئا، جو هو وڏو نفعو رکي واپار ڪندا هئا. انهن جو واپار ٺپ ٿي ويو هو. اسان جي هٿ جوڙڻ کي ڏسي جيڪي به ڇوڪريون اينديون هيون، سي به هٿ جوڙڻ لڳيون هيون. اهو ته بس بهانو هو.

پر اصل ۾ هتي جا واپاري ماڻهو اسان مان خفا هئا، پر عام ماڻهو تمام خوش هئا، جو هنن کي اسان نؤڪريون ڏنيون، سستو ۽ سٺو سامان ميسر ڪرايو. هو مسلمان هئا، پر بلڪل آزاد خيال هئا ۽ آزاد سڀاءَ جا هئا. هنن جي لوڪل مال جو به وڪرو وڌي ويو. جيئن ته مڇي، ناريل ۽ ڀاڄيون. هونئن بک پئي مئا. سيلاني ايندا ته گهڻا هئا، پر جهاز مان لهي ڪنهن نه ڪنهن ٻيٽ تي هليا ويندا هئا.واپسيءَ وقت هتان ڪجهه پرفيوم وغيره وٺي ويندا هئا. ان مان هنن کي ڇا ٿي مليو؟ عام ماڻهو تمام ڊڄڻا ۽ شانتي پسند هئا. پر واپاري لوڪل ماڻهو تمام ٺڳ ۽ ساڙ وير رکندڙ هئا. ٿورن ڏينهن کان پوءِ سرڪاري نوٽيس آيو، ته توهان ڪپڙو وال وال ڪري نٿا وڪڻي سگهو، ڪپڙو سڄو ٿان وڪڻي ٿا سگهو. هاڻ ٻڌايو ته هڪ ڊزائين جو، ٽيهن والن جو سڄو ٿان ڪير وٺندو؟

اسين پاڻ ۾ گڏجي هر جمعي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ٻيٽ تي پڪنڪ ڪرڻ ويندا هئاسين. سڄو ڏينهن کلي خوش ٿي ايندا هئاسين ۽ اتي آرام سان ڳالهه ٻولهه به ڪندا هئاسين. هاڻ جو هيءُ ٿان جو آرڊر آيو، ته محبوباڻيءَ چيو، ”پرواهه ناهي. اسان ڇهن والن جي ٿان جو آرڊر ڏينداسين. ان ۾ خفي ڇا ٿيڻو آهي؟

مون نوڪر کي سڀيا جو مطلب سمجهايو، ته هو ڏند ڪڍي کلڻ لڳو. مان هن ڏانهن نهاري رهي هئس، ته هن کلڻ بند ڪري چيو، ”اسين غريب ماڻهو آهيون، پاڻيءَ جي وچ ۾ هن ٻيٽ تي پلجي وڏا ٿيا آهيون. اسان جو ڪم هو مڇيون پڪڙي کائڻ ۽ سڄو ڏينهن پاڻيءَ ۾ ترڻ، جي ڪا ڇوڪري ملي ويئي ته شادي ڪرڻ، ٻار ڄڻڻ. شادي دائمي قائم ته نه رهندي، جنهن لاءِ اسان ٻه ٽي شاديون ڪندا آهيون. اسان جي زالن کي آزادي آهي گهمڻ ڦرڻ جي. سگريٽ ته هتي سڀني جو شوق آهي. اسان جا وڏا چوندا هئا، ته اسان سيلان جا ٻوڌي آهيون. اسان جا وڏا هتي ڀلجي يا شانتي پائڻ لاءِ آيا هوندا، هتي ئي وسي ويا. پوءِ سعودي عرب مان هڪ مسلمان آيو، جنهن اسان کي مسلمان بڻائي ڇڏيو.  جن مڃيو تن کي وچ سمنڊ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيائون. اسان ڊپ کان مسلمان ٿي وياسين. باقي ته اسان کي سڀيتا وغيره جي ڪا به خبر نه آهي. توهان هلو مان توهان کي هتان جو ميوزيم ڏيکاريان، جتي ٻڌ جا پراڻا بت پيا آهن. اندرا گانڌي به اهو ڏسڻ آئي هئي.“

مون چيومانس، ”پر هاڻ ته توهان جو حاڪم ڏاڍو سخت آهي.“

”حاڪم ڪير هجي، اسين ته غريب ۽ بکايل ئي رهنداسين. توهان جي اچڻ کان پوءِ ٻه ويلا روٽي ملي ٿي، حاڪم ته روٽي نٿو ڏي.“ ائين چئي نوڪر هليو ويو.

