سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :9

 

تنوير جوڻيجو

حميره نور - محبتن جي کاڻ

ان کان اڳ جو حميره نور جي ڪتاب ”زائفان ذات“ تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪريان، اهو ضروري ٿي سمجهان ته حميره سان پنهنجي تعلق تي به روشني وجهان. حميره جيڪا محبتن ۽ نوڙت جي کاڻ آهي. جنهن نه رڳو قلم پر عمل ذريعي به سماج جي ڏکايل عورتن جي خدمت ڪئي آهي. ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ محبت ۽ پنهنجائپ جي جوت جلائي آهي. اتي جي ڪنڊ ڪڙڇ کي اتان جي ريتن رواجن کي مشاهدي هيٺ آندو آهي.

حميره ادب ۾ شاعريءَ جي ذريعي جنم ورتو، سندس شاعري کنڀين مثل، هڪ دم ادب جي وارياسي سر زمين تي اسري ۽ ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻي. حميره پنهجي ادبي ذوق ۽ عورتن سان محبت باعث عورتن لاءِ پروگرام ”سگهڙين سٿ“ ۾ به باقاعدي خط اماڻيندي هئي. انهيءَ حوالي سان ساڻس تعلق جڙيو، پر ادب جي دنيا ۾ خاص طرح شاعريءَ جي دنيا ۾ سڳنڌ جيان پکڙي ۽ منهنجي به ڌيان جو مرڪز بڻي، ”عوامي آواز“ ۾ عورتن جي صفحي تي سندس شاعريءَ جا بجا نظر ايندي هئي، جا زندگيءَ جي نهايت قريب ۽ روزمره جي ڏکوئيندڙ حالتن جو عڪس هوندي هئي. ۽ ٻي ڌيان ڇڪائيندڙ ڳالهه سندس نالو هو حميره شمس شيخ، ڊاڪٽر شمس شيخ اسان جي سنڌ يونيورسٽيءَ جو استاد جنهن سان ڀائپيءَ وارو تعلق رهيو. سو هڪ وار گلبدن کان پڇيو هئم،  جواب ۾ گلبدن ٻڌايوهو ته حميره جو والد صاحب، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر نه، پر ٽنڊوڄام ۾ پروفيسر آهي. ۽ ان کان پوءِ سنڌي شاعرائن  تي هڪ تحقيقي سروي ڪئي هئم. جنهن ۾ وڌيڪ حميره بابت ڄاڻ حاصل ٿي هئي. اهو ڏينهن به ياد اٿم جڏهن سوشالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ڊاڪٽر شمس شيخ هڪ مهمان کي وٺي آيو. ايم اي لاءِ ٿيسز جمع ڪرائڻ لاءِ، مون ٿيسز هٿ ۾ کنئي. ٿر جي عورتن تي ڪيل تحقيق هئي ۽ تحقيق ڪندڙ جو نالو حميره شمس شيخ. ”هيءَ ته منهنجي پنهنجي نياڻي آ“. مون چيو، حميره جي والد صاحب جيڪو ڊاڪٽر شمس شيخ سان گڏ ٿيسز جمع ڪرائڻ لاءِ آيو هو. ان ذريعي خبر پئي ته حميره ٿر ۾ ڪم ڪري رهي آهي. پوءِ هڪ وارو S.P.O جي سالياني گڏجاڻيءَ ۾ اسلام آباد وڃڻ جو اتفاق  ٿيو. رات جو سالياني ڊنر جي موقعي تي هڪ نماڻي نياڻي مرڪندڙ اکين ۽ مرڪندڙ چپن سان اچي ملي هئي: ”آپا مون کي سڃاتو!“..... مان هن جي پنهنجائپ ۽ پيار کي ڏسي مرڪڻ لڳيس ۽ پوءِ هن ٻڌايو ته ”مان حميره آهيان“ ۽ حميره جيڪا منهنجي نياڻيءَ سمان آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي قدرت واري جي مهربانين تي اچرج به ٿيندو آهي ۽  مان الله پاڪ جي شڪرگذار به ٿيندي آهيان ته مون کي ڪيتريون پيار ڪرڻ واريون نياڻيون مليون. حميره، گلبدن، نجمه، سنڌو، غزاله، منيره ۽ اڃا ٻيون به کوڙ ۽ کوڙ سارا پٽ به مليا. جن جي محبتن ۾ حوصلو بلند رهندو آهي.