پوءِ ٿوري دلداري ٿي، جنهن لاءِ ابو نالي ماڻهوءَ کي چڱو ناڻو ڏيئي گهر ٺهرايو، اهو گهر سهولت ڀريو هو. رات جو دير سان دڪان بند ڪري وڃڻ تي ڊپ ڪرڻ جي ضرورت نه هئي. اسان سوچيو هو ته سڀني تڪليفن کي گڏجي منهن ڏينداسين، جنهن ڪارڻ هر جمعي ڏينهن سڀ دڪاندار پنهنجين زالن سان ۽ جيڪي اڪيلا هئا، سي اڪيلا گڏجي ڪنهن نه ڪنهن ٻيٽ تي پڪنڪ ڪرڻ ويندا هئاسين. اتي گهمي ڦري موج ماڻي ايندا هئاسين. وِلنگي ٻيٽ اتي جو سٺي ۾ سٺو ٻيٽ هو، جنهن ۾ سڀ سهولتون هيون. رهڻ کائڻ پيئڻ ترڻ لاءِ صاف سٿريون بيچُون هيون. اتي وڃڻ کان پوءِ واپس مالي اچڻ تي دل نه ٿيندي هئي. پر مجبوري هئي، جو واپار سڄو مالي ۾ هو. پوءِ به جيڪي ماڻهو يا مهمان ايندا هئا، ته هو چاهيندا هئا، ته هيءُ ٻيٽ ضرور ڏسون. ٻيو ته ماليءَ ۾ گهمڻ لاءِ ڪجهه هو ڪونه. خريداري ڪلاڪ ۾ ٿي ويندي هئن، جو هتي هڪ ئي مارڪيٽ مين روڊ تي ۽ ان جي پٺيان ڪي ٿورا دڪان هئا. جي خريداريءَ لائق هئا.

مون وٽ سينگاپور کان پرسرام پرفيوم وارو آيو هو، اهو پنهنجي هڪ بزرگ دوست کي وٺي مون وٽ اچي رهيو هو. سو هنن کي وٺي ويس وِلنگي ٻيٽ تي. سڄو ڏينهن گهمي ڦري  جڏهن واپس پئي آياسين، ته سمنڊ ۾ طوفان اچي لڳو، جنهن ڪارڻ لانچ سان ٽڪرائجي اچي اسان جي مٿان سڄو پاڻي پئي اوتيو. بزرگ ڊڄي ويو. روچيرام کي پڪڙي چيائين، ”يار، اسان هاڻي بچي نه سگهنداسين. اجهو ٿو سمنڊ لانچ کي اونڌو ڪري.“

پرسرام جو منهن ڏسو، خون ئي نه هوس. صفا پيلو ٿي ويو. چيائين، ”هاڻي ڇا ٿيندو؟ باهه لڳي اهڙي گهمڻ کي. ناحق آياسين.“

ٻيا به جيڪي ماڻهو ٻارن سميت چڙهيل هئا، تن وري رڙيون واڪا ڪيا ته ”لانچ سنڀالي هلايو. ماريندا ڇا اسان کي؟“ لانچ هلائڻ واري کي پنهنجي جاءِ تان ويٺي ويٺي پئي چيائون.

هڪ ٻن ڄڻن اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي، سي ڪرندي ڪرندي بچي ويا.

روچيرام چيوم، ”اهو سڀ رتنا جي ڪري ٿيو آهي، موت جي منهن ۾ اچي پيا آهيون.“

ٺيڪ ان وقت هڪ وڏي ڇولي آئي، لانچ ذري گهٽ ٻڏڻ کان بچي ويئي، ته بزرگ چيو، ”موت آيو ڪ آيو.“