۽ هاڻي ذڪر ”زائفان ذات“ جو سڀ کان پهرين ته مبارڪباد پيش ڪنديس حميره نور کي ته هن اهو ڪتاب ڇپرايو. ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ خاص  طرح عورتن جي حوالي سان گهڻا ڪتاب موجود ناهن. هن ڪتاب ۾ هونئن ته انيڪ اهم ۽ نيون ڳالهيون آهن، پر سڀ کان اهم ڳالهه عورتن جا پروفائليس آهن.

عام طرح سنڌي خواتين جا پروفائيلس تحرير ڪيا ويا آهن. پر اهي عورتون، ماحول جن جي جهوليءَ ۾ هيرا موتي نه سهي، پر بهتر حالتون وڌيون ۽ انهن جي موٽ ۾ هنن سماج لاءِ بهتر ڪم سر انجام ڏنا ۽ نتيجي ۾ وري سماج، موٽ ڏني ۽ انهن جا ڳڻ ڳاتا.

پر هي اهي عورتون، جيڪي سماج ۾ جهڙوڪر ڌرتيءَ جي ڌوڙ مثل آهن. جن جي جهولي محض ڏکن ۽ سورن سان ڀريل آهي. جن کي زندگي رڳو ڏکوئيو آهي!

ٻي اهم ڳالهه جيڪا هن ڪتاب جي حوالي سان آهي ته حميره پنهنجي لکڻين ۾ هڪ طرفو ٿي نه لکيو آهي، ۽ ڏک رڳو مردن جي سبب نه ڄاڻايا اٿس. ان لاءِ عورتن کي به ڀاڱي ڀائيوار ڄاڻايو اٿس.

هوءَ لکي ٿي ته ”عورت جي زوال پذيريءَ ۾ عورت جو به هٿ هوندو آهي. سماج ۾ جتي مرد، عورتن جا سڄڻ ناهن هوندا اتي عورتون به عورتن کي پنهنجو کاڄ بڻائينديون آهن.“ پوءِ اهي پهاڄ جي صورت ۾ هجن يا ڏيرياڻين ، نڻانن جي، سس جي روپ ۾ هجن يا نُنهن جي، ماءُ جي صورت ۾ هجن يا ڀيڻ جي صورت ۾! اهي ڳالهيون تحقيق طلب به آهن. جن تي تحقيق ڪري علم جا نوان گس کولي سگهجن ٿا. حميره پنهنجي هن ڪتاب ۾ ٻيا به ڪيترا مضبوط مفروضا عورت جي حوالي سان پڙهندڙن اڳيان آندا آهن. عام طرح  ڏٺو ويو آهي ته جڏهن ڪو تحقيق جو طالب علم اڳتي وڌندو آهي. تحقيق جيڪا اڄ ڪلهه علم جو لازمي جز بڻجي چڪي آهي. پر حميره جو ڪتاب ڌيان سان پڙهڻ سان ڪيترا مضبوط مفروضا ۽ موضوع آڏو اچن ٿا جن تي تحقيق ٿي سگهي ٿي جيئن ٿر جي باهمت عورت، ڪامريڊ سونا ٻائيءَ جو ڪردار. انهيءَ ڪردار جو تجزيو ڪندي حميره لکي ٿي ”ڪامريڊ سونا ٻائيءَ جون ڳالهيون ٻڌي منهنجو تجربو ان ايمان ۾ بدلجي وڃي ٿو ته  زماني جون ستايل، جوانيءَ ۾ بيواهه ٿيندڙ طلاق يافته، وڏي عمر جون ڪنواريون ۽ ڏاڍائيءَ جو شڪار عورتون نهايت بهادر ٿين ٿيون، جن کي زماني جي ريتن رسمن ۽ دستور جي ڪا پرواهه نٿي رهي ۽ نه هو انهن کان خوف کائين ٿيون. انهيءَ قسم جون عورتون، سماج ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. حميره انهن عورتن جي چڱائيءَ کي سڃاتو آهي هن شعر وانگي.

ڍونڍ اجڙي هوئي لوگون مين وفا ڪي موتي،
يه خزاني تجهي ممڪن هي خوابون مين ملين.