مون هن ڏانهن نهاري کلندي چيو، ”موت ته ڪڏهن به ۽ ڪٿي سڀني کي ايندو ئي ايندو. اها ته توهان جي خوش نصيبي آهي، جو مان توهان سان گڏ مري رهي آهيان، جڏهن ته توهان کان تمام ننڍي آهيان. ڏسو مٿان کليل آسمان، هيٺان جهولي لال جون لهرون اچي اسان کي پنهنجي گود ۾ وٺي وينديون. اهڙو موت ڀاڳن وارن کي نصيب ٿيندو آهي. جهٽ پٽ بنان تڪليف جي مڇين جي پيٽ ۾ هليا وينداسين، ته اهي به کائي دعا ڪنديون.“

ڏڪائيندڙ آواز آيو، ”مائي! مون کي اهڙو موت نه مرڻو آهي، ٻارن ٻچن کان پري. مون توبهه ڪئي، وري ڪڏهن نه ايندس هتي.“

مون چيومانس، ”پر به اسان جڏهن بچي نڪرون نه هتان!“

ان وقت طوفان گهٽ ٿيو ۽ سامهون ڪنارو نظر آيو، ته سڀني جي جان ۾ جان آئي. ڪاڪي چيو، ”سائين بابا، گهر پهچي پنج سؤ جو پرساد ڪندس.“

مون چيڙائيندي چيومانس، ”واه ڪاڪا، جيون جي قيمت صرف پنج سؤ روپيا! ڪجهه وڌايو ته هلي سلامت گهر پهچنداسين.“

ڪاڪي هٿ جوڙي چيو، ”مروان مؤت ملوڪان شڪار! ڇوري تو اڄ ثابت ڪري ڏيکاريو.“

سُک سان گهر پهتاسين، تڏهن وڃي سڀني جي منهن تي مشڪ آئي. پرسرام ته هلي ويو ڪنهن وٽ. ڪاڪي چيو، ”مون کي بُک لڳي آهي.“

مون چيو، ”اُتي پيٽ ڀري کائي آيا آهيون. نوڪر به هليو ويو آهي. هاڻي کاڌو ڪير ٺاهيندو؟“

روچيرام چيو، ”مان ٿو منٽ ۾ ٺاهيان. جڏهن دبئيءَ ۾ زالون نه هونديون هيون، ته اسان خود ئي ٺاهي کائيندا هئاسين.“

پوءِ سچ پچ کاڌو ٺاهيائين. مان ڏسندي ويس ۽ مدد به ڪندي رهيس، ڪٽ سٽ ۾. سويابين جو قيمو، مون ڪڏهن ٻُڌو به نه هو، اهو ڏاڍو سٺو ٺاهيائين. هو انڊيا مان پاڪيٽ کڻي آيو هو. ٿورا چانور ٺاهي جهٽ ڪاڪي کي کائڻ لاءِ ڏنا. مون چيو، ”سچ چوندا آهن، جان جيئين تان سک.“ توهان جي هٿ ۾ جس آهي. هاڻ هفتو کن رهو هتي شانتيءَ سان. هتي ٻيا به ٻيٽ آهن، گهمجو.“

ڪاڪي هٿ جوڙي چيو، ”ڀائي، مون کي اپرائي اچُ ممبئيءَ پوءِ ڀلي اچي ٻيٽ سيٽ گهُمي وڃ.“

هتان ويا ته وري ڪڏهن واپس نه آيا.

ٻئي ڏينهن محبوباڻيءَ جو فون آيو ته، ”اڄ شام جو منهنجي گهر پارٽي آهي.“

مون پڇيومانس، ”ڪهڙي خوشيءَ ۾؟“

هُن چيو، ”جوءِ جا اهي روز جا ناٽڪ آهن. پر اڄ مهمان آيا آهن. انهن جي عزت ۾ پارٽي رکي ويئي آهي. دبئيءَ مان مورجمل ۽ لڇمڻداس، ممبئيءَ مان آر جي آڏواڻي.“

مون پڇيومانس، ”مان ڪجهه ٺاهي اچان؟“

”نه جوءِ سڀ تياري ڪري ڇڏي آهي. بس تون اچج جلدي.“

شام جو مان پهتس. سڀ واپاري پهچي ويا هئا. سڀني کان خبرچار پڇيائون، ته ”واپار ڪيئن آهي؟ ڪو ڪم کولجي هتي ته هلندو؟“

سڀني چيو، ”ها، ڇو نه هلندو؟“

مون ڏانهن نهاريائون ته مون چيومان، ”ڪم تي مدار آهي. توهان کولڻ ڇا ٿا چاهيو؟ ڏکيو ڪم نه هجي، جو هلائي نه سگهجي.“