حميره جي حقيقي ڪردار ۾ اهڙا به ڪردار آهن جيڪي زندگيءَ جو ڌڪ جهلي نه ٿا سگهن ۽ پنهنجي جان جو نذرانو   ڏئي موت جي گود ۾ پناهه وٺن ٿا جهڙوڪ ”هڪڙي هئي لڪشمي“ اڪثر اخبارن ۾ ڪولهڻين، ڀيلياڻين ۽ ٻين اهڙين ذاتين جي عورتن جا واقعا ٻين عورتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نظر ايندا، جن کي مرد، ڍورن جيان سڄو ڏينهن پيا ڪٽيندا آهن. نتيجي ۾ بيزار ٿي اهي عورتون پنهنجن ٻچن کي اڪيلو ڪري پاڻ کي موت جي حوالي ڪنديون آهن. مائي رحمت هڪ ڪردار جو نالو نه، پر هڪ روايت جو نالو آهي جيڪو غربت سبب بيوسيءَ ۽ بدحاليءَ جي پيداوار آهي. اڄڪلهه آرٽس فيڪلٽيءَ اڳيان، سوسائٽيءَ جي بنگلن جي درن تي اهڙا ڪردار جا بجا نظر اچن ٿا. بزرگ جيڪي اسان جي همدرديءَ ۽ محبت جا مستحق آهن تن  کي اسان سونو آنو ڏيندڙ ڪڪڙ مثل بڻائي ڇڏيو آهي. چڱن چوکن گهرن جا چڱو چوکو ڪمائيندڙ پنهنجن بزرگن سان انتهائي ڪريل سلوڪ ڪن ٿا. پيرسن ماڻهو کائيندو ئي ڇا هوندو؟ ٻه گرهه ويلي تي ۽ بس. سال ڏيڍ کان آرٽس فيڪلٽي اڳيان انڌڙو پيرسن بزرگ ڏسندي آهيان. جنهن جا سکيا ستابا مائٽ ڄام شوري جي تپندڙ ڌرتيءَ تي کيس بيل گاڏيءَ ۾ وهاري ڇڏي ويندا آهن. هو نهايت ڏک ۽ پيڙا وچان ”الله الله“ جي صدا هڻندو آهي ۽ ماڻهو سندس جهول ۾ سڪا وهجي ويندا آهن. انهيءَ بزرگ کي يونيورسٽي ختم ٿيڻ کان پوءِ ايل ايم سي نيو ويندو آهي، جتي شام تائين هو ڪرونڊڙو ٿيو ويٺو صدائون هڻندو آهي. انهيءَ بزرگ کي ڏسندي ٻئي به هڪ سکئي ستابي ڪٽنب، جنهن جا جانٺا جوان ڪمائڻ جوڳا پٽ آهن. هڪ سو سالن کان به وڌ ڄمار جي انڌڙيءَ ۽ سچ پچ هڏين جي مُوڙيءَ کي فيڪلٽيءَ آڏو پٿرن تي اُس ۽ لُڪ ۾ وهڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ڪنهن کي رحم اچي ٿو ته ڪو ڇولن جي پليٽ ۽ پاڻيءَ ڍڪ ان امڙ کي پياري وڃي نه ته ٿيو خير! سو خبر ناهي ته ان روايت کي قبول ڪجي يا نه ڪجي! حميره نور هونئن ته ڪافي ڪردارن تي لکيو آهي، پر هڪڙو ناميارو ڪردار منهنجي شهر جي ڇوڪري جنهن تي هروڀرو رحم کائڻ بجاءِ هن تجزياتي طور ان ڪردار جو جائزو ورتو آهي ۽  ان جو ذڪر پڻ هن انداز ۾ ڪيو آهي. ”خوش شڪل پڙهيل ڳڙهيل باروزگار منهنجي شهر جي ڇوڪري روز نوان بيان ۽ نيون فرمائشون عوام اڳيان آڻي رهي آهي. شائسته هيترين سارين سهوليتن مان ناجائز فائدو وٺي نه رڳو پاڻ کي پر ٻين کي به نقصان پهچائي رهي آهي. هت شائسته سنڌ جي پهرين يا آخري نياڻي ناهي جنهن عشق ڪيو ۽....... هت روز نوان جوڙا ٺهندا ۽ ڊهندا رهن ٿا! انڪري اهڙو مثال قائم ڪجي جو امر ۽ لازوال هجي.“

حميره جنهن جي تحرير ۾ حقيقت ۽ سچائي آهي. تحرير جو انداز نهايت سادو سلوڻو همدرد دل ۽ ذهن تي اثر ڇڏيندڙ. ان ۾ نه فلاسافي آهي نه آلجبرا ۽ نه فارسي. جو هن ڏٺو، محسوس ڪيو، سو قلم ذريعي چٽيو. دعا آهي خداوند پاڪ سندس قلم کي سگهارو ڪري. ۽ سندس قلم سماج جي سڌاري جو باعث بنجي.