لڇمڻداس چيو، ”تون لڳي ٿو ته ڪجهه ٿڪجي پيئي آهين.“

مون چيومانس، ”اڃا نه ٿڪي آهيان، حال هتي ته ڪم سٺو پيو هلي، پر تڪليفون به ڪافي آهن. هڪ ته هتي جا ماڻهو سمجهن گهٽ ٿا، ٻيو ايمانداريءَ جي اُميد رکي نه ٿا سگهون.“

مورجمل ٻڌايو، ته ”جڏهن اسين دبئيءَ ۾ آيا هئاسين، ته نه لائيٽ هئي. نه کاڌي پيتي جو ڪو بندوبست، نه روڊن جي ڪا سهوليت پوءِ آهستي آهستي اُن جو حل نڪري آيو. اڄ ته ڪافي سهوليتون آهن. اڃا به من چاهيون سهوليتون نه آهن، پر اميد آهي ته جلد پوريون ٿي وينديون. هتي به حالتون ٺيڪ ٿيڻ جون اميدون آهن، جنهن ڪارڻ اسان هتي اچي ڪنهن هوٽل کولڻ جي سوچي رهيا آهيون، جو هتي اڃا تائين ڪابه فائيو اسٽار هوٽل نه آهي.“

مون دل ۾ سوچيو، ته ”ويچار سٺو آهي، اهڙي هوٽل کُلندي ته واپاري به هتي اچي هول سيل جي ڪم لاءِ آفيسون کوليندا، ته ماڻهن جون تڪليفون ڪجهه گهٽ ٿينديون. اچ وڃ کان ڇُٽي پونداسين.“

پر هُو به ويا، ته وري موٽي نه آيا. سبب جي ڪا خبر نه پئي. جيترا منهن اوتريون ڳالهيون. ڪن چيو، ”هتي جا ماڻهو هنن جا پئسا کائي ويا آهن.“ ڪن چيو ته ”هتي جون تڪليفون هنن کي راس نه آيون هونديون، اتي سکيا سهنجا ويٺا آهن. پوءِ هتي ڇو ايندا؟“ اها به سچي ڳالهه هئي. هتي انهن ئي اچي ڪم کوليا، جن جو واپار ٻئي هنڌ گهٽ پئي هليو. ٻي سهوليت انهن کي اها هئي، جو ممبئي ايئرپورٽ تي ڪسٽم وارا واگهوءَ جيڏو وات ڦاڙي ويٺا هوندا هئا، پر هتي جا ٿوري ۾ ئي خوش. تڪليفون ته اينديون وينديون رهنديون. اُهو سوچي من کي شانت رکيو.

ايتري ۾ ممبئيءَ مان فون آيو، ته منهنجو ڏير شيوا اسپتال ۾ آهي، هن کي ڪئنسر ٿي پئي آهي. منهنجو من ڀرجي آيو. اکيون بند ڪري چيم، ”او مالڪ اڃا ڪيتريون مصيبتون منهنجي کاتي ۾ جمع ڪرڻيون اٿئي؟“

ٻئي ڏينهن وڃي ممبئي پهتيس. شيوا جو آپريشن ٿي چڪو هو. اڃا هوش ۾ نه آيو هو. منهنجي پهچڻ تي ڊاڪٽر ٻڌايو ته آپريشن ڪامياب ويو آهي. هو هوش ۾ آهي. هڪ ماڻهو اندر وڃي ملي. مون اندر وڃي هن جي مٿي تي هٿ ڦيري چيو، ”پٽ ڪيئن آهين؟“

هن منهنجو هٿ پڪڙي پنهنجي پاسي ۾ وهاري چيو، ”ڀاڀي مون توهان کي ڏاڍو ياد پئي ڪيو. خبر اٿو مون ڊاڪٽر کي چيو، ته مون کي بيهوش نه ڪري، مان پنهنجي اکين سان آپريشن ٿيندو ڏسندس. مون ۾ ڏسڻ جي همٿ آهي. مون سڀ پئي ڏٺو ڀاڀي.“

مون چيومانس، ”تون منهنجو بهادر پُٽ جو آهين.“

”نه ڀاڀي، توهان کان گهٽ.“ پوءِ هن مون سان ڏهه منٽ ويٺي ڳالهيون ڪيون. هاڻ هن کي لڳل سئيءَ جو اثر ٿي رهيو هو. اکيون بند پئي ٿيس. مون هن جي وارن ۾ آڱريون وجهي ڦيرايون، ته هو مڪمل ننڊ ۾ اچي ويو ۽ مان اتان اٿي، ٻاهر اچي ڏيراڻيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ ويٺيس. رات جو هڪ بلڪل ٺيڪ ۽ سرهو پئي لڳو. سڀني سک جو ساهه کنيو.