 

رپورٽ: خان محمد جروار

نامياري ليکڪا حميره نور جي ڪتاب ”زائفان ذات“ جي مهورت جي رپورٽ

ٿرپارڪر سنڌ پاران ناليواري ليکڪا ۽ شاعره حميره نور جي ڪالمن ۽ ڪهاڻين تي ٻڌل ڪتاب ”زائفان ذات“ جي مهورت سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ مترجم: وليرام ولڀ صدارتي تقرير ڪندي چيو ته حميرا  پنهنجي  ڪتاب  ۾ اهڙن ڪردارن تي لکيو آهي، جن کي ڏسي هر ڪو نظر ڦيرائي يا ڪن لاٽار ڪري هليو ويندو آهي.

تنوير جوڻيجو چيو ته ”حميره محبت ۽ نوڙت جي کاڻ آهي، جنهن ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ وڃي محبت سان ماڻهن کي پنهنجو ڪيو. سندس شاعريءَ ۾ پڻ عورت جي درد کي چڱي نموني پرکي سگهجي ٿي.“

ڪامريڊ ڄام ساقي چيو ته ”حميره سماج لاءِ پاڻ پتوڙي لکي رهي آهي، جنهن ۾ عورت کي برابري ڏيڻ لاءِ اسان کي گڏجي سندس آواز کي سگهارو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سندس لکڻيون بامعنيٰ آهن، جن جو اثر ضرور هن سماج تي پوندو.“

مشهور سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر سوني کنگهاراڻيءَ چيو ته ڪتاب زائفان ذات ۾ کوڙ سارا ڪردار ٿر جي عورتن جا آهن ۽ اڄوڪي هيءَ تقريب، حميره نور جي اهڙي ڪاوش کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ رچائي وئي آهي.“

ڪتاب جي ليکڪه حميره نور چيو ته ”ٿر سان منهنجو تعلق مستقل ۽ اڻٽُٽ آهي. ٿر جي عورتن تي لکڻ جو خاص مقصد اتي جي سماجي زندگيءَ کي نروار ڪرڻ آهي، جنهن ۾ عورت سختيون سهي پئي ۽ زندگي کي ڀوڳي پئي.“

حفيظ ڪنڀر چيو ته ”حميره اهڙن موضوعن تي لکيو آهي جن تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ اڄ به گناهه سمجهيو وڃي ٿو.“

حميره جي پيءُ شمس الدين شيخ چيو ته ”حميره جڏهن ننڍڙي هئي ته تڏهن هڪ ڀيري مون کي چيائين ته ڊيڊي مون کي پنهنجو نالو اخبارن ۾ لکيل نظر اچي ٿو. تڏهن مون چيو ته تو ايترو پڙهيو ئي ڪونهي ۽ لکيو به ڪجهه ڪونهي پوءِ تنهنجو نالو اخبارن ۾ ڪيئن آيو؟؟؟“ ان سوال جو جواب مون کي اڄ ملي ويو آهي. منهنجن ستن ٻارن ۾ حميره ئي واحد اولاد آهي جنهن جو نالو اخبارن ۾ لکجي ٿو، مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر تهمينه مفتي ۽ ٻين ناليوارن اديبن ۽ شاعرن پڻ خطاب ڪيو.

 

سون ساريڪا هٿڙا

پورهيت ماءُ جي پورهيت ڌيءَ مائي اميران جو احوال

دنيا جي ترقي ۽ انساني اوج توڙي ماڻهوءَ جي مهانتا ۽ عظمت بنيادي طور ذهني ۽ جسماني ڪم ڪندڙ پورهيتن جي محنتن جو ڦل ۽ سندن ئي ڪارنامو آهي. پورهيت ساري دنيا کي پالن ٿا، پر انهن جي اڪثريت سماجي، معاشي ۽ سياسي طور ڦرلٽ جو شڪار رهي ٿي. پورهيت اڪثريت ۾ هوندي به اقليت جي انياءَ ۾ پيسجي رهيا آهن. ايئن ڇو آهي؟ پورهيتن سان ٿيندر ڏاڍاين جي خاتمي لاءِ خود پورهيتن ۽ سندن سهڪارين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ پورهيتن جي زندگي سک، سلامتيءَ، امن، انصاف، آزاديءَ ۽ آسودگيءَ سان ڪيئن گذري سگهي ٿي؟ انهن سڀني سوالن کي سوال ئي رهڻ ڏجي ٿو.

مان سالن کان سنڀرندو هوس ته پورهيت ماڻهن جي زندگين، ڏکن، ڏاکڙن، اهنجن، ايذائن، مشڪلاتن، محنتن، جفاڪشي، ڪاميابين ۽ ناڪامين تي لکان. ان لاءِ موضوع جي چونڊ ”پورهئي هٿ سڪار“ شاهه لطيف جي هيٺئين بيت مان ڪئي هئي:

ڏکي توءِ ڏڪار، توڙي وسن مينهڙا،
پورهئي هٿ سڪار، تو وس آهن هٿڙا.

(لطيف)

هن سال 2006ع جي منڍ کان عورتن جي اڪيلي سنڌي رسالي ماهوار ”سرتيون“ لاءِ لکڻ شروع  ڪيو آهي. رسالي جي سلسلي ”سون ساريڪا - هٿڙا“ کي پنهنجي پراڻي خيال جي پورڻتا ۽ سپني جي ساڀيان سمجهي پورهيت ماءُ جي پورهيت ڌيءَ مائي اميران سان ڪيل ڳالهه ٻولهه جو سربستو احوال پڙهندڙن آڏو پيش ڪري رهيو آهيان – ليکڪ

سندس شناختي ڪارڊ موجب 12 جون 1975ع تي پورهيت ماءُ پيءُ جي گهر ۾ ڳوٺ ”شاهه واهه“ لڳ، وزير آباد ضلعي شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ نينگري مائي اميران جا وڏا اصل ”پٺاڻ ڳوٺ“ لڳ مبارڪ پور تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد جا رهواسي هئا. اميران جي ماءُ مارئي هارپي سان گڏ ويهارو کن سال سلائي ۽ ڀرت جو پورهيو پڻ ڪيو هو. اميران اڃا ٻارڙي ئي هئي ته سندس مائٽ گهوٽڪيءَ جي ڳوٺ صالح مهر ۾ لڏي آيا.

اميران ٻڌائي ٿي ته سلائي ۽ ڀرت جو ڪم پنهنجي ماءُ کان سکيس. منڍ ۾ ڪم تي گهڻو ڌيان نه ڏيڻ ڪري امان مارون به ڏنيون. اڳ ۾ ٽوپين ٺاهڻ سان گڏ هرمچي ۽ ڪچي ٽاڪي توڙي ڪنڍيءَ جو ڪم ڪندي هيس، پر هاڻي رڳو سلائيءَ جو ڪم ڪندي آهيان. پنهنجن ٻارن جا ڪپڙا ڀريندي آهيان پنهنجون رليون پاڻ سبندي آهيان. ڪڙمت/ هارپي جو ڪم به ڪندي آهيان.