ٻئي ڏينهن چيائين، ”ڀاڀي، مان بلڪل ٺيڪ آهيان، توهان ڀلي وڃو.“

مون پڇيومانس، ”پڪ اٿيئي، مان وڃان؟“

شيوا چيو، ”ها ڀاڀي، مان ٺيڪ آهيان.“

ان رات جو مان ترويندرم ويس. پر جهاز وڃي چڪو هو، جنهن لاءِ هڪ رات اتي ئي هوٽل ۾ رهيس. ٻئي ڏينهن ايئرپورٽ تي وڃڻ لاءِ بيٺي هئس، ته مالدويپ مان آيل جهاز مان منهنجي هڪ سڃاتل ماڻهوءَ چيو، ته ”رتنا، ممبئيءَ مان تنهنجي لاءِ فون آيو هو، ته توهان جو ڏير شيوارام گذاري ويو آهي.“

مون کي ٻن منٽن لاءِ ائين لڳو، ڄڻ ته منهنجي دل جي ڌڙڪڻ بيهجي ويئي آهي. ڪو هوش نه رهيو. هو ماڻهو ته اهو چئي اڳتي هليو ويو ۽ مان واپس اچي بينچ تي ويٺيس. ٽيون پيار ڪندڙ به ويندو رهيو. مان مالي وڃڻ بدران ممبئيءَ پهچي ويس. پر دير ٿي چڪي هئي. ڪئنسر وارن کي جلدي جلائڻ ڪري، وري هن جو منهن به ڏسي نه سگهيس، پنهنجي امڙ ۽ سهري جيان. پنهنجو نصيب سمجهي ويٺيس. پوءِ خبر ملي، ته جنهن رات مان هتان نڪتيس، ان رات اچانڪ آپريشن وارا ٽاڪا کلي ويا ۽ زهر ڀرجي ويو. ٿوري وقت ۾ ئي هيءُ هيڏيءَ همٿ وارو جوان، بنا وقت جي ويندو رهيو. منهنجي اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا. وڏي هئڻ جي ناتي پاڻ کي سنڀالڻو پيو.

ٻارهي کان پوءِ وري واپس ماليءَ ويس. هاڻ من ڪم ۾ نه پيو لڳي. مالي سرڪار جي نئين حاڪم اسان واپارين سان سٺو وهنوار نه ڪيو، جنهن لاءِ سڀ دُکي هئاسين، پوءِ به نوان ماڻهو واپار لاءِ اچي رهيا هئا. دبئيءَ مان گني شاردا وارن جي ڀاءُ، مالي ۾ اچي دڪان کوليو. پر دڪان مين مارڪيٽ کان ٿورو پري هوس. هڪ ڏينهن هن منهنجي دڪان تي اچي چيو، ”رتنا، هتي ڪو دڪان خالي آهي؟“

مون چيومانس، ”نه، نظر ته نه ٿو اچي. ڇو تون ٻيو دڪان کولڻ جو پيو سوچين ڇا؟“

گني چيو، ”نه، پر هن مارڪيٽ ۾ ملي وڃي، ته بدلي ڪندس. هتي هتان کان واپار گهٽ آهي. ماڻهو هتان ئي مال وٺي ٿا پٺيان اچن. پوءِ باقي بچيل سچيل پيسن مان ٿوري خريداري اسان وٽان ٿا ڪن.“