هن ٻڌايو ته هوءَ عورتاڻا ۽ ٻاراڻا ڪپڙا سبندي آهي. في وڳو عورتاڻو پنجاهه رپيا ۽ ٻاراڻو ويهه رپيا وٺندي آهي. پنهنجي ڳوٺ ۽ تر جي چئن ڳوٺن جون عورتون ڪپڙا سبڻ لاءِ کيس ڏينديون آهن. روزانو ٽي چار وڳا تيار ڪري ويندي آهي. جڏهن کانئس پڇيم ته ”کيس پورهئي مان ڇا حاصل ٿيو آهي؟“ جواب ۾ هن ٻڌايو ته ”گذريل ڏهاڪو سالن ۾ گهر جو خرچ هن پنهنجي پورهئي سان ئي ڪيو آهي. هن مهل تائين پورهئي جي پئسن مان پکو، اٽي لاءِ ڊمي، 12 سوڙيون، 20 رليون، ڇهين هزار جي رنگين ٽي وي، استري، ٽن هزارن جي سلائيءَ واري مشين، ٽي ٻڪريون ۽ تولي جي تور جيترو سونو ڪنگڻ پنهنجي پورهئي مان خريدي چڪي آهي. ۽ هڪ ڪمرو پڻ ٺهرايو آهي. هڪ گيني ٻٽيهن سون (3200) ۾ وٺي چئن مهينن کان پوءِ پنجن هزارن ۾ وڪڻي 18 سؤ وڌيڪ ڪمايا اٿائين. مڙس جي آپريشن تي آيل 30 هزار ۽ سندس ننڍي پٽ اشفاق جي بيماريءَ تي ڏهه هزار خرچ ۾ گهڻو حصو سندس سلائيءَ جي ڪمائيءَ جو آهي. هوءَ پنهنجي ڏکويل زندگيءَ جو ورق ورائيندي ٻڌائي ٿي ته ”هن ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن. پر ڪنهن جي آڏو هٿ نه ڦهلايو آهي“. ابي امان ۽ پنهنجن ويجهن عزيزن جا ڳڻ ڳائيندي چوي ٿي ته ”ڏکئي وقت ۾ انهن منهنجي واهر ڪئي آهي“. ياد رهي ته مائي اميران جي پهرين شادي سندس ڏاڏاڻن ۾ ٿيل هئي، جتان کيس بغير ڪنهن ڏوهه جي طلاق ڏني وئي. کيس هڪ پٽ قدير سندس اڳئين مڙس مان آهي. پوئين مڙس مان کيس چار ٻار (زائر، اشفاق، سائره ۽ اسرار) آهن“.

پنهنجي جيون ساٿيءَ جي راضپي سان ٻه سال اڳ خانداني منصوبي بنديءَ تي مڪمل طور عمل ڪري چڪي آهي.

هن هارپي جي اپت بابت ٻڌايو ته ”ان مان ڪا خاص بچت نه ٿيندي آهي. ڪڏهن ته زميندار جو قرض رهجي ويندو آهي. هن سال ڏيڍ ايڪڙ زمين مان ڪڻڪ جي ان جي لپ به نه آئي. پاڻي پئسن (ٽيوب ويل) جو هو انڪري بچت بجاءِ زميندار جو قرض رهجي ويو.

عورتون جهيڙا ڇو ڪنديون آهن؟ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ”عورتون ننڍين ننڍين ڳالهين تي انڪري وڙهنديون آهن جو انهن جي ذهنن کي زنگ لڳل آهي. هو مردن سان پڄي نه سهگنديون آهن. ان ڪري ڪاوڙ، عصو ۽ چڙ ٻارن ۽ ٻين عورتن مان ڪڍنديون آهن . ان جو وڏو سبب عورتن کي تعليم شعور نه هجڻ آهي. غربت ۽ ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي پڙهڻ جو ماحول نه هجڻ ڪري عورتون الجهيل رهن ٿيون“. پاڻ پڙهي نه سگهڻ تي افسوس جو اظهار ڪري ٿي. کيس اڄ به پڙهڻ جو شوق آهي پر ڪو/ ڪا پڙهائڻ وارو/ واري هجي. کيس ٽي وي ڏسڻ جو ننڍپڻ کان شوق آهي. ٻڌايائين ته ”هن ٽي ويءَ مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. کيس طاهره واسطي، سعديا امام ۽ شهزاديءَ جي اداڪاري ۽ حميرا چنا جي گلوڪاري وڻندي آهي“. گلابي ۽ نيرو سندس پسند جا رنگ آهن. کيس گلاب جو گل ۽ خوشبوءَ وري رابيل جي وڻندي آهي. ”سرتيون“ پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن خاص ڪري عورتن لاءِ مائي اميران جو پيغام آهي ته محنت ڪريو هڪٻئي سان ساڙ نه ڪريو. پاڻ کي مردن کان هيڻو يا گهٽ نه سمجهو. گهرو ماحول کي بهتر رکڻ لاءِ هر ڪم گهر ڀاتين جي صلاح سان ڪريو. ٻارن جي تعليم ۽ صحت جو خاص خيال رکو. پرهيل لکيل عورتن کي گهرجي ته اڻ پڙهيل عورتن کي لکائين پڙهائين. ائين ئي اسان عورتون سُکي زندگي گذاري سگهنديونسين!.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com