منهنجي وات مان نڪري ويو، ”منهنجو دڪان کپيئي؟ گهڻو ڏيندين؟“

گُني چيو، ”جيڪو گهُرين.“

مون بنا سوچڻ جي چيو، ”ڏهه هزار ڊالر ۽ مال جا جيڪي هوندا.“

گُني چيو، ”ڏهه هزار ته ٺيڪ، پر مال جي لاءِ نٿو چئي سگهان، جو مون دبئيءَ مان تمام گهڻو مال گهرايو آهي، جو اڃان ڪسٽمس ۾ پيو آهي ۽ دڪان هيٺ مٿي سٿيو پيو آهي. هيءُ مال رکندس ڪٿي؟ مهينو کن تون دڪان دير سان ڏج. مال تيستائين نيڪال ڪري وٺ، باقي پوءِ ڏٺو ويندو.“

منهنجو من رات کان ڊانواڊول هو، جنهن لاءِ چيم، ”ٺيڪ آهي.“

گُني چيو، ”ٿي پڪ.“  پوءِ فون ڪري پنهنجي دڪان تان پنج هزار ڊالر گهرائي مون کي ڏيئي چيائين، ”باقي دڪان خالي ڪرڻ تي.“

مون گُني کي چيو، ته ”جيستائين دڪان خالي نه ڪريان، تون ڪنهن کي هن سؤدي جي باري ۾ ڪجهه به نه ٻڌائج.“

”او. ڪي“ چئي هو هليو ويو. ڪلاڪ کان پوءِ محبوباڻيءَ اچي پڇيو، تو گُني کي دڪان وڪيو‍ توکي ڪهڙي تڪليف هئي؟ مون سان ڳالهه ڇو نه ڪيئه؟“

مون حيران ٿي چيو، ”ايتري ۾ گُني پڙهو گهمائي ڇڏيو، گڏهه ڪٿان جو.“

”سڀني کي هتي گهرائي تون ميدان ڇڏي ڪيئن ٿي وڃي سگهين.“

مون ٻڌايومانس، ”مجبوري آهي. رات کان جيءُ جاءِ تي نه آهي. ڳالهه اهڙي آهي، جو مان ٻڌائي نٿي سگهان.“

”ڳالهه ته ڪر. مان گُنو نه آهيان، جو هڪ منٽ ۾ پڙهو ڏيئي ايندس ۽ نه ئي واندو آهيان. دڪان تي رش لڳي پيئي آهي. فلاڻي کي وهاري آيو آهيان. ته ماني کائي ٿو اچان.“

 

ساڀيا پرويز

غربت

جڏهن هڪ پيءُ کي پنهنجي ٻارڙيءَ کي وڪڻڻو پيو ان ٻارڙيءَ جي قيمت صرف 700 رپيا ٿي. محبت هڪ اڻمٽ جذبو آهي. پر اولاد سان محبت جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. گلن جهڙا ٻارڙا ڪنهن کي نه وڻندا آهن، گذريل ڏينهن هڪ غريب شخص وٽ پنهنجي گهر واريءَ جي لاش کڻائڻ لاءِ پيسا نه هئا ۽ ڪير به سندس سڄڻ ساٿي ڪين ٿيو، جو سندس مدد ڪري ها. هن مجبور ٿي پنهنجي هڪ مهيني جي ٻارڙي کي وڪڻي ڇڏيو. هي خبر ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان ڪهڙي اک هوندي جنهن مان ڳوڙها نه ڳڙيا هوندا. هيءَ خبر ناهي پر آرسي آهي ان ملڪ جي اڻ برابريءَ واري سسٽم ۽ ماڻهن جي بي حسيءَ جي. واقعو هن ريت آهي ته:

چترال جي رهندڙ هڪ شخص جي گهر واري هڪ خيراتي اسپتال ۾ گذاري وئي، پر سندس لاش کڻائڻ ۽ ڪفن دفن لاءِ هن جي مڙس وٽ ايترا پئسا ڪونه هئا. هن ضرور ماڻهن کان مدد طلب ڪئي هوندي. منٿ به ڪئي هوندي. جڏهن چئن ئي طرفن کان نااميدي پلئه پئي هوندس ۽ ڪوبه چارو نظر نه آيو هوندس ته ان مهل هن جي دل اهوئي فيصلو ڪيو، ته پنهنجي هڪ مهيني جي گلن جهڙي نازڪ ننڍڙيءَ کي هڪ ڀنگيءَ کي 700 ۾ وڪڻي ڏئي ۽ انهن ستن سون مان هن پنهنجي زال جي ڪفن ۽ دفن جو بندوبست ڪيو. لاش کي گهر کڻي وڃڻ لاءِ ته اسپتال وارن ايمبولينس ڪين ڏني هئي، انساني احساسن کي جهنجهوڙيندڙ ۽ دل کي ڏڪائي ڇڏيندڙ هي واقعو آفريڪا جي ڪنهن پٺ تي پيل علائقي جو ڪونهي، پر ترقي ڪندڙ ملڪ جي علائقي چترال جو آهي، چترال جي شير حڪيم جي زال سخت بيمار هئي، جنهن کي هو چترال جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ کڻي آيو، جتي ڊاڪٽر کيس دوائون مارڪيٽ مان وٺي اچڻ لاءِ چيو. هن پنهنجي غربت جو داستان کين ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي بيمار زال کي ڪلهي تي کڻي اسپتال آيو آهي. هن وٽ هاڻ هڪ رپيو به ڪونهي. انڪري کيس سرڪاري دوائون ڏنيون وڃن، جڏهن ڊاڪٽر جي دل تي هن غريب جي آهه ۽ فرياد جو ڪو اثر نه ٿيو. ته شير حڪيم اتي بيٺل ماڻهن کي مدد جي اپيل ڪئي، پر ڪنهن به سندس مدد ڪين ڪئي. ڪجهه دير کان پوءِ شير حڪيم جي زال هن بي درد دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. هاڻ غريب مڙس پنهنجي زال کي ڪلهي تي ته کڻي اسپتال آيو هو، پر هاڻ سندس مٿان ذميواري سندس زال جي لاش کي گهر پهچائڻ جي هئي. غريب ماڻهو اڻ هوند ۽ ڏک جي گڏيل ڪيفيت ۾ روئي رهيو هو. اسپتال جي عملي کان ايمبولينس طلب ڪئي وئي. پر انهن انڪار ڪيو. هاڻ ته سندس آزمائش هئي، پر سندس کيسي ۾ ڪوڙو ٽڪو به ڪين هو. هن جي هڪ ئي ملڪيت هئي سندس هڪ مهيني جي معصوم ۽ گلن جهڙي ننڍڙي جيڪا سندس وفادار زال جي آخري نشاني هئي ۽ سندس جيئڻ جو آخري سهارو. اها ننڍڙي ڏک ۾ ٻڏل پيءَ جي اميد جو ڪرڻو به هئي. شير حڪيم کي سندس زال جي لاش کي کڻائڻ لاءِ پئسن جي سخت ضرورت هئي، ڪنهن به شير حڪيم کي ان وقت پيسا ڪين ڏنا، پر هوءَ گلن جهڙي معصوم ننڍڙي ان وقت پيءُ جو سهارو بني. هڪ ڀنگيءَ ان وقت 700 رپيا ڏيئي ننڍڙيءَ کي خريد ڪيو. شير حڪيم غربت جي ڪري پنهنجي زندگيءَ جي ساٿيءَ کي هارائي ويٺو هو، هاڻ ڀنل اکين سان پنهنجي دل جي ٽڪڙي ۽ نور نظر کي هڪ ڀنگيءَ جي حوالي ڪري 700 رپيا ورتا. هاڻ هو ان قابل ٿي چڪو هو ته هو پنهنجي گهر واريءَ جي لاش کي لحد ۾ لاهي سگهي. پر اڃا ڪي آهي، جن جي ڪري جهان هلي ٿو. ڪي نيڪ ماڻهو ڪٿان اچي ويا ۽ انهن ٻارڙيءَ جي پيءَ جي حالت ڏٺي جيڪو ڏک ۾ بيحال هو. انهن ننڍڙي پيءَ کي واپس ڪرائي ۽ چندو ڪري اها رقم ڀري ڏني. اسان جي سماج ۾ ڪيترا شير حڪيم هوندا جيڪي ڪڏهن پنهنجي دل جي ٽڪري کي ۽ ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي وڪڻندا هوندا. انهن جي حال جي ڪنهن کي به خبر ڪانهي. ڪنهن سرنديءَ واري جي اک مان انهن لاءِ ڪو ڳوڙهو ڪونه ٿو ڳڙي. پر اهڙا واقعا سماج جي خوبصورت چهري تي بدنما داغ آهن!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com